تازيون خبرون

Daily Archives: October 3, 2017

دهشتگردي جا خدشا موجود هئا، يومِ عاشور تي سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويا: وڏو وزير

ڪراچي/ شهيد بينظرآباد/ ميرپورخاص/ حيدرآباد (2 آڪٽوبر 2017ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته محرم الحرام دوران سنڌ ۽ سموري پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جا خدشا موجود هئا، پر يوم عاشور تي ڪرچي کان ڪشمور تائين سڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه يوم عاشور جي موقعي تي سڄو ڏينهن سڪيورٽي معاملن جو پاڻ جائزو ورتو. هن سنڌ جي چئن ڊويزنز ڪراچي، شهيد بينظيرآباد، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد جا دورا ڪيا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا ۽ ڪمشنر ڪراچي اعجاز علي خان سان گڏ سي ايم هائوس ۾ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو پڻ دورو ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي جلوس جي روٽ بابت بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي پوليس کي سڪيورٽي جي حوالي سان ضروري هدايتون ڏنيون. ان کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي مکيه ماتمي جلوس واري هنڌ ايم اي جناح روڊ جو دورو ڪيو. ان دوران گهرو وزير سهيل انور سيال، آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا ۽ ڪمشنر ڪراچي اعجاز علي خان پڻ گڏ هئا. نمائش ڀرسان ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته بوهري ڪميونٽي جو روحاني پيشوا ڀارت کان هتي ڪراچي آيل آهي تنهن ڪري سڪيورٽيءَ جا وڌيڪ سخت انتظام ڪيا ويا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته رستن جي بندش ڪري عوام کي پيش ايندڙ تڪليف تي معذرت ڪيان ٿو. هن چيو ته خدشن کي ڏسندي سڪيورٽي جا اپاءَ ورتا ويا آهن. انهيءَ بعد وڏو وزير سيد مراد علي شاهه نواب شاهه (شهيد بينظير آباد)، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وڏي وزير سان صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ پوليس پڻ گڏ هئا. نوابشاهه ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه محرم الحرام جي جلوسن جي سڪيورٽي جو جائزو ورتو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ شيعا ۽ اهل سنت جا جلوس نڪرندا آهن. شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ ڪل 300 جلوس نڪرندا آهن جن مان 107 حساس قرار ڏنا ويا آهن. پاڪ آرمي کي اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي جڏهن ته رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار گشت ڪري رهيا آهن. آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا نواب شاهه ايئرپورٽ تي وڏي وزير کي برينفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوليس کاتي ۾ نوان ڀرتي ڪيل پوليس اهلڪار محرم الحرام جي سڪيورٽي تي مقرر ڪيا ويا آهن ۽ انهن پوليس اهلڪارن پاڪ آرميءَ کان سکيا حاصل ڪئي آهي ۽ اهي هر قسم جي حالتن جو بخوبي مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ان کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نواب شاهه ايئرپورٽ کان ميرپورخاص جي ماتمي جلوسن جو جائزو وٺڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر ۾ روانو ٿيو. سيد مراد علي شاهه هيلي ڪاپٽر ذريعي ميرپورخاص ۾ محرم الحرام جي ماتمي جلوسن جو هوائي جائزو ورتو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ ڳالهه ٻول ڪندي چيو ته ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سڪيورٽيءَ جا بهترين انتظام ڪيا ويا آهن ۽ مان پاڻ انهن مامرن جو جائزو وٺي رهيو آهيان. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته جلوس جا منتظمين سڪيورٽي انتظامن تي مطمئن آهن. هن چيو ته اسان جنهن  ماحول ۾ رهي رهيا آهن سڪيورٽي ٿريٽ هر وقت آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته خدشن جي ڪري موبائل سروس ٽن ڏينهن لاءِ بند ڪئي وئي، موبائل سروس بند ٿيڻ سان ماڻهن کي ڏکيائيون پيش آيون، عوام کي پيش آيل ڏکيائين تي معذرت ڪريان ٿو. هن چيو ته 21 ورهين کانپوءِ بوهري برادري جو روحاني پيشوا هتي آيو آهي، جڏهن منهنجو والد سنڌ جو وڏو وزير هو ته هُو هتي آيو هو. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ 27 هزار کان وڌيڪ پرڏيهي آيا آهن ۽ ڪراچي جي علائقي صدر ۾ 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو اچ وڃ هو. هن چيو ته سنڌ حڪومت سڀني کي سڪيورٽي فراهم ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪوبه احتساب کان ٻاهر نه هئڻ گهرجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته محرم الحرام دوران سنڌ ۽ سموري پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جا خدشا موجود هئا، پر عاشوري ڏهاڙي سڄي سنڌ ۾ سڪيورٽيءَ جا بهترين انتظام ڪيا ويا هئا. وڏي وزير سڪيورٽيءَ جو هوائي جائزو وٺڻ بعد حيدرآباد جو زميني معائنو ڪيو. تلڪ چاڙهيءَ وٽ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته عاشوري ڏهاڙي تي ڪراچي، نوابشاهه، ميرپورخاص کانپوءِ حيدرآباد جو دورو ڪيو آهي. عاشوري ڏهاڙي تي ماتمي جلوس جي انتظامي سڪيورٽي ۽ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. سڪيورٽيءَ جي سٺن انتظامن جو سنڌ حڪومت، آءِ جي پوليس ۽ سنڌ جي عوام ڏانهن ڪريڊيٽ وڃي ٿو.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اٺ محرم الحرام تي جزوي طور تي موبائل فون سروس بند ڪرڻ جو پلان جوڙيو هو پر سڪيورٽي خدشن سبب موبائل فون سروس بند ڪئي وئي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، ڪوبه احتساب کان ٻاهر نه هئڻ گهرجي، چاهي آئون هجان يا اوهان. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، صوبائي وزير امداد پتافي، ڄام خان شورو ۽ آءِ جي پوليس موجود هئا. ان کانپوءِ ڪراچي واپس اچڻ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻيهر ايم اي جناح روڊ تي ماتمي جلوس جو هوائي جائزو ورتو، ان دوران وڏي وزير کي آءِ جي پوليس ۽ گهرو وزير ان حوالي سان مسلسل آگاهي ڏيندا رهيا. ان بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سينٽرل پوليس آفيس (سي پي او) جو دورو ڪيو، جتي وڏي وزير کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪرايو ويو، جتي وڏي وزير کي سي سي ٽي وي جي ڪوريج مطابق بريف ڪيو ويو. ان دوران آءِ جي آفيس ۾ وڏي وزير جي صدرات ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي اسپيشل برانچ ۽ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ پڻ شرڪت ڪئي. وڏي وزير ڪينين يونٽ کي باقائده فنڪشنل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته پوليس سهولت سينٽر (Police Facilitation Center) کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته پوليس ٽريننگ سينٽر رزاق آباد ۾ سي ٽي ڊي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير 30 ملين رپيا فنڊ ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس ٽريننگ سينٽر بارو جبل کي جلد مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

