تازيون خبرون

Daily Archives: September 7, 2017

منهنجي زندگيءَ مان اداڪاريءَ جو دور ختم ٿي ويو آهي: هيما مالني

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ۽ سياستدان هيما مالني چيو آهي ته اداڪاري سندس زندگيءَ جو حصو ناهي رهي ۽ زندگيءَ جو اهو دؤر ختم ٿي ويو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪارا ۽ سياستدان هيما مالني چيو آهي ته سندس زندگي جو اداڪاريءَ جو دؤرو ختم ٿي ويو آهي جيڪڏهن کيس فلم ”باغبان“ يا ان جهڙي منفرد ۽ دلچسپ ڪردار جي آڇ ڪئي وئي ته هوءَ ضرور ڪندي. هن چيو ته سندس سمورو ڌيان هڪ ڊانس شو تي آهي جنهن ۾ هوءَ رقص نه ڪندي پر پروڊيسر آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هن رقص ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته هوءَ ملڪ جي خدمت سان گڏوگڏ ڊانس جي شعبي کي پڻ جاري رکڻ چاهي ٿي.

 

ماڌوري ڊڪشٽ هاڻي موسيقي جي دنيا ۾ به قدم رکي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ ۾ ڊانسنگ ڪوئين جي نالي سان شهرت ماڻيندڙ ماڌوري ڊڪشٽ هاڻي موسيقي جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو. ڌڪ ڌڪ گرل ماڌوري ڊڪشٽ پنهنجي جاندار اداڪاريءَ ۽ ڊانس جي ڪري باليووڊ ۾ هڪ الڳ سڃاڻ رکي ٿي. پر هاڻي ان جي انٽري ميوزڪ دنيا ۾ ٿي رهي آهي. ڀارتي ميڊِيا رپورٽ جي مطابق ماڌوري ڊڪشٽ ميوزڪ البم “ دي فلم اسٽار” سان موسيقي جي دنيا ۾ قدم رکي رهي آهي جڏهن ته هوءَ پنهنجي ميوزڪ ڪيريئر جو آغاز پنهنجي نئين گاني  “تو هي ميرا” سان ڪندي جيڪو هن پنهنجي مداحن جي نالي ڪيو آهي. ماڌوري ڊڪشٽ جو چوڻ آهي ته “تو هي ميرا ” ڪلاسيڪل ڀارتي لوڪ ميوزڪ آهي جنهن ۾ اوڀر جي لوڪ پاپ ميوزڪ به شامل آهي اسانکي اميد آهي ته اسانجي ان ڪم کي مداح تمام گھڻو پسند ڪندا.

 

ورلڊ اليون جي خلاف رانديگرن جي لاءِ رنس ٺاهڻ جو بهترين موقعو آهي : سرفراز احمد

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته ورلڊ اليون جي خلاف رانديگرن جي لاءِ رنس ٺاهڻ جو بهترين موقعو آهي تفصيل موجب ورلڊ اليون ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پهريون ٽي ٽوينٽي ميچ 12 سپيٽمبر تي لاهور ۾ کيڏيون ويندو ۽ 8 ٽي ٽوينٽي ميچ ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪندڙ سرفراز احمد پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو قيادت ڪندو.  سرفراز احمد هڪ انٽرويو دوران  ٻڌايو ته ورلڊ اليون جي پاڪستان جي دوري سان نه صرف ملڪ جو ويران ميدان آباد ٿيندو پر ورلڊ اليون جو دورو ملڪ  ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ويسٽ انڊيز جي دوري جون چار ٽي ٽوينٽي ميچن ۾ صرف احمد شهزاد جي اڌ سينچري ٺاهڻ بابت سوال تي هن چيو ته ويسٽ انڊيز جي پچن تي بال بيٽ تي سٺي طرح نه چڙهي رهيو هو. ان لاءِ اتي گھٽ اسڪور ڪندڙ ميچ ٿي. هن ٻڌايو ته قذافي اسٽيڊيم ۾ معاملو ڪجھه مختلف نوعيت جو هوندو 7 رانديگرن لاءِ هتي رنس ٺاهڻ جو موقعو موجود آهي.

