تازيون خبرون

Daily Archives: September 23, 2017

سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ رانديگرن جي نالن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو: انضمام الحق

: لاهور(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا خلاف گڏيل عرب امارتن ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن ٿيندو. ٽيم جي چونڊ لاءِ سليڪشن ڪميٽي، هيڊ ڪوچ ۽ ڪپتان سان مشاورتي وارو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي. قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ رانديگرن جي نالن جو اعلان سڀاڻي ڇنڇر تي ڪيو ويندو، جڏهن ته ياسر شاهه جي فٽنس ۽ ٽيم ۾ شموليت متعلق حتمي مشاورت ٿيندي ۽ ياسر شاهه کان هڪ ٻي فٽنس ٽيسٽ ورتي ويندي، جيڪڏهن هو فٽ هوندو ته کيس ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو. اظهر علي مڪمل فٽ آهي ۽ هو ٽيم جو حصو هوندو.

 

پاڪستان ايشيا ڪپ لاءِ هاڪي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان هاڪي فيڊريشن ايشيا ڪپ لاءِ تبديليون ڪري ۱۸ رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. عبدالحسيم خان کي ڪپتاني تان هٽائي محمد عرفان کي قيادت ڏني وئي آهي، جڏهن ته مجموعي طور ۵ وڏيون تبديليون ڪيون ويون آهن. اولمپيئن حسن سردار جي سربراهيءَ ۾ ۳ رڪني نئين سليڪشن ڪميٽي ڪراچي جي عبدالستار ايڌي هاڪي اسٽيڊيم ۾ ٻن ڏينهن واري ٽرائلز کانپوءِ رانديگرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي ٽيم جي سليڪشن ڪئي آهي. هٽايل مئنيجر حنيف خان جي ڀائٽيي حسيم خان کي به گهر جو رستو ڏيکاري نه رڳو ڪپتاني پر ٽيم مان به نيڪالي ڏني وئي آهي. خراب ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي عرفان جونيئر، دلبر حسين، عليم، بلال ۽ حسيم خان کي ڊراپ ڪري سندس جاءِ تي عرفان سينيئر، محمد عتيق، راشد محمود، رضوان سينيئر ۽ وقاص اڪبر کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اعلانيل ۱۸ رڪني اسڪواڊ ۾ مظهر عباس، امجد علي، محمد عرفان (ڪپتان)، عاطف مشتاق، مبشر علي، عماد بٽ، ابوبڪر، تصور عباس، راشد محمود، رضوان جونيئر، ارسلان قادر، اظفر يعقوب، عمر بٽا، رضوان سينيئر، علي شان، محمد عتيق، وقاص اڪبر ۽ اعجاز امجد شامل آهن. ان کان اڳ پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي پاليسي هئي ته جيڪي رانديگر ڪئمپ ۽ ٽرائلز ۾ شرڪت نه ڪندا، انهن کي ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويندو پر ورلڊ ليگ ۾ ٽيم جي انتهائي خراب ڪارڪردگي بعد پرڏيهه ۾ ليگ کيڏندڙ راشد محمود، محمد عرفان ۽ رضوان سينيئر سميت ٻين رانديگرن کي هڪ دفعو ٻيهر ٽيم ۾ واپسي جو سڏ ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته ايشيا ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ ۱۱ کان ۲۲ آڪٽوبر تائين بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ کيڏيو ويندو.

 

خزان جي موسم کي خطاب…!!!: پروفيسرمنير ڊومڪي

جان ڪيٽس (1795-1821) انگريزي ادب ۾اهو واحد رومانوي شاعر آهي،جيڪو سڀني رومانوي شاعرن ۾ سڀ کان پهريان 26 سالن جي ڪچڙي عمر ۾ ئي هن فاني دنيا کي هميشه جي لاءِ ڇڏي هليو ويو،پر هن جي لازوال شاعري ۽ خصوصن هن جا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا غنائي نظم اڄ به هن کي اوترو ئي زنده ۽ مقبول ڪريون ويٺا آهن، جيترو ڪيٽس پنهنجي دور ۾ مشهورهوندو هو. اڄ اسان هن جي مخاطب ٿيل جذباتي نظم”خزان جي موسم کي خطاب“ ” “To Autumnتي هڪ نظر وجھنداسين. ٽن بندن ۽ 33 سٽن تي لکيل هي غنائي نظم ڪيٽس سيپٽمبر جي مهيني ۾ 1819 ۾ لکيو. شاعر ڪيٽس جي هن نظم بابت اهو چيو ويندو آهي ته هي هڪ بنا ڪنهن نقص جي پرفيڪٽ ۽ منفرد نظم آهي.

خزان جي موسم،جيڪا پنن ڇڻڻ واري موسم هوندي آهي،جنهن موسم ۾ وڻ به اجڙيل ۽ زرد هوندا آهن ۽ سمورو جهر جهنگ ويران ۽ اجڙيل لڳندو آهي،اها موسم جنهن ۾ فطرت جي سڄي سرسبز رنگيني به اڏري ويندي آهي.هن مند جون تيز گرم هوائون ماڻهوءَ جي نازڪ جسم جي چمڙيءَ کي به ايذائينديون آهن.خزان جي اها موسم ماڻهوءَکي هر وقت ياد ڏيارائي ٿي ته اجڙڻ،وکرڻ ۽ زوال اچڻ ئي ماڻهوءَ ۽ هر شيءِ جو مقدر آهي:

خزان ۾ شاخ سي گرتي اداس پتي ني،

مجھي يي درس ديا هي زوال سڀ ڪو هي.

اها مند جنهن ۾خارجي دنيا جي ويرانگي ڏسڻ کانپوءِ ڄڻ ته ماڻهوءَ جي داخلي دنيا به چوطرف ويرانين جي گھيري ۾ اچي وڃي ٿي. سرءُ جي موسم ۾ اهڙن منظرن کي پسڻ کانپوءِ اهڙو ڪهڙو ماڻهو هوندو، جيڪواهڙي بي رنگ موسم کي پسند ڪندو هوندو؟! لکين ڪروڙين ماڻهن کي خزان جي موسم وڻي يا نه وڻي، پر رومانوي شاعر ڪيٽس خزان جي مند جو مفتون ۽ عاشق آهي. هڪ عام ماڻهوءَ ۽ شاعر ۾ اهو ئي فرق آهي، اسان جي دل کي چئن موسمن مان ڪا هڪ موسم وڻندي هوندي، جڏهن ته شاعرن کي فطرت جون سڀئي موسمون وڻنديون آهن، ڀلي پوءِ اها خزان جي مند ئي ڇو نه هجي.اها سرءُ جي مند جنهن ۾ شام جو ۽ رات جي آخري يعني صبح جي پهرين پهر ۾ ماڪ پوڻ به شروع ٿي ويندي آهي.پنن ڇڙڻ واري هن مند ۾ هزارين نقص هجن، پر هن موسم جي خاص ڳالهه اها آهي ته هيءَ ئي اها موسم هوندي آهي، جنهن ۾ جڏهن سج وڌيڪ زمين ۾ گرمي پيدا ڪري ٿي ڇڏي ته پوءِ مختلف ڪومل، ملائم، مٺا ۽ رسيلا زرخيز ميوه مڪمل پچي راس ٿيندا آهن، ڄڻ ته گرم سج ۽ خزان جي پاڻ ۾ ڪنهن گھاٽي دوست وانگر هڪ اٽوٽ رشتو هجي، جنهن رشتي جي شاعر ڪيٽس جي هن نظم جي شروع وارن سٽن ۾ خبر پوي ٿي:

Season of mists and mellow fruitfulness,

Close bosom-friend of the maturing sun.

نظم ۾ اڳتي هلي ٻڌايو وڃي ٿو ته خزان جي موسم۽ گرم سج ٻئي ملي ڪري ڪيئن هن زمين جي ڪک مان  زمين تي پکڙيندڙ ٿڙن مان ڊاک يا انگور جي ول يا ميوي کي اسرڻ ۽ اڀرڻ ۾مدد ڪن ٿا:

Conspiring with him how to load and bless,

With fruit the vines that round the thatch-eves run.