 

سڄي پاناما ڪيس جي ڪاروائي دوران سوال ٿيندا رهيا، بند ڪمري ۾ ڇا پئي ٿيو؟: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ)  سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سموري پاناما ڪيس جي ڪاروائي دوران سوال ٿيندا رهيا  اهڙو ڇا هيو جيڪو بند دروازي جي اندر  ٿي رهيو هو ۽ ميڊيا کي به اجازت نه هئي.  ڪو ئي به بيڪ ڊور کان حڪومتي رٽ جي خلاف آرڊر نه ٿوڏئي سگھي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پوري پاناما ڪيس جي ڪاروائي دوران سوال ٿيندا رهيا وزيرن ۽ صحافين کي عدالت ۾ وڃڻ کان روڪڻ تي  سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اهڙو ڇا هيو جيڪو بند دروازي اندر ٿيندو رهيو ۽ ميڊيا کي به اجازت نه هئي، هن چيو ته اهڙي طرح جو طريقو هلندو رهيو ته ملڪ ۾ نتيجا خطرناڪ ٿي سگھن ٿا.  سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي تي ٽرائيل ۾ تبديل ڪيو ويو.  هن چيو ته ڳالهه هاڻي حڪومت جي رٽ جي آهي، گھرو وزير چيو آهي ته جاچ  ڪري رپورٽ منظر عام تي آڻينداسين، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته محمد نوازشريف کي گذڙيل ٻن سالن کان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نيب جي بيان کان پوءِ فرد جرم لاڳو نه ڪيو ويو. مملڪتي وزير چيو ته اقامي ۾ به پهريائين فرد جرم لاڳو ڪري بعد ۾ ٻڌڻي ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ کان پوءِ به فرد جرم لاڳو ن ه ٿيو سمجھه کان ٻاهر آهي ته ڪهڙي شئي جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته محمد نوازشريف ٻه دفعا وزيراعظم رهي چڪو آهي تنهن دوران ڪوئي ته ڪرپش  جو ڪيس ملي هان، هن چيو ته آئين ۽ قانون کان هٽي ڪري ڪجه به  ٿيو ته اهو سٺو نه هوندو. بيگم ڪلثوم نواز جي طبيعت ناساز آهي ان لاءِ ٻارن جي ترجيح والدا آهي.

 

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ڪابل ۾ افغان صدر اشرف غني سان نويڪلائي ۾ ملاقات

راولپنڊي  (اين اين آءِ)  آرمي چيف جنر قمر جاويد باجوا ۽ افغآن صدر آشرف غني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ غلط ڦهيمن کي ختم ڪرڻ جي لاٰ اعليٰ سطح تي ڳالهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي ، گذريل ڏينهن آرمي چيف جنر قمر جاويد باجوا جي ڏينهن جي دوري دوران ڪابل پهتو جتي ان جي هم منسب آجيان ڪئي ۽ آرمي چيف کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ، جنرل قمر جاويد باجوا  افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي ميڊيا موجب افغان صدر سان ملاقات دورا آرمي چيف ٻه طرفا خطي ۾ سيڪيورٽي  جي صورتحال ۽ دهشتگردي جي خلاف  جنگ بابت ڳالهه ٻول ڪئي، آئي ايس پي آر موجب آرمي چيف افغان صدر کي افغان فورسز جي تربيت جي آڇ ڪئي، جڏهن ته افغان صدر چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان دوست آهين ۽ ٻنهي ملڪن کي امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي هلن گھرجي، آرمي چيف ۽ افغان صدر جي وچ ۾ ملاقات ۾ نان اسٽيٽ ايڪٽرز کي روڪڻ تي به  ڳالهه ٻول ٿي . جڏهن ته گڏيل خطرن سان منهن ڏيڻ ۽ امن جي حوالي سان به ڳالهه ڪئي. انکانسواءِ انٽيلي جنس ۽ عوامي رابطا ۽ واپار تي به ڳالهيون ڪيون ويون، پاڪ فوج جي ترجمان موجب ملاقات ۾ افغانستان ۽ علاقائي امن جي لاءِ سياسي عمل جي فريم ورڪ تي اتفاق ڪيو ، جڏهن ته ٻنهي ملڪن ۾ ڏسندڙ غلط فهمين کي ختم ڪرڻ آهي، اعليٰ سطح تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو، آئي ايس پي آر موجب وفد جي سطح تي ملاقات ۾ پرڏيهي سڪريٽري  تهمينا جنجوعه ۽ افغانستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير به موجود هيو، ان کانسواءِ ڊي جي ملٽري آپريشن، ڊي جي آئي ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور، ۽ آئي ايس  آئي چيف به آرمي چيف سان گڏ هيو. افغان وفد ۾ افغان نائب صدر ، فرسٽ ڊپٽي چيف ، ايگزيڪٽو آفيسر، افغان گھرو وزير موجودهيا.

