تازيون خبرون

Daily Archives: July 25, 2017

فلم ”اوم شانتي اوم“ جو سيڪوئل ٺاهڻ جي خواهش آهي: شاهه رخ خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته سندس فلم ”اوم شانتي اوم“ جو سيڪوئل ٺهي. اداڪار شاهه رخ فلم اوم شانتي اوم جا ڏهه سال مڪمل ٿيڻ تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اها سندس ڪيريئر جي اهم ترين فلم ثابت ٿي جنهن شاندار ڪاميابي ماڻي. ڏهه سال گذرڻ باوجود فلم جي شهرت ۾ گهٽتائي ناهي آئي، ماڻهو اڄ به ان فلم کي ڏسندا ۽ پسند ڪندا آهن. سندس دلي خواهش آهي ته هدايتڪار فرح خان ان فلم جي سيڪوئل فلم ٺاهي ۽ کيس فلم جي سيڪوئل ۾ پڻ ڪم جو موقعو ملي. سندس ان پيغام جي ردعمل ۾ هدايتڪار فرح خان جو چوڻ هو ته هوءَ فلم جو سيڪوئل ٺاهڻ تي غور ڪري رهي آهي.

 

فلم ”بابو شاهي بندوق باز“ ڪردار سان ڀرپور انصاف جي ڪوشش ڪئي آهي: بديتا بيگ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره بديتا بيگ چيو آهي ته فلم ”بابو شاهي بندوق باز“ ڪردار سان ڀرپور انصاف جي ڪوشش ڪئي آهي. اداڪاره بديتا فلم بابو شاهي بندوق باز جي اشتهاري مهم جي سلسلي ۾ منعقد تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فلم بابو شاهي بندوق باز ۾ ڪردار سان انصاف جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته هوءَ بالي ووڊ ۾ نئين اداڪاره آهي، ان ڳالهه کي سمجهندي فلم جي هدايتڪار ۽ سموري ڪاسٽ سندس همٿايو ۽ هن سان ڀرپور سهڪار ڪيو.

 

سري لنڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽن ٽيسٽ تي ٻڌل سيري جي پهرين ٽيسٽ اڄ کان شروع ٿيندي

گال (اسپورٽس نيوز ) سري لنڪا ۽ ڀارت تي ٻڌل ٽي ٽيسٽ تي ٻڌل سيريز آچ اربع تي گال ۾ کيڏي ويندي، ڀارتي ڪرڪيٽ پنهنجي دوري دوران ٽي ٽيسٽ پنج ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽونيٽي کيڏندي، ٻنهي ٽيمن جي وچ سيريز جي پهرين 26 جولائي کان گال انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيندي، ٻي ٽيسٽ 3 کان 7 آگسٽ تي  ڪولمبو جڏهن ٽين ۽ آخري ميچ ڀارت ۾ پالڪيلي ۾ کيڏي ويندي ٻنهي ٽيمن ۾ هڪ پهرين ميچ 20 آگسٽ  ٻي 24 آگست ٽي 27 آگست چوٿين 31 آگست جڏهن ته پنجين ۽آخري ميچ 03 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي ٽي ٽويني 06 سيپٽمبر ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي

 

بابر اعظم ۽ فخرالزمان سي پي ايل سان معاهدو ڪري ورتو

لاهور(شوبر نيوز) قومي ڪرڪيٽ تيم جي اوپنر فخرالزمان ۽ مڊل آرڊر بيٽسمين بابر اعظم جو ڪيريبيئن پريميئر ليگ سان معاهدو ٿي ويو آهي چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن تي پرڏيهي انتطاميا جو اعتماد وڌڻ لڳو آهي ذريعن مطابق قومي ڪرڪيٽ تيم جي وڌيڪ ٻن رانديگرن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ليگ سان ڪانٽريڪٽ سائن ڪري ورتو آهي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو جارحاڻو بيٽسمين فخرالزمان ۽ مڊل آرڊر بيٽسمين بابر اعظم سي پي ايل ۾ ان ايڪشن هوندا ٻنهي رانديگرن سان معاهدو چيمپيئنز ٽرافي ۾ بهترين ڪارڪردگي سبب ڪيو ويو ان کان اڳ حسن علي ۽ شاداب خان جو به ڪيريبين ليگ سان معاهدو ٿي چڪو آهي ڪيريبيئن ڪرڪيٽ ليگ ۴ آگسٽ کان ۱۰ سيپٽمبر تائين جاري رهندي.

