تازيون خبرون

Daily Archives: August 23, 2017

آمريڪي الزام رد، عالمي برادري پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڏنل قربانين جو اعتراف ڪري: چين

واشنگٽن /بيجنگ(اين اين آءِ)امريڪا جي صدر ٽرمپ افغانستان جي لاءِ پنهنجي اتنظاميا جي حڪمت عملي واضع ڪندي  چيو ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي خطرا تمام سنجده آهن، پرڏيهي خابرو اداري موجب هن چيو ته اڄ افغآنستان ۽ پاڪستان ۾ 20 اهڙيون تنظِمون سرگرم آهن جنکي امريڪا دهشتگرد قرار ڏئي چڪو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اڪثر اهڙين تنظيمن کي محفوظ پناهه گاهون فراهم ڪندو آهي جيڪو دهشتگردي، تشدد ۽ افراتفريح فهلائن ٿيون، صدر ٽرمپ چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان ۾ امريڪا جا مخالف واضغ آهن، اسانکي اهڙن دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهون حاصل ڪرڻ کان روڪڻون پوندو جيڪو امريڪا لاءِ خطرو آهي ۽ اسانکي خاطري ڪرائڻي پوندي ته ايئٽمي هٿيار دهشتگردن جي هٿن تائين پهچي نه سگھن  جيڪي اسانجي خلاف استعمال ٿي سگھن ٿا، ٽرمپ چيو ته انجي انتظاميا افغانستان ۾ پنهنجي حڪمت عملي لا ءَ تاريخون نه ٻڌائيندي ته اسان ڪڏهن ۽ ڪٿي دهشتگردن جي خلاف ڪاروائي ڪنداسين.  هن چيو ته پاڪستان سان پنهنجي رابطن ۾ تبديلي آڻينداسين، اسان پاڪستان ۾ دهشتگردن تنظيمن طالبان ۽ اهي جيڪي خطي ۽ ٻي دنيا جي لاءِ خطرو آهن انهن جي محفوظ پناهگاهن تي وڌيڪ خاموش نه ٿا رهي سگھون. افغانستان ۾ اسانجي ڪوششن جو حصو بنجي پاڪستان گھڻو ڪجھه حاصل ڪري سگھي ٿو، دهشتگردن جي مدد ڪري انکي تمام گھڻو نقصان ٿيندو. صدر ٽرمپ واضع ڪيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت امريڪا جو هڪ اهم اتحادي آهي، هن چيو ته ڀارت کي افغانستان جي معيشت امن ۽ سيڪيورٽي م بهتري آڻڻ لاءَ وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ٻئي طرف  چين آمريڪا تي واضح ڪيو آهي ته عالمي برادري کي پاڪستان جي دهشتگردي وارن قدمن کي مڃڻ گهرجي، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان آمريڪا جي صدر جي خطاب تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان فرنٽ لائين تي رهيو ۽ پاڪستان ان جنگ ۾ وڏيون قربانيون ۽ تعاون ڪيو، ترجمان چيو ته خطي، عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جي تعاون تي چين مطمئين آهي، هن اميد ڪئي ته آمريڪا جون پاليسيون خطي ۽ افغانستان جي ترقي لاءِ هونديون، پرڏيهي وزارت واضح ڪيو ته چين ۽ پاڪستان ويجها دوست آهن جن جي وچ ۾ ويجها سفارتي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي لاڳاپا آهن، ياد رهي ته صدر ٽرمپ جو پاليسي اعلان جي موقعي تي خطاب دوران چوڻ هو ته پاڪستان کي اربين ڊالر ڏيون ٿا پر هو دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي جنهن تي خاموش نه رهنداسين.

 

جيڪڏهن ٽرمپ ۾ همت آهي ته افغانستان ۾ فوجي لاهي ڏيکاري: آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته صدر طور نواز شريف کان حلف ورتو۽ مدو پورو ڪرڻ جو موقعو به ڏنو، نواز شريف جا پنهنجا عمل اهڙا نه هيا، جو اهو مدو پورو ڪري ها، آصف زرداري چيو ته گذريل اليڪشن آر اوز جو هيو، هن ڀيري ڌانڌلي نه ڪرڻ ڏينداسين، نواز شريف مودي سان دوستي ڪئي، جنهن جو ان کي نقصان ٿيو، ڀارت سان اهڙي دوستي نه ڪنداسين، جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿئي، هن چيو ته جيڪڏهن ٽرمپ ۾ همت آهي ته افغانستان ۾ فوجي لاهي ڏيکاري، آمريڪا کي جيڪڏهن وڙهڻو آهي ته افغانستان ۾ وڙهي، پاڪستانين جون قربانيون آمريڪين کان تمام گهڻيون آهن.