 

يو ايس اوپن ٽينس: وينس وليمز وومنز سنگلز سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

نيويارڪ(اسپورٽس نيوز) آمريڪا جي نالي واري ٽينس اسٽار عالمي نمبر ون وينس ويلمز ۽ آمريڪا جي سلوني اسٽيفنز جي ڪاميابين جو سلسلو برقرار، يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ وومز سنگلز سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي، جڏهن ته جمهوريه چيڪ جي پٽيرا ڪويٽووا ۽ لوٽيا جي اناستاليجا سيوا استووا کي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ شڪست جو مُنهن ڏسڻو پيو ۽ اهي ٽائٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون. آمريڪا ۾ جاري سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام ٽينس ٽورنامينٽ جي سلسلي ۾ اربع تي کيڏيل وومنز سنگلز ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ميچ ۾ آمريڪا جي وينس وليمز سخت مقابلي کانپوءِ جهوريه چيڪ جي پٽيرا ڪويٽووا کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته آمريڪا جي سلوني اسٽيفنزا لٽويا جي سيوا استووا کي هارائي ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو. ٻنهي رانديگرن و چ ۾ سيمي فائنل ميچ جمعي تي کيڏي ويندي.

 

 

ڪراچي تنهنجو به ڪو درد ڄاڻي: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جي صوبي سنڌ جي گادي وارو شهر ڪراچي.جيڪو ملڪ سميت پوري دنيا اندر روشنين جي شهر طور مشهور آهي،پر افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته انهي روشنين واري شهر ڪراچي سان ڪو هڪ ويڌن هجي ته انهي تي ويهي لکجي. ڪلاچي کان ويندي ڪراچي تائين ۽ مانگر مڇ کان ويندي ملڪي حڪمرانن تائين.سمورن هن ڪلاچي يا ڪراچي سان هر دور اندر وڏيون ناانصافيون ڪيون آهن،ڌارين جي ڪاهن کان ويندي پنهنجن کي نوازڻ ۽ ڪراچي اندر هر شعبي ۾ سنڌ عوام جي پوئتي ڌڪڻ ڄڻ ته ڪراچي اندر هڪ رواج ۽ فِيشن بنجي ويو آهي.ڪراچي اندر هر سياسي دور حڪومت ۾ ڪڏهن به چين آرام ناهي رهيو،ٽارگيٽ ڪلنگ،ڀتا خوري،ڦر، لوٽ مار،باهه لڳڻ جا واقعا ته ڄڻ هاڻ ڪراچي جو مقدر بڻجي ويا آهن،ڪراچي جو ڪوبه اهڙو ماڻهو ناهي جيڪو پنهنجي شهر اندر بنا خوف ۽ ڊپ جي هلي سگهي،ڪراچي جي روڊن رستن تي هلندڙ ڦرندر هر ماڻهو جو ساهه مُٺ ۾ هوندو آهي،۽ کيس پاڻ کان هيمشه ڪو ويڌن ٿيڻ جو خوف ۽ ڊپ سندس پاڇي جيان گڏ گڏ هلندو آهي،ڪو به انسان انهي خوف واري زندگي جا آجو ناهي، ڪراچي ۽ ڪراچي جي عوام سان اهڙو ورتاءُ ڇو.؟ ۽ ڇا جي ڪري آهي؟ اهو به هڪ سوال جيڪو منجهيل سٽُ جيان آهي.جنهن کي هر دور جي سياسي حڪمرانن سلجهائڻ بجاءِ ويتر الجهائي رکيو آهي.جڏهن ته ڪراچي جنهن کي دنيا روشنين جي شهر طور سڃاڻي ٿي اها ڪراچي هونئن ته ڪيترن مسئلن ۾ هيمشه ۾ گهريل رهي آهي. پر ڪجهه مهينا کان وٺِي ڪراچي اندر هر طرف پکڙيل ڪچري کي ڏسندي سنڌ حڪومت سنجيندا ٿي پئي آهي.! ڪراچي اندر ڪچرو ڪا نئي ڳالهه ناهي، ڪراچي اندر ڪچرو ها ته پراڻي روايت رهي آهي ڇو ته صاف ڪراچي هيمشه ڪراچي تي پنهنجون حڪومتون ٺاهڻ وارن جي اکين ۾ مرچ جيان رهي آهي،ڪراچي اندر کليل گٽر ۽ ان مان وهندڙ ڪنو پاڻي جنهن ڪراچي جي عوام کي نه رڳو گندلاڻ ڏني آهي پر انهي ڪراچي جي عوام جي ڪيترن ئي معصوم گلڙن جو قتل به ڪيو آهي،۽ سوال جتي ڪراچي اندر ڪچري جو آهي ته ڪراچي سبزي منڊي کان ويندي هر ننڍو وڏو چوڪ ۽ شهرائون ڪچري جي ڍير سان ڀريون پيون آهن،ڪهڙو به اهڙو چوڪ يا گلي بازار ناهي جنهن اندر ڪچرو نه هجي، ڪراچي شهر کي ڇڏي ڪري ڪراچي جي سمونڊ تي هڪ نظر وجهجي ته اهو به هاڻي گندلاڻ جي ور چڙهي ويو آهي.جنهن تي هن وقت ته انتظاميه جي اک به ٿي پوي پر وقت ايندو جڏهن انهي سمونڊ ۾ وڌندڙ گندلاڻ سبب ڪراچي جي عوام کي ڪيترائي مسئلا درپيش ايندا،جنهن کانپوءِ انتظاميه کي اک کلندي،

