تازيون خبرون

Daily Archives: August 5, 2017

احسن اقبال گهرو ۽ خواجه آصف پرڏيهي وزير هوندو، 44 رڪني وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي 44 رڪني ڪابينا قسم کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ 44 رڪني وفاقي ڪابينا عهدي جو قسم کنيو. صدر ممنون حسين وفاقي ڪابينا جي نون ميمبرن کان قسم ورتو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ڪابينا ميمبرن جو انگ 44 آهي جنهن ۾ اسحاق ڊار، خواجه آصف، احسن اقبال، سعد رفيق، عبدالقادر بلوچ وفاقي وزير هوندا، وفاقي وزيرن ۾ خرم دستگير خان، رانا تنوير، اڪرم دراني، سڪندر حيات ٻوسڻ، پير صدرالدين، شيخ آفتاب، ڪامران مائيڪل، مرتضيٰ جتوئي، رياض پيرزادو، برجيس طاهر، زاهد حامد، حاصل بزنجو، سردار يوسف جڏهن ته مريم اورنگزيب، انوشا رحمان، ڄام ڪمال، امين الحسنات ممڪلتي وزير بڻايا ويا آهن. عابد شير علي انچارج ممڪلتي وزير، عثمان ابراهيم، جعفر اقبال کي ممڪلتي وزير بڻايو ويو آهي، احسن اقبال، گهرو وزير جڏهن ته خواجه آصف پرڏيهي وزير هوندو. ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، خرم دستگير بچاءَ وارو وزير، مشاهد الله خان ڪلائميٽ چينج جو وفاقي وزير جڏهن ته گذريل حڪومت جي ٻن ممڪلتي وزيرن کي وفاقي وزير بڻايو ويو آهي. سائره افضل تارڙ صحت واري وفاقي وزير، بليخ الرحمان تعليم وارو وزير وفاقي هوندو، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي ٽوڙيو ويو آهي، پيٽروليم ۽ پاور کي ملائي نئين وزارت توانائي بڻائي وئي آهي جنهن جو انچارج عابد شير علي هوندو، سيد جاويد علي شاهه آبي ذريعن جو وزير، طلال چوڌري گهرو ممڪلتي وزير، مريم اورنگزيب انچارج ممڪلتي وزير براءِ اطلاعات هوندو. پرويز ملڪ واپار وارو وزير، طارق فضل چوڌري وزير ڪيڊ، محسن شاهه نواز رانجها، عبدالرحمان ڪانج، دانيال عزيز، جنيد انور چوڌري مملڪتي وزير جڏهن ته عثمان ابراهيم قانون وارو ممڪلتي وزير  هوندو. ڊاڪٽر درشن لال بين الصوبائي رابطن وارو وزير ۽ فاٽا مان اڪرام خان سيفران جو ممڪلتي وزير هوندو. ڏکڻ پنجاب جي وزيرن ۾ اويس لغاري، ارشد لغاري، حافظ عبدالڪريم، عبدالرحمان ڪانجو، جاويد شاهه شامل آهن جتي اويس لغاري سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جو وزير جڏهن ته پلاننگ ڊويزن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ماتحت هوندي. سينيٽر صلاح الدين ترمزي اينٽي نارڪوٽڪس جو وزير هوندو، ٽيڪسٽائيل جي الڳ وزارت ختم ڪري واپار سان ڳنڍي وئي آهي، پوسٽل سروسز کي مواصلات کان الڳ ڪري نئين وزارت ٺاهي وئي آهي، جڏهن ته پاڻي ۽ بجلي کي به ٻن وزارتن ۾ ورهايو ويو آهي. ڏکڻ پنجاب مان ٽوٽل 8 هزار هوندا، 5 نوان وزير بڻايا ويا آهن، جڏهن ته پاڻي ۽ بجلي جي وزير به ٻيهر قسم کڻي ورتو آهي.