 

شريف خاندان ۽ اسحاق ڊار پيش نه ٿيا، نيب پاران رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد/لاهور(م.ڊ) شريف خاندان ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار طلب ڪرڻ باوجود به نيب ۾ پيش نه ٿيا، نيب شريف خاندان کي ان کان اڳ به طلبي جو نوٽيس جاري ڪري چُڪي آهي، پر شريف خاندان نيب سامهون پيش نه ٿو ٿئي، جڏهن ته نواز شريف پنهنجي نااهلي جي فيصلي تي نظر ثاني جي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي ڇڏي آهي ۽ نيب کي فيصلو نه اچڻ تائين پيش نه ٿيڻ جي فيصلي کان  به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.قومي احتساب بيورو (نيب) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، ان جي پٽ حسن، حسين ۽ نياڻي مريم کي طلب ڪيو آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي به اڄ نيب ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو هو، نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته شريف فيملي جي پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏينداسين.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار نيب لاهور ۾ پنهنجو تحريري جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، قومي احتساب بيورو (نيب) لاهور ۾ اڄ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي طلب ڪيو ويو هو، جنهن جي لاءِ ان کي نوٽيس به جاري ڪيو ويو هو، پر اسحاق ڊار نيب سامهون پيش نه ٿيو، ميڊيا موجب اسحاق ڊار نيب لاهور ۾ پنهنجو لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ پيش نه ٿيڻ جا ۱۲ ڪارڻ ظاهر ڪيا ويا آهن، اسحاق ڊار پنهنجي جواب ۾ لکيو آهي ته نيب پهريون ئي منهنجي سموري زندگيءَ تي انڪوائري ڪري چُڪي آهي ۽ آخري انڪوائري ۱۵ جولاءِ ۲۰۱٦ تي ثبوت نه هئڻ تي بند ڪئي وئي، جڏهن ته سموري انڪوائري جا ثبوت ۽ دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، هن جواب ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست ڏنل آهي، درخواست جي فصيلي تائين پيش نه ٿيندس.(۰۲)

 

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي سنڌ ۾ ڪارروايون جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هائيڪورٽ نيب قانون بابت سنڌ حڪومت جي نظر ثاني درخواست تي وفاق ۽ نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت نيب کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪندي چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته نيب سان تعاون ڪري . سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ نيب قانون کي ختم ڪرڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس ۾ نيب جواب جمع ڪرايو نيب موقف اختيار ڪيو ته نيب قانون کي ختم ڪرڻ خلاف آئيني ۽ غير قانوني  آهي. سنڌ جو گورنر به انهن قانون جي نشاندهي ڪندي بل کي واپس موڪلي ڇڏيو. نيب جواب ۾ چيو آهي ته نيب کي سڄي ملڪ ۾ ڪرپشن جي خلاف خاص قانون تحت اختيار حاصل آهن. نيب آرڊيننس 1999 سپريمڪورٽ به قانوني قرار ڏئي چڪي آهي. نيب موجب نيب کي سڄي ملڪ ۾ ڪرپٽ ماڻهن جي خلاف ڪاروائي جو اختيار حاصل آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪيل قانون کي ختم ڪيو وڃي. نيب انڪوائري سان منهن ڏيندڙ 600 کان وڌيڪ بيوروڪريٽ ۽ اسميبلي ميمبرن جي لسٽ پيش ڪري ڇڏي. عدالت سنڌ حڪومت جي نظر ثاني جي درخواست تي وفاق ۽ نيب اختيارن کي نوٽِس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ٻڌڻي 11 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته نيب جيڪڏهن ائين صحيح ڪم ڪري 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهون ڪرپشن ۾ ملوث آهن.  خرم شيرزمان چيو ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گھرجي ايم ڪيو ايم پاڪستان توبهه ڪري ڇڏي اها سٺي ڳالهه آهي.

 

وزيراعظم جي نواز شريف سان ملاقات، قومي نوعيت جي اهم معاملن سميت ملڪ جي گڏيل صورتحال تي ڳالهيون

لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ رائيونڊ ۾ملاقات ٿي، ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، اسحاق ڊار ۽ ٻيا به موجود هئا، ان موقعي تي قومي نوعيت جي اهم معاملن سميت ملڪ جي گڏيل صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ حڪومت پاران عوام جي مفاد ۾ جاري ترقياتي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي،  وزيراعظم مختلف پارٽين جي ميمبرن ۽ پارٽي ميمبرن سان ٿيندڙ ملاقات جي حوالي سان به نواز شريف کي آگاهه ڪيو، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين کي مانجهاندو به ڏنو ويو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خاص جهاز ذريعي پنجاب پهتو ته پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي.

 

پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي وزارت ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ڏنو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، ماڻهن جي معلومات تائين رسائين حڪومت جو فرض هوندو آهي، پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ن ليگ رائيٽ ٽو انفارميشن بل اڄ پاس ڪرايو، هن چيو ته سينيٽ ۾ اڄ اهو بل منظور ڪيو ويو، قانون ذريعي درخواست ڪندڙ جي 10 ڏينهن ۾ معلومات تائين رسائين يقيني بڻائي ويندي، هن بل ۾ پارليامينٽ جي سرپرستي کي يقيني بڻايو ويو آهي، پارليامينٽ ڪميٽي جا ٻه ميمبر قومي اسيمبلي ۽ ٽي ميمبر سينيٽ مان هوندا، هن چيو ته جيڪا معلومات ڪنهن جي زندگي بابت آهي، اها ٽن ڏينهن اندر ڏني ويندي، نيشنل سڪيورٽي جي نالي تي معلومات کي روڪيو ويندو هيو، پاڪستان ۾ ان بل سان پهريون ڀيرو عام ماڻهن جي مفاد کي يقيني بڻايو ويو آهي، هن چيو ته جيڪا شئي نيشنل سڪيورٽي جي حدن ۾ هوندي ان جو تعين ڪيو ويندو، موجوده حڪومت خلاف ڪرپشن جو هڪ به اسڪينڊل سامهون ناهي آيو، سمورين سياسي جماعتن جو ان بل کي پاس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار آهي، جمهوريت کي ان طرح جي قانون سازي سان هٿي ملندي، هن چيو ته پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي وزارت ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ڏنو آهي، پاڪستان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، قربانيون ڏنيون، دنيا اسان جي ڪوششن کي ساراهيو آهي.

 

قومي اسيمبليءَ جي ڪورم کي ڏسي شرم ايندو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران 342 جي ايوان ۾ صرف 50 ميمبرن جي موجودگي تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو، اڱاري تي اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته ايوان ۾ صرف 50 ميمبر موجود هئا جنهن تي سيد خورشيد شاهه وزيرن جي غير حاضري جي سڃاڻپ ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي کي قورم کي ڏسي شرم اچي رهيو آهي، اپوزيشن ليڊر چيو ته اليڪشن بل 2017 سڀني جو بل آهي، سمورن ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ هجڻ گهرجي ها، ٻڌايو ته ڪهڙو وزير آهي جيڪو هتي ويٺو آهي، جڏهن به ڪنهن وزير ۾ ڪو ڪم پوندو آهي ته هتي نه ملندو آهي، اسان ڪيڏانهن وڃون، هن چيو ته پارليامينٽ جي ڪارروائي سڌي سنئين ڏيکاري پئي وڃي، 22 ڪروڙ عوام کي ڇا ڏيکاري رهيا آهيون، اسيمبلي ۾ روز ايندڙ عظيم ماڻهو آهن جيڪي روز ايندا آهن، جڏهن ته حڪومتي وزير پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪندا آهن پر اسيمبلي ۾ ڪير به نٿو اچي، هن چيو ته حڪومت سنجينده نظر نٿي اچي، اسان غريبن ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪريون ٿا پر ايوان ۾ اهي نٿا اچن، 53 ميمبرن تي ٻڌل ڪابينا جا ميمبر نٿا اچن، اسان رولز کان هٽي ڪري تعاون ڪيون ٿا، اپوزيشن اڃا ڪيترو تعاون ڪري، هتان جو ماحول ٻاهر جي حالتن به اثر انداز ٿيندو، گذريل ڏينهن وزيراعظم ايوان ۾ آيو ته ميمبر ان سان ملندا رهيا جن وزيرن سان ميمبرن جو ڪم هوندو آهي اهي هن ايوان ۾ نٿا اچن، سڄي پارليامينٽ جيڪڏهن هتي ويهي هان ته ڪنهن کي ان ڏانهن ڏسڻ جي جرئت به نه ٿيندي، عوام جيڪو اعتماد ڪيو اسان کي هتي موڪليو آهي اسان کي ان تي پورو لهڻ گهرجي، هن چيو ته هو تنقيد نه ڪري رهيو آهي پر پارليامينٽ جي ميمبرن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، اسپيڪر رولنگ ڏئي ته پوئتي ويٺل سمورن ميمبرن کي اڳيان جي ڪرسين تي ويهاريون، ٻي صورت ۾ اسان واڪ آئوٽ ڪنداسين، اپوزيشن پاران وزيرن جي غير حاضري جي نشاندهي تي اسپيڪر ميمبرن ۽ وزيرن کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، خورشيد شاهه پاران نقطن جي جواب ۾ وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته اپوزيشن ليڊر جي آبزرويشن درست آهي، اسان کي پنهنجي ذميواري جو احساس پاڻ کي ڪرڻ گهرجي، ڪنهن به سياستدان جي زندگي ۾ وزير جي عهدي تي پهچڻ وڏي اهميت وارو آهي، پارليامينٽ جي بالادستي اهڙي طرح ممڪن ٿيندي، جڏهن اسان پارليامينٽ کي اهميت ڏينداسين، شيخ آفتاب چيو ته سوا چار سال گذري ويا آهن، اسان سان گڏ هلڻ جا عادي ٿي وڃو.

 

ڪراچي ۾ ايل اين جي تي هلندڙ پاور پلانٽ لڳائڻ چاهيون ٿا، وفاقي حڪومت گيس جي ڪوٽا مختص ڪري: وڏو وزير

ڪراچي (هه.آ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ان جي حڪومت ڪراچي ۾ ايل اين جي تي هلندڙ 1200 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ قائم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. جنهن لاءِ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو انهيءَ لاءِ گيس جي ڪوٽا مختص ڪري. هن اهڙن خيالن جو اظهار اڄ پرائم منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهين ۾ ڪيو. وڏي وزير سنڌ صوبي ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ هلندڙ مختلف مسئلن بابت وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعليٰ هائوس ڪراچي مان جاري ٿيندڙ هڪ بيان ۾ چيو ويو ته ٻنهي جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ صوبي جو وفاق بابت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي رٿا ڪراچي جي ماڻهن لاءِ گهڻي اهميت رکندڙ آهي. ۽ ان کي سي ڊي ڊبليو پي کان ڪيلئر ڪرايو ويو آهي. هاڻي انهيءَ جي فقط ايڪنيڪ (ECNEC) کان منظوري هئڻ باقي آهي جيڪو بيوروڪريسي سبب تاخير جو شڪار بڻيل آهي. ۽ هڪ آفيس کان ٻئي آفيس ڏانهن چڪر لڳائي رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سان صوبائي حڪومت پاران فائل جو بار بار اچڻ وڃڻ فقط ۽ فقط وقت جو زيان آهي. هن چيو ته آئون سيپٽمبر جي آخر تائين انهيءَ منصوبي کي شروع ڪرڻ گهران ٿو تنهن ڪري انهيءَ جي جلد کان جلد منظوري ضروري آهي. ۽ انهيءَ کي چيني اٿارٽيز کان پڻ سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ موڪلڻو آهي. وزيراعظم وزيراعليٰ سنڌ کي پڪ ڏيندي چيو ته هو ذاتي طور انهيءَ جي منظوري بابت دلچسپي وٺندو. هن چيو ته اهو پهرين کان ئي سي پيڪ رٿائن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ لوڊشيڊنگ جي مسئلن تي وزيراعظم جو ڌيان ڇڪرايو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندن حڪومت ڪراچي ۾ ايل اين جي تي 1200 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ لڳائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي. هن چيو ته آئون شڪرگذار هوندس جيڪڏهن اوهان (وزيراعظم) وزارت پيٽروليم کي انهيءَ منصوبي لاءِ ايل اين جي جي ڪوٽا منظوري ڪرڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيو. هن چيو ته انهيءَ سان منصوبي جي سي ڊي ڊبليو پي جي منظوري ۾ مدد ملندي ۽ انهيءَ جي ٽيرف بابت پڻ مدد ملندي. سنڌ حڪومت کي نيپرا پاران ٽيرف فڪس ڪرڻ ۽ اين او سي حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ وزيراعظم جي مدد گهربل هوندي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته هو پاور پلانٽ جي تنصيب جي حوصله افزائي ڪندو. هن چيو ته لوڊشيڊنگ هڪ قومي مسئلو آهي ۽ هو صوبن کي پنهنجن پاور پلانٽ لڳائڻ بابت هر ممڪن مدد ڪندو. هڪ ٻيو مسئلو جيڪو وڏي وزير صوبي جي مختلف ضلعن ۾ بند پيل ننڍن پاور پلانٽ وارو مسئلو پڻ وزيراعظم آڏو کنيو.  نيپرا سندن ٽيرف بابت فيصلو ڪيو ته جڏهن انهن جي تنصيب ٿي رهي هئي پر بيد ۾ هو پنهنجي انهيءَ فيصلو کان پوئتي هٽي. تنهن ڪري خانگي ڪمپنيون جيڪي ننڍا پاور پلانٽ لڳائي رهيون هيون انهن پنهنجو فيصلو ترڪ ڪري ڇڏيو. وڏي وزير وزيراعظم کان درخواست ڪئي ته هو انهيءَ معاملي ۾ ذاتي طور مداخلت ڪندي ٽيرف جو فيصلو ڪرائي. هن چيو ته اهيءَ سان مقامي سطح تي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم وڏي وزير کي مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. وڏي وزير وزيراعظم تي زور ڏنو ته هو صوبي ۾ قدرتي گيس جي مسئلن کي پڻ حل ڪرائي.

 

سنڌ حڪومت جو ڪراچي سرڪلر ريلوي جو ڪم ڊسمبر تائين شروع ڪرڻ ۽ 600 بسون آڻڻ جو اعلان

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر): اطلاعات، پورهئي ۽ ماس ٽرانزٽ جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته تاجر برادري جي سمورن مسئلن کي ترجيحي ۽ جلد کان جلد اُڪلائڻ لاءِ لائيزن ڪميٽي کي وڌيڪ فعال بڻائي گهربل نتيجا حاصل ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنعت ۽ تجارت آف پاڪستان (ايف پي سي سي آئي) جي لائيزن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي تاجر برادري کي خطاب ۾ ڪيو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سمورن شعبن پورهئي، ٽرانسپورٽ ۽ صنعت ۾ تاجر برادري جي تعاون سان صنعتي برادري جي ترقي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ذاتي دلچسپي جي ڪري ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آهن جن ۾ ٽرانسپورٽ نظام جي بحالي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد بنيادن تي اُڀارڻ صنعتي زون جو قيام ڪوسٽل بيلٽ جي تعمير، ترقي ۽ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. هن چيو ته ٽرانسپورٽ نظام ۾ مضاربه جي تحت ستر سيڪڙو ۽ 15، 15 سيڪڙو سنڌ حڪومت ۽ خانگي شعبي جي تعاون سان ڪراچي ۾ 600 بسون آنديون پيون وڃن. ڪراچي سرڪلر ريلوي جو ڪم ڊسمبر تائين شروع ڪيو ويندو انشاءُالله هاڻ اهو منصوبو وفاقي حڪومت جي تعاون سان سي پيڪ ۾ شامل ڪيو آهي ۽ ماس ٽرانزٽ جو منصوبو به انهن منصوبن ۾ شامل آهي. عوام جي حالت بهتر بڻائڻ ۽ وڌ کان وڌ سهولتن سان ڪراچي جو عوام به لاهور ۽ اسلام آباد کان به وڌيڪ جديد سهولتن سان آراسته منصوبن سان مستفيد ٿيندو. صوبائي وزير چيو ته اسان صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ تربيت يافته مين پاور جي جديد پروگرام تي ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان صنعتي شعبي ۾ ترقي سان گڏ بيروزگاري ۾ به گهٽتائي ايندي ۽ اهي تربيت يافته ماڻهو ملڪي معيشيت ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. ٽرانسپورٽ نظام جي بحالي لاءِ نجي شعبي جو تعاون فراهم ڪري رهيا آهيون. انشورنس، موٽرسائيڪل لاءِ هيلمينٽ کي لازمي بڻايو پيو وڃي. بينظير ڀٽو ڪارڊ ذريعي مالڪن کان سروي ڪرائي صنعتي ڪارڪنن جي تعداد کي وڌائڻ لاءِ شفافيت سان گڏ آٽو مشين نظام آڻي رهيا آهيون. هر هڪ منصوبي ۾ تاجر برادري جي تعاون ۽ مدد سان ترقي لاءِ ڪوشان آهيون. ان کان اڳ لائيزن ڪميٽي جي چيئرمين اڪرام راجپوت فيڊريشن جي صدر زبير ايڇ طفيل، گلزار فيروز حنيف، رضوانه شاهد، سينيٽر عبدالحسيب خان، خالد تواب، ساقب فياض مگون به تاجر برادري کي ڀليڪار ڪندي پنهنجي مڪمل تعاون ۽ مدد جي خاطري ڏياريندي سنڌ حڪومت ۽ پي پي پي جي عوامي فلاحي منصوبن کي ساراهيو ۽ پورهيت، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان تجويزون ڏنيون ۽ زور ڏنو ته لائيزن ڪميٽي کي فعال بڻائي صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي گهربل هدف حاصل ڪيا وڃن. ان موقعي تي سيڪريٽري عبدالرشيد تاجر برادري کي سهولتن ۽ تعاون فراهم ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته سنڌ حڪومت تاجرن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ڀرپور صلاحيتن ۽ وسيلن سان صنعتي ترقي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي ۽ اڳتي به صنعتي شعبي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪري لائيزن ڪميٽي کي وڌيڪ فعال بڻايو ويندو. فيڊريشن جي صدر زبير ايڇ طفيل صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ صوبائي سيڪريٽري کي سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ ۽ ٽوپي پيش ڪيو.

 

ايف سي آر قانون ختم نه ڪيو ويو ته اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪنداسين: سراج الحق

پشاور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ايف سي آر انگريز جو نظام آهي، قبائلي عوام ايف سي آر تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سڀ سياسي پارٽيون ايف سي آر جي خاتمي تي راضي آهن، عيد تائين ايف سي آر قانون جي خاتمي ۽ فاٽا ضم ڪرڻ جو وقت ڏيون ٿا. پشاور ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته گورنر قبائلي عوام جو گورنر آهي، ان کي ڌرڻي ۾ ويهڻ گهرجي ها، ايف سي آر قانون ختم نه ڪيو ويو ته 25 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪنداسين، هي خاموش سمنڊ اسلام آباد پهتو ته مقابلو نه ڪري سگهندئو. سندس چوڻ هو ته قبائلي عوام غلامي کي قبول ناهي ڪيو، قائداعظم قبائي عوام سان واعدا ڪيا هئا، حڪمرانن قبائلي علائقي ۾ هڪ ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽي تائين قائم ناهي ڪئي، لوڊشيڊنگ ته پري جي ڳالهه فاٽا ۾ بجلي تائين ناهي. سراج الحق چيو ته قبائلي علائقن جي حقيقي مردم شماري ڪئي وڃي، هتي مردم شماري گهٽ ڇو ٿي ڏيکاري وڃي؟ قبائي عوام جي آبادي گهٽ ڏيکاري انهن کي حقن کان محروم ڪرڻ جي رِٿ رٿي وئي آهي، مرڪزي حڪومت فاٽا ريفارمز کان ڀڄي رهي آهي. هن چيو ته آئين جي شق 62، 63 جو بچاءُ ڪنداسين، سياستدانن سميت سڀني جي آرٽيڪل 62، 63 لاڳو ڪيو وڃي.27