تازيون خبرون

Daily Archives: October 16, 2017

ڪرم ايجنسي ۾ بارودي مواد جو ڌماڪو، ڪيپٽن سوڌو 4 اهلڪار شهيد

ڪرم ايجنسي (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر موجب ڪرم ايجنسي جي سرحدي علائقي خرلاچي ۾ سرچ آپريشن دوران اڳواٽ نصب ٿيل بارودي مادو ڦاٽڻ سبب فوجي آفيسر سميت 4 اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر موجب شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ اهلڪار ڪرم ايجنسي مان پرڏيهين جي بازيابيءَ بعد اتي اغوا ڪندڙن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن ٽيم جو حصو هيا، آءِ ايس پي آر موجب شهيد فوجي جوانن ۾ ڪيپٽن حسنين، سپاهي سعيد باز، سپاهي قادر ۽ سپاهي جمعه خان جڏهن ته زخمين ۾ نائيڪ انور، سپاهي ظاهر ۽ لانس نائيڪ شير افضل شامل آهن، خيال رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پاڪ فوج آمريڪي انٽيلي جنس جي بنياد تي ڪرم ايجنسي ۾ ڪامياب آپريشن ڪري ڪينيڊين خاندان کي بازياب ڪرايو هيو، پوليٽيڪل عملدارن موجب باروي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي جوانن جي جنازي نماز ايف سي گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد مڙهه انهن جي اباڻن علائقن ڏانهن اماڻيا ويا، پوليٽيڪل عملدار موجب شهيدن جي جنازي نماز ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور نذير احمد بٽ، جي او سي ميجر جنرل اطهر عباسي، برگيڊيئر عليم اختر، پوليٽيڪل ايجنٽ بصير خان ۽ سول انتظاميا جي آفيسرن شرڪت ڪئي، پوليٽيڪل عملدارن جو چوڻ آهي ته ڌماڪا افغان پوليس چيڪ پوسٽ کيوڙه کان 100 ميٽر جي مفاصلي تي ٿيا، جڏهن ته ڌماڪن بعد پاڪ افغان خرلاچي سرحد بند ڪئي وئي آهي.

 

انصاف جي فراهمي ۾ تڪڙ انصاف کي دفن ڪرڻ برابر آهي: چيف جسٽس

لاهور( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته آئين ۾ بنيادي حق سمورن شهرين لاءِ آهن ۽ هر شهري لاءِ قانون برابر آهي. لاهور ۾ ويمن ججز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خوشقسمتي سان آئين لکت جي صورت ۾ موجود آهي، ججز فيصلا ڪرڻ وقت قانون کي نظر ۾ رکڻ جا پابند آهن، ائيني جنسي فرق کانسواءِ هر شهري کي برابر جا حق ڏيڻ جو ضامن آهي. هن چيو ته انصاف جي فرهامي ۾ تڪڙ انصاف کي دفن ڪرڻ برابر آهي، ڪو به جج قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ فيصلا نه ڪندو آهي،  ڪنهن به جج کي غلط طريقا هلائي فيصلا ڪرڻ جو اختيار ناهي. سندس چوڻ هو ته جج طور اسان هر شهري کي فوري ۽ معياري انصاف فراهم ڪرڻ جا پابند آهيون تنهن ڪري اسان جو هر قدم قانون جي حڪمراني لاءِ هئڻ گهرجي ۽ جج کي ڪيس بابت قانون تي مڪمل عمل عبور هئڻ گهرجي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا، ججن لاءِ ضروري آهي ته هو قانون کان آگاهه هجن، درست فيصلن لاءِ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو وڃي.

 

