تازيون خبرون

Daily Archives: July 27, 2017

نيب آرڊيننس ختم، سنڌ اسيمبلي احتساب بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، مخالف ڌر جو بائيڪاٽ

ڪراچي (اين اين آءِ/م.ڊ) سنڌ قومي احتساب آرڊيننس 1999 کي رد ڪرڻ کانپوءِ احتساب جو نئون قانون بڻايو آهي، اربع تي سنڌ اسيمبلي سنڌ احتساب بل جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، اهو نئون قانون سنڌ احتساب ايڪٽ سڏيو ويندو، اپوزيشن ميمبرن بل جي مخالفت ڪئي، بل جي منظوري دوران اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، ان بل جي منظوري کانپوءِ صوبي احتسابي ايجنسي قائم ڪئي ويندي ۽ صوبي جو پنهنجو احتساب ڪميشن بڻايو ويندو، صوبي ۾ احتساب عدالتون به قائم ڪيون وينديون، ان ايڪٽ جي منظوري کانپوءِ نيب يا ڪو ٻيو ادارو مالياتي ڪرپشن يا ڏوهن خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهندو، سنڌ انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ کي ختم ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان سنڌ انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن ايڪٽ 1991 کي به رد ڪيو ويندو، اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ اهي سمورا ڪيس، اسٽاف، اثاثا، سنڌ احتساب ايجنسي کي منتقل ٿي ويندا، احتساب ايجنسي ڪرپشن جي قدمن خلاف شڪايتون ۽ الزام وصول ڪندي ۽ ان جي جاچ ڪندي، سنڌ احتساب ڪميشن 5 ميمبرن تي ٻڌل هوندو، جنهن ۾ چيئرمين، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، احتساب ايجنسي پراسيڪيوٽر جنرل، ڊي جي ۽ ڊائريڪٽر انويسٽيگيشن شامل هوندا، احتساب ڪميشن ڪرپشن جي ڪيسن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺندي، چيئرمين جي غير حاضري ۾ ڊي جي ڪميشن جو چيئرمين طور ڪم ڪندو. احتساب ڪميشن جي چيئرمين لاءِ پاڪستان جو شهري ۽ سنڌ جو ڊوميسائيل رکڻ ضروري آهي. ۽ ان حوالي سان احتساب ايجنسي کي سفارشون پيش ڪندي، احتساب ڪميشن ڪرپشن جي نشاندهي ڪندي ۽ ان جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت کي سفارشون پيش ڪندي، چيئرمين جي غير حاضري ۾ ڊي جي ڪميشن جو چيئرمين رهندو، ڪميشن جا فيصلا اڪثريت جي بنياد تي ٿيندا، جڏهن ته احتساب ايجنسي جا انتظامي اختيار ڊي جي وٽ هوندا، احتساب ڪميشن جي چيئرمين لاءِ پاڪستان جو شهري ۽ سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ ضروري آهي، سٺي شهريت ۽ ديانتدار ماڻهو کي چيئرمين مقرر ڪيو ويندو، جيڪو هاءِ ڪورٽ جو جج رهيو هجي يا هاءِ ڪورٽ جو جج بڻجندڙ جي صلاحيت رکندو هجي يا گريڊ 21 جو سرڪاري ملازم رهيو هجي، چيئرمين جي نامزدگي سنڌ اسيمبلي جي 6 رڪني پارلياماني ڪميٽي ڪندي، جنهن ۾ 3 ميمبر حڪومت مان ۽ 3 ميمبر اپوزيشن مان هوندا، ٻنهي طرفن کان قائد ايوان ۽ اپوزيشن پارلياماني ڪميٽي لاءِ نالا ڏيندا، اسپيڪر ڪميٽي جو سربراهه هوندو، پارلياماني ڪميٽي چيئرمين جي چونڊ اتفاق راءِ سان اڪثريت راءِ سان ڪندي، جيڪڏهن ٻن نالن تي برابر ووٽ هوندا ته اسپيڪر جو ووٽ فيصلي وارو هوندو، چيئرمين جي مقرري 3 سالن تائين هوندي. احتساب ايجنسي جي ڊي جي مقرري لاءِ چيئرمين حڪومت کي 3 نالا تجويز ڪندو، انهن مان ڪنهن هڪ کي سنڌ حڪومت ڊي جي مقرر ڪندي، احتساب ايجنسي ۾ ڊائريڪٽر انويسٽيگيشن، ڊائريڪٽر انٽرنل مانيٽرنگ ۽ ڊائريڪٽر انٽرنل ڪنٽرول به هوندا، ڊپٽي ڊائريڪٽر رينجنل هيڊ هوندا. احتساب ايجنسي جا ايڊيشنل پراسيڪيورٽر جنرل، ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل، اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽرن لاءِ پراسيڪيوٽر جنرل 3 نالا موڪليندو، وڏو وزير انهن مان ڪنهن هڪ کي مقرر ڪندو، سنڌ حڪومت ضرورت موجب صوبي ۾ احتساب عدالتون قائم ڪندي جن جا سربراهه ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هوندا. انهن ججن جي نوڪري جو مدو 3 سال هوندو، سنڌ انڪوائري اينڊ اينٽي ڪرپشن ايڪٽ 1991 تحت قائم ڪيل عدالتون احتساب عدالتون تصور ڪيون وينديون. سنڌ احتساب ايڪٽ تحت ڪيل ڪاررواين تي قانون هڪ شهادت آرڊير 1984 جي شقن کي به لاڳو ڪيو ويندو، صوبي جي مالياتي معاملن بابت ٿيندڙ ڏوهه يا ڪرپشن تي ڪو به ٻيو ادارو جنهن ۾شامل نيب ڪارروائي نه ڪري سگهندو، احتساب عدالتن