 

وفاقي ڪابينا جو اجلاس، وزيراعظم طرفان ترقياتي رٿائون تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي  ترقياتي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ وفقي ڪابينا جو پهريون اجلاس ٿيو. 44 رڪني ڪابينا جي قسم کڻڻ کانپوءِ پهريون باضابطا اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪابينا ميمبرن کي عهدو سنڀالڻ تي وڌايون پيش ڪيون. ذريعن موجب اجلاس ۾ سمورن وفاقي وزيرن ۽ ممڪلتي وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي پنهنجي ڪابينا کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ان دوران وزارتن بابت چئن سالن جي معاملن جو به جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب ڪابينا جي اجلاس ۾ خاص ڪري تونائي سميت ٻيون ترقياتي رٿائون وقت تي مڪمل ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪابينا جي ميمبرن جو  هر هفتي اجلاس سڏائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪابينا جي ميمبرن کي ترقياتي رٿائون جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

وزير اعظم عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ قومي اسيمبليءَ جي ايم اين اي عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ لاءِ ان ڪئمرا پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ جي رٿ منظور ڪئي وئي آهي.  قومي اسيمبليءَ ۾ خاص پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي رٿ عارفه خالد پيش ڪئي. رٿ ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر اياز صادق پارلياماني ڪميٽي جوڙيندو  جيڪا هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪندي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي نفيسه شاهه چيو ته معاشري ۾ جيڪا عورت پنهنجي حق لاءِ اٿندي آهي تنهن تي الزام لڳندو آهي. هن چيو ته ٽوئيٽ ۾ چيو ويو ته عائشه تي تيزاب اڇلايو وڃي وزيراعظم عائشه کي ڌمڪين واري معاملي جي به جاچ ڪري. سندس چوڻ هو ته ماريه طور قومي اسٽار آهي، سندس تصويرن تي واويلا ڪرڻ به جنسي هيسائڻ آهي. نفيس شاهه چيو ته ڇا تحريڪ انصاف عورت رانديگرياڻي خلاف الزام هڻندڙ ڪارڪنن خلاف جاچ ڪندي. هن چيو ته معاملو ٻن اسيمبلي ميمبرن ۾ آهي، جيڪڏهن هيسائڻ واري ڪميٽي فعال ناهي ته فعال ڪيو وڃي. مسلم ليگ ن ايم اين اي ماروي ميمڻ چيو ته اڃا هاڻي تي ڳالهه شروع ٿي آهي، ن ليگ کي عائشه کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي سياست ۽ سيٽون بچائڻ لاءِ خاموش آهي، جيڪي ماڻهو عائشه خلاف ڳالهائين ٿا تن کي به خبر آهي ته اها درست چئي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته حلفيه چوان ٿي ته عائشه جيڪو چيو 100 سيڪڙو درست آهي. تحريڪ انصاف جي شيرين مزاري ڳالهائيندي چيو ته جڏهن خواجه آصف کيس ٽرالي چيو هو ته تڏهن ن ليگ جون عورتون خاموش هيون، تڏهن کين شرم ۽ حياءَ نه آيو  هو؟ هن چيو ته خواجه آصف پنهنجي گار تي اڄ تائين معافي نه ورتي آهي. ٻئِي طرف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عائشه گلالئي جي الزامن تي پارلياماني ڪميٽي جوڙي جاچ ڪئي وڃي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته  گار گند ڪري ايوان جي عزت ۾ گهٽتائي نه آڻڻي آهي پر ان جي عزت وڌائڻي آهي. هن چيو ته عمران خان تي عائشه گلالئي جيڪي الزام هنيا تنهن جي جاچ ڪري معاملو ختم ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته عائشه گلالئي معاملي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته  جن تي الزام لڳو تن جي به عزت ڪن ٿا ۽ جن الزام هنيو تن جي به عزت ڪن ٿا. هن چيو ته عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ لاءِ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جوڙي وڃي جنهن جي ڪارروائي پبلڪ نه ڪئي وڃي، بند ڪمري ۾ جاچ ٿي ۽ معاملي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن عائشه گلالئي وفاقي سرڪار کي سڪيورٽي لاءِ خط لکيو آهي ته کيس ضرور سڪيورٽي ڏني ويندي، آءِ جي اسلام آباد ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر عائشه گلالئي کي سڪيورٽي فراهم ڪندو.

