تازيون خبرون

Daily Archives: October 29, 2017

ڪراچي جو تبديل ٿيندڙ سياسي وايو منڊل: صاحب خان ڀٽي

ڪراچي جو سياسي وايو منڊل ڏينهون ڏينهن تبديل ٿي رهيو آهي، جنهن پارٽي ۾ اچڻ کان پوءِ ماڻهو ڇڏڻ جو نه سوچيندا هئا، اڄ اهي ماڻهو پارٽيون تبديل ڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ وڏي عرصي تائين هلندڙ دهشتگردي کان پوءِ جڏهن امن قائم ٿيو، تڏهن وڃي ڪراچي اندر ٻين پارٽين به پنهنجا پير ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، مختلف پارٽين پاران به هن عالمي يتيم خاني ۾  پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو مليو ويو  آهي. گذريل ڏينهن به ا يم ڪيو ايم پاڪستان جي وڌيڪ هڪ وڪيٽ ڪري پئي هئي، مطلب ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ميئر ارشد وهره پي ايس پي ۾ شامل ٿي ويو آهي، جنهن جو هن باضابطه اعلان  آچر ڏهاڙي پاڪستان هائوس پهچي ڪيو. ان موقعي تي  ارشد وهره چيو هو ته هو ڪراچيءَ جي عوام سان ڪيل واعدو پورو نه ڪري سگهيو . جنهن سبب استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اهو به چيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ بدران اختيار نه هئڻ جو پٽڪو ڪيو ويو پر هاڻي شهرين کي منهن نه ٿا ڏئي سگهون. مصطفيٰ ڪمال شهرين جون اميدون پوريون ڪيون هيون هو سٽي ناظم طور هڪ مثال آهي. ان موقعي تي پي ايس پي اڳواڻ انيس قائمخاني ايم ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. انيس قائم خاني چيو ته پي ايس پي کي تازين آدمشماري تي تڪ بندي قبول نه آهي. هن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم کي چيو هو ته پنهنجي سٺن ۽ خراب ماڻهن جي لسٽ سندن حوالي ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته اڃا به وڏي لائين لڳل آهي، فاروق ستار ذميواريءَ جو مظاهرو ڪري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. انيس قائمخاني چيو ته ايم ڪيو ايم استعيفائون ڏنيون ته ننڍي چونڊ ۾ پي ايس پي حصو وٺندي. هن چيو ته پي ايس پي ۾ شموليت تي ارشد وهره به ايم ڪيو ايم پاڪستان لاءِ خراب ماڻهو ٿي ويندو. انيس قائمخاني چيو ته اڄ پاڪ سرزمين پارٽيءَ کي مڃيندڙ هزارن جي انگ ۾ آهن.

هاڻ جڏهن ڪراچي شهر ۾ ٿورو امن قائم ٿيو آهي ته ان وقت اڳوڻو آمر پرويز مشرف چئي رهيو آهي ته ڪراچي ۾ سياسي خال پيدا ٿي ويو آهي، جنهن لاءِ هو اتحاد جوڙيندو ۽ اهو خال ڀريندو، هاڻ خبر نه ٿي پئي ته اڳوڻو آمر الائي جي ڪهڙو خال ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هاڻ ته ڪراچي ۾ دهشتگردي، ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ به ختم ٿي چڪي آهي، جيڪي دهشتگرد اهي ڪارروايون ڪندا هئا، اهي به الائي جي ڪهڙي ڌنڌي ۾ لڳي ويا آهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان  جا  اڳواڻ چئي رهيا آهن ته عوام ساڻن گڏ آهي ۽  پي ايس پي وارا چئي رهيا آهن ته  ايم ڪيو ايم  پاڪستان ۾ شامل ماڻهو سندن پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن. ايتري قدر جو جڏهن به ڪراچي ۾ ڪو مسئلو ٿيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاران صرف اهو ئي چيو ويو آهي ته  کين اختيار نه پيا ڏنا وڃن، صفائي سٿرائي جو معاملو هجي يا وري ڪو ٻيو مسئلو،ا هو ن وقت ئي حل ٿي سگهي ٿو، جڏهن کين سمورا اختيار مليل هجن.