ٻئي طرف ڪراچي اندر هر طرف وڌندڙ ڪچري کي ڏسي ڪري سنڌ حڪومت ديرآئي درست آئي وارو ڪرادر ته ادا ڪيو پر انهي کي به ڪيترائي ڏينهن ٿي چڪا آهن پر جو ته کڙ تيل نڪرندي نظر نه پيو اچي،ڇو ته سنڌ صوبي جي اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سائين قائم علي شاهه ڪراچي جي ٽن(ڊي ايم سيز)کان ڪراچي جو ڪچرو کڻائڻ جو ڪم هڪ چيني ڪپنمي کي ڏنوهو، انهي معاهدي کان پوءِ چيني ڪمپني کي ٽن هفتن اندر ڪراچي ۾ هر طرف پکڙيل ڪچرو کڻڻ جي زميوار پوري ڪرڻي هئي،پر سائين به خيرن جو هليو ويو پر اڃان تائين ڪراچي اندر ڪچري وارو مسئلو حل ٿي نه سگهيو آهي،ان وقت سائين جن اهو به چيو هوُ ته وٺن سٺو ٽيم ورڪ آهي جنهن جي ڪري هو ڪراچي کي صاف سٿرو رکڻ ۽ ڏسڻ ٿو چاهي،پر اوچتو پاڪستان پيپلزپارٽي اندر هڪ تبديلي آئي جنهن تبديلي طور سائين قائم علي شاهه کي گهر وڃي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو۽ انهي جاءِ تي سنڌ جي وزيراعليٰ جي سيٽ سائين مراد علي شاهه جي حوالي ڪئي وئي،پرانکان پوءِ ڪراچي اندر هڪ ٻئي عهدي کي پڻ تبديل ڪيو ويو جيڪو هو گورنر سنڌ جو. پراڻي گورنر سنڌ کي هٽائي ڪري وري هڪ نئي جهوني گورنر کي گورنرسنڌ مقرر ڪيو ويو.جنهن به پنهنجي عهدي کي وقت گهٽ ۽ اسپتال کي وقت تمام گهڻو ڏنو ۽ آخر الله کي پيارو ٿي ويو،انهي ٻنهي مرحلن دوران ڪراچي جي ڪچري جي مسئلو وري به الجهيو ئي رهيو،پر ڪجهه وقت کانپوءِ ڪراچي مان ڪچرو کڻائڻ لاءِ چين مان هيوي ميشنري گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو،جڏهن ته اهو به ٻڌايو پئي ويو ته چين ڪراچي مان ڪچرو کڻائڻ لاءِ هڪ جديد مشنري تيار ڪئي آهي جيڪا ڪراچي مان ڪچرو کڻڻ جو ڪم سرانجام ڏيندي،جڏهن ته ڪراچي مان ڪچرو کڻائڻ واري معاهدي بابت اليڪٽرونڪ سوئيپنگ،مشينن ۽ ڊمپرن کي ڪراچي مان ڪچرو کڻڻ جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي،۽ جن بابت اهو به ٻڌڻ ۾ آيو هو ته اهي ڪراچي پهچنديون،جن مٿان اردو زبان اندر ڪجهه اهڙا به جملا لکيا ويا آهن.