کي اهو اختيار هوندو ته اهي ڪرپشن مان حاصل ڪيل رقم جيڪڏهن ڏوهاري واپس ڪئي آهي ته ان جي سزا ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي. بل جي منظوري کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس خميس تائين ملتوي ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ احتساب بل آئين جي مطابق آهي ۽ قومي احتساب آرڊيننس غلط هو، انڪري اسان ان کي منسوخ ڪيو آهي ۽ صوبي ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ احتساب جو هڪ موئثر قانون بڻايو آهي. هن چيو ته قومي احتساب بيورو (نيب) وارا نعوذ بالله خدا بڻيل آهن، انهن ڪرپشن جي وڏن اسڪينڊلز ۾ ڪلين چٽ ڏني. سنڌ احتساب ايڪٽ جنهن کي عدالت ۾ چئليج ڪرڻو آهي ته اهو پنهنجو شوق پورو ڪري. هن چيو ته مان وفاق تي سڀ کان وڌيڪ يقين رکندو آهيان. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهي ڳالهيون اڄ اربع ڏينهن سنڌ احتساب بل 2017ع تي بحث دوران خطاب ڪندي ڪيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بل تي مخالف ڌر جي سمورن اعتراضن کي رد ڪندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 142 بي تحت صوبا ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قانونسازي ڪري سگهن ٿا، سنڌ احتساب بل تي ڪو اعتراض نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته صوبا انهن مامرن تي قانونسازي نه ٿا ڪري سگهجن، جيڪي وفاقي ليجيسليٽو لسٽ ۾ شامل آهن ۽ ڪرپش جو مامرو ان لسٽ ۾ شامل نه آهي. وڏي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 143 تحت صوبن کي قانونسازيءَ کان نه ٿو روڪي سگهجي. هن چيو ته اسان فوجداري قانون تي قانونسازي نه پيا ڪريون، جڏهن ته فوجداري قانون تي وفاق ۽ صوبا ٻئي قانونسازي ڪري سگهن ٿا، پر آئين تحت وفاقي قانون مقدم هوندو. هن چيو ته اهو چوڻ غلط آهي ته وفاقي حڪومت ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اقوام متحده جي ڪنوينشن تي صحيح ڪئي آهي انڪري صوبا ان تي قانونسازي نه ٿا ڪري سگهن. وفاقي حڪومت اقوام متحده جي ڪيترن ئي ڪنوينشنز تي صحيحون ڪيون آهن، پر انهن معاملن بابت صوبن آئين تحت قانونسازي ڪئي آهي، جهڙي طرح وفاقي حڪومت ليبر بابت اقوام متحده جي ڪنوينشن تي صحيح ڪيل آهي پر ان حوالي سان صوبن قانونسازي ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ احتساب ڪميشن جي چيئرمين جي مقرري سنڌ حڪومت جو ڪم نه آهي. ان لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر تي ٻڌل ٽي سرڪاري ميمبر ۽ ٽي مخالف ڌر جا ميمبر شامل هوندا جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ستون ميمبر هوندو. سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جي نيتن تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته مان وفاق تي سڀ کان وڌيڪ يقين رکندو آهيان. هن چيو ته سنڌ حڪوتم وفاق کي پابندي لاڳو ٿيل تنظيم ۽ دهشتگرديءَ جي تربيت ڏيندڙ مدرسن جا نالا فراهم ڪيا ته وفاقي حڪومت ان تي جيڪو ردعمل ظاهر ڪيو اهو تمام افسوسناڪ آهي، وفاقي حڪومت اسان کي چيو ته اوهان ڪير آهيو دهشتگردن جي نشاندهي ڪندڙ. هن چيو ته مخالف ڌر وارا مخالفت براءِ مخالفت تحت جيڪو زبان تي ايندو آهي چئي ڏيندا آهن، جڏهن ڪا ڳالهه نه بڻجندي آهي ته وفاق ۽ ٻيون ڳالهيون شروع ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته اهو ئي احتساب بيورو (نيب) آهي، جنهن آر او پلانٽس کي ڪيلن چٽ ڏئي ڇڏي آهي. ٽريڪٽرز جي خريداريءَ ۾ ڪرپشن جي وڏي اسڪينڊل ۾ به نيب ڪلين چٽ ڏني آهي. هن چيو ته جن ٽيڪٽرز تي سنڌ حڪومت سبسڊي ڏني، اهي ئي ٽريڪٽرز پنجاب ۾ به رجسٽرڊ هئا. وڏي وزير چيو ته نيب وارا ڏهه ارب وصول ڪري اڍائي ارب رپيا پنهنجي کيسي ۾ وجهندا آهن. هن چيو ته نعوذ بالله نيب وارا خدا بڻيل آهن، نيب ڪنهن معاملي ۾ هٿ وجهي ته پوءِ ڪوبه کاتو ان تي جاچ پڙتال نٿو ڪري سگهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته مخالف ڌر وارا سنڌ احتساب ايڪٽ کي عدالت ۾ چئليج ڪرڻ چاهن ٿا ته اهي پنهنجو شوق پورو ڪن. هن چيو ته خيبر پختون خواهه ۾ به احتساب ايڪٽ بڻايو ويو آهي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ان احتساب ايڪٽ جي توسيع ڪري ڇڏي آهي