 

ڪراچي: هلندڙ سال دوران 14 پوليس اهلڪار دهشتگردي جو نشانو بڻيا

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) شهر ۾ هلندڙ سال جي 7 مهينن دوران 14 پوليس اهلڪارن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو جنهن  سي ٽي ڊي جا اهلڪار به شامل آهن. ڪراچي ۾ 4 جنوري تي شاهراهه فيصل تي هوٽل تي فائرنگ ۾ هلڪار اقبال محمود شهيد ٿيو ۽ 10 جنوري تي سي ٽي ڊي جو اهلڪار خاد حسين اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جو نشانو بڻيو جڏهن ته 21 جنوري تي گلشن اقبال ۾ پوليس فائونڊيشن جي جوان علي نواز کي ٽارگيٽ ڪيو ويو. 11 اپريل تي سلطان آباد ۾ منگهي پير جي انٽيليجنس آفيسر فريد کي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو ۽ 20 مئي تي نيو ٽائون ٿاڻي جي موبائيل تي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ افتخار ۽ ڪانسٽيبل راجا يونس شهيد ٿي ويا. 23 جون تي سائيٽ ايريا ۾ افطار جي وقت 4 پوليس اهلڪار دهشتگردي جو نشانو بڻيا. 21 جولاءِ تي ڪورنگي دارالعلوم ڀرسان پوليس موبائيل تي فائرنگ ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا جڏهن ته جولاءِ ۾ ئي ابوالحسن اصفهاني روڊ تي فائرنگ ۾ هڪ ٽريفڪ اهلڪار شهيد ٿيو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.  ٻئي طرف آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته سنڌ پوليس جي جوانن کي جلد بلٽ پروف جيڪٽس فراهم ڪيون وينديون. پوليس جي شهيدن واري ڏهاڙي تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته سنڌ پوليس تي حملن ۾ ملوث جوابدارن کي جلد انجام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته ٽريفڪ پوليس تي حملن جي جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ سندن مدد ڪن. سندس چوڻ هو ته شهادت جو رتبو تمام گهڻو اهم آهي، هو پوليس جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته  ڪراچي ۾ پوليس تي حملن جي تازي لهر ۾ هڪ کان وڌيڪ ٽولا ملوث آهن.

 

سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽراڪ ميڊيا ۾ رڳو هڪ عورت تي سياست ٿي رهي آهي، الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عائشه گلالئي جي جي الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽراڪ ميڊيا ۾ رڳو هڪ عورت تي سياست ٿي رهي آهي. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ عورتن جو فورم موجود آهي جنهن تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته ٻين بابت ڳالهائيندڙن کي پنهنجي جيءَ ۾ به جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي. ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عوام جي دلين جو وزيراعظم اڄ به نواز شريف ئي آهي.

 

اڳوڻي صدر پاران عيد الاضحيٰ نوابشاهه ۾ ملهائڻ جو اعلان، جمهوريت مخالفن سان گڏ ناهيون: آصف زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان نئين چونڊيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سعيد غني دبئي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. شريڪ چيئرمين عيد الاضحيٰ نواب شاهه ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته عيد کان پوءِ وڏي چونڊ مهم هلائينداسين ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ڪاميابي جي لاءِ هر صوبي ۾ ويندس. آصف زرداري چيو ته ميان صاحب کي چيو هو ته استعيفيٰ ڏئي نه ته دما دم مست قلندر ٿيندو، عدالتي فيصلي کان پوءِ دما دم مست قلندر جو نعرو عوام ئي لڳايو، هن چيو ته ادارن کي آئيني طريقي سان مضبوط ڪيو، جمهوريت کي نقصان پهچائيندڙ جا رستا آئيني طريقي سان بند ڪيا، هن چيو ته اسان ان شخص سان گڏ ناهيون جيڪو جمهوريت جي خلاف آهي، آرٽيڪل 62 ۽ 63 مخالفت ڪندڙن جي ڳچي ۾ پيو.

