تازيون خبرون

Daily Archives: April 24, 2017

هيري اسٽائلز گلوڪاره ٽيلر سويفٽ سان محبت جو اعتراف ڪري ورتو

لاس اينجلسي(شوبز نيوز) هالي ووڊ گلوڪاره هيري اسٽائلز گلوڪاره ٽيلر سويفٽ سان محبت جو اعتراف ڪري ورتو. آمريڪي ميڊيا موجب هالي ووڊ گلوڪاره هيري اسٽائلز تازو ئي ميڊيا تي اهو اعتراف ڪري ورتو آهي ته کيس گلوڪاره ٽيلر سويفٽ سان محبت آهي ۽ هو جلدئي ٽيلر سان مڱڻي جو پڻ اعلان ڪندو. في الحال ٻنهي جو ڌيان ڪيريئر تي آهي ٻنهي کي مختلف تفريحي هنڌن تي ۽ هوٽلن ۾ پڻ گڏ ڏٺو ويو آهي

 

اميتاڀ بچن فلم ”سرڪار 3“ جا ڪجهه سين ٻيهر شوٽ ڪرائيندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ميگا اسٽار اميتاڀ بچن فلمساز رام گوپال ورما جي نئين فلم ”سرڪار 3“ جا ڪجهه سين ٻيهر شوٽ ڪرائيندو. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب ميگا اسٽار اميتاڀ بچن چيو آهي ته فلم ”سرڪار 3“ جا ڪجهه منظر ٻيهر شوٽ ڪيا پيا وڃن ۽ هو ان حوالي سان سبب جلدي ٻُڌائيندو. هن دنيا جي سڀ کان وڏي فلم انڊسٽري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ فلمسازي جي عمل جي دستاويزي ڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. فلم سرڪار 3 رام گوپال ورما جي سرڪار سيريز جي ٽئين فلم آهي. فلم ۾ اميتاڀ بچن سڀاش نگري جو ڪردار ادا ڪندو. فلم ۾ يامي، گوتم، جيڪي شيروف، منوج باجپائي، امت سڌ، روهني هٿنگڙي، رونت راءِ ۽ ڀرت ڊڀولڪر شامل آهن.

 

يونس خان ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 10 هزار رنسون ٺاهيندڙ پهريون پاڪستان بيٽسمين بڻجي ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز خلاف پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ سيريز کيڏندڙ پاڪستان جو مشهور بيٽسمين يونس خان ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 10 هزار رنسون ٺاهيندڙ پهريون پاڪستان بيٽسمين بڻجي ويو. ويسٽ انڊيز خلاف جميڪا ٽيسٽ دوران يونس خان 10 هزار رنسن جو سنگ ميل پار ڪري ورتو. ميچ کان اڳ يونس خان کي اعزاز حاصل ڪرڻ لاءِ 23 رنسون گهربل هيون جنهن ۾ هن محتاط انداز ۾ کيڏندي نه رڳو ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 10 هزار رنسون مڪمل ڪيون پر پاڪستان جو پهريون ڪرڪيٽر پڻ بڻجي ويو. يونس خان 116 ٽيسٽ ميچن ۾ 34 سينچرين ۽ 33 اڌ سينچريون ٺاهي 52.39 جي شرح سان 10 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون. يونس خان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 9 وڪيٽون پڻ حاصل ڪري چڪو آهي. واضح رهي ته يونس خان تي ساٿي ڪرڪيٽر دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته هو ٽيسٽ تان رٽائرڊ نه ٿئي ۽ وڌيڪ هڪ يا ٻه سال ملڪ جي خدمت ڪري.

