تازيون خبرون

Daily Archives: August 19, 2017

گرينڊ نيشنل ڊائيگلا جي تجويز رد، ڊائيلاگ جو حقيقي فورم پارليامينٽ آهي: آصف زرداري

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبليءَ جي تڪ پي پي 4 ۾ ننڍي چونڊ روڪيندي چيو آهي ته جيستائين چونڊيل نمائندن کي نااهل ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جي اختيارن جو دائرو طئي نه ٿو ڪيو وڃي تيستائين عام چونڊن ۾ ڄاڻايل تڪ تان چونڊيل شوڪت عزيز ڀٽي جي نااهليت برقرار رهندي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي فل بئنچ نااهليت فيصلي خلاف شوڪت عزيز ڀٽي جي اپيل تي ٻڌڻي ڪندي قرار ڏنو ته عوامي نمائندگي جي قانون تحت چونڊيل ميمبرن کي نااهل قرار ڏيڻ جو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آئيني ۽ قانوني تشريح جو طلبگار آهي، جيستائين عوامي نمائندگي جي قانون جي سيڪشن 103 اي جي آئين جي شق 225 کي نظر ۾ رکندي جائزو وٺي تشريح نه ڪئي وڃي تيستائين اپيل جو ڪو آخري فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي.  چيف جسٽس چيو ته جنهن جعلسازي ڪئي هجي اهو عوامي نمائندگي جو حق نه ٿو رکي پر الزام جي جاچ جو فورم ڪهڙو هوندو، اهو به طئي ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس آبزرويشن ڏني ته اختيارن کانسواءِ جاري حڪم جي قانوني حيثيت نه هوندي آهي، اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي مقرر مدي کانپوءِ ڪنهن چونڊيل ميمبر کي نااهل قرار ڏيڻ جو اختيار به آهي يا ناهي؟   ٻڌڻي هيٺ ڪيس جو تعلق اختيار طئي ڪرڻ سان آهي، جنهن جي فيصلي جو اثر نه رڳو ڪيس پر ان نوعيت جي ٻين ڪيسن تي به پوندو.

 

نواز شريف نيب اڳيان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م.ڊ) نواز شريف نيب اڳيان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، شريف خاندان پانامه ڪيس جي فيصلي جي خلاف نظر ثاني اپيلن تي فيصلو ٿيڻ تائين نيب اڳيان پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پانامه ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ نيب شريف خاندان سميت اسحاق ڊار خلاف ريفرنسز داخل ڪڻ جي لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، جنهن تحت اسحاق ڊار کي 23 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شريف خاندان جي اثاثن جي تفصيلات جي لاءِ سعودي عرب کي به خط لکيو ويو آهي، ذريعن موجب شريف خاندان پنهنجي وڪيلن سان مشاورت بعد نيب کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته نظر ثاني اپيل تي فيصلو اچڻ تائين نيب جي سامهون پيش نه ٿبو. ياد رهي ته اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ئي نظر ثاني جون  ٽي مختلف اپيلون داخل ڪيون آهن. ن ليگ جي ذريعن موجب سڀني جي راءِ آهي ته نيب ريفرنس کي تسليم ڪرڻ جو ڪوئي جواز نه آهي ۽ في الحال جاچ عمل جو حصو بڻجڻ جو به ڪوئي جواز نه آهي، ن ليگ ذريعن موجب سڀني جو چوڻ آهي ته نيب ڪارروائي غير منصفانه، غير شفاف ۽ هڪ طرفي آهي. ذريعن موجب نيب شريف خاندان کي نيب قانون جي سيڪشن 9 جي تحت نوٽيس جاري ڪيا هئا جنهن جي تحت نواز شريف، حسين ۽ حسن نواز کي نيب اڳين پيش ٿيڻو هو پر شريف خاندان جي عدم پيشي تي نيب وري ٻيهر نوٽيس جاري ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته نيب جي قانون جي تحت سيڪشن 24 اهڙو سيڪشن آهي ڪوئي جوابدار جيڪڏهن تعاون نه ڪري رهيو آهي ته سيڪشن چيئرمين نيب کي هي اختيار ڏئي ٿو ته هو جوابدار کي پنهنجي ڪسٽڊي ۾ وٺي تعاون گهري سگهي. نالي واري قانوندان فروغ نسيم جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي فوري گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائڻ گهرجي. ٻئي طرف شريف خاندان کي نيب اڳيان پيش ٿيڻو هو پر پيش نه ٿيو، جڏهن ته ن ليگ جي سينيٽر آصف ڪرماڻي شريف خاندان کي نيب جي طرفان ڪنهن به قسم جي نوٽيس ملڻ جي ترديد ڪئي آهي.