 

وفاقي حڪومت جو ڪراچي دهشتگردي معاملو سائوٿ آفريڪا ۽ برطانيا اڳيان اٿارڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته سائوٿ آفريڪا ۽ برطانيا جي ڌرتي جو ڪراچي ۾ قتل ۽ دهشتگردي لاءِ استعمال ڪرڻ ڳڻتي جوڳو آهي، ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جي چٽن ثبوت سان اهو معاملو اٿاريو ويندو، اربع تي گهرو وزير چوڌري نثار علي سان ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد سعيد ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ ان کي رينجرز پاران گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سائوٿ آفريڪا ۽ برطانيا ۾ موجود نيٽ ورڪ سان تعلق رکندڙ جوابدارن جي گرفتارين جي حوالي سان بريفنگ ڏني، گهرو وزير ڪراچي ۾ امن جي قيام ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ ماڻهن جي حوالي سان رينجرز سنڌ جي ڪاڪردگي جي تعريف ڪندي ڊي جي رينجز کي ان سلسلي ۾ ريفرنس گهرو وزارت کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي جنهن جي روشني ۾ معاملو سائوٿ آفريڪا ۽ برطانيا جي اڳيان اٿاريو ويندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي حڪومتن سان چٽن ثبوت سان اهو معاملو اٿاريو ويندو.

 