تو پڄاڻان سپرين: ماھم سنڌي / ميرپورخاص

اسانجي جنم ڀومي سنڌ جيڪا شاندار تھذيب، ثقافت، ٻولي، صوفي ازم، سيڪيولرزم،  عدم تشدد ، مذھبن جي برابري ، انسانيت جي اونچائي ۽ ڀائيچاري جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي ۔  انھي سنڌ  اندر  سائين جي ايم سيد بابت اسان سڀ گھڻي کان  گھڻا بھادري ۽ عقلمندي جا مثال  ، پھاڪا ۽ چوڻيون توڙي شاعريون  ۽ مضمون ٻڌنڌا  ۽ پڙھندا پيا اچون .  ڪو ورلي به اھڙو ليکڪ سنڌ جو نه ھوندو جنھن سيد جي ڪردار جي واکاڻ پنھنجي  قلم جي ذريعي نه ڪئي ھجي . سيد بابت مضمون سنڌ جي تاريخ جا اڻ کٽندڙ سلسلا آھن . ائين چئجي ته سيد سنڌ جو آئينو آھي ته غلط نه ٿيندو . ڪنھن ليکڪ ائين به چيو ھيو ته سيد ھر موضوع مذھب،  قوميت،  ٻولي ، آزادي جي جدوجھد  ۽ عشق بابت ايڏو ته جاکوڙيو آھي جو سيد جي ھر ھڪ جاکوڙ تي اڄوڪن شاگردن کي الڳ الڳ مضمون تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ گھرجي . ھي ھڪ حقيقت تي مبني ڳالھ آھي ته ڪنھن به وقت سان تعالق رکندڙ ڪوئي پھاڪو ھجي ، ڪائي چوڻي يا ڪنھن شاعر جي ذھن ۾ جڙندڙ ڪي شاعري جو مصرائون ھجن ، اُھي سڀ ان دؤر جي عڪاسي ھونديون آھن . اسين جئين ته جٿ به شاھ عبدالطيف جي شاعري يا کڻي نالو به ٻڌون ته ھڪدم اسان سميت ٻيا به سمجھي ويندا ته اھو سنڌ سان تعلق رکي ٿو ، اھو سنڌ جو لال لطيف سنڌ ديس کي  پوري عالم  سميت دعا ڪندڙ صوفي بزرگ آھي  . ڌرتي جي پنھنجي  بھادر ۽ بردبار ڪردارن  سان سُڃاڻ  ۽ قومي  ليڊرن  جي وري پنھنجي ڌرتي جي نالي سان  سڃاڻپ ھڪ انتھائي خاص  ۽  لازم ملزوم وارو رشتو  آھي  ،  اھي ھڪٻئي سان سڃاتا وڃن ٿا . جئين اسين مھاتما گانڌي جو نالو ٻڌون ته ھڪدم ھندوستان جو پسمنظر ذھن ۾ جڙڻ لڳندو آھي ،  خميني جو نالو ٻڌنڌي ئي ايران طرف اسانجون خيالي نظرون وينديون آھن . خليل جبران جو نالو ايندي ئي لبنان جا سھڻا منظر ۽ ان جي نيسان واري گُل ٽڙڻ جي موسم دل ودماغ کي معطر ڪرڻ لڳي ويندي آھي .  فيڊرل ڪاسترو ،  لينين ،  نيلسن منڊيلا ، ڪارل مارڪس ،  چي گويرا ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترائي اھڙا ڪردار آھن جيڪي اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ناھن پر اسين جڏھن به نالو ٻڌون ته اتي جي ملڪ ۽ ڌرتي جو نقشو جڙي پوندو آھي . اسين سنڌ جي نالي اڪثر اھو چوندا رھون ٿا ته اھا شاھ لطيف ، سچل ، قلندر ،  صوفي عنايت شھيد ،  دودي سومري ، راجا ڏاھر ،  ھوشو شيدي  جي ڌرتي آھي . ان جو سادو مطلب اھو آھي ته اھي اھڙيون ته شخصيتون ھيون جن تي ھڙئي سنڌي قوم کي اڄ به فخر آھي . اھڙي طرح مائي بختاور ھجي ، ٿرپارڪر جي مارئي ھجي ،  روپلو ڪولھي ھجي ، سيد صبغت الله شاھ سورھيه بادشاھ ھجي ،  انھن جا نالا کڻندي اسين اندر ۾ اھا خوشي محسوس ڪريون ٿا جيڪا پنھنجائپ جي ھوندي آھي جنھن تي فخر ڪري ڳاٽ اونچو ڪري سگھجي .

17 جنوري 1904ع تي سن  شھر ،  ضلعي دادو سنڌوءَ  جي ساڄي ڪپ تي  سائين جي ايم سيد (غلام مرتضي شاھ سنائي ) جو جنم  ، ان بعد ان جي سحر انگيز شخصيت اڄ به اھڙو ئي فخر ھر سنڌي کي ڏياري ٿي جنھن کي پنھنجي ڌرتي سان لڳاءُ آھي  . ان جي حيثيت اسان وٽ پيغمبر سنڌ واري آھي . اسين ان کي جديد سنڌي قومپرستي جو باني پڻ سمجھون ٿا . سائين جي ايم سيد جو جوش ۽ ولولو ، ان  جي سياسي ڏاھپ ،  ان جي دور انديشي ،  ان جي  ادبي پرک ،  ان جون مذھبن جي ٽڪراءُ بابت سمجھاڻيون ۽ ان جي  گھڻ  رخي شخصيت سنڌ لاء سڀاڳي ئي رھي آھي . اڄ سائين جي ايم سيد جي 22ھين ورسي آھي  . ان کي ھن دنيا مان رخصت ٿئي پورا 22 سال گزري ويا آھن . ان جي رخصتي 91 سالن جي ڄمار ۾ 25 اپريل 1995ع تي ٿي ھئي . سائين جي ايم سيد جو وڇوڙو بيشڪ اسان لاء وڏو ھاڃو آھي ان جي جڳھ ڪير والاري نه سگھندو . سائين جي ايم سيد جي وجود جو رُعب ۽ اثر ئي پنھنجو ھيو جو مخالف به سندن تعريف سوا نه رھي سگھندا ھئا . اڄ به اھا ڳالھ ھر ڪو مڃي ٿو  ته 1944ع ۾ جيڪر سيد صاحب مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿي ، پاڪستان جو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ لاء ڪوششون نه وٺي ھا ته ، اڄ تائين اھو بل ڪاغذ جو  ٽڪرو ٿيو پيو رُلندو ھجي ھا .

سائين جي ايم سيد جو جسماني وڇوڙو ھڪ وڏو قومي ھاڃو آھي ، جنھن جو اسانکي اڳ کان وڌيڪ ھاڻي  احساس آھي . سائين جي ايم سيد جي  جسماني خاموشي بعد ڄڻ اڄ به ان بعد يتيم ٿيل سنڌي قوم اڃا تائين ڪو بلند آواز اٿاري نه پئي سگھي . سيد صاحب پنھنجي پاڻ ۾ ھڪ ھلندڙ ڦرندڙ جدوجھد ھئي ھڪ تحريڪ ھئي  ،  ھڪ ٻرندڙ مشعل ھئي ، ھڪ اميد ھئي . جئين جو سائين جي ايم سيد موڪلاڻي ڪري سَن جي سونھري زمين  تي سنڌو جي ساڄي ڪپ جي ڀر ۾ ،  سنڌ جي پاڪيزه مٽي کي چادر جيان اوڙھي وڃي آرامي ٿيو آھي ، ان بعد ان جي لفظن ۽ ان جي سياسي توڙي اخلاقي تحريڪ ڄڻ ته ماٺيڻي پئجي وئي آھي . جئين جو ڪو وقتائتي طوفان سمنڊ جي ڇولين مان سڪون ڪڍي انھن کي گجگوڙ تي اٿاري ڇڏي ٿو ۽ طوفان جي واپسي بعد ساڳي ئي ساگر  منجھ چپ چاپ ٿي ويندي آھي ، تئين ئي سيد جي موڪلائڻ بعد سنڌ وياڪل ٿي پئي آھي . ڪو به ماڻھو سدا جئيڻو ۽ رھڻو ناھي ۽ اسين به ائين سمجھون ٿا ۽ سيد لاء اھي لفظ پر اميد ٿي چونداسين ته

وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو

پر ان جي باوجود به سيد جي نظريي کي ڪو اھڙو جانشين نه پيو ملي جيڪو ان کي اڳتي ھلي کڻي سگھي ، اھا ڳالھ صبر ڪرڻ کان گھڻو مٿي چڙھيل آھي . سيد جي خاموشي بعد سيد جي پوئلڳن سان ٿيل نانصافين جو ازالو ذري برابر به نه پيو  ٿئي . ھر سنڌي جي اندر ۾ ھڪ آتش فشان پيو ٻري پر اڃا تائين صرف خاموشي سان ٻري پيو ڦاٽڻ جي ھمت ڌاري ئي نه پيو سگھي . اھو سيد ئي ھيو جنھن  شروعاتي حمايت  ته ڪئي پر پوء ، پاڪستان جي 1947ع ۾ آزادي بعد سيد صاحب  جلد ئي ان ڪمزور  ٻه قومي نظرئي تي جڙيل  ٺھراءُ جي سخت مخالفت ڪرڻ لڳو . ڇوته ان ڄاڻي ورتو ته سنڌ جي بقا کي پاڪستان مان سخت  خطرو آھي . ھن ڄاڻي ورتو ته  سنڌ جي شاندار تھذيب ، ان جي جدا آزاد روايتن ،  ان جي اھنسا واري پراڻي ريتن کي  ختم ڪرڻ جي سازش پاڪستان  جي نالي تي ڪئي ويندي . سائين جي ايم سيد بنگال جي 1971ع  ۾ آزادي بعد ڄاڻي ورتو ته سنڌي ، بلوچي ۽ پٺاڻ قومن سان  ھڪ مفاد تحت ٺڳي ڪري پنجابي سرمائيدارن کي نوازيو ويو آھي .  جنھن سبب سائين جي ايم سيد سڌو الڳ رستو ٺاھي پنھنجي قوم جي آزادي لاء ڄڻ ته سر عام جنگ جو طبلو وڄائي ڇڏيو  . 1972ع ۾  قومپرست جماعت جئي سنڌ قومي محاذ  جو بنياد  وڌائين ، جنھن جو متن سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ ان جو سياسي روح سنڌين جو ھڪ جڳھ تي گڏجي سنڌ جي مقصدن لاء وڙھڻ ھيو ،  اُھا اڄ ڀاڱن ۾ ورھائجي وئي آھي .  سنڌ کي الڳ وطن ڪرڻ جي نعري ھيٺ سنڌوديش جي تحريڪ ھلائي وئي ،  جيڪا ھاڻي پنھنجو اصل زور وڃائي رھي آھي شايد ان ڪري جو اسان وچ ۾ رھنمائي ڪرڻ وارو سائين جي ايم سيد ڪونھي .  ان جا ڇڏيل پيغام، تقريرون ،  ڪتاب ۽ ان جو ٺاھيل سنڌوديش بابت فڪري ڍانچو اسان لاء ايڏو خاص ناھي رھيو . سيد سان گڏ رھندڙ ان جا سڀئي پوئلڳ ڌار ڌار رستا ڪري پنھنجي اوليتن تي مفادن خاطر وڙھي رھيا آھن  ، جنھن سبب گھڻي ڀاڱي اختلاف پيدا ٿي رھيا  ۽  تحريڪ ۾ اڳوڻو زور ٽٽي ويو آھي . سائين جي ايم سيد جي زندگي دوران ھن  پنھنجي سياسي بصيرت ذريعي سنڌ کي ھڪ اھڙي امن گاھ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن جي آزادي تي ڪو مصلحت نه ٿي سگھي .  سائين جي ايم سيد عشق ۽ محبت جي فلسفي کي پڻ ڏاڍو ڳايو آھي . ھن مزاجي کان ويندي حقيقي عشق کي پنھنجي سمجھ موجب سمجھائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ھئي . سائين جي ايم سيد موجب جڏھن عشق جي ٻالڪپڻ ۽ جواني ھجي ٿي ته اھو ھڪ فرد تائين ھوندو آھي ،  پر بلوغت بعد عشق فرد نه بلڪه قوم ۽ قوم جي مجموعي مفادن سان منسلڪ ٿي وڃي ٿو  . پوء عشق ڌرتي،  پنھنجي ماڻھن ۽ پنھنجي قومي ورثي ۽ ٻولي سان ٿي ويندو آھي . سائين جي ايم سيد انھن موضوعن تي وڏي تحقيق ڪري بحث ڇيڙيا جن تي اڄ اسين لفظ ڳالھائڻ کان به ڊڄي ٿا پئون . سائين جي ايم سيد  سنڌ ۾ وسيلن جي ڦرلُٽ ، ڌارين جي آبادڪاري ،  مڪمل خودمختياري ، ٻولي جي اصل اھميت ،   ڪلچر ، پاڻي چوري جو تحفظ سميت ھن سنڌ جي ھر ان مسئلي تي کُلي ڳالھايو به ۽ جدوجھد به ڪئي جيڪي ان وقت ۾ پيش آيا پئي . ھڪ ليڊر ۽ رھنما پنھنجي ايندڙ ڪئي نسلن لاء مشعل راھ ڇڏي وڃي ٿو ۽ اھي ھدايتون ڇڏي وڃي ٿو جيڪي صدين تائين پيون سبق ڏينديون آھن . اڄ سنڌ جي قومپرست سياست ۽ ان جو جماعتون جيڪي  گھڻيون تڻيون سائين جي ايم سيد جي نظرئي ھيٺ ٺھي ان کي پنھنجو سياسي ابو تسليم ڪري رھيو آھن ، اڄ انھن جو پاڻ ۾ تضاد ۽ ھڪ مسئلي تي گڏ ٿي نه بيھڻ ھڪ پريشان ڪندڙ ڳالھ آھي.اڄوڪي دور ۾ ائين پيو ڏسجي ته ڪا به تحريڪ ايڏي زور آور ناھي جو نئي طريقي سان پنھنجي مقصد خاطر وڙھي . بلڪه اڄ اُھي سڀ پنھنجي ئي سنڌ ۽ سنڌين کي بس بچائڻ ۾ پورا آھن . ڇا اھا ھڪ قسم جي  ڪمزوري نه چئبي ؟ قومپرست ڪارڪن روز مختلف جڳھين تان کنڀجيو وڃن ٿا ۽ سڄي جدوجھد ان ۾ ھوندي آھي ته شل جئيرو انھن کي واپس موٽائي سگھون . خفيه ايجنسيون ۽ سنڌ دشمن قوتون ڪنھن ۾ به ھٿ وجھڻ کان ڪيٻائين ئي نٿيون ۽ پنھنجي مَن مستي تحت انھن جا  مزاڪ جاري آھن. ڪيترائي قومپرست ڪارڪن چيچري ماريا وڃن ٿا ، گھٽين ڳلين تان بلڪه تعليمي درسگاھن تان اُھي گُم ڪيا پيا وڃن پر سندن ڪير واھر وسيلو پڇاڻي وارو ناھي . جيڪا سنڌ گئس ڪمائي  وفاق ڏي آمدني  اماڻي ٿي ان وٽ نه گئس آھي ،  نه پاڻي ، نه ئي بجلي . سنڌ ته پوئين دور ۾ به ايڏي ڏکي نه ھئي جيتري ھاڻ آھي . اسين اڄ ايڏا مجبور آھيون جو پنھنجي ترقي جي نا ، بلڪه بقا جي،  پنھنجي قوميت جي جنگ انھن ڌارين سان پيا وڙھون جيڪي ھتان جا ڪڏھن ھئا ئي نه ،  پر چالاڪين سان ھاڻ سنڌ ۾ بادشاھت پيا ڪن . اسين ايڏا بي وس آھيون جو پنھنجي قوميت کي بچائڻ لاء اڄ اعلان ۽ ميڙاڪا پيا ڪريون ته مھرباني ڪري آدمشماري ۾ پاڻ کي سنڌي لکرايو ، ان جو مطلب ڇا ٿيو؟ اھو ئي ته اسان کي اھو خطرو آھي ته ڪٿي اقليت ۾ تبديل نه ٿي وڃون . اسانکي کٽڪو آھي ته  اردو ڳالھائيندڙ مھاجر ۽ ٻيا افغاني پٺاڻ ايترا وڌي ويا آھن جو سنڌ ڌرتي تي انھن جي اڪثريت ٿي وئي ھوندي. سائين جي ايم سيد پنھنجي جاکوڙ جيڪا شروعاتي طور مسلمانن جي قوم جي آزادي جي جدوجھد ھئي . جنھن ۾ سائين جن شريڪ ٿيو پر وقت ان کي سڀئي سبق پڙھائي ڇڏيا ته ڪئين آزادي بعد پنجابي سامراج سنڌ ۽ سنڌ جي ھر حق مٿان مسلط ٿيل آھي . سائين جي ايم سيد وڏو خدشو ظاھر ڪيو ھيو ته جيڪي اوھان اڄ انھن طالبانن کي پناھون ڏئي گھرايو پيا سي سڀاڻي وڏا نانگ بڻجي اوھان جا ٻچا پڻ کائي ويندا . سچ پچ ته اھي وڏا نانگ ٿي سنڌ ۾ ڦھلجي سنڌ جي امن کي وڏو ڇيھو رسائي رھيا آھن .  پنھنجي ڦڻن جي زھر سان ڪڏھن شڪارپور ، ڪڏھن جيڪب آباد ،  ته ڪڏھن سيوھڻ ۾ قلندر جي نگري  کي ڏنگي رت ھاڻو ڳاڙھو پيا ڪن  ۔   دشمنن  جي ھڪ ڌماڪي سان اسانجي صوفي ڌرتي رت ۾ رنگجي ماتم ڪرڻ لڳي وڃي ٿي . اڄ سنڌ جا ڌڻي ھوندي به سنڌي ٻين جي رحم وڪرم تي محتاج آھن  . سنڌ جي روايت اپنائيندي جڏھن صوفي راڳن تي رقص ڪيو پئي ويو ته سيوھڻ اندر ٿيل ڌماڪي 80 کان مٿي ماڻھن کي کاڄ بڻائي ڇڏيو ۽ دشمنن اھو واضح ڪيو ته سنڌ کي اسين پنھنجي دھشت ۾ پورو جڪڙي چڪا آھيون . سنڌ اندر ذوالفقار آباد ۽ بحريه ٽائون نالي اھڙا رھائشي علائقا جڙجي رھيا آھن جن ۾ سنڌين جي مخالف ويھي موجون ڪندا . سنڌو جو پاڻي جنھن تي اڳ ئي اھڙي رٿابندي ڪيل آھي جو پاڻي سنڌ جي حصي ۾ صفا گھٽ اچي ٿو ۽ وچ واٽ تي چوري ٿيو وڃي ان تي ڪالاباغ وٽ ڊئم اڏي ، سنڌ کي سڪائڻ جي سازش پٺي پويان جاري آھي . اين ايف سي ايوارڊ ذريعي  رڳو مفاد پنجاب جي حصي ۾ آھي . سي پيڪ جي اھم راھداري منصوبي تحت به سنڌ کي ڪو خاص فائدو نه ڏنو ويندو . وفاق ۽ وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي اڌ کان گھٽ نمائندگي موجب به ان جون مخصوص سيٽون به انھن کي ناھن مليل ۽ ھو پنھنجي حق کان به محروم آھن .  انھن سڀني مسئلن تي  اڄ احتجاج  ته ٿئي پيو ڌرڻا ۽ نعرا ته لڳن پيا پر ڪو به مسئلو نيست نابود ٿي راھ تان ھٽجي نه سگھيو آھي .

سائين جي ايم سيد پنھنجي حياتي دوران قومي تحريڪ ۾ انھن ان وقت  جيڪي مسئلا موجود ھيا ان   مسئلن تي کلي ڳالھيائين ۽ جڏھن ڏٺائين ته پنجابين کان سواء دوکي جو ڪجھ نه ورندو ته نيٺ پوء سنڌو ديش جي تحريڪ شروع ڪيائين جنھن ۾ سڄو خاڪو ٺاھي ،  سڄي رٿابندي ٿيل ھئي ته سنڌي ڇو ۽ ڇا لاء پنھنجي سنڌ کي الڳ وطن ڪري ڌارين بدران ڌرتي ڌڻين جي حڪمراني چاھين ٿا . سائين موجب “سنڌ جي غلامي جو باعث پاڪستان جو نظريو آھي . انھي دوکي کان ٻاھر نڪري سنڌي قوم کي ضرورت آھي ته پاڻ کي قومپرستي جي رنگ ۾ رڱي ڇڏين “ . پر اھو سائين جي ايم سيد جو ڏٺل خواب ۽ اھا پرجوش تحريڪ اڄ ماٺيڻي آھي . اڄ اھا تحريڪ ڄڻ ڪو ڪنھن موسمي لٽ اندر دٻجي وئي آھي .  ڪنھن تيز ھوا جي جھونڪي بعد اجھامندڙ وسامندڙ ان ڏيئي جھڙي آھي ، جيڪا اھا ڪوشش نٿي ڪري ته ڪو پنھنجي شعلن سان دشمنن کي ساڙجي ، پر اھا  ئي ان جي جدوجھد ھوندي آھي ته بس پاڻ بچائي سگھان ، پنھنجو جئيندان قائم رکي سگھان . ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ چئبي جو سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽري پڙھندڙ نورين لغاري تي اڄ دشمنن جا زھر ڀريا لفظ ايڏو اثر ڪري ويا جو ھو پاڻمرادو انھن سان شامل ٿيڻ لاء نڪري پئي آھي ۽ ھو بي ڏوھ انسانن کي مارڻ لاء جتن ڪندي ٿي وتي  . سائين جي ايم سيد بعد  سيڪيولر سنڌ ھڪ طرف ان جھڙي عظيم ھستي کي ڳولھي پئي ٻي طرف بلڪل ماٺيڻي ۽ ھنسا جي ھيٺ جبر ۽ انتھاپسندي ڀوڳي پئي. اڄ  ورسي سنڌ جي سيد کي بس ايترو ئي پيغام ڏينداسين  ته تو پڄاڻا سپرين  سنڌ سوکي نه آھي .