ادارن ۾ ٽڪراءُ خطرناڪ آهي، ترميم باوجود  نواز شريف ٻيهر وزيراعظم نه ٿي سگهندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر  جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته نوازشريف ٻيهر پارٽي جو صدر ته بڻجي ويو پر مان نه ٿو سمجھآن ته هو ٻيهر وزيراعظم بڻجندو، اسان پارليمينٽ ۽ جمهوريت سان گڏ آهيون، آچر تي سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائنيدي خورشيد شاهه چيو ته ملڪ جي معيشت ڪنهن به صورت ۾ قرضن تي نه ٿي هلي سگھي ، معيشت جو سڀ کان اهم حصو رياست جي مضبوطي آهي ۽ ملڪ ۾ مضبوطي معيشت جي بهتري سان ايندي آهي. حڪومت مضبوط نه ٿيندي ته وڏو نقصان ٿيندو آهي. ادار ڪمزور ٿي ويندا آهن ته سسٽم ڪمزور ٿي ويندو آهي. جڏهن ته ادارن جي تڪرار سان رياست ڪمزور ٿي ويندي آهي.  هن چيو ته اپوزيشن جو ڪم حڪومت جي ڪوتاهين کي ظاهر ڪرڻ آهي. جمهوري تقاضا پارليمينٽ ۾ پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪومت جو مدو چار سال هجي هان ته اها ڏکيائي نه اچي هان .هن معيشت جي حوالي سان چيو ته اسان جي درآمد ۽ برآمد پهريان ڪٿي هئي ۽ هاڻِ ڪٿي آهي، پاڪ فوج به اسٽيڪ هولڊر آهي معيشت تي ڳالهائڻ ان جو به حق آهي. هن چيو ته سنڌ جي  وڏي وزير سان ڳالهه ٻول ٿي آهي صحت بابت سڌارا  آڻينداسين، سنڌ حڪومت 5 هزار نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا، سنڌ ۾ اسپتالون  ٺاهيون پيون وڃن انهن ڪمن جي لاءِ 8، 10 وڌيڪ گھرجن.

 

ختم نبوت جي معاملي کي سياست کان پري رهڻ ڏنو وڃي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي صدر اڳوڻي وزيراعظم  نوازشريف چيو ته ختم نبوت اسانجي آئين جو اٽوٽ حصو بڻجي چڪو آهي، معاملي کي سياسي ڳالهين کان پاڪ رهڻ ڏنو وڃي، چونڊ بل ۾ غلطي ڪوتاهي جو تڪڙو ازالو ڪيو ويو آهي، معاملي کي سمورن پارليماني پارٽين جو ٿورائتو  آهيان، ختم نبوت جي معاملي تي غلط  ڳالهيون نون  ليگ جي نظرئي پاليسي سان تعلق  نه ٿيون رکن، هڪ بيان ۾ نوازشريف چيو ته مان ان ڳالهه جو ٻه ٽوڪ  اعلان ضروري ڪيان ٿو ته اسلامي جمهوريا پاڪستان جي آئين ۽ اسلامي تعليم جي  مطابق سمورن اقليتن کي جان ۽ مال سميت تي هر بنيادي حقن جو مڪمل تعاون حاصل آهي. نوازشرف چيو ته مونکي پاڪستان جي عوام ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم چونڊيون ٽئي دفعا مان ذاتي طور تي  ۽ نون ليگ جي حڪومت ٻولي رنگ، نسل مذهب ۽ عقيدي يا ڪنهن ٻئي تميز ۽ فرق کان بنا پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪئي ۽ اقليتن جي حَقن کي يقيني بنايو.، پاڪستان مسلم ليگ نون کي قائداعظم محمد علي جناح جي پارٽي هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، بابائي قوم پاڪستان جي سمورن طبقن خاص طور تي اقليتن کي جنهن ڪامل مذهبي ۽ سماجي حالت  جي ضمانت ڏني هئي ان کي يقيني بنائڻ هاڻِي هڪ آئيني تقاضا  آهي.

 

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات

دبئي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه  دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات دوران شيخ محمد بن راشد المڪتوم گڏيل عرب امارات جي ترقيءَ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي موثر ۽ هاڪاري ڪردار جي واکاڻ ڪئي. جنرل قمر جاويد باجوه ۽ دبئي جي حڪمران وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران خطي ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين، سهڪار ۽ دوستيءَ کي هٿي ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه گڏيل امارات طرفان پاڪستان ۾ مختلف رٿائن لاءِ امدد ڏيڻ تي شيخ محمد جا ٿورا مڃا. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سمورن شعبن خاص ڪري اقتصادي ۽ ثقافتي ميدان ۾ گڏيل عرب امارات جي متاثر ڪندڙ ترقيءَ جي واکاڻ ڪئي ۽ علائقي توڙي عالمي سطح تي متوازن پاليسين تي گڏيل عرب امارات جي قيادت جي واکاڻ ڪئي.