جڏهن ته انهي ميشنري کي تيار ڪندڙ چيني ڪمپني(ووزينگ ۽ سالڊ ويسٽ) تيار ڪيو آهي،جڏهن ته صوبائي بلدياتي وزير ڄام خان شورو اهو به چيو هو ته صفائي ڪندڙ مشنيريون جلد کان جلد ڪراچي پهچي وينديون،جڏهن ته چيني ڪپمني ڪراچي اندر پهرين مرحلي ۾ گهرن کان ٻاهر پيل ڪچرو مفت ۾ کڻندي،پر ياد رهي ته ڪراچي مان ڪچرو کڻائڻ وارو معاهدو سولڊ ويسٽ مينجمينٽ ڪمپنين جي وچ ۾ ٿيو آهي،جيڪي اڳين مرحلي ۾ 200چيني پروجيڪٽ تي براءِ راست شامل ٿي وينديون،جڏهن ته صفائي جو ڪم بلديات انتظاميه ميونسپل ورڪرز جي حوالي ڪيو ويو هوُ،اُن وقت اهو چيو ويو هوُ ته 2017ع ۾ ڪراچي هڪ صاف ۽ سٿري ڪراچي ڏسڻ ۾ ايندي،پر شايد اهو سڀ ڳالهيون ڪنهن حد تائين چوڻ برابر ٿيون.ڇو ته 2017ع ۾ باقي وڃي ڪجهه ڏينهن بچا آهن ۽ ڪراچي اندر اڃان به هرطرف پکڙيل ڪچرو اهو صاف ٻڌائي رهيو آهي ته انهي ڪچري کي صاف ڪرڻ ۽ صاف سٿري ڪراچي ڏسڻ لاءِ اکين کي اسان به ڪي سال لڳندا،پر ڪالهه سنڌ جي نئي وزيراعليٰ سائين مراد علي شاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي مان ڪچرو کڻائڻ سندس زميواري آهي ۽ سندس ڪم آهي،ان وڌيڪ چيو ته هوُ چاهي ٿو ته ڪراچي صاف هجي ۽ هوُ صاف ڪراچي ڏسڻ جو خواهشمند آهي،ڪالهه وزيراعليٰ سنڌ سائين مراد علي شاهه ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو،جنهن مان اها ڳالهه يقنيي ٿي چڪي آهي ته جن جن علائقن جو سائين دورو ڪيو آهي اهي سمورا علائقا گندگي جي ڍير سان ڀريل هوندا جن کي ڏسي ڪري سائين کي ڪراچي واسين تي رحم ٿي ويو هوندو. جنهن ڪري سائين هاڻي سموري بار ٻين جي ڪلهن تان لاهي پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي،سائين ڊسمبر جي آخر تائين ڪراچي مان ڪچرو صاف ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي،پر مان سمجهان ٿو ته ڪراچي اندر پکڙيل گندگي ۽ هرطرف پکڙيل ڪچري تي حڪومت سنڌ کي سجنيدا ٿيڻو پوندو ۽ ڪراچي جي ميئر کي به گڏ کڻي هلڻو پوندو ۽ مڪمل نگراني ڪرڻي پوندي،شايد تنهن کانپوءِ وڃي جو ڪم ٿي. نه ته ڳالهيون ڪرڻ حڪمرانن لاءِ تمام آسان آهن ۽ انهن ڳالهين کي عملي جامون پارائڻ تمام گهڻو مشڪل آهي .

