تازيون خبرون

Daily Archives: October 17, 2017

صوفياڻا ڪلام ڳائڻ سان جيڪو سڪون ملي ٿو اهو ٻڌائي نه ٿي سگهان: عابده پروين

لاهور(شوبز نيوز) صوفياڻا ڪلام ڳائڻ سبب سڄي دنيا ۾ شهرت ماڻيندڙ ڳائڻي عابده پروين چيو آهي ته مونکي دنيا جا ماڻهو صرف صوفي ڪلامن جي ڪري ئي سڃاڻيندا آهن، جيڪو منهنجي لاءِ ڪنهن به اعزاز کان گهٽ ناهي. هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي عابده پروين چيو ته صوفياڻا ڪلام ڳائڻ وقت مونکي جيڪو سڪون ملندو آهي اهو لفظن ۾ بيان نه ٿي ڪري سگهان، آئون جڏهن صوفياڻا ڪلام ڳائيندي آهيان ته پنهنجي هستي ۾ بيگاني بڻجي هڪ ٻي دنيا ۾ هلي ويندي آهيان. هن چيو ته مونکي جيڪا عزت ۽ شهرت ملي آهي اهو سڀ ڪجهه صوفي ڪلامن جو ثمر آهي

 

اجي ديوگن سان خاص رشتو آهي، ساڻس گڏ پرسڪون رهندي آهيان: تبو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا تبو چيو آهي ته اجي ديوگن سان خاص رشتو آهي، ساڻس گڏ پرسڪون محسوس ڪندي آهيان. بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيوت مون کي ڪم ڪرڻ جو ئي شوق ناهي، آئون صرف پنهنجن ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي جتي آئون موج مستي ڪري سگهان، آئون پنهنجي زندگي مان خوش آهيان، وڏي عرصي کان مزاحيا فلم ڪرڻ چاهيندي هئس انهي ڪري ئي روهيت شيٽي جي فلم گول مال فور جو حصو ٿيڻ تي راضي ٿيس، ڀلي آئون مزاحيا فلم ۾ ڪم ڪري رهي آهيان پر ان ۾ منهنجو ڪردار سنجيدا آهي. تبو وڌيڪ چيو ته مداحن کي ڪڏهن به خوش نٿو رکي سگهجي، آئون دل جي ڳالهه ٻڌي فلمن جي چونڊ ڪندي آهيان، اجي ديوگن سان منهنجو خاص رشتو آهي، انهي ڪري ان سان گڏ ڪم ڪندي پرسڪون رهان ٿي، آئون پنهنجي زندگي تي ڪڏهن به ڪتاب نه لکنديس.

 