 

پاڪستاني معيشت آئي ايم ايف کان بغير به هلي سگھي ٿي : وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ)وزيراعظم شاهد خاقان  عباسي چيو ته پاڪستاني معيشت آئي ايم ايف کان بغير به هلي سگھي ٿي، هاڻي ڪو  نئون قرض يا پروگرام وٺنداسين ۽ نه  ئي رپئي جي قدر ڪيرائيڻ جو  ڪو ارادو آهي.  اهڙن خيالن جو اظهار  هن گذريل ڏينهن گورنر هائوس  ڪراچي ۾ سينئر اسٽاڪ بروڪرز ۽ صنعتڪارن سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو،  وزيراعظم  سيڙپڪارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينجي جي اڳواڻن سان  ملاقات ۾ اقتصادي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي. ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج  جي گذريل  چار سالن  جي گڏيل ڪارڪردگي سان آگاهه ڪيو ويو . وزيراعظم کي  اسٽاڪ ايڪسچينج جي عهديدارن سان انڊيڪس ۾ تازو ئي گھٽتائي جي سببن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شاهد  خاقان عباسي چيو ته  پاڪستاني معيشت  آئي ايم ايف  کانسواءَ به  هلي سگھي ٿي.  آئي ايم ايف  سان ڪو به نئون  قرض يا پروگرام نه وٺنداسين ۽ حڪومت  جو رپئي جي قدر ڪيرائڻ جو ڪو ارادو ناهي، ان کانسواءِ اسٽاڪ مارڪيٽ تي لڳايل ٽيڪسن تي نظرثاني ڪئي ويندي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسٽاڪ مارڪيٽ جي مسئلن تي اعليٰ اختياراتي ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. ڪميٽي جو سربراهه گورنر محمد زبير هوندو.

 

حڪومت جي نااهلين جي فهرست ڊگهي آهي، پارٽي چونڊن جي تياري ڪري: آصف زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته مسلم ليگ ن جي حڪومت هميشه ملڪ کي مشڪل ۾ ڇڏي ويندي آهي، چونڊ ماحول بڻجي چڪو آهي، پارٽي به پنهنجي تياري ڪري، پيپلز پارٽي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري بلاول هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت جي نااهلين جي فهرست ڊگهي آهي، چونڊون ويجهو اچي رهيون آهن، پارٽي ڪارڪن تياريون ڪن.

 

چونڊون ويجهو ايندي ئي عمران خان مريم نواز جي پاڇي کان به ڊڄندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب  چيو ته عمران خان اقتدار جي لالچ ۾ پاڪستان جي سياست نه ڪري، قوم ڄاڻي ٿي ته ڪير احتساب کان ڀڄي رهيو آهي ۽ ڪير عدالتن کان فرار آهي. عمران صاحب 2018 تايئن انتظار ڪري ۽ اچي ملڪ  کي اڳتي کڻي هلي . 2018 جون چونڊون جيئن ويجھو اينديون ته توهان مريم نواز جي پاڇي کان به ڊڄندا، هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي ۽ لڙ ڪري ڪنهن کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگھي. پاڪستان جي عوام ڄاڻي چڪي آهي ته عمران سياست کي گار گند بڻايو آهي. عمران پاڻ پنهنجي ڪرسي جي حوص ۾ پاڪستان جي ترقي نه ٿو چاهي هن چيو ته نوازشريف سان ساڙ ڪري عمران خان وزيراعظم نه  ٿو بڻجي سگھي. اچ سڄِي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۽ وقار آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران پاڪستان کي صرف توهان کان خطرو آهي. ڇو ته توهان پاڪستان جي ترقي جا  دشمن آهيو. هن چيو ته عمران صاحب توهان  جنهن جا مثال ڏئي رهيا آهيو، اهي ڪوڙن الزامن جي باوجود پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي اڳيان پيش ٿي رهيا آهن.  هن چيو ته عمران اڃان ته توهان کي اين اي 120 ۾ شڪست ڏني آهي، 2018 جي چونڊن ۾ توهان مريم نواز جي پاڇي کان به ڊڄندئو.

 