 

پ پ حُڪومت کان بينظير ڀٽو وِسري وئي!: فدا حسين ڪٻر

سياستدانن جي سر تي ته ھميشه موت جو سايو مڊرائيندو رھندو آھي. ائين ڄڻ عزرائيل انھن جي ڪُلھن تي ويٺل ھُجي، ڪڏھن گولين تہ ڪڏھن وري بمن جي برسات جو خوف دلين ۾ گھر ڪيو ويٺو ھوندو اٿن. ھر وقت انھن سان گڏ حفاظتي ماڻھون گڏ جھڙوڪ موت انھن جي پٺيان راڪاس جيئان پيل ھُجي. ڇو جو سياست تہ ھوندو ئي موت جو تختو آھي، جتان ھر گسڪندڙ سياستدان جو پير ان کي موت جي وادي ۾ پھچائي ڇڏيندو آھي. پر ان حالت ۾ سچو سياستدان اھي آھي جيڪو بنا خوف جي پنھنجي قوم جي لا۽ پنھنجو سر قربان ڪري پنھنجي سچي سياستدان ھُئڻ جو ثبوت ڏئي. پر اسان جي سياست ۾ اھڙا سياستدان شايد ئي ھڪ کان وڌيڪ پيدا ئي نہ ٿيا آھن، ۽ نہ ئي وري ڪڏھن پيدا ٿي سگھندا. ڇو تہ سياستدان ٿيڻ لا۽ سر تي ڪفن ٻڌي موت جو انتظار ڪرڻو پوندو پر اسان جا سياستدان مرڻ کان ائين ٿا ڊڄڻ ڄڻ گنجو پاڪي کان! بينظير ڀٽو جي لازوال قرباني کان پو۽ ڪو بہ سياستدان عوام جون دليون نہ کٽي سگھيو’ ھڪ عورت ٿي ڪري ايتري دليري ڏيکارڻ کي موجزو ئي چئي سگھجي ٿو، پر قوم جي لا۽ رت جا ڏيئا ٻاريندڙ بينظير جا اڄ تائين قاتل نہ پڪڙجي سگھجي، ۽ پاڪستاني عدالتون شرم سان ڪنڌ ھيٺ ڪندي نظر آيو. ڳالھ سمجھ کان وڏي آھي تہ آخر بينظير جو قتل ڪندڙ ملائق ھُيو يا وري انسان؟ جيڪڏھن انسان ھُيو تہ پو۽ زمين کائي ويس يا آسمان ڳڙڪي ويس؟ راولپنڊي جي علائقي لياقت باغ ۾ قتل ٿيل شھيد بينظير ڀٽو جو ڪيس نو سالن اٺن مھينن ۽ ٽي ڏينھن جاري رھڻ کان پو۽ نتيجاڻي موڙ تي پھتل آھي، جنھن عرصي دوران ستن ججن کي تبديل ڪري ھڪ جج کي برطرف ڪيو ويو. شايد ئي تاريخ جو ڪيس ھُيو، جنھن جون ٽي سو ھڪ ٻُڌڻيون ٿيون. راولپنڊي جي عدالت ۾ جج محمد اصغر ھڪ ڏينھن اڳ محفوظ ڪيل فيصلو عوام سامھون پيش ڪندي، ڪيس جي نتيجي ۾ پنج جوابدار اعتزاز