 

تڪ جا ماڻهو بيوفائي نٿا ڪري سگهن، ڪابينا ڇو نه جوائن ڪئي، ڪجهه ڏينهن ۾ ٻڌائيندس: چوڌري نثار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ن ليگ اڳواڻ چوڌري نثار چيو آهي ته منهنجي تڪ جا ماڻهو مون سان بيوفائي نٿا ڪري سگهن، روات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته منهنجي تڪ جي ماڻهن منهنجي هڪ آواز تي منهنجي عزت ۽ مان رکيو، هن چيو ته تڪ جي ماڻهن بار بار مون کي چونڊيو، اها منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، هن چيو ته پوٽوهار جي مٽيءَ ۾ غيرت ۽ حياءُ آهي، 2002 کان نه 1985 کان منهنجو مان هن خطي جي ماڻهن رکيو آهي، ماڻهن کي خبر ناهي پئجي رهي ته سچ ڪير ڳالهائي رهيو آهي ۽ ڪوڙ ڪير ڳالهائي رهيو آهي، اسان جا مخالف 8 سال اقتدار ۾ رهيا، ڪو هڪ ميگا پراجيڪٽ ڏيکارين، پوري پاڪستان ۾ ترقي جون نيون راهون کليون آهن، ن ليگ جي حڪومت ايندي آهي ته ملڪ ۾ ترقي ٿيڻ لڳندي آهي، هن چيو ته گذريل دورن ۾ ڪو ترقياتي ڪم نه ٿيو، اسان پنهنجي جهيڙن ۾ آهيون، هڪ ٻئي کي گارين ۾ مصروف آهيون، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وضاحت ڪندس ته ڪابينا ۾ ڇو شامل نه ٿيس، هن چيو ته مان پنهنجي تڪ ۾ هر هر ايندس، عزت عهدن ۾ ناهي هوندي، ڪردار ۾ هوندي آهي، اصل وفاداري اها آهي ته ليڊر جي سامهون سچ ڳالهايو وڃي، ڪنهن کي سٺي ڳالهه لڳي نه لڳي، اها ڳالهه ڪندو رهندس، اسان کي سڀ کان پهرين پارٽي کي مضبوط ڪرڻو آهي،  هن چيو ته ملڪ ۾ حڪومتن کي خوش آمد ڪلچر کائي ويو آهي، ملڪ ۽ پارٽي کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻو آهي، مشڪل ترين وقت ۾ پارٽي کي ۽ ملڪ کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻو آهي، گو گو وارا نعرا نه لڳايو، پارٽي کي مضبوط ڪريو، چوڌري نثار چيو ته پاڻ کي پاڪستان جو خوش قسمت ترين شخص سمجهان ٿو جو عوام مون سان گڏ آهي، هن چيو ته نواز شريف کان وزيراعظم جو عهدو ته ورتو ويو پر ليڊري ڪير نٿو وٺي سگهي، نواز شريف جي قيادت ۾ پارٽي قائم رهندي، هن چيو ته ملڪ خطرن ۾ گهيريل آهي، پر گار گند جي سياست ٿي رهي آهي.

 

بدسلوڪي خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ استحقاق واري رٿ پيش، مخالف ڌر جو واڪ آئوٽ، مان مري ويس ته اسيمبليءَ کي پاڻ ساگڏ وٺي مرندس: شيخ رشيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد قومي اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ ن ڪارڪنن طرفان بدسلوڪي تي استحقاق واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته مخالف ڌر طرفان واقعي خلاف ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران شيخ رشيد پاڻ سان ٿيل بدسلوڪي تي استحقاق واري رٿ پيش ڪندي چيو ته عزت لاءِ سياست ڪندڙن کي برداشت ڪرڻو پوندو، 59 رڪني ڪابينا جي فرائيڊي مارڪيٽ نظام کي بچائي نه سگهي، اسيمبلي ۾ انٽري پاس کانسواءِ ماڻهو داخل ٿيا، جيتوڻيڪ اهڙي قسم جي ماڻهن جي اسيمبليءَ ۾ داخلا تي پابندي آهي، انهن ماڻهن کي ڪنهن اسيمبليءَ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني، اسيمبلي ٻاهران به ڀاڙيتو قاتل موجود هئا، سندن 2 کان 3 قتل ٿيل آهن. شيخ رشيد اسيمبليءَ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪي ڪارروايون حڪومت ڪري رهي آهي تنهن مان اسيمبلي به محفوظ ناهي، سندن منڍي لاهڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، 15 سئو ريال هر مهيني وٺندڙ سندس منڍي لاهيندو، مان سٺو آهيان يا خراب اسيمبليءَ جو حصو آهيان، جيڪڏهن مان مري ويس ته اسيمبليءَ کي پاڻ ساگڏ وٺي مرندس. هن چيو ته مون تي حملو ڪيو ويو ۽ مون کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، واقعي تي سندس استحقاق مجروح ٿيو آهي، واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي.