پوليس جي ڏوهن ۾ ملوث هئڻ ڪري امن جو اهو حال آهي، ننڍن آفيسرن خلاف ڪارروائي سان ڪم نه هلندو: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سي ٽي ڊي جي رپورٽ ۾ سنڌ پوليس جي 12 هزارن کان وڌيڪ اهلڪارن جو رڪارڊ شڪي هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ اربع تي ڏوهاري سرگريمن ۾ ملوث پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن خلاف ڪاروائي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ، جنهن  سي ٽي ڊي جي  ايڊيشنل آئي جي ثناءَ الله عباسي جي سربارهي ۾ ٿي. ٿيندڙ جاچ جي انڪوائري رپورٽ پيش ڪئي وئي. سي ٽي ڊي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ پوليس جا 12 هزارن کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جو رڪارڊ شڪي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هڪ لک 9 هزار اهلڪارن جي رڪارڊ جو جائزو ورتو ويو، شاهديون ملڻ تي ساڍن ٽن سون اهلڪارن جي خلاف سزا جي سفارش ڪئي وئي. ڏوهن ۾ ملوث 17 اهلڪار هٽايا ويا، جڏهن 122 جي جبري رٽائرمينٽ  ڏني وئي آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس سجاد علي شاهه ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان پڇيو ته اهو ٻڌايو ته اعليٰ آفيسرن جي خلاف ڪاروئي ڇو نه ٿي. اهو نه هلندو ته صرف ننڍن آفيسرن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. جسٽس سجاد علي چيو ته ڇا اسانکي خبر نه آهي ته سنڌ پوليس ۾ ڪهڙو ڪم ٿي رهيو آهي عدالت ٻڌڻي دوران سنڌ جي  چيف سيڪريٽري کي به عدالت ۾ فوري طور تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو پر هو پيش نه ٿيو، سرڪاري وڪيل چيف سيڪريٽري جي ڌيئرن جي شادي آهي. عدالت ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

سنڌ حڪومت پيٽرول بحران جو ذميوار وفاق کي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)  پيٽرول بحران جي ذميواري وفاقي حڪومت جي آهي، آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن عوام خاطر هڙتال ختم ڪري، روڊن تي ايمبولنسون به بيهي ويون آهن، عوام کي پريشاني ٿي رهي آهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته پاڪستان هن وقت دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، وفاقي حڪومت جي نظر رڳو پاناما ڪيس تي آهي. هن چيو ته پيٽرول جي کوٽ جي ڪري عوام پريشان ۽ ذهني ڪوفت جو شڪار بڻجي رهيو آهي آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن کي عوام خاطر هڙتال ختم ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف ميثاق جمهوريت جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

 

عمران خان سياسي ڳجهه آهي، ڪنهن ٻئي جي شڪار سان اقتدار جي بک نه مرندي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران خان هڪ سياسي ڳجهه وانگر آهي، 2013 ۾ هارائجڻ بعد ان انتظار ۾ آهي ته ڪوئي ٻيو شڪار ڪري ۽ اقتدار جي بک مري پر ايئن ڪڏهن نه ٿيندو، سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير خواجا آصف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي سياسي ڳجهه قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته عمران خان 2013 ۾ هارائجڻ باوجود ان انتظار ۾ آهي ته ڪو ٻيو شڪار ڪري پر ڪنهن ٻئي جي شڪار سان عمران خان جي اقتدار جي بک نه مرندي.

 

شهباز شريف جي چوڌري نثار سان ملاقات، پارٽي اختلاف ميڊيا تي نه آڻڻ جي درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وچ ۾ ملاقات ختم ٿي وئي، جنهن بعد شهباز شريف وفاقي وزيرن اسحاق ڊار ۽ خواجا سعد رفيق سان گڏ واپس روانو ٿي ويو، ميڊيا رپورٽن مطابق وڏو وزير اڄ خصوصي جهاز ذريعي لاهور کان اسلام آباد پهتو، جتي هن وزيراعظم هائوس ۾ مشاورت ڪئي، جنهن بعد اسحاق ڊار ۽ خواجا سعد رفيق سان گڏ پنجاب هائوس پهتو، جتي سندس ملاقات چوڌري نثار سان ٿي، ليگي اڳواڻن وچ ۾ ٻه ڪلاڪ ڊگهي ملاقات جاري رهي، جنهن ۾ شهباز شريف چوڌري نثار کي پرچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، ان موقعي تي شهباز شريف چوڌري نثار کي درخواست ڪئي ته اهو پارٽي معاملن جي حوالي سان ميڊيا تي اچي ڳالهه ٻولهه نه ڪري ۽ ان معاملي کي خوش اصلوبي سان حل ٿيڻ گهرجي،  ملاقات ۾ شهباز شريف چوڌري کي پارٽي اختلاف ميڊيا تي نه آڻڻ جي درخواست ڪندي چيو ته پهرين به معاملا گڏ ويهي حل ڪيا آهن، توهان پارٽي جا اهم ميمبر آهيو ۽ توهان جون پارٽي جي لاءِ ناقابل فراموش خدمتون آهن. هن چيو ته گهرو وزير لاهور ڌماڪي کان پوءِ سياسي معاملن کي هڪ پاسي رکي دانش جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي چوڌري نثار چيو ته منهنجو موقف اصول پسنداڻو آهي ۽ خدشا به اصولن تي ٻڌل آهن، وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پارٽي تي ڪڏهن ذات کي ترجيح ناهي ڏني، شهباز شريف، اسحاق ڊار ۽ خواجا سعد رفيق ڊگهي ملاقات بعد پنجاب هائوس کان واپس وزيراعظم هائوس هليا ويا.

 

ظفر حجازي سلطاني گواهه بڻجي سگھي ٿو، ان جي حياتيءَ کي خطرو آهي، تحفظ ڏيڻ گھرجي : سينيٽر اعتزاز احسن

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ پ  جي سيئنر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته ظفر حجازي سلطاني گواهه بڻجي سگھي ٿو، انجي زندگي کي خطرو آهي کيس تحفظ  ڏيڻ گھرجي شريف ڀائرن جي عادت آهي ته غلامن  وانگر ان جي خدمت ڪئي وڃي ۽ هر ڪوئي انجي ڊيوٽيءَ ۾ رهي. ظفر حجازي کي ٻين وانگر قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي، وزيرعظم يا وزير وٽ اقامو هجڻ ڪريل حرڪٽ آهي،  نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته رڪارڊ ٽيمپرنگ ڪيس ۾ ظفر حجازي سان نوازشريف سان نامزد هجڻ گھرجي هان چو ته ظفر حجازي جيڪو ڪجھه ڪيو انجو فائدو نوازشريف کي پهتو. شريف خاندان اهم ادارن ۾ پنهنجو وفادارن کي ئي مقرر ڪندو آهي ماڊل ٽائون پوليس آفيسرن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي. ظهير السلام خلاف مشاهد الله کي ٻڪرو بڻايو ويو ڊان ليڪس ۾ به قربانيءَ جا ٻڪرا بڻايا ويا. شريف ڀائرن جو خاص ماڻهون نيشنل بينڪ جو صدر آهي. وزيراعظم جو پرڏيهه ۾ نوڪري ڪرڻ شرم جھڙي ڳالهه آهي.

 

مون مني ٽريل ڏئي ڇڏي، هنن اڃا هڪ بئنڪ ٽرانزيڪشن ناهي ڏني: عمران خان

اسلام آباد (ويب ديسڪ): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به اهڙيون حالتون خراب نه هيون، لاهور جو ڪيڏو وڏو حادثو ٿيو ۽ وزيراعظم پرڏيهه پاڻ دعوت وٺي هليو ويو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ملڪ ۾ حالتون خراب ٿي رهيون آهن، معيشت تباهه ٿي رهي آهي، پوري قوم سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪندس ته فيصلي ۾ جلدي ڪري، سڄي حڪومت وزيراعظم نواز شريف جي ڪرپشن بچائڻ ۾ لڳي پئي آهي، صفائي پيش ڪرڻ بدران چيو پيو وڃي ته ملڪ ۾ ٻيا سڀ به ڪرپٽ آهن، پاڪستان تباهه ٿي رهيو آهي مني لانڊنگ سان، هتان جو پئسو غير قانوني طور ٻاهر اماڻيو پيو وڃي، هن چيو ته مون سان گڏ کيڏڻ وارن جا به لنڊن ۾ فليٽ آهن، مان 24 سالن جي عمر کان ڪرڪيٽ کيڏي رهيو هيس، مون فليٽ بابت سموريون بئنڪ ٽرانزيڪشنز ڏيکاري ڇڏيون آهن، فليٽ وٺڻ جي مني ٽريل جيڪا ناممڪن هئي، اها به عدالت کي ڏيکاري ڇڏي، عمران خان چيو ته انهن عدالت ۾ اڃا تائين هڪ بئنڪ ٽرانزيڪشن ناهي ڏيکاري، انهن جيڪي دستاويز ڏنا، اهي فراڊ نڪتا، اسحاق ڊار جا دبئي ۾ ڏيڍ ڏيڍ ارب رپين جا گهر آهن، اهي سڄي قوم جا ڏوهاري آهن، اهي واقعي گاڊ فادر آهن، ڪنهن جمهوريت ۾ ڪڏهن ٻڌو، ڪنهن ملڪ جو وزيراعظم اقامو وٺي ٻئي ملڪ جو سيلز مئنيجر بڻيو هجي، ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي انهن جون نسون ڦاٽي رهيون هونديون آهن، انهن سڀني جو ڪم هڪ ٻئي کي بچائڻ هوندو آهي، هن چيو ته ايفيڊرين ڪيس ۾ پڪڙيل شخص منهنجي مٿان ڪيس ڪيو، جيڪڏهن مان نااهل ٿيس ته اها تمام ننڍي قيمت هوندي، ن ليگ ۾ شايد ئي ڪو شخص هجي، جيڪو هڪ نمبر آهي، هن چيو ته ارستو بڻيل انهن جو هڪ وزير وڏيون معتبر ڳالهيون ڪندو آهي، اهو به هڪ ملڪ جو اقامو وٺيون ويٺو آهي، مون کي خبر آهي، ججن تي وڏو پريشر هوندو، هن وقت پيپلز پارٽي تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي، ڪو به سڌي رستي تي اچي وڃي ته ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي، هن وقت خورشيد شاهه ۽ پيپلز پارٽي سٺو ڪم ڪري رهيا آهن، پيپلز پارٽي فرينڊلي اپوزيشن تان هٽي وئي آهي.

 

آصف زرداري ۽ مشرف حڪومت جو به احتساب ٿيڻ گهرجي: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ): جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌايو وڃي، پاناما ڪيس جي ٻين 450 ڪردارن کي به ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، هن چيو ته آصف زرداري ۽ مشرف حڪومت جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته اين آر او جي وهندڙ گنگا ۾ هٿ ڌوئڻ وارن کي به پڪڙيو وڃي، سراج الحق چيو ته پاناما ڪيس فيصلي ۾ دير سان ملڪ جو ڪاروبار رڪيل آهي، پاڪستان جو 200 ارب ڊالر کان وڌيڪ پئسو پرڏيهي بئنڪن ۾ پيو آهي، پاڪستان تي 73 ارب ڊالر جا پرڏيهي قرض آهن.

 

اورنگي ٽائون ۾ ٻن ڄڻن کي قتل ڪندڙ ايم ڪيو ايم لنڊن جا ٻه جوابدار گرفتار: ڪرنل قيصر

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ رينجرز جي ترجمان ڪرنل قيصر چيو ته ڪراچي جون حالتون پهريان کان بهتر آهن ۽ اهو وقت گذري ويو جڏهن هڪ ڪال تي لاش ڪرندا هئا، ڪراچي مان گرفتار ڪيل ٽارگيٽ ڪلرن پنهنجو ڏوهه قبول ڪيو آهي. جوابدارن 17 جولائي تي ٻن ماڻهن کي اورنگي ٽائون ۾ قتل ڪيو هو، انهن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي، ايم ڪيو ايم جي بانيءَ جوابدارن کي ڪاروائي مڪمل ڪرڻ تي شاباس به ڏني اها ڳالهه هن اربع تي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌائي، ٻئي جوابدار ڏکڻ آفريڪا گروپ سان رابطي ۾ هئا، محمد رحيم شوٽر ۽ محمد دانش موٽر سائيڪل هلائي رهيا هئا. جوابدارن وٽان استعمال ٿيندڙ هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته جوابدارن ايم ڪيو ايم جي باني، نديم نصرت، قمر ٽيڊي ۽ بابو ڀائي جا نالا ٻڌايا آهن. واردات جي ٻن ڏينهن کانپوءَ ايم ڪيو ايم جي باني انهن کي شاباس جو ميسج موڪليو، ۽ حبيب ميٽرو بينڪ جي ذريعي 50 هزار رقم بطور انعام موڪلي وئي. جوابدار ايم ڪيو ايم باني جي حق ۾ وال چاڪنگ ڪري رهيا هئا. رينجرز جي ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ ايم ڪيو ايم جا وائس ميسيج  به ٻڌايا. هن ٻڌايو ته گرفتار ٻنهي جوابدارن قتل جو اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته هن وقت شهر ۾ ڪو به ايڪٽو نيٽورڪ ڪم نه ڪري رهيو آهي. ڊي جي رينجرز جي آئي ٽي جوڙي آهي. انکي سٺي ليڊ ملي آهي. جلدي سٺيون خبرون به ملنديون هن چيو ته ڪجھه پابندي مڙهيل پارٽيون افغانستان سان ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته پوليس تي عملن جي حوالي سان ڪافي شآهديون گڏ ڪيون آهن.