 

عالمي قومون والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت پاران جاري رکندڙ ظلم روڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن : آصف علي زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عالمي قومون والاريل ڪشمير ڀارتي حڪومت پاران جاري رهندڙ ظلم کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. والاريل ڪشمير آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ لاِٰءِ ڀارتي حڪومت تشدد ڪرڻ کانپوءِ دنيا جا خطرناڪ هٿيار استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن جيڪا عالمي قانون جي کليل خلاف ورزي آهي. محرم جي 10 واري جلوس تي لاٺي چارج ڳوڙها هاريندڙ گيس ۽ تشدد مذمت جوڳو آهي، حريت اڳواڻن کي گرفتار ڪري والاريل واديکي فوجي ڇانوڻي م تبديل  ڪيو ويو آهي، پ پ پ جي بنيادي منشور ۾ ڪشميرن جي هر محاذ تي مدد ڪرڻ شامل آهي . پ پ پ ڪشميرمسئلي تي  پاڪستان جي وڌيڪ سمورن سياسي پارٽين کان  وڌيڪ ڳالهيون ڪري ٿي. پاڪستاني حڪومت جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي سفارتخاني کي ڪشمير جي حوالي سان پيغام ڏين جن خاموشِي اختيار ڪئي آهي، پاڪستان جي سياسي ۽ سفارتي حمايت نظر به اڄڻ به گھرجي، پرڏيهي پاليسي ۾ ساهه وڌو وڃي . ڪشمير مسئلي جي حل ڌيان ڏنو وڃي ۽ وسيلن کي ضايع نه ڪيو وڃي. جھڙي ڀارتي وزيراعظم مخلتف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪيون آهن اهڙي طرح پاڪستاني حڪمران به ڪن، ۽ ٻڌائين ته پاڪستان جي پرامن ڪوششن جو ساٿ ڏنو وڃي ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ ڀارت کي مجبور ڪيو وڃي ته هو امن جو رستو اختيار ڪري، برطانوي پارليمينٽ جا ميمبر ڪشمير مئسلي جي حل لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.  هو اڄ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ اپوزيشن چوڌري محمد ياسين ۽ برطانيا جي پارليمينٽ  جي ميمبر ناز شاهه جي قيادت ۾ برطانوي ڪونسلنرن جي وفد سان ڳالهائين رهيوهو، آصف زرداري چيو ته  پ پ پ جو بنياد ڪشمير مسئلي  تي رکيو  ويو هو، اسان ڪشميرن جي سياسي ، اخلاقي ۽ سفارتي همايت جاري رکنداسين. هن چيو  ته ڪشميري عوام  پنهنجي آزادي واري تحريڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي.  هن چيو  ته ڀارت ڪنٽرول لائين تي وڏي پيماني تي ڀارتي فوجين کي مقرر ڪري جنگ واري صورتحال  پيدا ڪري ڇڏي.

 

حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ واپس وٺي ۽ بجلي جي اگهه به نه واڌيا وڃن, خرشيد شاهه