 

گلالئي جا الزام: تحريڪ انصاف پارلياماني ڪميٽي کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ): تحريڪ انصاف عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ لاءِ بڻجندڙ پارلياماني ڪميٽي کي رد ڪري ڇڏيو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف اڳواڻ شفقت محمود جو چوڻ هو ته عائشه گلالئي جي الزامن تي پارليامينٽ جيڪا ڪميٽي بڻائي رهي آهي، ان ۾ اسان جا سياسي حريف شامل هوندا، جيڪي اسان جو چهرو ڏسڻ نٿا چاهين، جيڪي ان مهم جا ڪرتا ڌرتا آهن، اهي ڪهڙيءَ ريت شفاف جاچ ڪندا، شفقت محمود چيو ته تحريڪ انصاف کي ڪنهن جاچ کان ڪو انڪار ناهي ۽ هر تحقيق لاءِ تيار آهيون ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ ٿئي پر اسان جي سياسي حريفن جي هيٺان بڻائجندڙ ڪميٽي ڪهڙيءَ ريت شفاف جاچ ڪري سگهي ٿي، تحريڪ انصاف اڳواڻ جو چوڻ هيو ته مسلم ليگ (ن) سياست کي گندگي طرف وٺي وڃي رهي آهي، ان لاءِ جيڪڏهن سياست ان طرف وئي ته تمام خرابي ٿيندي، خبر هئي مسلم ليگ (ن) عمران خان ۽ تحريڪ انصاف خلاف گندي مهم شروع ڪندي ۽ بلڪل اهڙيءَ ريت اخلاق کان ڪريل ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪي اڳتي به نظر اينديون، جڏهن ته اسان نٿا چاهيون سياست کي غلط ڪيو وڃي، شفقت محمود چيو ته ڪردار ڪشي ڪرڻ مسلم ليگ (ن) جو پراڻو ڌنڌو آهي، ان کان اڳ ماضي ۾ به بينظير ڀٽو ۽ نصرت ڀتو جون نازيبا تصويرون جهازن ذريعي لاهور ۾ اڇلايون ويون هيون، مسلم ليگ (ن) کي مخاطب ڪندي تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته جيڪي شيشي جي گهرن ۾ رهندا آهن، انهن کي پٿر نه اڇلائڻ گهرجي، اوهان جي ڪابينا جي ماڻهن ۽ ليڊرن جي ماضي جي سڀني کي خبر آهي، جيڪڏهن سياست ان طرف وئي ته گهڻي خرابي ٿيندي، شفقت محمود جو چوڻ هو ته پاناما ڪيس جي فيصلي بعد حڪومت سپريم ڪورٽ تي حملا ڪري رهي آهي، انهن کي جيڪڏهن عدالتن ڪرپٽ چيو ته اسان نٿا چاهيون ته ڪريل سطح تي وڃون، جڏهن ته سول سوسائٽي جا علمبردار به عدالتي فيصلن تي تنقيد ڪري رهيا آهن، هن چيو ته چوڌري نثار جو ڪابينا ۾ نه اچڻ ثابت ڪري ٿو ته مسلم ليگ (ن) ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، خواجا آصف جنهن کي سفارتي چال چلت جي ڪا خبر ناهي ان کي پرڏيهي وزير لڳايو ويو آهي.

 

نواز شريف جي نااهلي بعد ن ليگ پراڻي رستي تي اچي وئي آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته ن ليگ ادارن ۽ سياسي مخالفن تي حملا ڪري رهي آهي، هن چيو ته عدالت کان نواز شريف جي نااهلي بعد ن ليگ پراڻي رستي تي اچي وئي آهي، لال حويلي تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، اهڙيون ڪارروايون برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته ن ليگ ڪارڪنن جي لال حويلي تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا.