تازيون خبرون

Daily Archives: April 8, 2017

فلم انڊسٽري ۾ اچڻ جو خواب ڪڏهن نه ڏٺو هو: پرينيتي چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پرينيتي چوپڙا جو چوڻ آهي ته هن ان شعبي ۾ اچڻ جو خواب ڪڏهن نه ڏٺو هو، اڄ ڪلهه هو پنهنجي نئين فلم ميري پياري بندو جي اشتهاري مهم ۾ مصروف آهي، پرينيتي چوپڙا هندي فلم انڊسٽري ۾ 2011ع ۾ فلم ليڊيز ورسز وڪي بهال سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي، ان کان علاوه سندس مشهور فلمن ۾ عشق زادي، شد ديسي رومانس، هنسي تو پهسي ۽  دعوت عشق شامل آهن.

 

فلم جو معيار باڪس آفيس بزنس سان ڪڏهن به نٿو جاچي سگهجي: منوج باجپائي

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار منوج باجپائي چيو آهي ته فلم جو معيار باڪس آفيس سان ڪڏهن به مقرر نه ٿو ڪري سگهجي، ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪار منوج باجپائي جو چوڻ آهي ته آئون هميشا هڪ ڳالهه کي برقرار رکيو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته فلم جو معيار ڪڏهن به باڪس آفيس سان مقرر ناهي ٿيندو، هن هدايتڪار نيرج پانڊي جي ساراهه ڪندي چيو ته ترلر فلم نام شبانه ۾ تاپسي پنو جو ڪردار تمام اهم هو، جنهن ۾ عورت جي ذهني ۽ جسماني طاقت تي زور ڏنو ويو آهي، تجسس ۽ ٿرلر سان ڀرپور فلم شروعاتي 5 ڏينهن ۾ 2.50 ڪروڙ جو بزنس ڪيو ۽ خالص ڪل 22.50 ڪروڙ جو بزنس ڪري ورتو آهي.

 

سريلنڪا ڏکڻ آفريقا کان وڌيڪ ٽي -20 انٽرنيشنل ميچون کيڻ جو رڪارڊ برابر ڪري ورتو

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ٽيم ڏکڻ آفريقا جو وڌيڪ ٽي -20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچون کيڏڻ وارو رڪارڊ برابر ڪري ورتو، اهڙي طرح آئلينڊز وڌيڪ ٽي -20 ميچون کيڏي گڏيل طور تي دنيا جي ٽئين ٽيم بڻجي وئي آهي، سريلنڪا بنگلاديش خلاف ٻئي ۽ آخري ٽي -20 ميچ ۾ شرڪت ڪري اهو ڪارنامو انجام ڏنو، سريلنڪا جي اها 95هين ٽي -20 انٽرنيشنل ميچون کيڏيون اهن، جڏهن ته تاريخ ۾ وڌيڪ ميچون کيڏڻ جو عالمي رڪارڊ پاڪستان وٽ آهي، پاڪستان رڪارڊ 114 ميچون کيڏيون آهن.

 

مصباح الحق جو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ خال ڀرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي: وسيم اڪرم

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو آهي ته مصباح الحق جو خال ڀرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، هن پاڪستان جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته اسان جي ڪرڪيٽ ۾ رانديگر کي الوداع ڪرڻ جي روايت تبديل ٿي آهي، جيڪو سٺو عمل آهي، اهو فيصلو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ مصباح الحق جي گڏيل رضامندي سان ٿيو. هن چيو ته هن وقت سڄي پاڪستان کي مصباح الحق کي خدا حافظ ڪرڻ گهرجي، هن ٽيم کي نازڪ مرحلن مان ڪڍيو.