mahamsindhi05@gmail.com

 

سنڌ ۾ لوڊشيدنگ ۽ پ پ جو احتجاج…!

سنڌ ۾ بجليءَ جي بدترين لوڊشيڊنگ، پاڻي ۽ گئس جي کوٽ خلاف پيپلز پارٽي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جيالا روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا. صوبائي سڏ تي ملير ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن گلشن حديد کان صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ، ساجد جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب پهتي، جنهن دوران ڪارڪنن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. پ پ ضلعي حيدرآباد پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ، پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ گئس جي بندش خلاف حيسڪو چيف جي آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي جي قيادت پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊيو، پ پ ضلعي حيدرآباد جي صدر صغير قريشي، علي محمد سهتو، احسان ابڙو، سيد فياض شاهه، حيدر شاهاڻي، صنم ٽالپر، ساجده بلوچ ۽ ٻين ڪئي، ڌرڻي ۾ مولابخش چانڊيو ڪارڪنن کان چورن جي سرڪار کي، پاناما جي چورن جي سرڪار کي ۽ ڪوڙن جي سرڪار کي هڪ ڌڪو ٻيو ڏيو جهڙا نعرا هڻايا، ڌرڻي ۾ پ پ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٽنڊوالهيار ۾ پيپلز پارٽي ضلعي قيادت ۽ ضلعي جي چونڊيل نمائيندن پي پي ورڪر جو پاران ڪيريا شاخ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي نواز سرڪار خلاف بجلي جي 18 کان 20 ڪلاڪ تائين غير اعلانيه لوڊشينڊنگ گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف هزارين ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو روڊ بلاڪ سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي گو نواز گو جا نعره لکيل هئا، ٽنڊو محمد خان ۾ پ پ جي سوين ڪارڪنن وفاق پاران سنڌ اندر بجلي جي وڌندڙ لوڊشيڊنگ جي آزار، گئس ۽ واهن ۾ پاڻي سميت سنڌ سان زيادتين خلاف بخاري هائوس کان حيدرآباد بدين روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ٽائر ساڙي طويل ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي جي قيادت پ پ ايم پي اي ۽ ضلعي صدر اعجاز شاهه بخاري، ايم پي اي عبدالڪريم سومرو ۽ ٻين ڪئي. مٽياري ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ضلعي صدر سيد علي حسين شاهه ڄاموٽ، ايم اين اي شگفته جماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وفاقي حڪومت طرفان سنڌ صوبي سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ناانصافين، سنڌ اندر بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، گيس جي کوٽ ۽ غير منصفانه پاڻيءَ کي بند ڪرڻ خلاف مٽياري پريس ڪلب اڳيان سوين ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو ويومٺي جي ميونسپل ڪاميٽي  گرائونڊ  تي  وفاقي حڪومت خلاف  4 ڪلاڪ ٿر جي ڪنڊڪڙڇ  مان آيل  ڳوٺاڻن شھرين  چونڊيل نمائيندن  پ پ ضلعي صدر سينيٽر انجنيئر گيان چند  ، پ پ ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ايم پي اي مهيش ڪمار ملاڻي  ، صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ ،  پ پ ايم اين اي فقير شير محمد بلالاڻي ،  پ پ ايم پي اي دوست محمد راهمون  ، بلاول هائوس ميڊيا سيل انچارج سريندر ولاسائي ،  پونجو مل ڀيل ،  نندلال مالهي ۽ ٻين پ پ اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي گو نواز گو ،گلي گلي ۾ شور  آ نواز شريف چور  آ جا  زودار نعرا هنيا، ڪنڌ ڪوٽ پيپلزپارٽي جي مرڪزي سڏ تي شهر جي دل گهنٽا گهر چوڪ تي سوين پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن جيالن  ضلعي صدر مير گل محمد جکراڻي، ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين مير راشد خان سندراڻي، الطاف احمد کوسو، مير صادق گولاٽو،  سردار حيدر علي جکراڻي ، شبانه ملڪ، قربان بنگوار،مشتاق چاچڙ، آفتاب ڍال جکراڻي، ڏاڏو جکراڻي، مير واقف علي باجڪاڻي، شمن علي سميت ٻين اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ وفاقي حڪومت پاران سنڌ سان ناانصافي ۽ زيادتيون ڪرڻ واري عمل جي خلاف 4 ڪلاڪ احتجاجي ڌرڻو هڻي شهر جي اهم روڊ کي بند ڪري ڇڏيو