اسلام آباد  (اين اين آءِ)  قومي اسميبلي جي مخالف ڌر جي  اڳوڻ  سيد خورشيد شاهه چيو ته پيٽرول جا اگھه نه وڌايا وڃن ۽ بجلي جا اگھه نه وڌايا  وڃن، ملڪ ۾ هرروز نوان نوان مسئلا سامهون اچن ٿا. جيڪڏهن انهن تي ڳالهه ڪئي وڃي ته ڪلاڪ ۽ ڏينهن لڳي ويندا، سمورا مسئلا پارليميٽ ۾ حل ڪيا وڃن، خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ وڏا مسئلا آهن،  ميڊيا کي ڏسي  پريشان ٿي وڃون ٿا ته ملڪ م  ڪهڙا ڪهڙا مسئلا آهن، هن چيو  ته پرليميٽ ۾ سمورن مسئلن  جي حل جي جاءَ آهي مان هميشا چيو آهي ته پارليميٽ جوقدر ڪيو وڃي جيڪي فيصلا ٿين پارليميٽ جي اندر ٿين، جمهوري حڪومتن ۾ اهو ئي ٿيندو آهي ته مسئلا پارليميٽ ۾ ب حث هيٺ اڇن ۽ وسيلا به پيدا ٿي ويندا آهن، سال ۾ هڪ دفعو ناڻِي وارو وزيرا ايوان ۾ بجيٽ پيش ڪندو آهي اسان سمجھون  ٿا ته هر مسئلي جو حل پارليميٽ  ۾ آهي، ٻين ملڪن ۾ سال ۾ هڪ دفعو ٽيڪس لڳندو آهي، ان لاءِ چيو ته هو سال ۾  چار بجيٽ پيش ٿيڻ گھرجن، دنيا ۾ پيٽرول جو اگھه گھٽ ٿي رهيو آهي پر اسانجي ملڪ ۾ وڌايو ويو آهي  اهو غريب هاري جو مسئلو آهي پر حڪومت ان تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽  هوءِ  غريب ماڻهون جي رت چوسي رهي آهي، هن  وقت دنيا ۾ 44 ڊالر في بيرل  اگھه آهي پر پاڪستان 73 روپيا في ليٽر کان وڌيڪ آهي جيڪڏهن ٽيڪس کي ڏٺو وڃي ته 62 رپيا ٿئي ٿو پر ان تي 31 سڪيڙو سيلز ٽيڪس لڳائي وئي ۽ اگھه وڌائي حڪومت خساري کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن مطالبو ڪيو ته پيٽرول جا اگھه گھٽ ڪيا وڃن ۽ بجلي جا اگھه  نه وڌايا وڃن.

 