هاڻ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هيڏي وڏي شهر لاءِ  صرف 60 هزار صفائي ڪندڙ عملو ڪافي هوندو، جيڪڏهن اهي ملازم ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ هن شهر کي صاف سٿرو رکي سگهندا، جيڪڏهن ها ته پوءِ آخر ڇو اڄ ڪراچي شهر گند ڪچري جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ڪراچي ۾ سڪيورٽي ادارن جي آپريشن بعد دهشتگرد ۽ ڀتي خور ته وڃي پنهنجي ٻرن ۾ لڪي ويا آهن پر صفائي عملو به ڪراچي جي ڪهڙي به علائقي نظر نه پيو اچي جنهن سبب صفائي جا انتظام اڻپورا نظر اچي رهيا آهن. اهو صرف ان ڪري ٿي  رهيو آهي ته ڪراچي شهر ۾ هر هڪ سياسي پارٽي پنهنجو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهي ٿي پر افسوس جو هن شهر ۾ ڌارين جي لوڌ تمام گهڻي آهي جنهن سبب سموريون پارٽيون هن وقت تائين پنهنجا پير مضبوط نه ڪري سگهيون آهن، مشرف دور ۾ هن شهر جون واڳون ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪيون ويون هيون تنهن بعد هن شهر ۾ تمام گهڻا تعميراتي ڪم ڪرايا ويا هئا پر افسوس جو ان وقت به ڪيترن ئي علائقن کي نظر انداز به ڪيو ويو هو. بهرحال ان وقت سنڌي آبادي وارن علائقن ۾ نه ته ڪي خاص ترقياتي ڪم ڪرايا ويا ۽ نه ئي انهن علائقن کي ليز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا، ايتري قدر جو ان دور ۾ ڪراچي جي سنڌي وسندين کي ڊاهڻ جو به سلسلو شروع ٿيو هو، ان وقت به ڪراچي جي ڪچي آبادين ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻي احتجاج ڪري رهيا هئا ۽ هاڻ به اهي ڌرتي ڌڻي احتجاج ڪري رهيا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته بلڊر مافيا ڪڏهن به نه ٿي چاهي ته ڪراچي ۾ قديم سنڌي ڳوٺ قائم هجن تنهن جي ڪري اهي مختلف حربا استعمال ڪري سنڌي وسندين کي ڊاهيندا رهيا آهن، پر نه ته سنڌ حڪومت انهن کي روڪي سگهي آهي ۽ نه ئي وري وفاق ڌرتي ڌڻين جا اجها بچائي سگهيو آهي،

بهرحال هن وقت ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال اڳ جي ڀيٽ تمام گهڻي بهتر آهي، پر اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي خال نظر اچي رهيو آهي ۽ ايم ڪيوا يم پاڪستان ۽ پي ايس پي کي به ڪراچي ۾ امن نظر نه پيو اچي، اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي رهيو آهي، جڏهن ڪراچي ۾ واپارين ۽ شهرين کي تحفظ جو يقين ٿيو آهي. ان وقت پي ايس پي، ايم ڪيو ايم ۽ اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي امن نظر نه پيو اچي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جيڪو منظور وساڻ خواب ڏٺو هو ته اهي ٽئي پارٽيون ختم ٿي ويندو ۽ هڪ نئين تنظيم سامهون ايندو،ا ها ڪهڙي هوندي ۽ ان جي قيادت مشرف ڪندو يا ڪو ٻيو هوندو، ان جو انتظار ڪرڻو پوندو پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته جيڪي به پارٽي آئي ته اها هن شهر ۾ امن امان بحال ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ويندي. ڇاڪاڻ ته ڪا به پارٽي مائنس ون فارمولي کان پوءِ خاموش نه ويهندي ۽ ان جو مقصد شهر جي حالتن کي خراب ڪرڻ ڏانهن ئي هوندو.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