هن وقت ٽيم جو سٺو ڪمبي نيشن آهي: شاهد آفريدي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)اڳوڻي اسٽار  ڪرڪيٽر شاهد آفريدي چيو ته بورڊ هاڻي ڪراچي سيمت ٻين شهرن جي طرف به اچي دنيا کي ٻڌائي ته صرف لاهور ئي نه ملڪ هاڻي محفوظ آهي، هن وقت ٽيم جو سٺو ڪمبي نيشن آهي، ٽيم بيشڪ  ٻه ٽيسٽون هارايون آهن پر ٽيم مصباح الحق ۽ يونس خان  کان پوءِ جدوجھد ڪندي نظر اچي رهي آهي ۽ اڳتي به ڪندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي هن چيو ته هي اطلاع آهن ته سري لنڪن ٽيم ۽ پاڪستان ٽيم جي وچ ۾ آخري ٽي ٽونٽي لاهور ۾ کيڏيو ويندو جيڪو خوش آئند آهي.  پر هاڻي بورڊ کي ڪراچي، ملتان، ۽راولپنڊي جي طرف وڃڻ گھرجي ڇو ته اسانکي دنيا کي ٻڌائي ته صرف لاهور ئي نه ملڪ هاڻي محفوظ آهي،شاهد آفريدي چيو ته ٽي ٽونٽي  جي اڻ سان ڪرڪيٽ تيز ۽ تبديل ٿي آهي  جڏهن ته 10 اوورن واري ڪرڪيٽ به بلڪل ٺيڪ آهي.  هڪ سوال جي جواب ۾ ان جو چوڻ هيو ته پاڪستان جي لاءَ جن جي خدمتون آهن انهن رانديگر ن کي فائدووٺڻ گھرجي. هن ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ سري لنڪا کان شڪست جي سوال  جي جواب ۾ چيو ته  هن وقت جيڪا ٽيم آهي اها سٺي آهي ۽ اهو بهترين ڪمبي نيشن آهي، مصباح الحق ۽ يونس خان جي نه هجڻ سان ضرور فرق  پيو آهي ۽  تسليم ڪيو ويو آهي، هي خوش آئند آهي ته ٻنهي رانديگر جي جڳهه تي جدوجھد ڪري رهيا آهن. شاهد آفريدي چيو ته تعليم سان معاشي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا.  هو تعليم  ۽ صحت جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.  پنجاب ۾ پهريون اسڪول شاهد آفريدي فائونڊيشن ورتو آهي. اسپورٽس ڪمپليڪس جي لاءِ حڪومت سان ڳالهه ٻول ڪندس،  ڪراچي ۾ ڳالهه هلي رهي آهي، وسيم اختر جيڪو واعدو ڪيو اميد آهي پورو ٿيندو.

 

ماريا شيرا پووا اڍائي سالن کانپوءِ پهريون وڏو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

تيانجن(اسپورٽس نيوز) روس جي ٽينس اسٽار ۽ اڳوڻي عالمي نمبر ون ماريا شيراپووا اڍائي سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو تيانجن اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ ڪالهه چين جي شهر تيانجن ۾ جاري ويمنز سنگلز جي فائنل مئچ ۾ ماريا شيراپووا جو مقابلو بيلاروس جي ارينا سباليڪا سان ٿيو، جنهن دوران ماريا شيراپووا ارينا سباليڪا کي ۵،۷ ۽ ٦،۷ تان اپ سيٽ شڪست ڏئي ڇڏي، اهڙي طرح ماريا شيراپووا اڍائي سالن کان ڪنهن ايونٽ ۾ نه رڳو فائنل ۾ پهتي آهي پر هن ٽائٽل پڻ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته ماريا شيراپووا پابندي وارين دوائن جي استعمال سبب ۱۵ مهينا ٽينس ڪورٽ مان ٻاهر نڪرڻ جي پابندي ڀوڳي چڪي آهي، ماريا شيراپووا آخري ڀيرو ۲۰۱۵ع ۾ اطالوي اوپن جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو هو.

 

پاڻي جي مسلسل کوٽ ۽ معيشت کي ايندڙ چئلنج..!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

سٽيٽ بئينڪ آف پاڪستان  پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايندڙ تورڙي وقت اندر پاڪستان اندر پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ويندي جنهن پاڻي جي کوٽ سبب ملڪ جي معيشت تي اهڙا اثر پوندا جو ملڪ جي معيشت پاڪستان واسين لاءِ هڪ وڏو چئلنج هوندو.بدلجندڙ موسمون ۽ شهرين جي وڌندڙ آبادي ۽ پاڻي جي قلت شهرين توڙي ٻهڙارين واري علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ انساني زندگي توڙي جنگي جيوت ۽ جانورن لاءِ تمام گهڻي خطرناڪ ثابت ٿيندي.سٽينٽ بئينڪ آف پاڪستان پنهنجي سال 2016ع ۽ 2017ع جي هڪ جائزي رپورٽ اندر اهڙو انڪشاف ڪيو ويندو آهي جنهن اندر سٽينٽ بيننڪ آف پاڪستان اهو به چيو آهي ته پاڻي جي مسلسل وڌندڙ کوٽ خلاف حڪومت موثر حڪمت عملي جوڙي ڪري پاڻي جي معاملي تي غور ويچار ڪري.جڏهن ته پاڻي بابت ماهرين ڪيتري عرصي کان وٺي خبردار ڪندا پيا اچن.