جمائمه وڌيڪ مني ٽريل ۽ بند اڪائونٽن جا تفصيل موڪلي ڇڏيا آهن: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته حڪمران فوج کي بدنام ۽ جمهوريت کي تباهه ڪري رهيا آهن ملڪ ۽ تڪڙيون ڇونڊون ڪرايون وڃن، احسن اقبال  پرڏيهي دنيا کي ٻڌائن لاءِ ڄاڻي واڻي  رياست اندر رياست لفظ استعمال ڪيو، مان 20 سال ٻآهر ڪمائي ڪئي ۽ سمورو پيسو پاڪستان ۾ آندو ۽ عدالت جي اڳيان 40 سالن جو مني ٽرائيل ڏنو آهي منهن جي ڀيٽ ملڪ جي سڀ کان وڏي ڏوهاري سان ڪئي پئي وڃي. شاه محمود قريشي کي اپوزيش ليڊ ر ٿيڻ گھرجي، فيصلو اپوزيشن پارٽين سان صلاح کانپوءَ ڪيو ويندو، ذريعن موجب  پي ٽي آئي جي پارليماني پارٽِي جو اجلاس سومر تي بني گالا ۾ پارٽي جي سربراهه عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ملڪ  جي گڏيل سياسي صورتحال نوازشريف جي احتساب عدالت ۾ پيشي ۽ رينجرز جي مقرري کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي تبديلي سميت مختلف معاملن  تي ڳالهه ٻول ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس دوران اپوزيشن ليڊر جي تبديلي سان لاڳاپيل فيصلي جو اختيار عمران خان کي ڏنو ويو، اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائنيدي عمران خان چيو ته نوازشريف جي پيشي جي موقعي تي نيب ڪورٽ جي ٻاهران ڊرامو ڪيو ويو. اسان جي فوج کي بدنام ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي وزير آصف به امريڪا جي دوري دوران جيڪي بيان ڏنا اهي سڀ توهان جي سامهون آهن. اهڙن بيانن سان پاڪستان جي وڌيڪ بدنامي ٿي رهي آهي.  عمران خان نون ليگ ۽ نوازشريف تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته اهي ملڪ کي جنهن رستي تي وٺي آيا آهن ضروري اهي ته ملڪ ۾ چونڊون ٿين. قومي اسيمبلي اليڪشن بل جي مخالفت ڪنداسين، هن چيو ته نيب ڪورٽ جي ٻآهران ڇاٿيو آهي ڇا احسن اقبال کي خبر نه هئي ته ايس ايس پي رينجرز جي مقرري جي درخواست ڪئي هئي. آئون وفاقي وزير کان پڇان ٿو ته انکي جمهوريت جي اسپيلنگ به اايندي آهي؟ هن چيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي ڏوهاري سان منهنجي ڀيٽ ڪئي پئي وڃي. مان ڪمائي جو سمورو پيسو بينڪنگ چينل ذريعي پاڪستان ۾ آندو آهي. شريف خاندان کان پڇو  ويو ته اربين روپيا ڪيئن آيا ته انهن هڪ به ٽرانسيڪشن نه ٻڌائي . هن چيو ته جمائمه جيڪا رقم منهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي اها مونکي ملي وئي آهي. مريم صفدر جيڪي اربين رپين جي جائداد ورتي اهو نوازشريف جو پيسو هو جيڪو ملڪ کان ٻآهر هيو.  هن چيو ته ڇا نون ليگ ۽ شاهد خاقان عباسي جو اهو ڪم آهي ته ايتري وڏي ڏوهاري جي چوري کي بچائين. اڄ هي نوازشريف کي پارٽِي جو قائد بڻائي رهيا آهن ته  سڀاڻي ڪنهن  قاتل کي به اجازت ڏئي ڇڏيندا ته هو وڏو بڻجي وڃي. هن چيو ته شڙيف  خاندان 1984 سٺ لک رپين ۾ اپارٽمينٽ خريد ڪيا هئا، جڏهن انهن کان  پڇو ويو ته پيسو ملڪ کان ٻاهر ڪيئن ويو ته هنن هڪ به بينڪنگ ٽرانسيڪشن نه ڏني.

 

آمريڪا ۾ دهشتگردي، نائيٽ ڪلب ۾ فائرنگ، 50 ڄڻا مارجي ويا، 200 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۾ هٿياربندن هڪ ڪلب تي حملو ڪري 50 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 200 ماڻهو زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو ايجسني موجب آمريڪي رياست نيواڊا جي شهر لاس ويگا ۾ هڪ هٿياربند ڪلب ۾ داخل ٿي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 50 ماڻهو موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ هٿياربند مارجي ويو. شروعاتي اطلاعن موجب منڊالي بي ڪيسينو ۽ هوٽل جي اڱڻ ۾ ميوزڪ ڪنسرٽ جاري هو ته هڪ هٿياربند هوٽل جي 32 هين ماڙ کان هيڍ موجود ميڙ تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ گوليون هلايون، پوليس جوابي ڪارروائي ڪندي هڪ حملي کي ماري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ تصويرن ۽ ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته خوفزده شوقين جان بچائڻ لاءِ ڪنسرٽ ڇڏي ڀڄندي نظر اچي رهيا آهن. اختيارين لاس ويگاس ۽ ايئرپورٽ کي بند ڪندي اڏامن کي رخ موڙي ڇڏيو آهي.

 

اداڪار ورون ڌون سلمان خان کان اڳتي نڪري ويو

ممبئي (اين اين آءِ) تيزي سان اڀرندڙ باليووڊ جي اداڪار جي فلم جڙوان ٽو هڪ ڏينهن ۾ 20 ڪروڙ جو بزنس ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. باليوڊ هدايتڪار  ڊيوڊ ڌون جي فلم جڙوان ٽو رليز ٿيندي ئي ڪاميابي ماڻي، جڙوان ٽو ٻن ڏينهن ۾ 36 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ بزنس ڪري سڀني کي حِيران ڪري ڇڏيو آهي. ٽريڊ اينالسٽ ترن آگرش جو چوڻ آهي ته فلم رليز ٿيڻ جي پهرين ڏينهن يعني جمعي تي 16 ڪروڙ 10 لک روپيا جڏهن ته ٻئي ڏينهن 20 ڪروڙ 55 لکن جو بزنس ڪيو جيڪو گڏيل طور تي 36 ڪروڙ 65 لک روپيا ٿين ٿا.  ترن جو چوڻ آهي ته جڙوان ٽو  ورن ڌون جي پهرين فلم آهي جنهن هڪ ڏينهن 20 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ بزنس ڪيو آهي ان کان اڳ ورون ڌون جي ڪابه فلم هڪ ڏينهن ۾ ويهه ڪروڙ روپيا ڪمائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي هئي. فلم جو ٽريلر ۽ گانا پهريان ئي مقبول ٿي چڪا هيا.  ياد رهي ته فلم جڙوان ٽو ڊيوڊ ڌون جي پهرين فلم جڙوان جو سيڪوئيل آهي جيڪا ست فيبروري 1997 ۾ رليز ٿي هئي سلمان خان جي جڙوان گڏيل طور تي ساڍن 26 ڪروڙن روپين جو بزنس ڪيو هو، جڏهن ته هاڻي ورون ڌون جي جڙوان صرف ٻن ڏينهن رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.

 

سوناڪشي سنها ”لپ سنگ بيٽل“ ۾ گانو ڳائيندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ساز فرح خان جي ٽي وي شو ”لپ سنگ بيٽل“ ۾ سوناڪشي سنها گلوڪارا بادشاهه سان گڏ گانو ڳائيندي. ميڊيا رپورٽن مطابق سوناڪشي سنها جيڪا پنهنجي ڳائڻ واري فن جي شروعات فلم ”نور“ سان ڪري چڪي آهي، هاڻي ٽي وي شو ”لپ سنگ بيٽل“ ۾ گانو ڳائيندي. شو جي خاص قسط جي ۲ آڪٽوبر تي شوٽنگ ڪئي ويندي.

 

 

روهت شرما ون ڊي ميچن ۾ ٦ هزار رنسون مڪمل ڪندڙ ۹ ڀارتي بيٽسمين بڻجي ويو

ناگپور(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ٽيم جي مشهور اوپننگ بيٽسمين روهت شرما ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر جون ٦ هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون. هو اعزاز ماڻيندڙ نائون ڀارتي بيٽسمين بڻجي ويو آهي، ان کانسواءِ اسٽار اوپنر ۱۴ سينچريون ٺاهي گڏيل طور تي پنجين ڀارتي بيٽسمين جو اعزاز پڻ حاصل ڪري ورتو. هن يوراج سنگهه جو وڌيڪ سنچرين جو رڪارڊ برابر ڪيو آهي، شرما آسٽريليا خلاف پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ انتهائي شاندار ۽ ذميوار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي سينچري ٺاهي اهو ڪارنامو انجام ڏنو.، روهت شرما هيل تائين ۱٦۸ ميچن ۾ ۱۴ سينچرين جي مدد سان ٦ هزار ۳۳ رنسون ٺاهيون آهن، ان کان اڳ ڀارت طرفان سچن ٽنڊولڪر، سارو گنگولي ، راهول ڊريوڊ، مهندرا سنگهه ڌوني، محمد اظهر الدين، ويرات ڪوهلي، يوراج سنهه ۽ وريندر سهواڳ کي به ٦ هزار رنسن جو انگ عبور ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي