تازيون خبرون

Daily Archives: July 15, 2017

وزيراعظم کي استعيفيٰ نه ڏيڻ جي موقف تي ڄمي بيهڻ گهرجي: فضل الرحمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): جي آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وزيراعظم کي استعيفيٰ نه ڏيڻ تي ڄمي بيهڻ گهرجي، اسان پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ گڏ بيٺا آهيون، هن چيو ته ادارن ۾ ٽڪراءَ جو تاثر ڏنو پيو وڃي، استعيفيٰ ڏئي، جيڪي پارليامينٽ ۾ ويٺا آهن، اهي ڪهڙي منهن سان ٻين کان استعيفيٰ گهري رهيا آهن، هن چيو ته جيڪو آئيني طور تي اوهان جو وزيراعظم آهي، اوهان ان کي اخلاق سيکاري رهيا آهيو، ادارن کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، اسان جو ملڪ بحرانن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، سمورن ادارن کي هڪ پيج تي هجڻ گهرجي، سي پيڪ گريٽ گيم جو حصو آهي، آمريڪا ۽ ڀارت ان کي روڪرائڻ چاهين ٿا، هن چيو ته ڌرڻن جو رستو روڪي اسان سي پيڪ جي لاءِ رستو کوليو، خيبر پختونخواهه ۾ڪرپشن جا ڪيس ڇو نه پيا اٿاريا وڃن، پنهنجي صوبي کي برباد ڪري ملڪ کي اوهان کي ڇا ڏيڻو آهي؟.

 

انيل ڪپور ارجن ڪپور سان پهريون دفعو فلم مبارڪان ۾ گڏ نظر ايندو جيڪا 28 جولائي تي رليز ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ جي نالي واري اداڪار انيل ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته ان جي ڀاڻيجي ارجن ڪپور شادي ڪرڻ وارو آهي، هن پنهنجي ڀاڻيجي ارجن ڪپور سان پهريون دفعو فلم مبارڪان ۾ نظر ايندو جيڪا 28 جولائي تي رليز ٿيندي. جنهن ۾ ارجن ڪپور ڊبل رول ۾ نظر ايندو ۽ فلم ۾ ان جون ٻه شاديون به ٿينديون. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب باليووڊ ۾ 38 سالن کان اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي انيل ڪپور پنهنجي نئين فلم مبارڪان جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي ته ان فلم ۾ شادي جو ٿيم ان جي ڀاڻيجي ارجن ڪپور سان رکيو ويو آهي، ڇو ته اسان چاهيون ٿا ته هو شادي ڪري ۽ هو اسانجي خاندان جي نوجوانن ۾ شادي ڪرڻ وارو پهريون شخص آهي، اسان ان جي شادي لاءَ ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.

 

آئيفا ايوارڊ ۾ پرفارمنس تي خوش آهيان: عاليا بٽ

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪارا عاليا بٽ چيو آهي ته هوءَ آئيفا ايوارڊ ۾ پرفارمنس تي خوش آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق عاليا بٽ پهريون ڀيرو آئيفا ايوارڊ ۾ پرفارم ڪندي جنهن تي هوءَ تمام گهڻو خوش آهي. عاليا بٽ جي فلم ”اڙتا پنجاب“ ۽ ”ڊيئر زندگي“ ۾ بهترين ڪارڪردگي تي آئيفا ايوارڊ لاءِ نامزدگي ڪئي وئي آهي. سندس مقابلي ۾ سونم ڪپور جي فلم ”تيرجا“، انوشڪا شرما جي فلم ”اي دل مشڪل“ پڻ نامزد ٿيون آهن.

 

ٽيم ۾ جاءَ نه ملڻ تي هربجن سنگھه گلوڪاريءَ جي ميدان ۾ لهي پيو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي اسپنر هربجن سنگھه ٽيم ۾ جاءَ نه ملڻ کان پوءِ گلوڪاريءَ جي ميدان ۾ اچڻ جوفيصلو ڪيو. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي آف اسپنر هربجن سنگھه هاڻي اسان کي گلوڪاري ڪندي نظر ايندو جنهن گلوڪار ميٿون سان شروع ڪئي آهي، ان جو پهريون گانون هلندڙ سال ڊسمبر ۾ رليز ڪيو ويندو، هربجن ۽ ميٿون جو گانو هندي ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڳايو ويندو جيڪو هلندڙ سال ۾ رليز ڪيو ويندو، جڏهن ته ان کان اڳ هربجن گلوڪاريءَ لاءَ خاص وقت ڪڍندي پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي. ميٿون موجب هربجن سان گڏ ڳايل گاني جي ويڊيو ڀارت جي مختلف علائقن ۾ شوت ٿيندي، جڏهن ته گانون انهن ماڻهن جي باري ۾ جيڪي ڀارت جا هيرو آهن.