 

پاڪستان جو هر شهري 94 هزار 890 رپين جو قرضي آهي: ناڻي واري وزارت

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جو هر شهري 94 هزار روپين جو قرضي آهي جڏهن ته موجوده حڪومت پهرين جولائي کان 31 مارچ 2017 تائين 819 ارب روپين جو وڌيڪ مقامي قرض ورتو، جمعي تي قومي اسيميبلي جي اسپيڪر اياز صاديق جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڊسمبر 2016 تائين ورتل مقامي قرض ۽ پرڏيهي قرضن جي تفصيل پيش ڪئي وئي، ناڻي جي وازارت پاران جمع ڪرايل لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته 31 ڊسمبر 2016 تائين گڏيل مقامي قرض 12 هزار 310 ارب روپيا آهي. جڏهن ته ان تاريخ تائين پرڏيهي قرضن جو ڪاٿو 58 ارب ڊالرن جو هيو، لکت جي جواب ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين جولائي 2016 کان 31 مارچ 2017 دوران موجوده حڪومت 819.1 ارب روپين جو مقامي قرض ورتو جيڪو اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ تجارتي بينڪن مان ورتو ويو. حڪومت اسٽِٽ بينڪ آف پاڪستان کان 734.62 ارب روپيا ۽ ڪمرشل بينڪن کان 84.50 ارب روپين جا قرض ورتا. جواب موجب پاڪستان جو هرشهري جي ذمي 94 هزار 890 روپيا  ادا ڪرڻ  آهن. ٻئي طرف سوالن جي وقفن دوران گھرو وزارت لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ته هن وقت 26 سئو ڪلوميٽر ڊگھي پاڪ افغان سرحد مڪمل بند ڪرڻ جي ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي. طورخم سرحد تي گيٽ جي تعمير ۽ باڙ لڳائڻ جا قدم ڪيا ويا آهن. ججڏهن ته ٽريفڪ جي ڊجيٽل نگراني چيڪ پوسٽ جو قيام ۽ اسڪينرز ۽ نگراني جي سامان جي فراهمي جو سلسلو به جاري آهي. ٻڌايو ويو ته ايف سي ڪي پي ڪي جي ڪنٽرول هيٺ علائقي ۾ 50 کان وڌيڪ نيون پوسٽون قائم ڪيو ويون آهن، جڏهن وڌيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ جي منصوبابندي جاري آهي، جواب ۾ چيو ته پاڪ ايران سرحد تي به  گيٽ تعمير ٿي چڪا آهن جينهن جي ٻنهي طرفان 126 ڪلوميٽر ڊگھِي کاردار تار لڳائي وئي آهي.

 

جعلسازي ڪندڙ کي عوامي نمائندگي ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبليءَ جي تڪ پي پي 4 ۾ ننڍي چونڊ روڪيندي چيو آهي ته جيستائين چونڊيل نمائندن کي نااهل ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جي اختيارن جو دائرو طئي نه ٿو ڪيو وڃي تيستائين عام چونڊن ۾ ڄاڻايل تڪ تان چونڊيل شوڪت عزيز ڀٽي جي نااهليت برقرار رهندي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي فل بئنچ نااهليت فيصلي خلاف شوڪت عزيز ڀٽي جي اپيل تي ٻڌڻي ڪندي قرار ڏنو ته عوامي نمائندگي جي قانون تحت چونڊيل ميمبرن کي نااهل قرار ڏيڻ جو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آئيني ۽ قانوني تشريح جو طلبگار آهي، جيستائين عوامي نمائندگي جي قانون جي سيڪشن 103 اي جي آئين جي شق 225 کي نظر ۾ رکندي جائزو وٺي تشريح نه ڪئي وڃي تيستائين اپيل جو ڪو آخري فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي.  چيف جسٽس چيو ته جنهن جعلسازي ڪئي هجي اهو عوامي نمائندگي جو حق نه ٿو رکي پر الزام جي جاچ جو فورم ڪهڙو هوندو، اهو به طئي ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس آبزرويشن ڏني ته اختيارن کانسواءِ جاري حڪم جي قانوني حيثيت نه هوندي آهي، اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي مقرر مدي کانپوءِ ڪنهن چونڊيل ميمبر کي نااهل قرار ڏيڻ جو اختيار به آهي يا ناهي؟   ٻڌڻي هيٺ ڪيس جو تعلق اختيار طئي ڪرڻ سان آهي، جنهن جي فيصلي جو اثر نه رڳو ڪيس پر ان نوعيت جي ٻين ڪيسن تي به پوندو.

 

دهشتگردن کي معاشري جو عزم ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪامي ملندي: وزيراعظم

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته دهشتگردن کي معاشري جو عزم ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪامي ملندي. بارسلونا واقعي تي بيان جاري ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته دهشتگرد خوف ج ماحول پيدا ڪري عوام جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، دهشتگردن کي معاشري جو عزم ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام ملندي. هن چيو ته اسپين ۽ اتان جو عوام ڊگهي گهڻي رخ ثقافتي تاريخ رکن ٿا، اهڙي قسم جا واقعا اسپين جي عوام کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن.

 

نواز شريف پ پ جي حڪومت کي بچائڻ لاءِ پنهنجي مقبوليت داءُ تي لڳائي: سعد رفيق

لاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته آصف علي زرداري جي مسلم ليگ ن سان شڪايت درست ناهي ڇو ته نواز شريف پيپلز پارٽي جي حڪومت بچائڻ جي لاءِ پنهنجي مقبوليت کي داو تي لڳايو. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي خواجا سعد رفيق چيو آهي ته آصف زرداري جي مسلم ليگ ن سان شڪايت درست ناهي، زرداري صاحب پاڻ ڪيترائي ڀيرا ميثاق جمهوريت تان ڦري ويو جڏهن ته نواز شريف پيپلز پارٽي کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي مقبوليت کي داو تي لڳايو. سعد رفيق چيو آهي ته جيڪڏهن  اعتزاز احسن آصف زرداري جي آواز آهي ته پيپلز پارٽي کي خدا حافظ چوڻ بهتر آهي، مسلم ليگ ن کي سياست هلائڻ جي لاءِ سهاري جي ضرورت ناهي،  مسلم ليگ ن الله جي تائيد ۽ عوامي طاقت تي ٻڌل آهي، ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن ئي عوام جي پهرين ترجيح هوندي.

 

سنڌ حڪومت جو گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو فيصلو، ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) منصوبي لاءِ بين الاقوامي ٽينڊرن جي جاري ڪرڻ جي حوالي سان سمورين ڪاوشن کي ڪارآمد آندو وڃي ته جيئن قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش واري ڏينهن 25 ڊسمبر کان ان منصوبي جي شروعات ٿي سگهي. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪي سي آر بابت رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ ٽرانسورٽ وارو صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سعيد اعواڻ، سيڪريٽري توانائي آغا واصف ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چائنيز فرم جا اعليٰ عملدارن پڻ شريڪ هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪي سي آر هڪ وڏي اهميت وارو منصوبو آهي ۽ اسانجي انٿڪ ڪوششن کانپوءِ انکي سي پيڪ منصوبن ۾ شامل ڪيو ويوآهي. هاڻي مان چاهيان ٿو ته ان منصوبي جي گرائونڊ بريڪنگ تقريب ڊسمبر 2017ع ۾ منعقد ٿئي ته جيئن ان منصوبي تي عملدرآمد ڪري سگهجي. صوبائي وزير سيد ناصر شاهه وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ان منصوبي جي 2017ع ۾ سي ڊي ڊبليو پي منظوري ڏني هئي. هاڻي اهو منصوبو منظوريءَ لاءِ ايڪنيڪ وڃي رهيو آهي. ان تي وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي کي هدايت ڪئي ته هُو ان منصوبي کي ايڪنيڪ ۾ رکڻ لاءِ ڪاغذي ڪارروائي واري ڪم کي تيز ڪري. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته ان منصوبي لاءِ بين الاقوامي ٽينڊر آڪٽوبر 2017ع ۾ گهرايا وڃن. سيد ناصر شاهه چيو ته ڪي سي آر جي رائيٽ آف وي (آر او ڊبليو) ۾ ڪجهه حددخليون هيون، ڪجهه فيڪٽريون جيڪي وزيرمينشن کان منگهوپير واقع آهن جيڪي پنهنجو (آر او ڊبليو تي) ڪچرو وغيره اڇلائينديون آهن ۽ ڪجهه چوپائي مال جا واڙا ۽ آر او ڊبليو سان گڏ جهنگ به آهن، انڪري سروي جي جاري ڪم ۾ سنگين مسئلن کي پڻ منهن ڏنو ويو. وڏي وزير صورتحال کي ڏسندي ڪمشنر ڪراچي جي تحت هڪ ٽاسڪ فورس جوڙي جنهن ۾ سمورا ڊپٽي ڪمشنر، ڪي ايم سي جا ميٽروپوليٽن ڪمشنر، ڊي جي (ڪي ڊي اي)، ڊي جي (ايس ايم ٽي سي)، ايم ڊي (ڪي يو ٽي سي)، سمورا ڊي ايم سي جا ميونسپل ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي ڪراچي ان جا ميمبر هوندا. ٽاسڪ فورس جي قائدن ۽ ضابطن ۾ ايڪشن پلان تيار ڪرڻ ۽ 2013ع کانپوءِ قائم حددخلين جي خاتمي لاءِ ترت اپاءَ وٺڻ آهن، ان منصوبي جا متاثر جيڪي رجسٽرڊ آهن انهن کي معاوضي جو پيڪيج ڏيڻ لاءِ تجويز به ڏيندا. سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سعيد اعواڻ چيو ته جائيڪا سروي مطابق پروجيڪٽ جي گهرن جو انگ 4653 آهي. هن چيو ته ڪي سي آر منصوبي لاءِ ريلوي جي 360 ايڪڙ زمين گهربل آهي. پاڪستان ريلوي جي ڪي سي آر لوپ (آر او ڊبليو) تي 260 ايڪڙ رمين آهي ۽ ريلوي جي اپ مين لائين تي زمين 100 ايڪڙ آهي. هن چيو ته 67 ايڪڙ ايراضي تي حددخليون قائم آهن جنهن ۾ آر او ڊبليو لوپ تي 47 ايڪڙ ۽ اپ مين لائين تي 20 ايڪڙ شامل آهن. هن چيو ته ڪي سي آر آر او ڊبليو سان گڏ 2997 اسٽريڪچر آهن ۽ 4653 حددخلين ذريعي گهر تعمير ڪيل آهن. وڏي وزير چيو ته ڪي سي آر جي ابتدائي لاڳت جو ڪاٿو 2 بلين ڊالر آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت منصوبي جي موبيلائيزيشن لاڳت جاري ڪندي ته جيئن ان تي ڊسمبر 2017ع کان ڪم شروع ٿي سگهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هُو 25 ڊسمبر 2017ع ڏهاڙي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي ڪي سي آر جي گرائونڊ بريڪنگ تقريب جي ادائگي جو خواهشمند آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ان منصوبي جي گرائونڊ بريڪنگ تقريب وزيرمينشن جيڪا قائداعظم محمد علي جناح جي رهائشگاهه آهي تي بندوبست ڪيو وڃي ته اهو ساراهه جوڳو عمل هوندو.  ٻئي طرف  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد کي يونيورسٽي ڊڪليئر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان مقصد لاءِ تعليم واري صوبائي وزير کي اها ذميواري ڏني وئي آهي ته هُو ان حوالي سان پنهنجون سفارشون پيش ڪري. اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد پنهنجون تعليم خدمتن جا 100 سال ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيا آهن، انڪري ان کي ميرٽ، تاريخي اهميت جي بنيادن ۽ شاندار تعليم ريڪارڊ کي ڏسندي ان کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ جو حق آهي. اجلاس ۾ تعليم وارو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري مظهرالحق صديقي، قاضي اسد عابد، اڳوڻو ايم پي اي عبدالرحمان راجپوت، پروفيسر ادريس خان، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊز نويد شيخ، سيڪريٽري ڪاليجز پرويز سيهڙ ۽ ڪاليج جو پرنسپل فيصل نصيرالدين شيخ شرڪت ڪئي. حيدرآباد مان آيل شرڪت ڪندڙن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اڳوڻ شاگردن جي ايسوسيئيشن جي زيراهتمام 9 آڪٽوبر کان 14 آڪٽوبر 2017ع سئو سالا تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وڏي وزير دعوت قبول ڪندي چيو ته اها مون لاءِ قابل فخر ڳالهه آهي ۽ مان اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان اوهان جي پروگرام ۾ پنهنجي تقرير ۾ ڪاليج کي يونيورسٽي جي سطح تائين اپ گريڊيشن ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ڪجهه منٽن تائين ان حيرن ڪندڙ اعلان تي خوشي مان تاڙيون وڄايون. وڏي وزير تعلمي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هُو گورنمينٽ ڪاليج کي يونيورسٽي ڊڪليئر ڪرڻ جي حوالي سان سفارشون ۽ پلان ترتيب ڏئي.