 

امير تهذيب جا وارث غريب شهري:عبدالرسول آريسر

سنڌ ۾ جيئن ئي برساتون پوڻ شروع ٿيون تيئن عوام ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي ۽ گرمي ۾ به گهٽتائي اچي وئي. موسم ڏاڍي لطف اندوز ٿيڻ لڳي، ماڻهن به موسم جو خوب مزو ماڻيو، جڏهن ته برسات کي ماڻهو رب جي رحمت سمجهندا آهن، واقعي ئي انهيءَ کان وڌيڪ ڪا به رحمت نٿي ٿي سگهي، ڇو ته برسات کي ماڻهو توڙي هر ساهه واري شيءِ ساريندي آهي، انهيءَ جو مزو به ماڻيندي آهي، اها هڪ قدرت جي بي مثال نعمت آهي، جنهن تي هر ساهه واري شيءِ جي زندگي منحصر Depend ڪري ٿي. برسات جي ذريعي ئي زندگي ممڪن آهي، تنهن ڪري برسات جو اُلڪو هر ڪنهن کي رهندو آهي، پر هتي جون حالتون ڏاڍيون تشويشناڪ آهن، جتي ٿوري برسات پوڻ کانپوءِ جيئڻ جنجال بڻجيو پوي ۽ برسات رحمت جي بجاءِ زحمت ٿيو وڃي. هن وقت سنڌ جي ڪافي شهرن ۽ انهيءَ جي آس پاس وارن علائقن جي حالت برسات پوڻ کانپوءِ بدتر ٿي پئي آهي. تازو ٿورين برساتن جي ڪري شهر گٽرن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، هرطرف روڊ ۽ رستا پاڻي سان ڀريا پيا آهن، ڪيتريون ئي زندگيون اجل جو شڪار ٿي چڪيون آهن، اهڙي صورت ۾ زندگي جو سڄو ڪاروهنوار مفلوج بڻجي ويو آهي.

تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح ۾ اضافو ٿيڻ ڪري پاڻي سنڌو درياهه جو رخ اختيار ڪري چڪو آهي، اهڙي حالت ۾ آبپاشي کاتي گڊو وٽ ننڍي ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن دريائي ٻوڏ ٿئي ٿي ته حالتون ويتر خطرناڪ ثابت ٿينديون، پر هن وقت شهرن ۾ جهڙي طرح عوام ڀوڳي رهيو آهي، اهي حالتون ڪيئي سوال پيدا ڪري رهيون آهن ته اڃا تائين عوامي حڪومت ڪي جوڳا اپاءَ ناهي وٺي سگهي ۽ ميونسپالٽي هنگامي بنيادن تي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام لڳي رهي آهي. جيتوڻيڪ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جهڙوڪ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ وغيره ۾ ٻارهن مهينا برساتون پيون پونديون آهن، انهن ملڪن جي حوالي سان ڪڏهن به ائين نه ٻڌو ويو آهي جو ننڍڙي پئماني وارين يا وقفي سان پوندڙ برساتون زحمت جو سبب ثابت ٿيون هجن، اتي جي عوام لاءِ برسات ڪا مصيبت بڻجي هجي، اتي زندگي جي ٻئي ڪاروهنوار کي سائيڊ تي رکي رڳو ڪرڪيٽ جو مثال وٺنداسين ته اتي ڪافي اهڙا گرائونڊ آهن جتي برسات کي مدِ نظر رکندي خاص منصوبابندي تحت ميدانن مٿان ڇتيون اڏايون ويون آهن. حالانڪه ڪرڪيٽ ڪا بنيادي ضرورت نه آهي، پر جڏهن اهو محسوس ڪيو ويو ته برسات جي ڪري راند ۾ رڪاوٽ پيش اچي ٿي ۽ راند جي شوقينن ۾ نااميدي پيدا ٿئي ٿي، تنهن ڪري راند جي لحاظ کان ماڻهن جي احساسن ۽ جذبن جو قدر ڪندي انهن کي هر سهولت عطا ڪئي وئي آهي، جيئن ڪٿي تڪليف محسوس نه ٿئي ۽ نه وري ڪو انتظاميه جي حوالي سان نااهلي جو سوچي سگهي. راند جا شوقين برسات دوران راند جو مزو ماڻيندي ڏاڍي چاهه سان راند به ڏسندا آهن ۽ راند ختم ٿيڻ کانپوءِ بغير ڪنهن پريشاني، خطري ۽ خوف کان گهرن طرف روانا ٿيندا آهن. ڇو ته کين برسات پوڻ کانپوءِ روڊن تي پاڻي جو هجڻ يا گندگي کي منهن ناهي ڏيڻو پوندو ۽ نه ئي اهڙو ڪو ٽينشن هوندو آهي، نيڪالي جو سسٽم ايترو اعليٰ نموني جو بڻايل آهي جو برسات جو پاڻي هڪدم نيڪال ٿي ويندو آهي ۽ ڪجهه منٽن کانپوءِ اهو محسوس ئي ناهي ٿيندو ته ڪا هتي برسات پئي آهي ۽ زندگي جو سارو ڪاروهنوار ساڳئي انداز ۾ هلندو رهندو آهي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي، جنهن جي ڪري اڄ اهي ملڪ نه صرف ترقي يافته آهن بلڪه پنهنجي انتظامي بصيرت جي ڪري رول ماڊل آهن.

ٻئي طرف هي ملڪ پاڪستان آهي جيڪو وسيلن سان مالامال آهي، جتي جي تهذيب ۽ تاريخ رهنمائي جي لاءِ قابل فهم آهي، جيئن ته سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي ويجهو قائم ”موئن جو دڙو“ شهر هڪ وڏو تهذيبي ورثو آهي، اهو 5 هزار سال پراڻو شهر هو، جيڪڏهن ان جي انتظامي ڪمن تي نظر وجهنداسين ته حيرانگي محسوس ٿيندي، انهي وقت جي جوڙيل نيڪالي جو سسٽم ۽ روڊ رستا ڏاڍا عاليشان نموني جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، جيڪي ماڻهن جي سهولتن کي نظر ۾ رکي ڪري جوڙيا ويا هئا. مطلب ته انهي وقت جي ڪاريگري ۽ منصوبابندي قابل تعريف آهي ۽ اڄ جي انتظاميه لاءِ پڻ مشعل راهه آهي، پر ان جي برعڪس هتي اڄ جا جديد روڊ رستا ۽ نيڪال جو عمل آهي، جنهن جي ڪري عوام تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي ته ٻئي طرف صديون پراڻو نظام آهي، جنهن تي ڌرتي ڌڻين کي وڏو فخر آهي ته اسان تهذيب يافته آهيون، جنهن جي سونهن ۽ خوبصورتي تي عوام مور بڻجي رقص ڪري ٿو. حقيقت جي دنيا ۾ واقعي ئي اهڙي قسم جا لازوال ماڳ خوش نصيب قومن جي ورثي ۾ ايندا آهن، جيئن ته هر ايندڙ نئون نسل انهيءَ جو قدر ڪندي ان جي پوئيواري ڪندو ته ڪيترن ئي مسئلن مان جان ڇڏائي سگهي ٿو، انهن ماڳن مطابق ترقي ۽ تعمير لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي ويندي تڏهن ئي ڪاميابي نصيب ٿيندي ۽ موجوده مسئلن ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ ڪافي بهتري ٿي سگهي ٿي، پر بدقسمتي سان هتي طرزِ عمل نرالو آهي، جتي ترقياتي منصوبابندي ته ڪئي وڃي ٿي پر اها عوام جي لاءِ ويتر تڪليف جو سبب بڻجي ٿي، جيئن تازو پيل برساتن نه صرف انتظاميه جي نااهلي جي پت وائکي ڪئي آهي، پر ڪو به ڪاريگري جي بنياد تي سرشتو نه آهي. خاص طور تي شهرن ۾ ٿوري پيل برسات اذيت بڻجي پئي آهي، روڊ رستا گٽرن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، جنهن جي ڪري عوام پريشاني سان مصيبتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙي صورتحال جي نتيجي ۾ ڪيترائي موتمار حادثا ۽ واقعا پيش اچي رهيا آهن.

دڪاندار، خريدار توڙي مريضن کي به گوڏي جيڏي پاڻي مان گذرڻو پئي ٿو ۽ نمازي به ساڳي تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. ڪنهن وقت انهن جا ڪپڙا ناپاڪ ٿيو پون، انهيءَ کان علاوه مينهن کانپوءِ پاڻي بيهڻ جي ڪري ڪيتريون ئي موذي بيماريون جنم وٺي رهيون آهن، اسپتالن ۾ مريضن جي رش وڌي رهي آهي، جتي خاص طور تي الٽي ۽ پيٽ جي تڪليفن وارن مريضن جو وڌيڪ اضافو آهي، جنهن ۾ ٻار سڀ کان وڌيڪ اهڙين بيمارين جا شڪار ٿي چڪا آهن، ٻيو اسپتالن جي سهولتن جي سڀني کي خبر آهي، جتي بجلي نه هئڻ جي برابر آهي. مطلب ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن وقت بجلي اچانڪ اچي ٿي ته اها موت بڻجي اچي ٿي. ڇو ته ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪيتريون ئي جانيون ٿي چڪيون آهن ۽ پاڻي رستن تان نيڪال ڪرڻ لاءِ هڪ ته مشينن جي کوٽ آهي، جيڪڏهن ڪٿي مشينون دستياب آهن ته اتي بجلي نه آهي. بجلي نه هئڻ ڪري گئس ۾ به گهٽتائي ٿي پئي ٿي، جنهن ڪري گهريلو صارفين کي رڌ پچاءَ ۾ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

انهيءَ کانسواءِ نيڪال جو سسٽم تقريبن ڊانواڊول ۽ تباهه لڳو پيو آهي، برسات جي پاڻي سان گڏوگڏ گٽرن ۾ به ٻوڏ ٿي پئي آهي، جيڪڏهن برسات جا لنگهه بند هوندا آهن، واهن ۽ نالن جي صفائي ٿيل نه هوندي ته پاڻي اٿل کائيندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڻي هڪ جڳهه تي گڏ ٿيو پوي، ان جي برعڪس جيڪڏهن رستو صاف ۽ لهنديءَ وارو هوندو، واهن ۽ نالن ۾ صفائي هوندي ته پاڻي هيٺين جڳهن ڏانهن ويندو ۽ پنهنجي منزل تي پهچندو، پر هتي معاملو الٽو آهي، في الحال عوام تڪليفن جي گهيري ۾ آهي، جتي روڊ رستا تلائن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، جنهن جي ڪري حادثا به ٿي رهيا آهن. بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ عروج تي آهي، گهڻن علائقن ۾ انتظاميه به غائب آهي، اڃا برساتون گهٽ پيون آهن، پر مصيبتون ۽ پريشانيون ڪنهن به طرح گهٽ نه آهن، ٻئي طرف دريائي ٻوڏ جو خطرو ٿي رهيو آهي، بس رب خير ڪري!