هر سال جيان هن ٻن سالن اندر به  پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي تربيلا ڊيم ۾ مسلسل پاڻي کي کوٽ ٿي رهي آهي، جڏهن ته هن وقت پاڻي گهڻي سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آهي جنهن مان بجلي جي پيداوا ۾ مسلسل کوٽ ٿي رهي آهي ۽ اهو عام ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته پاڻي جي کوٽ بجلي جي بحران جو اهم سبب بڻبي ۽ ملڪ ۾ هن وقت جيتري بجلي جي لوڊشِينگ هلي رهي آهي انهي لوڊ شِيٽگ ۾ پڻ واڌ جو انديشو آهي جنهن سان ملڪ جي معيشت تي وڏي اثر پوندو،۽ حڪمرانن جون ملڪ مان بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ واريون ڳاليهون صرف هڪ ڳالهين تائين محدود ٿي وينديون.جڏهن ته هن وقت سموري ملڪ اندر بجلي جو سنگين بحران هلي رهيو آهي ۽ بجلي ۾ پيدوار ۾ 40کان 50فيصد کوٽ ٿي وئي آهي،هن وقت تربيلا اندر پاڻي جي کوٽ ٻڌائي پئي وڃي ٻئي پاسي منگلا ڊيم اندر صرف پاڻي  فٽن تي  وڃي بچيو آهي،ٻنهي ڊيمن ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ ذرعي ضرورتن لاءِ پڻ هڪ وڏو سواليه نشان بڻيل آهي،خاص طور صوبي سنڌ اندر جتي سال جا ٻارهن مهينا پاڻي جي کوٽ رهندي آهي، حڪومت تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي لاءِ عالمي بينڪ کان وڌيڪ قرض حاصل ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي جي حوالي سان اجلاس پڻ  ٿيو هو. جنهن اجلاس ۾ انٽرنيشنل بئنڪ جي نمائندن به شرڪت ڪئي هئي . اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ جي اختيارين ٻڌايو ته تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي لاءِ قرض جو انتظام ٿي ويو آهي. ته انٽرنيشنل بئنڪ 39 ڪروڙ ڊالر ڏيندي. هنن چيو هو ته ايشين بئنڪ منصوبي جي انفراسٽڪچر انسويسٽ مينٽ لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته داسوڊيم لاءِ ٻه ارب ڊالر به ڏيندي..   تربيلا ڊيم پاڪستان لاءِ اهم تاريخي ڊيم آهي. حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. توانائي شعبي ۾ سڌارا حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهن.پر وري ٻئي پاسي ڪالهه حڪومت پاران اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته تربيلا ڊيم اندر پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي انڪري ملڪ مان لوڊشينگ ختم ڪرڻ نه پري جي ڳالهه آهي پر وڌيڪ لوڊشِيٽنگ ٿيڻ جا امڪان آهن،پاڪستان واپڊا پاران جيڪا لسٽ جاري ڪئي وئي آهي ان اندر ٻڌايو ويو آهي تربيلا ڊيم اندر پاڻي جو ذخيرو1380ڊيڊ لائين تي اچي پهتو آهي،جڏهن ته ڊِيم جو استعمال لاءِ قابل پاڻي صرف ۽ صرف 60هزار ڪيوسڪ وڃي بچيو آهي، تربيلا ڊيم اندر پاڻي جي آمد16هزار800ڪيوسڪ آهي ۽ پاڻي جو نيڪال 60هزار ڪيوسڪ آهي،انڪري ايندڙ هفتي تائين تربيلا ڊيم مان ايترو پاڻي خارج ڪري سگهجي ٿي جيترو پاڻي تربيلا اندر داخل ڪيو ويندو.

