تازيون خبرون

Daily Archives: July 18, 2017

جلد 10 کي ڳجهو رکڻ بدنيتي قرار، شريف خاندان جي آءِ ٽي کي جانبدار قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس بابت عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم نواز شريف کي طلب ڪرڻ جي درخوست ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حڪومت جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي چئلينج ڪندي اها رد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي خاص بئنچ پاناما ليڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. شريف خاندان ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي آءِ جي رپورٽ خلاف اعتراض جمع ڪرايا ويا آهن. شريف خاندان پنهنجي اعتراضن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جي آءِ ٽي کي عدالت 13 سوالن جي جاچ جو حڪم ڏنو پر جي آءِ ٽي مئنڊيٽ اورانگهيو آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته جي آءِ ٽي ڌر هئي جنهن قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون آهن. شريف خاندان موقف اختيار ڪيو ته سندن درخواست منظور ڪندي جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي رد ڪيو وڃي. ٻڌڻي جي باقاعده شروعات تي عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري کي روسٽرم تي گهرايو ويو جنهن دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي قطري خط کي افسانو قرار ڏنو آهي. هن چيو ته  جي آءِ ٽي چيو ته 2006ع جي ٽرسٽ ڊيڊ  ۾ استعمال ٿيل فونٽ متعارف ئي نه ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته جاچ دوران مريم نواز حقيقي سرٽيفڪيٽ پيش ئي نه ڪيو. نعيم بخاري چيو ته ٽرسٽي هئڻ لاءِ ضروري هو ته مريم نواز وٽ بيئرر سرٽيفڪيٽ هجي ها.هن چيو ته فرانزڪ ماهرن ٽرسٽ ڊيڊ جي فونٽ تي به اعتراض ڪيو آهي، بيئرر سرٽيفڪيٽ رد ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به قسم جي ٽرسٽ ڊيڊ ناهي. سندس چوڻ هو ته ٽرسٽي هئڻ لاءِ ضروري هو ته مريم نواز وٽ بيئرر سرٽيفڪيٽ هجن ها. نعيم بخاري چيو ته جي آءِ ٽي موجب قطر ۾ سيڙپڪاري لاءِ رقم موجود نه هئي،  گلف اسٽيل بابت شريف خاندان پنهنجو موقف ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته گلف اسٽيل 33 ملين درهم ۾ وڪرو نه ٿي، طارق شفيع جو بيان به جي آءِ ٽي غلط ثابت ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته الثاني خاندان کي 12 ملين جي حوالگي به ثابت نه ٿي آهي. نعيم بخاري چيو ته حديبيا پيپرز ملز جي فيصلي ۾ قطري خاندان جو ذڪر ئي ناهي. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف اسميبلي جي فلور ۽ قوم سان خطاب ۾ قطري سيڙپڪاري جو ذڪر ئي نه ڪيو. ٻڌڻي دوران جسٽس شيخ عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته حديبيا پيپرز ملز جي سيٽلمينٽ جا اصل دستاويز سيل ٿيل آهن. جسٽس اعجاز افضل چيو ته کين قانون جي حدن ۾ رهي فيصلو ڪرڻو آهي.عدالت چيو ته شريف خاندان جي بيان جو جائزو شق 161 ضابطا فوجداري تحت ئي وٺي سگهجي ٿو.  هن چيو ته شهباز شريف جي آءِ ٽي سامهون شاهد طور پيش ٿيو، سندس بيان تضاد جي نشاندهي لاءِ ئي استعمال ٿي سگهي ٿو، سندس پوليس اڳيان بيان وانگر آهي. نعيم بخاري چيو ته نواز شريف سعودي عرب ۾ قائم عزيزيه اسٽيل ملز لڳائڻ لاءِ ڪابه سيڙپڪاري نه ڪئي، عزيزيه اسٽيل ملز ۾ حسين نواز اڪيلو نه پر ميان شريف ۽ رابعا شهباز به حصيدار هئا، ان جي وڪري جا دستاويز به پيش نه ڪيا ويا آهن پر جي آءِ ٽي قرار ڏنو ته عزيزيه مل 63 نه 42 ملين ريال ۾ وڪرو ڪئي وئي. هن چيو ته جي آءِ ٽي ٻڌايو ته ايف زيڊ اي نالي ڪمپني نواز شريف جي آهي. عمران خان جي وڪيل چيو ته شريف خاندان وٽ آمدني کان وڌيڪ ذريعا آهن، نواز شريف جا اثاثا به سندس آمدني کان وڌيڪ ثابت ٿيا آهن، جنهن جو ذڪر جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ شامل آهي. نعيم بخاري دليل مڪمل ڪندي درخواست ڪئي ته آڏي پڇا لاءِ وزيراعظم نواز شريف کي طلب ڪيو وڃي. جماعت اسلامي جي وڪيل توفيق ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته نواز شريف اسيمبلي ۾ تقرير ۽ قوم کي خطاب ۾ سچ نه ڳالهايو، سندس درخواست نواز شريف جي اسيمبليءَ ۾ تقرير جي چوڌاري گهمي ٿي. هن چيو ته  نواز شريف جي آءِ ٽي ۾ چيو ته قطري سيڙپڪاري بابت ڄاڻ آهي پر ڪجهه ياد ناهي. جسٽس شيخ عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي جي سفارشن تي ڪيتري حد تائين عمل ڪري سگهجي ٿو، هو پنهنجي ڪهڙن اختيارن کي ڪيتري حد تائين استعمال ڪري سگهن ٿا اهو ٻڌايو وڃي. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي جي فائنڊنگز تي عمل ڇو ڪن، اهو توهان کي ٻڌائڻو آهي، هو جي آءِ ٽي جي فائنڊنگز جا پابند نه آهن. شيخ رشيد دليل چيو ته ٻارڙا نواز شريف جا آهن، حميد ڊينٽر جا نه آهن، جي آءِ ٽي ثابت ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ايماندار ماڻهن جي کوٽ ناهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ته وڌيڪ آف شور ڪمپنيون نڪتيون آهن. سندس چوڻ هو ته قوم جو نڪ وڍجي ويو ته وزيراعظم ٻي ملڪ ۾ نوڪري ڪندو آهي. شيخ رشيد چيو ته جنهن عمر ۾ سڃاڻپ ڪارڊ نه ٿو ٺهي تنهن عمر ۾ شريف خاندان جا ٻارڙا ڪروڙين رپيه ڪمائي وٺن ٿا،  جي آءِ ٽي جي رپورٽ کانپوءِ ڪيس ۾ هاڻي ڇا رهجي ويو آهي. هن چيو ته نواز شريف جي هڪ پٽ کي سعودي عرب ۽ ٻي کي وري لنڊن ۾ بي نامي رکيو ويو،  هر ڪيس پويان هڪ چهرو هوندو آهي،  هن ڪيس پويان نواز شريف جو چهرو آهي. سندس چوڻ هو ته گهڻن ماڻهن جي آءِ ٽي کي جن قرار ڏنو آهي، 60 ڏينهن اندر ته ٿاڻي مان چالان نه ايندو آهي، شريف خاندان جي وڪيل  خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي عدالتي حڪمن کان ڪافي اڳتي نڪري وئي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته الزامن اهڙي نوعيت جا هئا جو جاچ ڪرائڻي پئجي وئي،  جي آءِ ٽي ٽرائل نه پئي ڪيو. جسٽس عظمت سعيد خواجه حارث سان مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجي لفظن جي چونڊ احتياط سان ڪيو. خواجه حارث چيو ته جي آءِ ٽي عدالت جي ڪرڻ وارو ڪم ڪيو،  جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل دستاويزن کي شاهدي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته پنهنجا دليل اشوز تائين محدود رکو،  هو چاهين ٿا ته عدالت ۽ عوام جو وقت ضايع نه ٿي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

جي آءِ ٽي رپورٽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو ناهي، عدليه آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪندي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو ناهي، عدليه آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪندي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته هڪ اشتهاري پاڪستاني عوام جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته  بد نيتي تي ٻڌل جي آءِ ٽي به وزيراعظم مٿان هڪ الزام به نه هنيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪنهن آئين ۽ قانون تحت جي آءِ ٽي اڃا تائين ڪم ڪري رهي آهي؟ مريم اورنگزيب چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي ٻولي مان خبر پئي ٿي ته اها بد نيتي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ سندس خانداني ڪاروبار سان ڪرپشن جو ڪو به ڪيس جوڙي نه ٿو سگهجي، جي آءِ ٽي جي رپورٽ جو جلد 10 ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته  غير تصديق ٿيل دستاويزن بابت شاهدي ڪير ڏيندو؟  مريم اورنگزيب چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ شريف خاندان تصديق ٿيل دستاويز جمع ڪرايا آهن.

 

وزير اعظم استعيفيٰ نه ڏني ته سمورا آپشن استعمال ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته نيشنل پريس ڪلب انسانيت جي خدمت لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، نيشنل پريس ڪلب ۾ خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميڊيا برادري سان ايڪتا جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، سڌ سماءَ تائين رسائي جي حق واري بل جو نفاذ چاهيون ٿا، هن چيو ته خدمتون ڏيندي سئو کان وڌيڪ صحافي جانيون ڏئي ويٺا آهن، حڪومت شفافيت نٿي چاهي، ان لاءِ اطلاعات تائين رسالي جي بل کي لاڳو ڪرڻ نٿي چاهي، هن چيو ته انساني حقن جي ڪميشن جي خودمختياري چاهيون ٿا، ميڊيا برادري جمهوريت جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، مون صحافي برادري جي تحفظ لاءِ قانون سازي ڪرڻ لاءِ چيو، جمهوريت جي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته نواز شريف استعيفيٰ ڏئي، پيپلز پارٽي جي آءِ ٽي رپورٽ جي بنياد تي نواز شريف جي استعيفيٰ چاهي ٿي، نواز شريف فوري طور استعيفيٰ ڏئي ته جيئن سازشن جي نظريي جو خاتمو ٿئي، نواز شريف وٽ وزيراعظم رهڻ جو اخلاقي جواز باقي ناهي رهيو، وزيراعظم جي استعيفيٰ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم جي استعيفيٰ جمهوريت جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي 2018 جي چونڊن ۾ سٺا نتيجا آڻيندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سازش ٿي رهي آهي ته حڪومت ٻڌائي ته ڪهڙي سازش ٿي رهي آهي.

 

چيني فوج ڀارت جا 158 فوجي ماري ڇڏيا

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) سڪم جي علائقي ۾ چيني ۽ ڀارتي فوجن وچ ۾ جهڙپن جا اطلاع مليا آهن چيني فوج ڪيترين ئي ڀارتي چيڪ پوسٽن تي راڪٽ حملا ڪري انڊين فوج کي ڳرو جاني ۽ مالي نقصان پهچايو آهي، اطلاعن مطابق ان حملي ۾ هينئر تائين ۱۵۸ ڀارتي فوجي مارجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن گذريل ڏينهن چين هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجون فوجون واپس ڪرڻ جي تنبيهه ڪئي هئي چيني سرڪاري ميڊيا به ڀارت کي چيني حدن مان پنهنجي فوج ڪڍڻ جو مشورو ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته ڀارت کي شرمندگي جو منهن ڏسڻو پوندو.

 

نواز شريف جي وزيراعظم رهڻ جو هاڻي ڪو به جواز ناهي: مراد علي شاهه

اسلام ڪوٽ  (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر تي اسلام ڪوٽ ۾ جاري ٿر ڪول پراجڪيٽ جي ڪم جو جائزو ورتو ۽ هو هوائي جهاز ذريعي اسلام ڪوٽ پهتو، ياد رهي ته ٿر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وڏي وزير جو جهاز ان علائقي ۾ لٿو آهي، ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ سڌ سماءَ وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ٻيا صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، امداد پتافي ۽ تيمور ٽالپر ساڻس گڏ هئا، ياد رهي ته ٿر ڪول پراجڪيٽ جي ڪم سان نه صرف عالمي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ وڌندي پر يقيني طور تي چائنيز سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ مدد ملندي، ان کانپوءِ وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف جي وزيراعظم رهڻ جو هاڻ ڪو جواز نه آهي، سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن ان کي نااهل قرار ڏنو آهي، جي آءِ ٽي ذريعي ڪيتريون ئي شاهديون سامهون اچي چڪيون آهن، مان پهريان به چئي چڪو آهيان ته نواز شريف هاڻ استعيفيٰ ڏئي.

 

بندن تي ۽ ٻيٽ ۾ انڪروچمينٽ ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف ايف آءِ آر ڪرائي وڃي: خورشيد شاهه

سکر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاه چيو آهي ته سکر بئراج جي ڪئنالن تي آباد ماڻهن کي انسانيت جي ناتي متبادل طور تي مالڪاڻن حقن سان گڏ روهڙي، فراش ۽ باگڙجيءَ ۾ سرڪاري زمين ڏني ويندي هن اهڙو اظهار ڪمشنر هائوس سکر ۾ ڪئنالن تي آباد ماڻهن جي نمائنده وفد سان رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ڊپٽي ڪمشنر رحيم بخش ميتلو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ڪمشنر سکر کي هدايت ڪئي ته ڪئنالن تي گھرن جي سروي ۽ مارڪنگ جي عمل کي فوري طور تي شروع ڪري بنان ڪنهن فرق جي حددخليون ختم ڪرايون وڃن. انسپيڪشن پاٿ کي خالي ڪرايو وڃي ته جيئن بندن کي مٿي ۽ محفوظ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته ڪئنالن تي آباد ماڻهن کي معاوضي ڏيارڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ سان ملاقات ڪئي ويندي. هن ڪمشنر کي چيو ته اڳتي بندن تي ۽ ٻيٽ ۾ انڪروچمينٽ ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف ايف آءِ آر ڪرائي وڃي. ايم اين اي نعمان اسلام شيخ چيو ته ماڻهن کان بند مرحليوار خالي ڪرايا وڃن ۽ واهن تي آباد ماڻهن جي نمائندن کي چيو ته هو رضاڪارانا طور تي بندن تان قبضو ختم ڪن کين متبادل طور سرڪاري زمين ڏني ويندي. ايگزيڪٽو انجينئر سکر بئراج ٻڌايو ته سکر بئراج کان آرائين تائين 23 آرڊيون آهن جيڪي 24 ڪلو ميٽرن تي مشتمل آهن. جن تي ٽنهي ڪنارن تي هزارين ماڻهون آباد آهن. ۽ حد دخليون ڪورٽ جي حڪم تي خالي ڪرايون پيون وڃن ان کان اڳ ڪمشنر سکر ڊويزن اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪئنالن تي آباد ماڻهن کان انسپيڪشن پاٿ خالي ڪرايو ويندو ته جيئن ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ بندن تي مشنري ۽ ٻيو سامان پهچائي سگھجي

 

انقلاب جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، نواز شريف کي وڃڻو پوندو: سراج الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته اڄ عدالت جو امتحان آهي، انقلاب جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، نواز شريف کي هاڻ وڃڻو ئي پوندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته سرڪار ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏئي رهي آهي، اڄ به ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته محاصرو ڪري وٺنداسين پر قوم عدالت جي آزادي ۾ وڏي قربانيون ڏنيون آهن، اهو وقت ناهي رهيو ته ڪو به ڏنڊو کڻي سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري. دٻاءَ جي باوجود جي آءِ ٽي ميمبر خلاف خوف جي ڪم ڪيو. هن چيو ته چاهيون ٿا ته انصاف وڏي ماڻهو کي به ملي ۽ غريب کي به ملي، پنج ڇهه هزار ماڻهو ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ جيل به ويا ته ڪو مسئلو ناهي، جيڪڏهن اڊيالا جيل ۾ جاءِ گهٽ آهي ته ڪوٽ لکپت ۾ به جيل آهي.

 

زرداري کي عدالتن آزاد ڪيو، مشرف کان معافي وٺي نه ويو هيو: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته جي آءِ ٽي کي ٻن ٽن ڏينهن بعد ئي گاريون ملڻ لڳيون، چوري پڪڙي وئي، هاڻي چون ٿا نه مڃنداسين، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته ٻچو ٻچو انهن کي چور سمجهي ٿو، تاريخ بڻائڻ مسلم ليگ ن جو مقدر ناهي، اقتدار باوقار هجڻ گهرجي، گهلي گهلي هلائڻ چاهين ٿا، هن چيو ته زرداري کي عدالتن آزاد ڪيو، مشرف کان معافي وٺي نه ويو هيو.

 

حڪومت پاناما ڪيس ۾ دير ۽ گهرو ويڙهه چاهي ٿي: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاناما ڪيس سڀ شيون واضع ٿي چڪيون آهن پر جيڪڏهن ان جي اڃان تسلي نه ٿي آهي ته عدالت کي درخواست ڪندس ته نوازشريف کي طلب ڪيو وڃي. سومر تي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مان پنهنجي زندگي ايتري بي شرم حڪومت نه ڏٺي. جيڪو پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ ملڪ کي داءَ تي لڳائي رهي آهي، هن چيو ته جيڪو جي آئي ٽي کي گاريون ڏئي رهيو آهي اهو سپريم ڪورٽ کي گاريون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته نون ليگ ملڪ کي نقصان پهچائڻ  جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اهڙيون ڳالهيون به ٻڌي رهيا آهيون جو اڃان تائين جي آئي ٽي رپورٽ تي اعتراض جمع نه ڪرايا آهن، سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏيندي اهو ملڪ جي تاريخ کي مقرر ڪبو. هن وقت صورتحال اها آهي ته سموريون آپوزيشن پارٽيون وزيراعظم کان استعيفا گھري رهيون آهن. ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي بهترين مفاد ۾ به اهو ئي آهي ته وزيراعظم فوري طور تي استعيفا ڏئي. نون ليگ پاناما ڪيس ۾ دير وارا طريقا استعمال ڪري رهي آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي احترام نه ٿا ڪن پر اسان سپريم ڪورٽ سان گڏ آهيون.

 

ماڊل ايان علي کي ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ آڇ

ڪراچي (شوبز نيوز)  ماڊل ايان علي کي ڀارتي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي به آڇ ٿي وئي ذريعن مطابق پاڪستان ۾ ڊالر گرل جي نالي سان شهرت حاصل ڪندڙ ماڊل ايان علي هاڻ پاڪستان سان گڏ ڀارت ۾ به مشهور ٿيڻ لڳي آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ايان علي ان حوالي سان فلم جي ٻي ڪاسٽ جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري رهي آهي ۽ ان کي فلم ۾ رول پسند آيو ته هوءَ ضرور ڀارتي فلم ۾ ڪم ڪندي.