شاھ، شيرزمان، حسنين گل، رفاقت حُسين، ۽ قادري عبدالرشيد جي خلاف ڪو مثبت ثبوت نہ ھُجڻ سبب بامشڪت سزا کان بري ٿي پنھنجي جان آجي ڪري ويا. سوچڻ جوڳي ڳالھ آھي جيڪڏھن انھن اھُيو گناھ نہ ڪيو ھُيو تہ پو۽ راولپنڊي عدالت انھن بيگناھن کي ايترو وقت جيل ۾ رکي انھن کان چڪي ڪھڙي اداھار تي پيسائي وئي؟ راولپنڊي جي ان وقت جي جي-سي-سي-پي -او سعود عزيز ۽ ايس-پي خرم کي ذميواري جي غفلت تحت سترن/سترن سالن جي قيد جي سزا ۽ پنج/پنج ھزار ڏنڊ رکيو ويو آھي. جيڪڏھن غفلت جي اھيا سزا ٻُڌائي وئي آھي تہ پو۽ قاتل جي سزا ڇا ھُجڻ گُھرجي؟ حيف آھي اسان جي عدالتن تي جيڪي قتل ڪرڻ جي ڏھن سالن کان پو۽ پيون سزائن جا حڪم ڏين. برحال منھنجي خيال ۾ بينظير ڀٽي جي قتل ڪيس جو فيصلو اڃان تائين نہ آيو آھي ڇو جو عدالت صرف غِفلت جي سزا ٻُڌائي آھي!  قتل جي نہ! برحال اھڙو ڪيس پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏھن نہ ڏٺو آھي نه ٻُڌو آھي، جنھن جي جانچ عالمي ادارن بہ ڪئي پر اصلي قاتل جي خبر اڄ ڏينھن تائين نہ پئجي سگھي آھي. ڇو تہ اصلي قاتل اسان جي بَگلن ۾ ويٺا آھن، جن کي حقيقت ۾ اسان پنھنجن کِيسن ۾ پيا ڳوليون. سنڌي چوڻي آھي تہ ”ڪنڊو لڳي پير ۾ ڳوٽجي پيو گوڏو”. بينظير ڀٽو جي ٻارن پاران عدالت کان ان جي اصلي قاتل پرويز مشرف کان حساب ۽ انصاف وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. اھُيو تہ ھاڻي وقت ئي ٻُڌائيندو تہ بينظير ڀٽو جو اصلي قاتل ڪير آھي؟ تحقيقي ادارن مطابق  بينظير ڀٽي جي قتل جي سازش بيت ﷲ محسود ۽ تحريڪ طالبان جي اڳواڻن سان ملي ڪري تيار ڪئي وئي، جنھن پلاننگ تحت بينظير ڀٽو کي ستاويھ ڊسمبر تي راولپنڊي ۾ قتل ڪيو ويو، جنھن ۾ صوابي جي نادر خان، قادري اسماعيل، نصرﷲ، عُثمان، فيضﷲ ۽ اڪرام مسعود شامل آھن. جن جي مطابق ڏنل نالا ئي بينظير ڀٽي جا اصلي