ڪرپشن مقابلو ڪرپشن ۽ گرفتاري جو مطالبو گرفتاري سان: مسرور سيال

اڳوڻو طاقتور سمجھيو ويندڙ صوبائي وزير  وڏي شهرت ماڻيندڙ،  وزير ٿيڻ کان اڳ سندس ايتري شهرت نه هئي اڪثريت کيس سڃاڻيندا به نه هئي پر جڏهن پ پ کيس ٽڪيٽ ڏئي  چونڊن ۾ ڪامياب ڪرايو ۽ هُو ارباب رحيم جي اثر هيٺ علائقي مان ايم پي اي چونڊجي ويو ته کيس قائم علي شاھه جي ڪابينا ۾ اطلاعات کاتي جو وزير مقرر ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ مڪاني ادارن سميت ڪجهه ٻين کاتن جا به قلمدان ڏنا ويا ، قلمدان ته کيس طاقتور بڻايو پر اصل ۾ جن کيس قلمدان ڏيارا اُهي وڏا طاقتور هئا جن شرجيل ميمڻ کي ميڊيا جي اڳيان آندو ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ميڊيا اڳيان ئي آهي اڳوڻو  صوبائي وزيرِ اطلاعات ته هاڻ وري ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيو آهي پهرين صوبائي وزير جي حيثيت سان هُو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو هو پر پ پ وري کيس ڪنهن ڊيل هيٺ واپس گھرايو هو عدالتن مان ضمانتون ورتيون  وين هيون ۽ ضمانت تي آزاد گھمي ڦري رهيو هو کيس صوبائي وزير جيترو پروٽوڪول مليل هو. ملڪ واپسي تي سندس ساٿين هن کي سون جو تاج پارايو هو اِها خبر ناهي ته سونو تاج کيس ڪهڙي چڱي ڪم سبب پارايو ويو هو ، چڱو ڪم ته خير ڪوبه نظر نه آيو پر پوڻا ڇھه ارب روپين جي ڪرپشن جو جيڪو ڪارنامو انجام ڏنو هو ان عيوض پارايو ويو هوندو خير هن جي  دوستن ۽ پارٽي ورڪرن رڳو سونا تاج نه پارايو پر هن کي  خود سون بڻائي ڇڏيو مطلب لٽيل قومي دولت جو مالڪ هوندي به  هو قانون کان بچي نه سگھيو . گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سندس ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ عدالت کان ٻاهر ايندي  ئي کيس گرفتار ڪيو ويو اُهو به منظر ڏسڻ وٽان هو عدالت اندر ويهي گرفتاري کان بچڻ جا سمورا هيلا وسيلا هلآئيندو رهيو.