 

بارسلونا واقعي جي مذمت، دنيا مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بارسلونا ۾ دهشتگردي ۽ ان جي نتيجي ۾ معصوم انساني جانين جي نقصان جي مذمت ڪندي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته دنيا مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. 29 سالن جي پاڪستاني اڳواڻ ۽ پي پي پي چيئرمين، جيڪو هڪ دهشتگرد حملي ۾ پنهنجي امڙ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شفقت کان محروم ٿي ويو، چيو ته پاڪستان سميت دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملو ان اذيتناڪ درد کي جاڳائيندو آهي، جيڪو هن 19 سالن جي ڄمار ۾ برداشت ڪيو هو. هُن بارسلونا ۾ ٿيل دهشتگرد حملي دوران پنهنجا مائٽ ۽ عزيز وڃائيندڙ متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام، اسپين جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري جي اها ذميواري آهي ته اها سخت قدم کڻي دهشتگردي جي جِن کي قابو ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان سهڪار ڪري.

 

صحت ۽ تعليم وارين رٿائن تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون: ناصر حسين شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اطلاعات، پورهئي ۽ ماس ٽرانزٽ، ٽرانسپورٽ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪورٽي انسٽيٽيوٽ (سيسي) پاران مختلف اسپتالن لاءِ 18 ايمولينسن جون چاٻيون لاڳاپيل انچارج ميڊيڪل سپرينٽنڊس کي هڪ سادي ۽ پروقار تقريب جيڪا ڪلثوم ٻائي وليڪا اسپتال ۾ منعقد ٿي جي دوران حوالي ڪيون. ان موقعي تي ڪمشنر سوشل سيڪورٽي فاروق لغاري، ڊائريڪٽر ميڊيڪل ڊاڪٽر ممتاز شيخ، ڊاڪٽر عنبرين، ڊاڪٽر سعادت ميمڻ ۽ ٻين ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف سميت پيپلز اسٽاف يونين وليڪا جي صدر ملڪ نويد، اشرف شاهه، پيرا ميڊيڪل وليڪا جي صدر خورشيد، زاهد بروهي، نذير قريشي، اختر زمان، ملڪ شير، تاج محمد، امداد بابر، جنرل سيڪريٽري اعظم سلهري، ڊي ايم سي وليڪا ۽ ٻين ڊائريڪٽرز سيسي ۽ پيپلز اسٽاف يونين ۽ نرسن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. صوبائي کي ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ڪمشنر سوشل سيڪورٽي فاروق لغاري ۽ ڊاڪٽر ممتاز شيخ 18 ايمبولينسز جي جديد سهولتن سان آراسته گاڏين جي باري ۾ معلومات ڏني. تقريبن 2 ڪروڙ 15 لک رپين جي لاڳت جون اهي گاڏيون پوري سنڌ جي اسپتالن ۽ ڪراچي جي مريضن جي سهولتن لاءِ سيسي پاران فراهم ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي پورهيت پاليسي کي ساراهيندي چيو ته هي اسپتال ۽ ادارا پورهيتن ۽ انهن جي ٻارن ۽ خاندانن کي بهتر ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيا ويا آهن. صحت، تعليم ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا ترتيب ڏنا ويا آهن. پهريان کان موجود 52 ايمبولينسن ۾ 18 وڌيڪ ايمبولينسن جو اضافو ڪري طبي سهولتن کي وڌيڪ بهتر ۽ اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. پورهيتن لاءِ تمام جلد شفافيت سان بينظير هيلٿ ڪارڊ به جاري ڪري پورهيتن کي جائز ۽ ترجيحي بنيادن تي ٺوس قدم کڻي رهيا آهيون. طبي ادارن ۾ بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ مشينري ۽ اوزارن جي فراهمي لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون. پورهيتن جي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مثبت قدم کڻي رهيا آهيون. صوبائي وزير پيپلز اسٽاف يونين جو دورو ڪيو ۽ پورهيتن جي نمائندن ۽ عهديدارن جا مسئلا معلوم ڪيا. هن ڪمشنر سيسي کي هدايت ڪئي ته پورهيتن جي معاملن ۽ مسئلن کي يقيني ۽ شفاف طريقي سان سرانجام ڏنو وڃي هي فنڊز انهن جي امانت آهن جيڪي انهن جي خاندانن تي خرچ ٿيڻ گهرجن ۽ ايمبولينس جو صحيح استعمال صرف مستحق مريضن ۽ ضرورتمند ماڻهن کي فراهم ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي زندگين کي بچائي سگهجي ۽ ڪابه کوٽ نه رهجي.

 

متحده باني جي پاڪستان مخالف آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر ۽ خان آف قلات سان ملاقات

لنڊن(ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ جي بانيءَ پاڪستان مخالف آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر ڊانا روهرابچر ۽ جلاوطن بلوچ اڳواڻ خان آف قلات سان ايم ڪيو ايم جي انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي. هڪ پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملاقات ۾ گڏيل مفاد تي ڳاليهون ڪيون ويون جڏهن ته ان دوران متحده بانيءَ ڪيليفورنيا سان تعلق رکندڙ آمريڪي قانون ساز کي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي تشدد ۽ گرفتارين تي بريفنگ ڏني. اها ملاقات چار ڪلاڪن تائين جاري رهي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ڪميٽي جي ميمبر به شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر ڪارڪنن تي تشدد تي افسوس جو اظهار ڪندي متحده بانيءَ کي يقين ڏياريو ته هو ان معاملي کي ڪانگريس ۽ ٻين فورمن تي اٿاريندو. ترجمان ملاقات ۾ خان آف قلات جي شرڪت جي به تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.  ايم ڪيو ايم چو ته ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو آهي ته ” هڪ جهڙن خيالن“ وارا ماڻهو مستقبل ۾ گڏجي ڪم ڪن ۽ رابطن ۾ واڌ ڪن. پاڪستان مخالف آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر سان اها ملاقات هڪ اهڙي موقعي تي سامهون آئي جڏهن هلندڙ سال جون ۾ نديم نصرت واشنگٽن ۾ سينيٽر جان مڪين، ڪانگريس ميمبر ڊانا روهرابچر ۽ ٽيڊپو سان به ملاقاتون ڪيون هيون. خانگي ٽي وي چينلن طرفان انهن ملاقاتن جي خبر شايع ڪرڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار لنڊن چيپٽر ۽ پنهنجي پراڻي ساٿين تي پاڪستان جي مفادن جي خلاف ڪم ڪرڻ جو الزام لڳايو هو ۽ چيو هو ته هو اهڙن ماڻهن سان هٿ ملائي رهيو آهي جيڪي پاڪستان مخالف پروپيگنڊي جي لاءِ سڃاتا ويندا آهن.