 

لاهور ۾ ٿيل دهشتگردي جي پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن.؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جي ڪيترن علائقن ۾ ڏينهون ڏينهن وڏي تيزي سان خدڪش حملن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان هن افسوسناڪ ۽ تباه ڪُن لهر جو رُخ موڙي سگهندو؟ حالت ايتري تيزي سان خراب ٿي رهيا آهن. جن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته پاڪستاني سرڪار هن لهر کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. سمورو پختون علائقو، جنهن ۾ اُتر ڏکڻي سرحدي صوبو ۽ قبائلي علائقا شامل آهن ۽ اُتر بلوچستان جو پختون قبضي وارا علائقا، طالبان جي اثر هيٺ آهن، ايستائين جو پنجاب ۽ سنڌ ۾ به خدڪش بمبار پيدا ٿي رهيا آهن .جنهن جي ڪري پوري ملڪ جو امن هڪ سواليه نشان بڻيل آهي.جڏهن ته انهي دهشتگردي جي حوالي سان ملڪ جي فوج تي هڪ نظر وجهجي ته انهي فوج به وسان ناهي گهٽايو.ڇو ٿه پاڪستان آرمي انهن دهشتگردن جي خلاف جيتري ويڙهه ڪئي آهي.۽انهي ويڙه اندر پنهنجي قوم جي بقا لاءِ. پنهنجا ڪيترائي نواجوان شهيد ڪرايا آهن. اها به سڀني کي خبر آهي.۽ اڃان به پاڪ فوج جا جوان انهي دهشتگردن سان وري رهيا آهن.پر ڪالهه جيڪو لاهور اندر بم ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ 8 پوليس جا نوجوان شهيد ٿي ويا آهن انهن  سان گڏ لاهور جا 27بي گناهه شهري به انهي موت جي شڪار ٿي چڪا آهن. ۽ ڪيترائي ڄڻا شديد  زخمي آهن جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ آهي،لاهور اندر هڪ ڏينهن پهرين جيڪو خد ڪش حملو ٿيو.ان کي ڏسي ڪري مونکي جرنل راحيل شريف جو اهو بيان ياد اچي ويو.جيڪو جنرل راحيل شريف پنهنجي عهدي تان استيفيٰ ڏيڻ کان پهرين ميڊيا تي ڏنو هو.۽  ان بيان ۾ جنرل راحيل شريف ويندي ويندي هڪ بهترين ڳالهه ڪئي ته اُن وقت تائين فوج ڪجه نه ٿي ڪري سگهي جيستائين پاڪستاني عوام پاڪ فوج سان ملي ڪري انهي دهشتگردن خلاف انهي جنگ ۾ فوج جو ساٿ نه ٿي ڏئي.انهي ڪري مان جرنل راحيل شريف جي انهي ڳالهه مان سورهن آنا مطعمين آهيان..ڇو ته فوج ته ٻاهرين سطح تي دهشتگردن سان وڙهي رهي آهي.جڏهن ته ملڪ جي اندروني علائقي سطح تي هڪ نظر وجهجي ته هر ماڻهو انهي ڳالهه ۾ فوج سان تعاون ۾ رهي ته جئين پنهنجي علائقي اندر ڪنهن مشڪوڪ ماڻهو کي ڏسي يا کيس اهڙي اطلاع هجي ته ڪو ڪنهن لاءِ وڏي سازش ڪري رهيو آهي.ته انهي جو هڪ دم سڪيورٽي عملي کي اعلاع ڏي جئين ڪنهن وڏي واقعي کي  روڪي سگهجي.! پر ڏنو وڃي ته پاڪستان اندر انهي ڳالهه جو شعور پاڪستان جي عوام ۾ ذري جيتري جو به ڏسڻ ۾  نه اچي رهيو آهي .جڏهن اڃان ڪالهه جي ڳالهه آهي. پاڪستان جي تاريخ اندر خدڪش حملن تي ويهي لکجي ته شايد ڪيترا پنا ڀرجي ويندا.پر خدڪش حملن جي واقعن جي تاريخ نه کٽندي..؟