آ خرڪار 12 ڪلاڪن کا پوءِ جڏهن سمورا  رستا بند ٿي ويا ته نيب کي گرفتاري ڏئي ڇڏي .سندس گرفتاري ڏيڻ جو انداز به بلڪل ائين هو جئين ڏوهاري  ڏيندا آهن ٻئي طرف وري ڪجھه صوبائي وزير سندس کي حوصلو ڏيارڻ لاءِ پهتل هئا اِهو ئي سبب هو جو شرجيل ميمڻ حوصلو ڪري گرفتاري ڏني آهي شرجيل ميمڻ  توڙي سندس ساٿاري بيوروڪريٽس  گرفتار ڪيا ويا آهن .  جيڪي پڻ ساڳئي  الزام هيٺ آيل آهن هن سموري صورتحال تي وري پ پ پ وارن جو موقف آهي ته شرجيل ميمڻ جي گرفتاري ٻٽو معيار آهي جڏهن ته نوازشريف کي پڻ گرفتار نٿو ڪيو وڃي  اِها ڳالھه به صحيح آهي ته نون ليگ وارن کي اهڙي ڪابه تڪليف نٿي ڏني وڃي جڏهن ته پ پ پ وارا وڏي  مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهيا آهن پر اِهو الزام بي اثرائتو ٿيندو پيو وڃي . ان ڪري به ته جيتري ڪرپشن پ پ پ وارن ڪئي آهي اوتري ٻئي ڪنهن نه ڪئي آهي نوازشريف جي ڀاءُ جي حڪومت پنجاب ۾ آهي پر پنجاب ۾ ڪم ڪيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت آهي جيڪا گذريل 9 سالن کان هلندي پئي اچي ۽ ايندڙ دور ۾ به حڪومت ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ۾ رڌل آهي پر سنڌ جي صورتحال اِها آهي ته هر ادارو ناڪاره بڻيل آهي روڊ رستا اکڙيل آهن شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن ڪوبه اهڙو شهر ناهي جيڪو مثال طور پيش ڪجي ته هي شهر ٻين صوبي جي شهر سان ڀيٽ لاءِ ڏيکاري سگھجي،

لاڙڪاڻو جيڪو شهيدن جو اباڻو ضلعو آهي ان جو حشر ڇا آهي لاڙڪاڻي جي ترقياتي ڪمن جي اربين روپيا فنڊن کي ڦٻايو ويو نه رڳو اُهي فنڊ پر مڪاني ادارن جا فنڊ به هڙپ ڪيا پيا وڃن جنهن ڪري مڪاني ادارا پڻ ناڪاره بڻيل آهن ۽ اُهي مقامي وڏيرن کي جاگير طور ڏنا ويا آهن اڪثريت ۾ اتي اُهي چئيرمين مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي ايم پي اي ، ايم اين اي جي ڪوٽا تي رکيل آهن ظاهر آهي اهڙي حالت ۾ شهرن ۾ بهتري ڪهڙي اچي سگھي ٿي . وري جڏهن اُهي چور قانون جي پڪڙ ۾ اچن ٿا ته وري سياسي بيان ڏنا وڃن ٿا جيڪي پڻ بليڪ ميلنگ جيان هجن ٿا جئين مثال طور شرجيل ميمڻ جي گرفتاري تي پ پ پ  موقف ڏنو آهي ته گرفتارين جي مامري ۾ به ٻٽو معيار رکيو وڃي ٿو مثال پنجاب جو ڪرپٽ گرفتار نٿو ٿئي پر سنڌ جو ڪرپٽ گرفتار ڪيو وڃي ٿو مطلب اهو ٿيو  ته جيڪڏهن پنجاب جو ڪرپٽ گرفتار نٿو ڪيو وڃي ته  پوءِ سنڌ جي ڪرپٽ وزيرن ۽ ڪامورن کي به گرفتار نه ڪيو وڃي .  سٺي سوچ آهي چور ، چور جو مثال ڏئي تحفظ پيو گھري،

ڏسجي ته شريف خاندان جنهن احتسابي مرحلي مان گذري رهيو آهي اُهو سندن لاءِ قيامت کان گھٽ ناهي جيڪڏهن ڀيٽ جي ڳالھه ڪجي ته شرجيل جي گرفتاري جو بيلنس ڪرڻ لاءِ نوازشريف کي گرفتار ڪيو وڃي ته اِهو بيلنس ناهي پر بيلنس اِهو آهي ته پنجاب جو به ڪو ڪرپٽ وزير گرفتار ڪيو وڃي ، نوازشريف جي ڀيٽ ته وري هن جي ڪاٺ ڀت واري سان ٿيندي هاڻي پ پ پ وارا ٻڌائين ته نوازشريف جي گرفتاري عيوض هُو ڪنهن جي گرفتاري پيش ڪرائيندا ظاهر آهي اُهو به نوازشريف جھڙو مها چور ۽ ڪرپٽ هجي ، پ پ وٽ ظاهر ان ڪاٺ بت جا موجود آهن اُهي به ڪرپشن جا بادساھه سڏيا وڃن ٿا پر اُهي به ته آزاد گھمندا ڦرندا وتن ٿا ، اسان جي سياسي پارٽين جو اِهو حال رهيو آهي ته انهن جو  اقتدار عوام کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ پنهنجن  ڪرپٽ ساٿين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ استعمال ٿي رهيوآهي  سو ڏسجي ته پ پ پ سنڌ جا حڪمران پنهنجن ڪرپٽ وزيرن کي ڪئين تحفظ ٿا ڏيارين . اسان وٽ اِهو به اڪثريت سان عوامي رايو رهيو آهي ته شرجيل ميمڻ هجي يا ٻيا هجن اُهي لک دفعا گرفتار ٿين پر ٿيڻو ڪجهه به  ناهي  ان ڪري ته وري به ساڳيا ڪرپٽ چوندجي اچن ٿا ۽ حڪومت ڪن ٿا سو گرفتاري سان گڏ انصاف به هئڻ گھرجي ڏوهارين کي سزا به ملڻ گھرجي باقي گرفتاريون ته اڳ به ٿينديون رهيون آهن ۽ ساڳيا گرفتار وري اقتدار ۾ به ايندا رهيا آهن ….. ڪهڙي خبر هاڻوڪا گرفتار به ثبوت نه ملڻ جي صورت ۾ باعزت بري ٿي وڃن جئين شرجيل ميمڻ به چوي ٿو ته هُو باعزت بري ٿي ويندو هاڻي اِها به خبر ناهي ته هُو ڪهڙي بنياد تي ائين چئي رهيو آهي شايد هن بنياد تي چوندو هجي ته اسين ڪو ثبوت ڇڏيو ئي ناهي ته پوءِ سزا ڪئين کائينداسين  . هاڻي ڏسجي ته کيس گرفتار ڪندڙ عدالت سڳوري کي ڪهڙا ٺوس ثبوت ڏين ٿا . جيڪڏهن ٺوس ثبوت مليا ته عدالت جو فيصلو ٻڌڻ جھڙو هوندو پر ثبوت نه مليا ته پوءِ واقعي فيصلو شرجيل ميمڻ اڳ واٽ ٻڌائي ڇڏيو آهي سو اسان وارا سياسي مخالف به ايترو خوش نه ٿين تجزيا نگار به هٿ هلڪو رکن ان ڪري ته هن ۾ به ڪو شڪ ناهي ته شرجيل ميمڻ وري اطلاعات جو وزير يا ان کان مٿين ذميواري تي نه اچي وڃي منهنجي هن ڳالھه سان اختلاف ڀلي رکيو وڃي  پر اسان وٽ چٽا پٽا ثبوت موجود آهن ته ڇا ڪالھه جا ڪرپٽ جن مٿان ڪيس به هليا جيل به ويا ڇا اُهي وري حڪمران ناهن ٿيا يا ناهن ٿي رهيا … !ان ڪري اسين ته رڳو سياستدانن جي راند ڏسي رهيا آهيون جيڪا راند به اک ٻوٽ واري آهي مطلب هڪ ٻئي جي ڪرپشن ڳولهي رهيا آهن هڪڙا لڪيو وڃن ته ٻيا ظاهر ٿين وري ظاهر ٿيل وري لڪيو وڃن پاڻ ته رڳو انهن کي ڏسي رهيا آهيون جيڪي ظاهر ٿين ٿا ۽ پڪڙيا وڃن ٿا سو ڏسندا رهون ٿا ته ڪهڙا ڪهڙا لڪيل آهن جيڪي اڃا ظاهر ٿيندا ۽ پڪڙيا ويندا .

 

 

اي ڊي خواجا جي موجودگي ۾ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جي منظوري….!!

گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزير نثار احمد کهڙو. سهيل انورسيال، سيد ناصر حيسن شاهه، فياض بٽ، منظور حسين وساڻ سميت ٻيا شريڪ ٿيا، سنڌ ڪابينا 1898 جي پوليس ايڪٽ جي شق 144 ۾ ترميم آڻڻ، هندو ميرج بل، ضياءُالدين يونيورسٽي بورڊ آف هاير ايجوڪيشن، سنڌ ڊويلپمنٽ اينڊ ميٽنينس آف انفرا  اسٽيڪچر ايڪٽ جي منظور ڏئي ڇڏي. جڏهن ته پوليس ايڪٽ ۾ ترميم آڻڻ بابت  قائم ڪميٽي جي رپورٽ ۽ آءَ جي سنڌ جي تجويزن تي غور ڪيو ويو، سنڌ ڪابينا پوليس آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين بابت اختيارن بابت آءَ جي سنڌ جي تجويزن کي رد ڪندي 15 ڏينهن اندر نون رولز بڻائڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي ،سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ گهرو وزير سهيل انور سيال صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا جي ايجنڊا ۾ ڏهن کان وڌيڪ ايجنڊا رکيل  هيون، جن مان ڪجهه منظور ڪيو ويون ۽ باقي ڪميٽي حوالي ڪيون ويون آهن، سنڌ پوليس ۾ 1934 ع وارو قانون لاڳو ٿيل آهي جنهن ۾ تبديلي 1968ع ۾ ٿي جنهن بابت سنڌ هاءَ ڪورٽ جي حڪم تحت غور ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون ان سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ ۽ وڏي وزير جي  قانوني ڪميٽي کان سفارشون طلب ڪيون ويون آهن جن تي غور ڪرڻ بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن کي جلد سنڌ اسيمبلي ۾ منظُوري لاءَ پيش ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت آئين ۽ قانون جي پاسداري چاهي ٿي ۽ قانون موجب  صوبي جو آءِ جي 22 هين گريڊ جو هجڻ لازمي آهي جڏهن ته هن وقت آءِ جي سنڌ 21 جو گريڊ جو مقرر ٿيل آهي جيڪو پڻ نٿو ٿي سگهي، آءِ جي جي مقرري بابت ٽن نالن وارو وفاقي مفروضو غلط آھي، سنڌ لاءِ 22 هين گريڊ جي نئين آفيسر لاءَ وفاق کي لکيو آھي قانون موجب 22 گريڊ جو آفيسر آءِ جي ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته اي ڊي خواجه خواجه او پي ايس تي ويٺل آھي، هن وقت سنڌ جي مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال  بهتر آھي ماضي جي مقابلي ۾ هن وقت امن آهي پر اها مون کان ۽ خواجه کان اڳ بهتر ٿيو آھي، جيترو عدالتن جو احترام اسان ڪيون ٿا ايترو ٻيو ناهي ڪندو، عدالتن جي حڪم تحت اڄ به 80 سيڪڙو آفيسر کي او پي ايس تان هٽايو آهي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾  جيڪي پوليس آفيسر مون  مقرر ڪيا انهن کي اي ڊي خواجه به تبديل نه ڪيو آهي، غلط ڪم ڪندڙ عملدار خود ذميدار آھن جيڪڏهن ڪرپشن سبب ڪنهن به آفيسر کي  نئب پڪڙيندي ته  آفيسرز پاڻ ذميوار هوندا، بلديا فيڪٽري سانحي جو مک جوابدار ايم ڪيو ايم لنڊن جو اڳواڻ حماد صديقي جي گرفتاري لاءِ پاڪستان مان ڪابه ٽيم دبئي ناهي وئي، ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت کي انتظام ڪرڻ گهرجن.