اختارين پاران اهڙو به بيان ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن تربيلا مان پاڻي جو نيڪال وڌيڪ ڪيو ويو ته ان سان هائيڊل پاور سسٽم کي پاڻي جي موجود کان وڌيڪ نقصان پهچائي سگهي ٿي،هڪ طرف تربيلا ڊيم جي صورتحال ڪجهه اهڙي آهي ته ٻئي پاسي ٻيو پاڻي جي ذخيرو جو وڏي ۾ وڏو ڊيم منگلا ڊيم جنهن اندر پاڻي جو ذخيرو ڊِيڊ ليول14فٽ کان مٿي جي آهي،جتي هن وقت پاڻي جو ذخيرو1050فٽ جي سطح تي آهي،جڏهن ته ڊِيڊ ليول1040فٽ آهي،جنهن ڪري اهو خدشو آهي ته انهي ڊيم اندر به ٻن ڏينهن ۾ پاڻي ڊيڊ لائين تي پهچي ويندو. هن وقت منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 2600هزار700ڪيوسڪ آهي ۽ نيڪال 20 ڪيوسڪ آهي،جڏهن ته قابل استعمال پاڻي جو ذخيرو1لک2هزار ڪيوسڪ آهي، ۽ ٻئي پاسي اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان جي هڪ ٻئي وڏي ڊيم ريزروائر ۾ به پاڻي جي مسلسل کوٽ ٿي رهي آهي،جنهن اندر به پاڻي جو گڏ ڪيل ذخيرو تقريبن ختم ٿيڻ وارو آهي،جتي پاڻي جي ڊِيڊ لائين 637فٽ آهي ۽ هن وقت اتي پاڻي جي سطح 639فٽ آهي،

اختيارين پاران ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي ڊيمن اندر پاڻي جي مسلسل کوٽ انتهائي سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي،۽ بجلي جي پيدوار صرف هڪ هزار ميگا واٽ وڃي رهي آهي،جيڪا پاڻي جي پوري دستيابي وقت 5هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندي هئي،جنهن ڪري ڊيمن ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب بجلي جي پيداور ۾ پريشانيون پيش اچي رهيون آهن ۽ ملڪ کي بجلي جي فراهمي لاءِ سمورو بار ٿرمل پاور هائوس ۽ گئس پارو پلانٽن کي برداشت ڪرڻو پوندو،جنهن مان اهو واضع آهي ته پوري ملڪ اندر بجلي جي بحران جو انڊيشو آهي،۽ ،ملڪ ۾ بجلي جي قلت 4هزار ميگا وارٽ تائين پهچي سگهي ٿي،انڪري شهري آبادي گهٽ ۾ گهٽ 6 ۽ ٻهراڙين واري علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيٽنگ 9کان 10 ڪلاڪ ڪئي ويندي،۽ اها بجلي جي لوڊشِينگ گليشيئر تان جيستائين برف نه ٿي ڳري ان وقت تائين بجلي جو بحران برقرار رهندو،۽ جڏهن جبلن تان برفف ڳڙي پاڻي جي صورتحال اختيار ڪري ڊيمن ۾ داخل ٿيندي ان وقت ٻئي ڊيم پاڻي جي بحران کان بچي ويندا.
پاڻي جي مسلسل کوٽ جتي پاڪستان اندر وڏا بحران پيدا ڪيا آهن اتي پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ به وڏيون تباهيون آنديون آهن، اسان جي سنڌ ۾ سڀئي پڇڙين واريون آباديون پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ  تڙپي رهيون آهن ۽ هر طرف ڪربلا جا منظر آهن هن زرعي ملڪ ۾ ماڻهن جو 100 سيڪڙو گذارو ٻني ٻاري تي آهي ۽ پاڻي نه هجڻ سبب زمينون ڀڙڀانگ بڻجي ويون آهن جنهن سبب ماڻهو لڳ ڀڳ چئن سالن کان بلڪل بيروزگار بڻجي ويا آهن جنهن سبب هڪ پاسي ته ماڻهن وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ڪئي آهي ته ٻئي طرف شهر ويران بڻجي ويا آهن. اها صورتحال صرف ۽ صرف پاڻي جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿي آهي،

 

ڍنڍن تان قبضا ختم ڪرڻ واري عدالتي حڪم تي عمل ڪير ڪرائيندو؟…: ممتاز علي ملاح

ڪافي عرصي بعد نيٺ سنڌ هاء ڪورٽ سنڌ جي مٺن پاڻين ڍنڍن ڍورن، تي با اثرن
پاران ڪيل قبضن کي ختم ڪرڻ ۽ قبضا مافيا خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ سميت
فشريز کاتي سنڌ کي ان معاملي جي مڪمل رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي،
ڪورٽ سڳوري جي اهڙي فيصلي تي سنڌ جي ملاحن مهاڻن وسندين ۾ خوشيء جي لهر ڇائنجي وئي آهي، ۽ نا اميد ۽ مايوس چهرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر آس اميند جاڳي پئي آهي، سنڌ جا مهاڻا ڪورٽ سڳوري جا انتهائي مشڪور بڻيل آهن،

اڄ ڪلهه ملڪي مسئلا جڏهن پيچيدگي واري صورتحال اختيار ڪري ويندا آهن
پارليامينٽ سياسي جهڳڙا جنم وٺندا آهن ذاتياتي الزام تراشي جي راند کيڏڻ
سميت پارليامينٽ ۾ غيرپارلياماني زبان جو استعمال ٿي ويندو آهي، سياسي ويڙهه کان پوء سياستدانن کي آخري رستو وري به عدالتن جو وٺڻو پوندو آهي، سرڪاري ادارا جتي ذميوارين کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت وڃائي ويهن ٿا ان کاتي ۾ ڪم ڪندڙ عملدارن يا اعليٰ آفيسرن جي ساک متاثر ٿيڻ لڳندي آهي، انهن مٿان وري متاثرن جو اعتماد به ختم ٿي ويندو آهي، ۽ متاثر طبقو مايوسي جو منهن وٺي سائيڊ تي ٿي ويندو آهي، سنڌ حڪومت ۾ فشريز کاتو هڪ سرڪاري ۽ ماهيگيري کاتو آهي، جنهن کاتي تي ذميواريون عائد آهن ته صوبي ۾ مڇي جي پئداوار کي وڌائڻ جوڳا سخت اپاء وٺڻ سميت ماهيگري ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ لاء مهاڻن ۽ ماهيگيري ڪاروبار سان
تعلق رکندڙن جي سرڪاري کاتي پاران ڀرپور تعاون ڪيو وڃي، ڍنڍن ڍورن سميت مٺن پاڻين تي ملاحن جا حق هجڻ سبب کين حق ڏياريا وڃن پر سندن جي قانوني مدد ڪري کين مڪمل حقن کان آراستا ڪري سگهجي،

پوئتي پيل ۽ مشڪلات جي شڪار
ماهيگيرن کي بر وقت کين فشريز پاليسي تحت  هولتن ڏيارڻ جوڳا انتظام ۽ بندوبست ڪري ڏنا وڃن، اسان وٽ جيڪي قانون ٺهيل آهن پر انهن تي عمل ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم بڻجي ويو آهي،
سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 1200 کان وڌيڪ مٺن پاڻين تي ڍنڍون ڍورا موجود آهن،
جتي قديمي زماني کان لکين تعداد ۾ مهاڻا رهن ٿا، پر سڀني ڍنڍن ڍورن تي با اثرن جا قبضا آهن مقامي مهاڻا پنهنجن حقن کان محروم ٿي بي وس بڻجي مايوسي جو شڪار ۽ بيروزگار ٿي فاقا ڪشي ۾ مبتلا ٿي پريشانين واري زندگي گذارڻ تي
مجبور رهن ٿا، موجوده نفسانفسي واري دور ۾ ڪنهن غريب جي حق کي ڦٻائڻ
ايترو ته آسان طريقو ٿي ويو آهي جو بااثر ۽ قبضيدار ڌر وٽ اڳي پوء واري صورتحال کي منهن ڏيڻ واري پئسي ڏوڪڙ واري صلاحيت موجود هجي ٿي، جنهن سبب روينيو کاتي جي عيرقانوني مدد سان ڪلمينٽ کڻي ڪوڙا کاتا پنهنجن نالي ڪري
صدين کان روزگار جي آسري تي ويٺل قديمي وسندين جا ملاح اهڙي طرح پنهنجن
اصل حقن کان دستبردار ٿي پنهنجي ابائي ڪرت واري روزگار کان محروم ٿيندا پيا ويا جنهن تي نه سرڪار ڪا واهر ڪئي ۽ نه ئي ڪا ماهيگيري کاتي پاران ڪا ماهيگيرن جي سماجي ڀلائي لاء ڪي اپاء ورتا ويا ائين پوري سنڌ جا ملاح با
اثرن جي عذابن جو شڪار ٿي پنهنجن حقن تان هٿ کڻندا ويا وري ڪٿي مهاڻن پنهنجن حقن خاطر وڏيرن با اثرن خلاف جرئتمنداڻي دانهن ڪوڪ ڪئي ته اتي جي مقامي مهاڻن کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پئجي وڃي ٿو، جيڪي غريب مهاڻا پنهنجن حقن
جي ڳالهه ڪرڻ تي خوف جو شڪار ٿي رهيا آهن، پر لاڳاپيل کاتي پاران مهاڻن جي درخواستن باوجود فشريز کاتي ڪڏهن ملاحن کي قانوني مدد ڪرڻ ۾ يقيني عمل جي ڪا خاص خاطري نه ڪرائي وئي آهي، نه وري کاتي عملدارن پاران مهاڻن جي
ڀلائي لاء ڪي خاص اپاء ورتا ويا آهن، ايتري تائين جو فشريز کاتي پاران مهاڻن جي مالي مدد جي مد ۾ ڪروڙين روپين جو رقمون پاڻ ڪجهه ڌريون ناني
ويڙهو ٺاهي رقمون ڳڙڪايو ڇڏيندا آهن.

سنڌ فشرمين ويلفيئر آرگنائيزيشن جي صدر جي حيثيت سان فشرفوڪ فورڪ سان
ڪجهه اعتراض رکندي به چيئرمين محمد علي شاهه صاحب جا ٿورائتا آهيون جن
سنڌ جي ڍنڍن ڍورن تي با اثر قبضيدار ڌرين خلاف سنڌ هاء ڪورٽ ۾ داخل پٽيشن تي سنڌ هاءڪورٽ مٺن پاڻين ۽ ڍنڍن ڍورن تي قبضيدار مافيا کان قبضا ختم ڪرڻ سندن خلاف قانوني قدم کڻڻ سميت فشريز کاتي کي معاملي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو جيڪو حڪم نامون جاري ٿي چڪو آهي اهو مهاڻن لاء هڪ خوش آئنده عمل آهي، هاء
ڪورٽ جي اهڙي فيصلي اچڻ بعد سنڌ جا مهاڻا هڪ ڀيرو ٻيهر آس اميد جي خاطري
ملڻ تي مايوسي جي مورچي مان ٻاهر نڪري رهيا آهن، گذريل ٽن ڏهاڪن کان سنڌ
جي مهاڻن جي حقن تي قبضا مافيا زبردستي قبضا ڪيا ۽ مهاڻا مسلسل عذابن واري زندگي گذاريندو رهيو آهي غريب ۽ بي وس مهاڻن جون مختلف وقتن تي دانهون ڪوڪون ۽ رڙيون نه حڪمرانن جي ڪنن تائين پهتيو  ئي نه وري فشريز کاتي وارن کي آواز ٻڌجڻ ۾ ايندو رهيو،