لاهور اندر ٿيل حملو جنهن اندر شهيد ٿيلن جو انگ  10 ٻڌايو پيو وڃي.جڏهن ته 17کان وڌيڪ زخمي آهن.جن زخمين مان به ڪيترن  جي حالت ڳتڻي جوڳي ٻڌائي پئي وئي.جڏهن ته اهو به بيان سامهون آيو آهي ته لاهور پراڻي سبزي منڊي جي علائقي اندر جيڪو بم ڌماڪو ٿيو ۽ جنهن ڪار اندر اهو بم ڌماڪو ڪيو ويو اها ڪار پڻ پوليس اي ايس آءِ فياض جي هئي جنهن گاڏي جو نمبر(ايل آر بي)(9308) هو،جڏهن ته پاڪستاني خفيه ادارن جي ڪيل تحقيقات پاران پڻ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته بم ڌماڪو ڪندڙ دهشتگرد موٽر سائيڪل بجاءِ رڪشي ۾ چڙهي پراڻي سبزي منڊي جي علائقي اندرپهتا هئا،جڏهن ته اهو به بيان صاف ٿي چڪي آهي ته بم ڌماڪي اندر سڙي ويل سمورن موٽرسائيڪلن جي تحقيقات مڪمل ٿي چڪي آهي،اهو به پڻ ٻڌايو پئي ويو ته حملو ڪندڙ دهشتگرد جي عمر18کان 20 سال جي اندر آهي،۽ دهشتگرد جي ٽنگ جو حصو ۽ مٿي جي وارن جي ڊي اين ڪرائڻ لاءِ موڪليا ويا آهن،جڏهن ته اها ڳالهه به عور طلب آهي ته جتي خدڪش حملو ٿيو آهي اتان کان ٿورڙي مفاضلي تي هڪ پوليس  جڏهن ته ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ بارود خطرناڪ استعمال ڪيو ويو هو جڏهن ته ڪالهه خد راڻا ثناالله چيو هو ته پاڪستان اندر ٿيندڙ دهشگردي جي منصوبا بندي افغانستان جي علائقي ڪنٽر مان ڪئي وڃي ٿي،.جڏهن لاهور واقعي جي زميواري اڃان ڪنهن به دهشتگرد تنظيم قبول ناهي ڪئي.مان سمجهان ٿو ته هن وقت پاڪستان اندر جيڪا دهشگردي واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي .انهي ڪري مان سجهان ٿو ته هي اهي عناصر آهن.جيڪي پاڪستان اندر هڪ وڏي فرقيواريت جنگ ڪرائڻ ٿا چاهين.جڏهن ته پاڪستان جيڪو اڳ ئي انتهاپسندي جي گهيري ۾ آهي.ڇو ته ڏٺو وڃي ته پاڪستان اندر فرقيواريت ايتري حد تائين وڌي وئي آهي جو هر ڪو مخالف جماعت جا پير ڪڍڻ ۾ پورو آهي.مان سجهان ٿو ته اهو اسلام ته درس ناهي ڏنو ته اوهان ڪنهن بي گناه کي ويهي ماريو.انهن جو رت وهايو.انهن جي ٻچن کي يتيم ڪيو.جڏهن ته لاهور ۾ بيديان روڊ روڊ ڪو پهريون واقعو ناهي انکان پهرين به لاهور اندر مال روڊ خدڪش حملو ٿيو ان حملي جي زميواري به لشڪر جهنگوي وارن ئي قبولي هئي. سنڌ صوبي توڙي ملڪ جي چئني صوبن اندر نه رڳو دهشتگرد آهن پر ان کان وڌيڪ ڀارتي ايجنسي “را“جا ماڻهو به موجود آهن  جيڪي ملڪ اندر دهشتگردي ڪري رهيا آهن.انهي ڪري شايد پوري قوم انهي ڳالهه تي سوچيندي هوندي ته “را“جي پاڪستان اندر دهشتگردي ۽ انهن دهشتگردي جي واقعن ۾ شامل هجڻ جو ريگٽ ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي ٻڌي رهيا آهيون.پر اڄ تائين انهي “را“خلاف ڪا ڪاروائي ڇو ڪون ڪئي وئي آهي.