قاتل آھن. پر آمريڪا جي مشھور صحافي مارڪ سيگل پنھنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، جنھن ۾ ان ”پرويز مشرف ئي بينظير ڀٽو کي موت جي ڌمڪي ڏيڻ جو اعتراف ڪيو”. جڏھن تہ بينظير ڀٽو مارڪ سيگل کي جوابي اي ميل ڪندي چيو تہ مونکي جيڪڏھن ڪجھ به ٿيو تہ صبحان ذميوار پرويز مشرف ھوندو. ان موقعي تي پرويز مشرف بہ خُد بينظير ڀٽو کي اي ميل ڪئي تہ ” جيڪڏھن ھُو ڏيھ آئي تہ ذميوار خُد ھوندي.” ان ڳالھ مان واضح نظر پيو اچي تہ بينظير ڀٽو جي قتل جي پُٺيان پرويز مشرف جو ئي ھٿ ٿي سگھي ٿو. جنھن جو گواھ آمريڪا جو صحافي مارڪ سيگل آھي. پر فيصلو ڏيڻ اسان جو ڪم نہ عدالت جو آھي. ڏسجي تہ عدالت جي اکين ۾ ڪير ڏوھي آھي. پرويز مشرف؟ تحريڪ طالبان؟ يا ڪو ٻيو؟ حيرتانگيز ڳالھ اُھا بہ ٿي آھي تہ بينظير جي شھادت جي وقت ان جي گاڏي ۾ موجود ناھيد خان، صفدر عباسي ۽ امين فھيم کي عدالت ڪڏھن طلب ڇو نہ ڪيو؟ ھالانڪي اھي تہ خاص ڪردار نڀائيندڙ ھُئا جيڪي بينظير ڀٽو سان ان وقت گاڏي ۾ موجود ھُئا. پر ڪجھ بہ ٿيو افسوس ان ڳالھ جو سڀ کان وڌيڪ ٿيو تہ پ پ اڳواڻن کان بينظير ڀٽو ۽ انھن سان ڪيل وفا ڪيئن وِسري وئي؟  قتل ڪيس جي اھم فيصلي جي ٻڌڻي دوران پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن سميت پارٽي جو ڪو بہ مقامي عھديدار عدالت ٻاھران موجود نه ھيو. جيڪا حيف ۽ افسوس جھڙي ڳالھ ھُئي. پ پ جا اڳواڻ فيصلي اچڻ کان پو۽ صرف سوشل ميڊيا تي ئي وٺ پڪڙ ۾ لڳي ويا. آخر بينظير ڀٽو جي ڪيل وفائن جي سلن جو پ پ اڳواڻ جفائون ڇو پيا ڏين. برحال عدالتي فيصلي تي ڪو به پ پ اڳواڻ متفق ناھي، ڇو جو عدالت صرف ۽ صرف پوليس آفيسرن جي غفلت ۽ غيرذميواري جو مظاھرو ڪرڻ وارن جو ئي فيصلو ٻُڌايو آھي. برحال ڳالھ اڃان تائين آخري پھلو تي ناھي پھتل، سوال آھي عدالت کان ڪير آھي بينظير ڀٽو جو قاتل؟