شاعر ڪيٽس هي نظم”To Autumn“ سرجڻ کانپوءِ پنهنجي هڪ شاعر دوست جي ايڇ رينالڊس کي هڪ خط لکيو، جنهن خط ۾ هن بهار جي موسم کان به وڌيڪ پنن ڇڻڻ واري موسم جي تعريف ڪندي ٿڪيو ئي نه هو.نظم ۾اڳتي هلي ڪيٽس خزان جي موسم جي تخليقي پيداوار جي سگھ جي واکاڻ ڪندي چوي ٿو ته اها خزان جي مند ئي هوندي آهي، جيڪا(ڳاڙهن) خوبصورت مزيدار صوفن کي مڪمل پچي راس ٿيڻ ۾، ڪدوءَ جي ٻوٽي کي اسرڻ، ٻوڙن يا ننڍن ٻوٽن ۾ ڳر وارو ميوي کي پيدا ڪرڻ ۽ خشڪ اخروٽ بادام ميوي کي مزيدار ملائم داڻن سان مالامال ڪرڻ وارن ڪلين کي به اسرڻ ۽ اڀرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اهڙن شين جي باري ۾ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ ان تصور جي دنيا ۾ به گم ٿي وڃي ٿوته جيڪڏهن ڪيٽس ميرپور خاص ضلعي جي”ميون جي بادشاهه“ انب جي ميوي کي پچي راس ٿيندي ڏسي ها ته پوءِ هو شايد خزان جي مند بدران انبن جي مند بابت هڪ ٻيو نظم لکي وڃي ها.۽ ٻيو اهو ته پڙهندڙن کي اها ڳالهه ياد ئي نٿي رهي ته ڪير هوندو، جيڪو چوندو ته خزان جي مند ،جنهن ۾ زرد پن وڻن جي مرجھيل ۽ ويران ٽارين مان هڪ هڪ ٿي ڪِري پوندا آهن، جيڪا مند فطرتي سرسبزي جي دشمن به آهي،ته اها ساڳي پنن ڇڻڻ واري مند وري بهار جي جوڀن واري موسم جي موٽ لاءِ هڪ قسم جو اڳواٽ اسٽيج به تيار ڪري ٿي. نظم جي پهرين بند جي آخري سٽن 9 کان 11 ۾ قدرت جي عجيب پر منطق واري نظام جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو:

And still more, later flowers for the bees,

Until they think warm days will never cease,

For summer has o’er- brimm’d  their clammy cells.

اهو اِهو ته (بهار جي موسم جڏهن هوندي آهي تڏهن گل ترو تازا ۽ توانا هوندا آهن ته پوپٽ انهن گلن جي جوس ۾ پنهنجي جيئندان جو وسيلو ڳوليندا آهن.) خزان جي مند ۾ وري ماکيءَ جون مکيون انهن گلن جي ٻجن ڏانهن وڃي ڪري پنهنجي کاڌ خوراڪ ڳولي ڪري واپس اچي پنهنجي گپراٺو ماکيءَ جي منارن ۽ ننڍڙن خانن ۾کاڌو پيون جمع ڪنديون رهن ٿيون. ايتري تائين جو انهن جا منارا ماکيءَ جي جوس سان ڀرجي ٽمٽار ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جو کاڌو Over Flow ٿئي ٿو. پوءِ به اهي ماکيءَ جون مکيون انهن گلن جو جوس کڻنديون اچن ٿيون. اهي ماکيءَ جون مکيون صرف پنهنجي “حال” جي وقت ۽ “موجوده ڪم”کان واقف هونديون آهن. انهن جي نظر ۾ گرميءَ جي موسم ڪڏهن به ختم نه ٿيندي ۽ اهي گلن جا ٻج هر وقت انهن جي کاڌ خوراڪ لاءِ موجود هوندا ۽ اهي ماکيءَ جون مکيون پنهنجو کاڌ خوراڪ پيون حاصل ڪنديون رهنديون، ۽ جڏهن ته خدا جي ان مٺي مخلوق جي برعڪس جنهن مخلوق کي ماڻهو عام مخلوق سمجھن ٿا، انسانن وٽ ٽن زمانن ماضي، حال ۽ مستقبل جو تصور آهي،ان جي باوجود به انسانن جي گھرن ۾ کاڌ خوراڪ جي هر وقت کوٽ جي شڪايت جون ڪيهون ۽ رڙيون هونديون آهن!نظم ”To Autumn“ ۾ شاعر ڪيٽس ڄڻ ته شاعري گھٽ پر ڪنهن مصور وانگر مصوري وڌيڪ ڪئي آهي،جنهن پينٽنگ ۾انگورن جي ول جي لٽار هجي، وڻندڙ رنگين مڪمل پڪل رسيلا مٺڙا صوف هجن، ڪدوءَ جي اسرڻ جو منظر هجي، ٻوڙن ۾ ڳر وارو ميوو هجي، مزيدار اڻ کٽ خشڪ ميوا جهڙوڪ: اخروٽ، بادام ۽ سڱرن جا مزيدار ملائم داڻا ڪلين مان اڀرندي نظر اچن ان کانسواءِ ٻي ڪا پينٽنگ يا تصوير ٿي سگھي ٿي ڇا؟ته نظم جي پهرين ئي بند ۾ اسان کي خزان جي مند جي انيڪ نعمتن جي باري ۾ خبر پوي ٿي، جن جو کوڙو ئي نٿو لڳائي سگھجي.“To Autumn“ شايد اهو واحد انگريزي غنائي نظم آهي، جنهن ۾ ڪنهن انگريز شاعر پنهنجي شاعري جي ذريعي پهريون دفعو اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سال ۾ بهترين موسم ۽ پسنديده وقت خزان جي موسم جو وقت آهي. شاعر ڪيٽس خزان جي موسم کي ”بهار“ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته اسان کي خبر آهي ته اهو سچ نه آهي،پر پوءِ به اعتبار ڪرڻو ٿو پوي. رومانوي شاعر ڪالرئج جي شاعري جي فلسفي”راضا خوشيءَ سان غير يقيني واري احساس کي ترڪ ڪرڻ“ Willing suspension of Disbelief وانگر:

سنا هي اس ني خزان ڪو بهار ڪرنا هي،

يه جھوٽ تو هي، مگر اعتبار ڪرنا هي.

نظم To Autumn جي ٻي بند جي پهرين سٽ ۾ خزان جي موسم جي ٻيهر تعريف ڪندي شاعر ڪيٽس چوي ٿو ته ڪير (بدبخت) هوندو جو جڏهن خزان جي موسم ايندي آهي، هن ان موسم جي جوڀن کي نه ڏٺو هجي!

Who hath not seen thee oft amid thy store?