خير هاڻي ته ڪورٽ سڳوري جي حڪم نامي تي ڏسڻو آهي ته فشريز کاتو پنهنجو ڪم ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان سرانجام ڏئي، سوال ٿو پئدا ٿئي ته ڇا فشريز کاتو
مهاڻن جي مسئلن کان اڻ ڄاڻ ئي آهي، ڇا ڍنڍن ڍورن تي با اثرن جا ڪوڙن کاتن
زريعي زبردستي قبضا ناهن، ڇا مهاڻن کي قبضا مافيا حراسمينٽ سان قيدي بڻايو ويو آهي، ڇا زمينن تي مافيائن ڪوڙا کاتا ٺهرائي حقدارن ملاحن جي
حقن تي ڌاڙا هڻي کين بيدخل ڪيو ويو آهي،
سنڌ هاء ڪورٽ جي آيل اهڙي فيصلي کي اڃان هفتو ڏيڍ مس گذريو آهي پر فشريز
کاتي پاران ان متعلق رپورٽ پيش ڪرڻ جي ظاهري طور تي ڪا به سرگرمي نظر نٿي
اچي ۽ نه ئي ماهيگيرن تنظيمن سان ڪا مشاورتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آهي،
هاڻي انهي ڳالهه جو انتظار آهي ته هاء ڪورٽ پاران فشريز کاتي کي ڪيل سخت هدايت تي فشريز کاتو ڪيتري سرگرمي ٿو ڪري ۽ ڪورٽ سڳوري وٽ ڪهڙي رپورٽ پيش ٿيندي، ڇا انهي رپورٽ سان صدين کان بي حال بڻيل سنڌ جا لکين مهاڻن کي
فائدو رسندو،

سنڌ جا مهاڻا هاء ڪورٽ جي آيل فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن،
مهاڻن جي قديمي وسندين مان اهي اميدون لڳايون پيون وڃن ته ڍنڍن کي اصل حالتن ۾ واپس آڻي مهاڻن جي موج کي موٽائي وسندين ۾ خوشي جا سماء لهرايا ويندا، جنهن لاء فشريز کاتي کي رپورٽ ڏين واري نيڪ نيتي رپورٽ ۾ بهترين
مواد وجهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ سنڌ جي 1200 کان وڌيڪ ڍنڍن ڍورن تي با
اثرن پاران روينيو کاتي سان ملي ڀڳت ڪري ڀڳڙن مٺ عيوض زمينن جا ڪوڙا کاتا پنهنجن نالن تي ڪرائي مهاڻن کي سرڪاري کاتي جي ڪوڙي ڪاغذ جي ڊپ وسيلي حقن تان بيدل ڪيو ويو اهڙي رپورٽ کي فشريز کاتو بنياد بڻائي رپورٽ پيش ڪرڻ سان عدالتي حڪم تي عمل آڻي سگهجي ٿو پر ائين ڪرڻ به مشڪل ٿو لڳي، برحال
ڏسڻو آهي ته ڍنڍن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ واري عدالتي حڪم تي عمل ڪير ڪرائيندو.

*****

 

ملڪ ۾ متل سياسي مانڌاڻ….