 

برڪس ملڪن جي سربراهه اجلاس جو پڌرنامو ۽ پاڪستان جو چٽو موقفق….!

برڪس ملڪن جي اجلاس جي گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ويو، دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث، ان جو انتظام ڪرڻ يا حمايت ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. اسان امن، ترقي ۽ سهڪار لاءِ متحد آهيون ته جيئن عوام جي حياتي بهتر بڻائي سگهجي، ان لاءِ سهڪار وڌايو ويندو. مالي ادارن ۾ سهڪار ڪيو ويندو. دهشتگردن جي مالي امداد ۽ مني لانڊرنگ کي ختم ڪيو ويندو ۽ مرڪزي بئنڪون هڪ ٻئي سان سهڪار ڪنديون، شام ۾ مسئلي جو حل شام جي پنهنجي سياسي عمل ۾ آهي ۽ شام جي خودمختياري جو احترام ڪيو وڃي، وچ اوڀر ۾امن  لاءِ اسرائيل ۽ فلسطيني تڪرار نبيريو وڃي. موصل داعش کان ڇڏائڻ تي عراق جي ساراهه ڪريون ٿا. اتر ڪوريا جي ائٽمي ڌماڪن جي مذمت ڪندي چيو ويو ته معاملو پرامن نموني نبيرڻ تي زور ڀريو ويو ۽ سڀني ڌرين جي سربراهن ڳالهين جو مطالبو ڪيو ويو، ايراني ايٽمي معاملي جي حل تي ڳالهيون ڪيون ويون، آفريڪي ملڪن جي تڪرارن کي پرامن نموني نبيرڻ جي حمايت ڪئي وئي. افغانستان ۾ حملن ۾ عام شهرين جي مارجڻ جي مذمت ڪريون ٿا، مقامي طرز جي حل جي حمايت ڪريون ٿا، ان ڏس ۾ خطي جي سلامتي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ طالبان داعش، القاعدا ۽ ان سان سلهاڙيل تنظيمن اوڀر ترڪمانستان، اسلامي تحريڪ، اسلامي تحرير ازبڪستان، حقاني نيٽ ورڪ، لشڪر طيبه، جيش محمد، تحريڪ طالبان پاڪستان، حزب التحرير، جي تشدد تي ڳڻتي ظاهر ڪريون ٿا. پڌرائي ۾ برڪس ملڪن سميت سڄي دنيا ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي وئي، دهشتگرد حملن جو مقصد ڪهڙو به هجي ان ۾ ملوث ماڻهن جو احتساب ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ مختلف ملڪن جي اندرين معاملن ۾ مداخلت نه ڪئي ويندي، دهشتگردن کي روڪيو ويندو. اها پڌرائي 70 نڪاتي آهي، هن تنظيم ۾ برازيل، روس، ڀارت، چين ۽ اوڀر آفريڪا شامل آهن.

پاڪستان جي دفاع واري وفاقي وزير خرم دستگير بريڪس سربراهه اجلاس جي گڏيل بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به محفوظ ٺڪاڻا نه آهن، داعش جي معاملي تي پاڪستان ۽ آمريڪا جو موقف ساڳيو آهي، حقاني نيٽ ورڪ جا گهڻا دهشتگرد افغانستان ۾ ماريا وڃن ٿا، بريڪس اجلاس جو گڏيل بيان غلط معلومات جي بنياد تي تيار ڪيو ويو آهي، آمريڪا افغانستان ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، کيس پاڪستان جي مدد وٺڻي پوندي.  دهشتگردن جون محفوظ پناهگاهون افغانستان ۾ آهن ۽ افغانستان جي 407 ضلعن مان صرف 60 ضلعن ۾ افغان فورسز جو ڪنٽرول آهي، دهشتگرد تنظيم داعش جي معاملي تي پاڪستان ۽ آمريڪا جو موقف ساڳيو آهي. گهڻو ڪري حقاني نيٽ ورڪ جا دهشتگرد افغانستان ۾ ماريا وڃن ٿا ۽ پاڪستان ۾ حملن جون ڪڙيون به افغانستان سان ملن ٿيون جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته افغانستان ئي دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه آهي. پاڪستان دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز ڪيا آهن جيڪي آمريڪا عراق ۽ افغانستان ۾ به نه ڪري سگهيو پر عالمي برادري آپريشن ضرب عضب ۽ آپريشن ردالفساد تحت ڪيل ڪاررواين کي تسليم ناهي ڪيو.  آمريڪي صدر ٽرمپ جي بيان کانپوءِ پاڪستان ۾ غيرضروري خطري جون گهنٽيون وڄايون پيون وڃن، سياسي اڳواڻ موجوده صورتحال ۾ جذباتي بيان نه ڏين، پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي، عوام کي خوفزده ٿيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، اسان هر صورت ۾ پنهنجي وطن جو دفاع ڪنداسين، پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪي دفاع جي لاءِ چوڪس آهي. آمريڪا جي 11 هزار فوجين سميت نيٽو فوج اڃا به طالبان خلاف ويڙهه ڪري رهي آهي پر انهن کي اڃا تائين ڪاميابي ناهي ملي.