نظم “To Autumn” جي اڳين سٽن ۾ شاعر ڪيٽس خزان جي موسم جهڙي مجرد شيءِ کي هڪ عورت جو روپ ڏي ئي نظم جي پڙهندڙن کي اهو ٻڌائڻ ۽ صلاح ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهي جيڪڏهن خزان جي مند ۾ ڪٿي ٽوئر تي گهمڻ وڃن،(گهرن کان)ٻاهرنڪري خزان (عورت)کي ڳولين ته پوءِ انهن کي جتي ڪٿي خزان(عورت) جا رنگ نظر ايندا.ڪڏهن اها خزان (عورت) انُ جي گودام يا ديري تي بي پرواهه ويٺي نظر ايندي ته ڪڏهن هن جي (گهاٽن) وارن کي ڦڙڪندڙ هوا(اها هوا جيڪا خزان جي موسم ۾ هارين کي به انُ کي ڇنڊڻ ۾ مدد ڪندي آهي) آهستي آهستي اڏاريندي نظر ايندي.پڙهندڙن کي ان ڳالھ جي خبر هئڻ گهرجي ته اڪثر انگريزي ۽ اولھ جي ادب ۾ موسمن کي عورت جي روپ ۾ شباهت ڪاري (Personification) طور پيش ڪيو ويندو آهي.نظم جي سٽن 16 کان 20 ۾ خزان جي مند ۾ وڌيڪ ڇا ڇا وهي واپرائي ٿو ۽ خزان جا وڌيڪ رنگين رنگ  ڏيکاريا ويا آهن.ڪڏهن هن مند جي تازي فصل، جنهن جو لابارو ڪيو ويو آهي،اڌ انُ لڻجي ويو آهي،ته انُ لڻڻ وارا ماڻهو ٿڪيل ڏيکاريا ويا آهن،اڌ انُ اڃا وڌيڪ لاباري لاءِ تيار آهي ۽ ٻني ٻاري ۾ ايندڙ فصل لاءِ ٻج پڻ پوکيو ويو آهي،فصل جي لاباري کانپوءِ،ڏوڏن جو فصل به ڪٽڻ لاءِ به تيارسُتو پيوآهي،جن ڳاڙهن گلن جي اندر ڏوڏن جو فصل پيدا ٿيندو آهي اهي به گُل هُڪ سان اڌ ڪٽيل آهن ته اڌ اڻ ڪٽيل آهن،ڇو ته ان فصل کي ڪٽيندڙ ماڻهو ٿڪاوٽ  جي ڪري ننڊ پئجي ويوآهي. ته ڪڏهن وري فصل ڪندڙ انهن ماڻهن کي لاباري جي مرحلي کانپوءِ بچيل داڻن،ڪڻڪ جو ڏارو وغيره جو جمع ٿيڻ ۽ ڍوئڻ ڏيکاريو وڃي ٿو،ته ڪٿي وري عورتن کي مٿي تي ڪڻڪ جي فصل جا وزني ڳنڍ کڻندي،ندين کان گذرندي ڏيکاريو وڃي ٿو.شاعر ڪيٽس لاءِ اها ڳالھ مشهور آهي ته هو صرف سونهن ۽ شاعري لاءِ پيدا ٿيو،زنده رهيو۽ مري ويو.پنهنجي هڪ سنھيي ۾ جيڪو هن پنهجي ساڳئي دوست رنالڊس کي لکيو هو،ان ۾ ڪيٽس چيو ته هو شاعري کان بغير ٻيو ڪو به وجود نٿو رکي. رومانوي دورکان اڳ ڪلاسيڪي دور ۾ ڪلاسيڪي شاعراڪثراها نصحيت ڪندا رهندا هئا ته شاعري جو بنيادي مقصد ماڻهن کي هدايت ڏيڻ آهي.انهيءَ ڪري هر هڪ شاعر کي صرف هڪ هدايت ڏيندڙهڪ استاد وانگر هجڻ گهرجي ٻيو ڪجھ به نه،۽ جيڪو شعر جيڪڏهن قاري ۽ پڙهندڙ کي ڪو جامع پيغام ۽ نصحيت نٿو ڏي ته پوءِ اهو شعر ۽ اها شاعري ٻئي بيڪار آهن.ڪيٽس جو شاعري بابت پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد تصور آهي، جيڪو ٻئي ڪنهن به رومانوي شاعر جو نه آهي.شاعر ڪيٽس شاعري ۽ شاعر جو جيڪو تصور ڏنو، ان کيNegative Capability چئبو آهي يعني شاعري ۽ ادب جي فن پارن ۾ پنهنجي ذات جي ترديدي يا منفي سگھ هجڻ.سادن لفظن ۾ شاعر ڪيٽس جي نظريئي مطابق شاعري کي حواسن يا ذهنن کي ڇهيندر پنهنجو ڪو به ذاتي خاڪو خيال يا مقصد نه هجڻ گهرجي.انهيءَ ڪري اديب،دانشور،قلم ڌڻي ۽ خصوصن شاعرن کي پنهنجي ذاتي فن پارن ۾ پنهنجي ذات کي وسارڻ ۽ ميسارجڻ گهرجي ۽ انهن ۾ پنهنجي ذات جي ترديدي يا منفي سگھ هجڻ گهرجي.هڪ شاعر کي صرف پنهنجي شاعر واري شناخت ياد ڪرڻ گهرجي ۽ شاعرکي شاعري صرف نج شاعري جي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي ٻئي ڪنهن نام نهاد فلسفي کي مڙهڻ لاءِ نه!اهو ئي سبب آهي جڏهن به اسان ڪيٽس جو ڪو به نظم پڙهون ٿا،چاهي پوءِ اهو نظم ”بلبل کي خطاب هجي“،”نظم يوناني گُلداني يا “خزان موسم کي خطاب هجي”اسان کي بلبل،گُلداني ۽ خزان پاڻ صرف نج نظم نظر اچن ٿا ۽ ڪيٽس جي شاعر واري شناخت اڻلڀ نظر اچي ٿي.ڪيٽس جنهن جي سڄي شاعري جماليات ۽ حساسيت سان ڀريل آهي ته نظم “To Autumn”جي ٻي بند جي آخري سٽن ۾ حساسيت جي احساس جو ڪمال ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن صوفن جي رس ڪـڍڻ واري ٺهيل ننڍڙي چيچڙي مشين مان تازن پڪل صوفن جو هانوءَ کي ٺاريندڙ فرحت بخش رس ڪڍيو وڃي ٿو،جنهن مشين مان نڪرندڙ مزيدار رس جي آخري قطرن لاءِ به ماڻهوءَ کي صبر سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ به انتظار ڪرڻو پوي ٿو:

Or by a cider-press,with patient look,

Thou watchest the last oozings hours by hours.

نظم جي ٽين ۽ آخري بند جي سٽن 25_33 ۾ خزان جي هڪ ٿڪيل ۽ موڪلائيندڙ ڏينهن جي دلفريب شام جا جنت جهڙن خوبصورت منظرن جا عڪس چٽيا ويا آهن.هڪ پاسي انُ جي ديري ۽ ڪڻڪ جي رکيل ڏاري جي پويان لهندڙ سج آهي ۽ ان جي ارد گرد شام جي سج جهڙي رنگ جهڙا بادل آهن ته ٻئي پاسي وري شام جي وقت جا آواز ڪندڙ جيت ۽ مڇرخزان جي شام جو الوداعي گيت نوحو ڳائيندي نظر اچن ٿا.اهو ان ڪري جو بهار جي موسم ۾ بهار جا مٺڙا گيت جيڪي پکي پرندا ڳائيندا آهن، اهي صبح جي وقت ۾ ٻڌا ويندا آهن ۽ جڏهن ته خزان جي مند جا نوحا ۽ گيت شام جي وقت ۾ ٻڌا ويندا آهن.ٽئين پاسي وري جبل جي ٽڪريءَ مٿان وسيع زميني منظر ۾ رڍن ٻڪرين کي ٻاڪاريندي ،تڏ جيتن جي زوڪاٽن کي ۽ لاڏوڻين پکين کي بيد مشڪ وڻ ۽ ٻوٽن ۾ نديءَ جي ڀر ۾ ڳائيندي ٻڌجي ٿو.نظم “To Autumn” جي شروع وارن ٻن بندن ۾ خزان جي مند جي حسناڪين ۽ تعجلين جي تعريف جا گيت ڳائي ڳائي شاعر ڪيٽس ٿڪيو ئي نه هو،خزان جي موسم کي بهار جي ڀيٽ ۾ ان کي فوقيت ڏني،شايد هواهو وساريو ويٺو هو ته خزان جي مند جا ڀلي ڪيڏا به سٺا نالا ڇونه هجن، پر وري به خزان جي مند خزان جي ئي هوندي آهي،بهار جي نه!شاعر ڀلي سرءُ جي مند لاءِ ڪيڏا به سٺا احساس رکي، پر احساس ۽ حقيقت ٻه متضاد شيون آهن.خزان بهار جي موسم جو نعم البدل ٿي ئي نٿو سگھي.نظم جي ٽئين بند جي شروع وارن ٻن سٽن ۾ شاعر ڪيٽس کي ياد اچي ويو ته ڪجھ به هجي بهار جي موسم بهار ئي هوندي آهي!ان موسم جا پنهنجا الڳ مٺڙا ۽ منفرد گيت هوندا آهن، جن کي هو اڃا تائين خزان جي مند ۾ به ساري ٿو:

Where are the songs of  Spring? Ay,where are they?

نظم جي هن مٿين سٽ مان اهو به مطلب اخذ ڪري سگھجي ٿو ته وڻ ڦٽ جي مند جا گيت ڀلي پنهجا ڪيڏا به مٺڙا ڇو نه هجن، پر خزان جي مند جي گيتن جو به پنهنجو هڪ الڳ ئي مزو هوندو آهي، جيڪو بهار جي جي موسم جي گيتن ۾ به نه هوندو آهي.شايد انهيءَ ڪري نظم جي ايندڙ سٽ ۾ ڪيٽس خزان کي بهار جي نغمن جو سوچڻ لاءِ نٿو چوي، بلڪه خزان جي پنهنجي  دنيا جي پنهنجي مڌر موسيقي جي سوچڻ لاءِ چوي ٿو:

Think not of them,thou hast thy music too.

يا ڪٿي ائين ته ناهي جو شاعر ڪيٽس،جنهن خزان جي موسم لاءِ زمانو ڇڏي تصور جي دنيا ۾ ان کي پسي ٿو،صداڪاره تصور خانم وانگر چوندو هجي ته:

اگر تم مل جائو،زمانا ڇوڙ دين گي هم،

نه هو تم جس ۾ شامل وه بهارين هم نهي لين گي،

وه بهارين هم نهي لين گي،

جيئن مڇي جي ڀاڄي کائڻ ۾ ڪيڏي نازڪ هوندي آهي،ان جي باوجود به ان اندر ڪنڊا به هوندا آهن يا سائو هنداڻو کائڻ ۾ مٺو ۽ اندران ڪيڏو ڳاڙهو هوندو آهي، پر ان اندر به ڪارا ٻج هوندا آهن، ٺيڪ ائين ئي ڪيٽس جو هي نظم، جنهن جي باري ۾ اڪثر اهو چيو ويندو آهي ته هي هڪ بنا ڪنهن نقص جي هڪ پرفيڪٽ نظم آهي، ان جي باوجود به هڪ نقاد رابرٽ برجز نظم “خزان جي موسم کي خطاب ”۾ نقص ڳوليندي چيو ته ڪيٽس کي نظم جي هيٺين سٽ لکڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ها:

Where are the songs of Spring?Ay,where are they?!

اڙي سائين!جڏهن خزان جي جوڀن،رنگن ۽ مزن ۾ جيڪڏهن شاعر ڪيٽس مگن هو ته پوءِ بهار جي مٺڙن سُريلن گيتن کي ايڏي شدت سان ياد ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي؟!مٿين سٽ جي لکڻ مان شاعر ڪيٽس جو هي مطلب ڀي ڪڍي سگهجي ٿو ته:

هم ني ديکا هي خزان ۾ ڀي تيري آمد ڪي بعد،

ڪون سا گل ٿا ڪي ترو تازا نه ٿا.

Muneerdomki84@gmail.com

)ليکڪ انگريزي ادب جو استاد ۽ ايم.فل اسڪالر آهي)

 

 

بينظير جو قتل ۽ اڳوڻي صدر جا الزام….!