لاهور اندر هي خدڪش حملو ٿيو.جنهن جي نتيجي ۾ چار پاڪ فوج جي نوجوان ۾ 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا.جيڪڏهن ڏسجي ته اهو سڀ ڪجهه پاڪستان جي امن امان جي بگاڙ جي زميوار صرف ۽ صرف ڀارتي ايجنسي “را“آهي اڄ به پاڪستاني قوم پنهنجي پيارن جا لاش ميڙي رهي آهي.مان ڪالهه کان وٺي مختلف انڊيا جا نيوز چيئلن ڏسي رهيو آهيان ته انهن نيوز چيئلن تي پاڪستان اندر ٿيل خدڪش حملي کي ڪهڙي شڪل ڏئي پيش ڪيو ٿو وڃي.پر مون انڊيا جي ڪنهن به چيئلن تي اها نيوز نه ٻڌي ته پاڪستان ۾ ڪو قهر ڪڙڪيو آهي.سواءِ هڪ ٻه چيلئن جي.جيڪي پڻ اهو ٻڌائي رهيا هئا ته.پاڪستان اندر خدڪش حملي جا ڪارڻ پاڪستان اندر وڌندڙ فرقيواريت آهي.جڏهن ته پاڪستان جي ڀيٽ ۾ انڊيا تي هڪ نظر وجهي ته پاڪستان کان وڌيڪ انڊيا ۾ تمام گهڻي فرقيواريت آهي.ڇو ته انڊيا اندر ڪيترن ئي قسمن جا هندو رهن ٿا.جن جا پاڻ ۾ تمام گهڻا اختلاف آهن.پر اڄ تائين انهن هندن پيٽن تي بم ٻڌي ڪري پنهنجي جا لاش نه ڪرايا.جڏهن ته انهي ڀيٽ اندر پاڪستان ۾ اهو مهينو کالي ناهي جنهن اندر ڪو خدڪش حملو نه ٿيو هجي.هن وقت تائين پاڪستان انهي وڌندڙ خدڪش حملن جي ڪري پنهنجي قوم جو تمام گهڻو نقصان ڪري چڪو آهي.جڏهن ته ڪالهه ٿيل لاهور واقعو به نه پهريون واقعو آهي نه آخري ڇو ته ملڪ اندر اڃان به اهي دهشتگرد موجود آهن.جيڪي پاڪستان جي قوت کي ڪمزور ڏسڻ چاهين ٿا.جڏهن ته انهي وڌندڙ دهشتگردي ملڪي ماحول تي پڻ تمام گهڻا اثارات وڌا آهن.ڪو واپاري پاڪستان اندر کلي واپار نه ٿو ڪري سگهي ڪو شهري شهر مان خريداري نه ٿو ڪري.سگهي.ڪو سياح ملڪ گهمي نه ٿو سگهي. الاءِ ته ملڪ ۾ ڪهڙي ڊپ واري فضا هلي رهي آهي.جنهن پوري عوام کي حراسان ڪري ڇڏيو آهي.آخر پاڪستاني قوم ڪڏهن سک جو ساه کڻندي.۽ ڪڏهن پنهنجي مرضي ۽ آزادي واري زندگي گذاري سگهندي.ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته قومن پنهنجي بقا لاءِ ۽ پنهنجي ايندڙ روشن مسقبل لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري اهي منزلون ماڻيون.جن جا انهن خواب ڏٺا هئا ۽ اسين انهي قوم جا هوندي به سسڪين وارو ساه کڻي رهيا آهن.لاهور واقعو آدمشماري کي روڪڻ جي سازش آهي ته پوءِ ڇا ملڪ ۾ اڃان نه اهڙيون سازشون ٿي سگهن ٿيون خاص طور ٿي سنڌ صوبي ۾ جيڪو صوبي سڪيورٽي جي حساب سان ننڌڻڪو بڻيل آهي،ڪالهه سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجه بيان ڏنو آهي ته سموري صوبي اندر سڪيورٽي جي انتظامن کي سخت ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي جيڪو هڪ سٺو ۽ بهترين عمل آهي پر مان سمجهان ٿو ته ان لاءِ به آءِ جي سنڌ جي انهي بيان کي عملي جامو پارائڻو پوندو ڇو ته سنڌ پوليس جي ڪارگردگي اهڙي سٺي ناهي جنهن جو مثال سيوڻ شريف درگاهه تي ٿيندڙ خدڪش حملو آهي،انڪري آءِ سنڌ کي سنڌ پوليس جي سخت نوٽيس وٺي ڪري هدايتون جاري ڪرڻيون پونديون،