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڪارڪنن کي ٽن شين بابت آگاهه ڪيو آهي ته ته جڏهن ايتريون وڌيڪ پارٽيون پهرين کان ئي هيون ته پي ٽي آءِ جي ڪهڙي ضرورت هئي، اڄ به ڪجهه ماڻهو چوندا آهن ته ٻه قومي نظريو غلط هيو، پاڪستان نه بڻجڻ گهرجي ها، پاڪستان ۾ قائداعظم کي ئي ليڊر مڃيندو آهيان، قائداعظم پنهنجي ذات لاءِ پاڪستان نه بڻايو، قائداعظم جي جدوجهد پنهنجي ذات لاءِ نه قوم لاءِ هئي، هڪ طرح جي سياست اها آهي، جنهن پاڪستان کي هيستائين پهچايو، اقتدار ۾ اچي پنهنجي ذات لاءِ پئسا بڻائڻ ڪرپشن آهي، بمبينو سينيما ٻاهران ٽڪيٽ وڪڻندڙ زرداري جا اربين رپيا ٻاهر پيا آهن، اڄ اسان قرضي آهيون، دنيا ۾ اسان جي پاسپورٽ جي عزت ناهي، ماڻهن پنهنجي ذات لاءِ پاڪستان کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو، پي ٽي آءِ ۾ مٿي اهي ايندا، جيڪي وڏي سوچ رکي ملڪ جو سوچيندا، اڄ پاڪستان کي هڪ نئين سياست جي ضرورت آهي، سسٽم ان لاءِ ٺيڪ ناهي ٿي رهيو ڇو جو مٿي زرداري ۽ شريف ويٺا آهن، 3 سئو ارب رپين جي چوري ڪري عدالت ايئن ايندا آهن، ڄڻ ڪشمير فتح ڪري آيا هجن، نواز شريف چوندو آهي ان کي ڇو ڪڍيو، رڳو 3 هزار ڪروڙ ئي ته چوري ڪيا آهن، 300 ارب رپين جو جواب شريف خاندان کي ڏيڻو آهي، طاقتور پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو، سمورن ادارن تي ڪرپٽ ماڻهو ويهاريا ويا آهن، جي آءِ ٽي ٻاهران بيهي چوندا آهن ته منهنجي سوالن جو جواب ڏيو، ادارا ڪيئن ٺيڪ ٿيندا، ڪا راڪيٽ سائنس ناهي، سٺا ماڻهو مقرر ڪريو، ملڪ ۾ اسان جو ٽارگيٽ ئي اهو آهي ته غريبن کي غربت کان ٻاهر ڪڍڻو آهي، اسان جي خيبر پختونخوا ۾ اسٽيٽسڪو سان جنگ هلي رهي آهي، هن وقت تحريڪ انصاف مشهوري جي عروج تي آهي، ڪرپٽ ماڻهن سبب ملڪ ۾ غربت آهي، 7 سال اڳ نه ڪو پارٽي ۾ ايندو هيو، نه ويندو هيو، ڪا لڙائي نه هئي، شريف خاندان جي ڪوشش آهي ته ان تي فرد جرم لاڳو نه ٿئي، هاڻي هر جڳهه ٽڪيٽ لاءِ ويڙهه ٿي رهي آهي، اها سٺي ڳالهه آهي، رياست شريف خاندان کي بچائي رهي آهي، نواز شريف پهرين ڇو چيو هيو ته عدالت جو فيصلو مڃينداسين، نواز شريف هاڻي ادارن خلاف مهم ڇو هلائي رهيو آهي، سڀ کان وڏو فراڊ احسن اقبال آهي، ان کان وڌيڪ فراڊي ناهي ڏٺو، آصف زرداري شڪل مان ئي ڌاڙيل لڳي ٿو، کيس ڪرپشن جو فڪر لڳي ويو آهي اها قيامت جي نشاني آهي، آصف زرداري پاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش به ناهي ڪندو. عمران خان جي بيان جي جواب ۾ سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي ايمانداري جي ڳالهه زيب نٿي ڏي. عمران خان ذاتيات تي حملا ڪري پنهنجو قد وڌائڻ چاهي ٿو، جيڪو شخص گهر نه هلائي سگهيو اهو ملڪ ڪيئن هلائيندو. آمريڪا کان سڀ کان وڌيڪ چندو وٺڻ وارو اج ان خلاف ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ماضي جي عمران ۽ موجوده عمران جي شڪل ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. عمران خان ڪرپٽ آهي ۽ هو ماضي ۾ پلي بواءِ رهيو آهي.