پاڪستان جي اڳوڻي فوجي صدر پرويز مشرف بينظير ڀٽو قتل ڪيس بابت نيٺ خاموشي ختم ڪري ڇڏي آهي، اڳوڻي صدر پرويز مشرف پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾الزام هنيو آهي ته ته بينظير ڀٽو کي آصف علي زرداري قتل ڪرايو. بلاول، آصفه، بختاور ۽ قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته بينظير جو اصل قاتل ڪير آهي؟ بينظير ڀٽو کانسواءِ مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ۾ به آصف علي زرداري ملوث آهي. راولپنڊي ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت بينظير قتل ڪيس جو جيڪو فيصلو ٻڌايو ان تي سڀني پاڪستانين کي ڳڻتي آهي. ايس ايس پي سعود ۽ خرم شهزاد جهڙن سٺڻ آفيسرن کي 17،17سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي پر جيل ۾ قيد اصل ڏوهارين کي ڇڏيو ويو، پهريان آئون چپ هئس، آصف زرداري منهنجو نالو وٺي مون تي بينظير ڀٽو جي قتل جو الزام لڳايو آهي، زرداري مون کي للڪاريو آهي ۽ اها للڪار برداشت کان ٻاهر آهي، هاڻي ان ڳالهه جو جواب ضرور ڏيندس. منهنجو تجزيو ثابت ڪندو ته بينظير جو قاتل ڪير آهي؟ جڏهن ته مرتضيٰ ڀٽو کي قتل ڪرائڻ ۽ ڀٽو خاندان کي تباهه ڪندڙ جو ذميوار آصف زرداري آهي. ڪنهن به قتل ڪيس ۾ ڏسڻ گھرجي ته ان جو فائدو يا نقصان ڪنهن کي ٿيو، بي بي جي قتل جو مون کي نقصان ۽ آصف زرداري کي فائدو پهتو. آصف زرداري پنهنجي 5 ورهين جي صدارتي دور ۾ مرتضيٰ ڀٽو ۽ بينظير جي قتل جي جاچ نه ڪرائي، اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته بينظير ڀٽو کي بيت الله محسود ۽ ان جي ساٿين قتل ڪيو، پر اهو ڏسڻو پوندو ته سازش پٺيان ڪير هو؟ بيت الله محسود مون تي به حملا ڪرايا، هو منهنجو به دشمن هو، آئون ۽ حڪومت پاڪستان هن کي ختم ڪرڻ چاهيو پئي، آئون ان سان رابطو نه ڪري سگھيس پئي. بينظير ڀٽو جي گاڏي بم پروف هئي ان کي سن روف ڇو بڻايو ويو، ان جو سن روف عام مڪينڪ کان ڪنهن ڪٽرايو؟ بينظير ڀٽو کي مسلسل فون ڪندڙ ڪير هو؟ افغان ڳجھي ايجنسي خاد، افغان صدر حامد ڪرزئي يا طالبان جي ذريعي بيت الله محسود کان اهو ڪم ڪرايو ويو هجي، جڏهن ته افغان صدر حامد ڪرزئي سان به منهنجا لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا هئا. مون وٽ اهڙا ماڻهو نه هئا جن جي وسيلي هن تي اثر انداز ٿي سگان ها، پر آصف زرداري جا حامد ڪرزئي سان به ويجھا لاڳاپا آهن ۽ بينظير ڀٽو جي قتل ۾ سينيئر افغاني عملدار به ملوث آهن. ڏسڻ گھرجي ته ڪنهن بينظير کي فون ڪري گاڏي مان ٻاهر نڪرڻ تي اڪسايو؟ بينظير ڀٽو جي قتل وقت گاڏي ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ خالد شهنشاهه به هو، هن کي بينظير جي سيڪيورٽي جو انچارج آصف زرداري بڻايو هو. جڏهن ته سيڪيورٽي انچارج بينظير جي گاڏي کي اسلام آباد کڻي ويو. ڪجھ ڏينهن بعد ڪراچي ۾ خالد شهنشاهه کي به مارايو ويو. وري خالد شهنشاهه جو قاتل به ماريو ويو.

اڳوڻي صدر جي الزامن کي رد ڪندي پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه به ميدان تي لهندي جواب ڏنو ته جيڪڏهن مشرف کي اڳ ۾ خبر هئي ته آصف زرداري محترمه بينظير ڀٽو جو قاتل آهي ته پوءِ هن اڳ ۾ نالو ڇو نه کنيو، جيڪڏهن پرويز مشرف کي اهو سڀ ڪجهه اڳ ۾ پتو هو ته هن ڇا جي لاءِ لڪايو ۽ هاڻي عدالت پرويز مشرف خلاف ٽرائل شروع ڪري. مشرف جي گرفتاري لاءِ ريڊ وارنٽ جاري ڪيا وڃن. ان کان هٽي ڪري ته هو جنرل رهيو آهي يا صدر رهيو آهي کيس فوري طور تي ملڪ گهرايو وڃي. ڏٺو وڃي ته هاڻي شهيد بينظير ڀٽو جو خون هاڻي پاڻ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، وقت ٻڌائيندو ته ڪير ذميوار آهي.