18 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ جلسي جا انتظام بهترين ۽ سڪيورٽي فول پروف هئڻ گهرجي : سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 18 آڪٽوبر تي هٽڙي باءِ پاس حيدرآباد ۾ جلسي جا انتظام بهترين ۽ سڪيورٽي فول پروف هئڻ گهرجي. اها ڳالهه اڄ ٽنڊو ڄام ۾ 18 آڪٽوبر تي رٿيل عوامي جلسي جي سڪيورٽي پلان جي حوالي سان ڊويزنل انتظاميا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو. ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، فياض ٻٽ، امداد پتافي، ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊويزنل انتظاميا ۾ ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڊويزن جي ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پيز شريڪ هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڏيندي چيو ته آئون چاهيان ٿو ته جلسي گاهه جا رستا اهڙا چونڊيا وڃن ته جيئن شهر جي اسپتالن جي رستن ۾ ڪنهن به قسم جا مسئلا سامهون نه اچن. وڏي وزير چيو ته هٽڙي باءِ پاس تي جلسي جو انعقاد جو مقصد اهو آهي ته شهر ڏانهن اچ وڃ جا رستا شهرين ۽ عام ٽريفڪ لاءِ کليل هجن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي صوبائي وزير ڄام خان شوري 18 آڪٽوبر جي حوالي سان جلسي ۾ عوام جي شرڪت بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انتظاميا جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ ٽريفڪ ۽ گاڏين جي پارڪنگ جا الڳ الڳ انتظام ڪيا ويندا. جيڪي ماڻهو ڪراچيءَ کان ايندا انهن جي الڳ پارڪنگ هوندي ته جيئن انهن جي اچ وڃ ۾ ڪنهن به قسم جا مسئلا پيش نه اچن ۽ حيدرآباد سميت ٻين ضلعن ۽ مختلف علائقن کان ايندڙن جا رستا الڳ هوندا. اجلاس ۾ 18 آڪٽوبر واري جلسي جي سڪيورٽي پلان تي به تفصيلي غور ڪيو ويو. وڏي وزير ڊويزنل انتظاميا تي زور ڀريو ته جلسي جي حوالي سان سمورنگهربل انتظامن کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ۽ جلسي گاهه جي فول پروف سڪيورٽي انتظامن کي به يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عوام کي چيو آهي ته 18 آڪٽوبر واري جلسي ۾ وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪئي وڃي.

 

سسٽم ان لاءِ ٺيڪ ناهي ٿي رهيو ڇو جو مٿي زرداري ۽ شريف ويٺا آهن: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آئي جي سربراهه عمران خانچيو آهي ته اقتدار ۾ اچي پنهنجي ذات جي لاءِ پيسو ٺاهڻ ڪرپشن آهي. بمبينو سنما کان ٻاهران ٽڪيٽ کپائڻ واري آصف زرداري  جا اربين رپيا پرڏيهه ۾ پيا آهن ، سسٽم ٺيڪ نه ٿي رهيو آهي، طاقتور پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجھي ٿو، رياست شريف خاندان کي بچائي رهي آهي.، پاڪستان ۾ قائد اعظم کي ئي ليڊر مڃان ٿو. لڳي رهيو آهي ته هاڻي اسانکي آخري دفعو رستن تي نڪرنون پوندو، موجوده حڪمرانن اسانجي عدالتن کي بدنام ڪيو ته ايترا ماڻهون اسلام آباد جي روڊن تي نڪرندا جو بيهڻ جي جڳهه به نه ملندي ، پارٽي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب  دوران عمران خان گھرو وزير احسن اقبال کي تنقيد جو نشانون بڻائيندي چيو ته  هن ضياءِ الحق جي مارشل لا ۾ پنهنجو ڪيريئر شروع ڪيو، عمران خان چيو ته فوج قرباني ڏئي رهي آهي ۽ هي انکي بدنام ڪري رهيا آهن. مان  پنهنجي  فوج سان گڏ آهيان. هن چيو ته فوج چئي چڪي آهي ته هوءِ آئين سان گڏ آهي. هن چيو ته آصف زرداري کي ڪرپشن جي ڳڻتي اچي وئي اها  قيامت جي نشاني آهي. هن چيو ته هڪ طرح جي سياست اها آهي جنهن پاڪستان کي ان حد تائين پهچايو آهي. اڄ پاڪستان کي هڪ نئين  سياست جي  ضرورت آهي.  هن چيو ته شريف خاندان جي ڪوشش آهي ته انهن تي فرد جرم لاڳو نه ٿئي. هن چيو ته فوج کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ جو مقصد اهو آهي ته شريف معافيا مني لانڊرنگ جي سزا مان بچي وڃي،  شريف  ڀائر جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.  هن چيو ته سمورن ادارن تي ڪرپٽ ماڻهون ويهاريا ويا آهن. ادارا ٺيڪ  ڪيئن ٿيندا. هن چيو ته دنيا ۾ اسانجي پاسپورٽ جي عزت نه ٿي رهي آهي ڇو ته اڄ اسان قرضي آهيون. عمران خان چيو ته نائين اليون کان پوءِ اسان پرڏيهين جي مدد ڪري رهيا آهيون جڏهن ته پرڏيهه ۾ بي قصور پاڪستانين کي قتل ڪيو ويو جيلن ۾ وڌو ويو ۽ تشدد جو نشانون بڻايو ويو، ماضيءَ ۾ پاڪستان جي جيڪا عزت هئي اڄ اها ختم ٿي وئي آهي.