 

ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ بم ڌماڪا

ملڪ ۾ وري بم ڌماڪ توڙي پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو هڪ ٻيرو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، سخت سيڪيورٽي اپائن باوجود دهشتگرد پنهنجا آسان حدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهي، گذريل ڏينهن  لاهور ۾ فيروز پوره روڊ تي ارفع ڪريم ٽاور جي ڀرسان سبزي منڊي جي ٻاهر ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 26 ڄڻا شهيد ۽ 58 زخمي ٿي پيا. امدادي ڪارڪنن زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي جن مان 20 جي حالت ڳڻتي جوڳيآهي جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۾ سب انسپيڪٽر رياض، اي ايس آئي فياض، ڪانسٽيبل علي، معظم، ساجد عابد ۽ مرتضيٰ شامل آهن. جڏهن ته حملي ۾ اي ايس آئي فياض جي گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. زخمي پوليس اهلڪار ۽ اکين ڏٺن شاهدن موجب پوليس ناڪي جي ڀرسان هڪ موٽرسائيڪل اچي بيٺي جنهن کانپوءِ زوردار ڌماڪو ٿيو ، اُتي بيٺل گاڏين ۽ موٽرسائيڪل کي باهه لڳي وئي. موٽرسائيڪل جي مالڪ جو پتو لڳايو ويو آهي جنهن جو ماڊل 2017ع جو آهي جيڪا لاهور واسي عثمان علي جي نالي سان رجسٽرڊ آهي. اختيارين شڪ ظاهر ڪيو آهي ته واقعي واري هنڌ تي بيٺل هنڊا سولڪ ۾ بارودي مواد موجود هو جنهن کي ڌماڪي سان اُڏايو ويو. ڊي آئي جي آپريشنز حيدر اشرف موجب ته ڌماڪو آپگهاتي هو جنهن ۾ پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو، حملي ۾ 9 اهلڪار ۽ 17 عام شهري شهيد ٿيا آهن. ترقي سبب لاهور هميشه دهشتگردن جي نشاني تي رهيو آهي، حملي جو پهريان کان ئي خطرو هو، حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم جي حفاظت تي پوليس مقرر هئي. حملي ۾ 8 کان 10 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو.

هوڏانهن هڪ نجي ٽي وي مطابق لاهور ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان قبولي ورتي آهي، جڏهن ته مبينا آپگهاتي حملي آور جي تصوير به جاري ڪئي وئي آهي، آپگهاتي حملي آور جي ڄمار 16 ورهين کان 18 ورهين تائين جي آهي، جڏهن ته ڌماڪي ۾ 10 کان 12 ڪلوميٽر بارودي مواد استعمال ڪيو ويو هو.

جنهن ڏينهن ڌماڪو ڪيو ويو انهي ڏينهن وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي سياسي معاملن بابت اهم پريس ڪانفرنس به ڪرڻي هئي، جيڪا واقعي بعد ملتوي ڪئي وئي،  اطلاع موجب ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف ۾ ڪافي وقت کان اختلاف هلي رهيا آهن، ٿورا ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ پاران پانامه ليڪس وارو فيصلو محفوظ ڪرڻ بعد وزير اعظم اهم مشاورتي اجلاس سڏايو هيو جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير شرڪت ڪرڻ بجاءِ پنجاب هائوس ۾ ئي موجود رهيو.