 

حقن جي ڄاڻ ۽ اهميت کان ڏور بيٺل سنڌ جا ماڻهو! : نسرين الطاف

انساني حق Human rights آزادي ۽ حقن جو اهو نظريو جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر فرد حقدار آهي، انهيءَ نظريي ۾ اهي سڀئي جز شامل آهن، جنهن تحت دنيا ۾ رهندڙ هر فرد بنيادي ضرورتن ۽ سهولتن جو حقدار آهي. انسانن جا بنيادي حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به خطي يا معاشري ۾ اخلاقيات، روايتن ۽ سماجي عملن جو مضبوط هجڻ تمام ضروري آهي. انساني حقن جي نظريي کي انهيءَ ڪري يا ته معاشرتي طور تي عوامي راءِ ۽ قومي ۽ بين الاقوامي قانونن سان ڳنڍيو ويو آهي، جيڪڏهن انسان جي تعريف ڪجي ته انسان هڪ وسيع مضمون آهي ۽ ان لاءِ مختلف رايا آهن. اهو هڪ معاشرتي جانور Social Animal آهي ۽ هو معاشري جو لازمي جز آهي. انسان جي زندگي گڏيل تعاون جي محتاج آهي، ڪو به ماڻهو هن دنيا ۾ اڪيلو زندگي نه ٿو گذاري سگهي.
جهڙي طرح انساني حقن جي اهميت انساني زندگيءَ جي خاتمي کانپوءِ به محدود حد تائين باقي رهي ٿي، انساني حق ته انساني زندگي جي ان دنيا ۾ اچڻ سان ئي لاڳو ٿي وڃن ٿا. انساني حقن مان مراد آهي ڪنهن فرد کي زندگي، آزادي، برابري ۽ عظمت ڏيڻ. انسانن کي ڪا به رياست جيئڻ جا اهي سڀئي حق ڏيڻ جي مجاز آهي جيڪي انسان ان دنيا ۾ لهڻي ٿو. رياست جيڪڏهن انساني حق ڏيڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي ڪري ته ڪو به ماڻهو آئين جي دفعه 32 يا 226 تحت سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهي ٿو. 1993ع ۾ جيڪا انساني حقن جي تعريف ڪئي وئي، اها هڪ جامع تعريف هئي ۽ ان طريقي سان سڀئي نظريا ۽ حق اڳيان رکي انهن کي انسانن لاءِ استعمال ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو. جيستائين بين الاقوامي دستاويزن جو سوال آهي، اقوام متحده کي چارٽر، انساني حقن جو عالمگيري اجراءَ شهري يا سياسي حقن جو بين الاقوامي منشور يا معاشي، سماجي ۽ ثقافتي يا قانوني بالادستي Rule of law جو احترام ڪيو وڃي، اتي هڪ عام انسان کي حقِ زندگي، حقِ حفاظت، عورت ۽ مرد ۾ برابريءَ جو حق، عورتن جا حق، ٻارن جا حق، زندگيءَ جي هر شعبي ۾ بنا ڪنهن فرق ۽ متڀيد جي برابريءَ جا حق. حق حرمت، عظمت وقار، اظهار جي آزاديءَ جو حق، مذهب جي آزاديءَ جو حق، اقليتن جي مفادن جي تحفظ جو حق، ثقافت زبان ۽ تهذيب تمدن جي تحفظ جو حق، نقل و حرڪت، حق گڏجاڻيون، حق خاندان، ذاتي زندگيءَ جي تحفظ جو حق، قانوني چاره جوئي ۽ داد رسيءَ جو حق، تعليم جو حق، نمائندگي جو حق، ووٽ جو حق، حڪومت جي چونڊن جو حق، بهتر سهولتن ۽ بهتر معيار زندگيءَ جو حق، آلودگيءَ کان پاڪ ۽ صاف هوا، پاڻي ۽ زندگيءَ جي بنيادي سهولتن جو حق، ٻيلن جهنگلن ۽ ڪائنات ۾ رهندڙ هر ساهواري جا حق ٿين ٿا، جن کي عوام کي ڏيڻ اسٽيٽ ۽ رياست تي حڪومت ڪندڙن جي ذميواري آهي ته اهي ان زمين تي رهندڙ هر ساهواري کي ڏين، جيڪي اهي حق کڻي انسان ٿين ٿا. بين الاقوامي طور تي انساني حقن جو چارٽر ته ٺهي ويو پر ڇا انهن چارٽرن تي اسان وٽ عمل ٿي رهيو آهي؟ اچو ته جائزو وٺون ته اسان جي اسٽيٽ يا رياست انسان کي انهن جا حق ڏيڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي آهي؟ قدرت جي هن وسيع ڪائنات ۾ الله تعاليٰ هر انسان کي آزاد فضائن ۾ ساهه کڻڻ ۽ پنهنجي مرضيءَ سان ساهه کڻڻ جو حق ڏنو آهي ۽ آزاديءَ جو احساس ڏيارين ٿا اهي حق جيڪي ان کي ڄمڻ سان ملن ٿا.
تعليم جو حق: اها هڪ حقيقت آهي ته تعليم انسان جي ٽين اک آهي. جن قومن پنهنجي من مان خودغرضي، لوڀ لالچ ڪڍي علم ۽ تعليم کي سڀ کان وڏي دولت سمجهيو، انهن دنيا ۾ بلند مقام حاصل ڪيو. ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻو آهي، توهان ان جي تعليم کي تباهه ڪيو، اها قوم پاڻ ئي تباهه ٿي ويندي. سنڌ جا ٻهراڙيءَ وارا علائقا هونءَ ته ڪيترن ئي بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهن، اتي رهندڙ ماڻهو حقن کان محروم آهن، پر اهي تعليم جهڙي حق کان به محروم آهن. ڳوٺ ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ تعليم جي تمام گهڻي کوٽ آهي، جنهن ڪري سنڌ جي 75 سيڪڙو آبادي پنهنجي حقن جي ڄاڻ نه ٿي رکي. تعليم، سماجي تبديلي آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي، پر جتي علم جي روشني نه پهچندي، اتي ماڻهن جا ذهن ۽ دماغ ڪٿان روشن ٿيندا؟ انهن وٽ بهتريءَ جي لاءِ سوچڻ جو دڳ ڪڏهن به اونداهين کانسواءِ ڪجهه نه هوندو ۽ اهي ماڻهو پنهنجا بنيادي حق ڪٿان حاصل ڪندا.
اسان وٽ هر سسٽم صرف لاڳو ڪرڻ جي حد تائين آهي، باقي ان تي ڪم ٿئي، اهو شايد ممڪن نه آهي. انهيءَ ڳالهه جو به جائزو وٺڻ ضروري آهي ته اسان وٽ ڇوڪرين جي تعليم ته پري پر ڇوڪرن لاءِ به تعليم کي ضروري نه ٿو سمجهيو وڃي، آخر اسان جي ماڻهن ۾ شعور ڪڏهن ايندو؟ جو هو سمجهن ته تعليم اسان جي نسلن لاءِ ضروري آهي، پر اها سوچ تڏهن تبديل ٿيندي جڏهن اتان جا چڱا مڙس ضروري سمجهندا ته انسان ۾ شعور اچڻ لاءِ تعليم ضروري آهي، پر انهن کي اها به خبر آهي ته تعليم حاصل ڪندڙ پنهنجي شعور سان ڳالهائيندو ۽ پنهنجا حق سمجهندو. انسان جي شعور جون دريون کولي ئي تعليم ٿي، بس سنڌ جي ان بنيادي حق کان ماڻهن کي پري رکو باقي حقن جي، جهالت جي ڪري ته انهن کي خبر پوندي ۽ نه هو گهرندا.
اڄ جي سنڌ جنهن خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، ان کي غلاميءَ کانسواءِ ٻيو ڪو نالو ڏئي نه ٿو سگهجي، اها صورتحال هڪ ڏينهن يا هڪ سال ۾ پيدا نه ٿي آهي. سنڌ کي هٿ سان انهن مسئلن ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. سنڌ جي ماڻهوءَ کي حق نه ملڻ ۾ نه رڳو هڪ قوت نه پر متحرڪ قوتون، گروهه شامل آهن. هن اسٽيٽ کي آڱرين تي هلائڻ وارا اهي ماڻهو آهن جن وٽ انسان ۽ جانورن ۾ ڪو فرق نه آهي. اظهار جي آزاديءَ کي اسان وٽ دٻايو ٿو وڃي يا وري جيڪو ڳالهائي ٿو ان کي وقتي فائدا ڏئي خاموش ڪرايو ٿو وڃي. آئون سمجهندي آهيان ته ماڻهن کي حقن جي ڄاڻ ڏيڻ، انهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسان وٽ چئني پاسي اخبارن رسالن چئنلن جي يلغار آهي، پر پوءِ اڄ به عام ماڻهوءَ ۾ اهو شعور نه آهي جيڪو هو اخبارن کي پڙهي چئنلن کي ڏسي حاصل ڪري- يا ته ميڊيا پنهنجي ڳالهه ماڻهن تائين ان طريقي سان نه ٿي پهچائي، جنهن طريقي سان پهچائڻ گهرجي يا ته اسان وٽ ماڻهو ايترا بيحس ٿي ويا آهن جو هو نه ٿا چاهين ته انهن جي زندگيءَ ۾ ڪا تبديلي اچي ۽ هو پنهنجن حقن پٽاندڙ زندگي گذاري سگهن. افسوس اسان جو ليکڪ، دانشور به انهيءَ طريقي سان نه پيو لکي جنهن سان ماڻهن ۾ سجاڳي اچي. ان جو قلم به اڄ پنهنجن مفادن کي نظر ۾ رکي لکي ٿو. نه ڄاڻ جو اسان وٽ بي حسي ايتري وڌي وئي آهي جو هر ماڻهو سمجهي ٿو ته مون کي فردي فائدو ٿئي، اجتماعي حقن ۽ فائدن جي ڪا اهميت ڪانهي.
هڪ انسان ٻئي جا زوري حق ڦٻائڻ جي چڪر ۾ آهي. ڏاڍو، ڪمزور تي حاوي آهي. اسٽيٽ کي هلائيندڙ زورآور انساني حقن کي نه ڪجهه سمجهن ٿا ۽ نه انسانن کي ڪنهن خاطر ۾ ٿا آڻين. اسان وٽ پيدا ٿيندڙ ائين ئي حقن کان وانجهيل پنهنجي زندگي پوري ڪن ٿا.

ايجنسيون آخر مذھبي انتھا پسندن جي سرپرستي ڇو ٿيون ڪن؟: امير ڀنڀرو

جُھوني سياستدان محمود خان اچڪزئي اسيمبلي فلور تي چيو ته پاڪستان ۾ تيستائين امن نه ٿيندو جيستائين پاڪستان پاڙيسري ملڪن ۾ پراڪسي وار ختم نه ڪندو. پرڏيھي ڪميٽي جي ھڪ حڪومتي ميمبر چيو ته” ھي(مذھبي گروپ)اسان کي ڪھڙا آنا ٿا ڏين جن کي رکيو ويٺا آھيون، دنيا جي جنھن به ملڪ ۾ وڃون ٿا اُتي لشڪرِ طيبا،جماعت الدعوه ۽ جيشِ محمد بابت سوال ٿين ٿا“ نامور صحافي سيرل الميڊا نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان ٿيل ڪابينا ميٽنگ جو اندروني حوال ڏيندي ”ڊان“ اخبار ۾ رپورٽ لکي ته ”وزير اعليٰ پنجاب شھباز شريف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل رضوان اختر تي الزام ھنيو ته اسين جنھن مذھبي دھشتگرد کي گرفتار ڪيون ٿا ته ايجسنيون چون ٿيون ته اِھو اسان جو ماڻھو آھي ۽ ان کي آزاد ڪرائي وڃن ٿيون، ان اسٽوري تي ويچارو سيرل سُورن ۾ پئجي ويو آھي،  ڇاڪاڻ ته ھُن قومي راز جو ڀانڊو ڦاڙي وڌو، ساڳئي نموني محمود خان اچڪزئي تي به سرڪار ڏمرجي پئي، ھن قصي جي پس منظر ۾ وڃڻ جي ضرورت آھي، سرد جنگ دوران آمريڪا پاڪستاني فوج ۽ مذھبي پارٽين  جي اتحاد پي اين اي جي مدد سان ملڪ ۾ شورش ڪرائي، جنھن کي ڊالر تحريڪ به چيو وڃي ٿو، ملڪ جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو جو جنرل ضياءُ الحق کان تختو اونڌو ڪرايو، جنرل ضياءُ جعلي ريفرينڊم ذريعي پاڻ اميرالمومنين ٿي ويھي رھيو، ھِن جماعت اسلامي ۽ٻين مذھبي پارٽين کي پاڻ سان ملائي رکيو، ھن آمريڪا ۽ سعودي عرب جي مدد سان پاڪستان ۾ نظام مصطفيٰ ۽ نفاذ شريعت جو اعلان ڪيو، ان سان گڏ افغان جھاد شروع ڪرايو، پاڪستان مان جھادي گروپس تيار ڪيا ويا ۽ ان دوران لکن جي تعداد ۾ افغان مھاجرين پاڪستان ۾ آيا ۽ انھن جو وڏو تعداد ڪراچي  ۾ ترسايو ويو، روس خلاف جنگ کي عالمن کان فتوائون ڏياري پاڪ جنگ قرار ڏياريو ويو، ٻين لفظن ۾ مذھبي انتھاپسندي جو ٻِج پاڪستان ۾ آمريڪا ڇَٽيو، جڏھن روس ٽُٽي ويو، افغانستان تي طالبانن جي حڪومت قائم ٿي وئي ته آمريڪا به ان جي سرپرستي ڪندو رھيو، جڏھن آمريڪا جو پاڪستان مان ڪم نڪري ويو ته ان ھوائي حادثي ۾ جنرل ضياءُ کي مارائي ڇڏيو،  محترمه بينظير ڀُٽو شھيد کان جنرل حميد گل کي جبري رٽائر ڪرايو، منھنجي خيال ۾ جڏھن آمريڪا طالبان مان ھٿ ڪڍيا ته سعودي ۽ پاڪستان انھن جي پالنا جو عمل جاري رکيو 9/11 کانپوءِ آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو ۽ قبضو ڪري طالبان حڪومت ختم ڪري ڪرزئي کي ويھاريو ۽ پاڪستان تي به دٻاءُ وڌو ته ھُو طالبان، القائدا ۽ ٻين مذھبي گروپس خلاف ڪاروائي ڪري، ان ڏينھن اڄ تائين آمريڪا پاڪستان کان ڊو مور جو مطالبو ڪندي رھي ٿي، پاڪستان جي ھزارين خاطرين باوجود اساما بن لادن ۽ ملا عمر سميت سڀني طالبان ۽ القاعده جي ا ڳواڻن جي پاڪستان ۾ موجودگي رھي آھي، جيڪا امريڪا جي الزامن کي سچ ثابت ڪندي رھي ٿي، حالتن مان محسوس ٿئي ٿو ته سعودي ۽ پاڪستان سان آمريڪا جو اتحاد ۽ دوستي رسمي وڃي بچي آھي ۽ تازو آمريڪي سينيٽ اوباما جي مخالفت باوجود 9/11 جو ڪيس سعودي مٿان داخل ڪرڻ جو فيصو ڏنو، آمريڪا جا پاليل ھي مذھبي دھشتگرد گروپ گذريل پندرھن سالن کان پاڪستان لاءِ به ڏَچو ڪيو ويٺا آھن، دھشتگردي ۽ خودڪش حملن ۾ ھن وقت تائين ھزارين معصوم شھري مري چڪا آھن، گذريل ھڪ ڏھائي کان پاڪستان حالت جنگ۾ آھي، آپريشن ضرب عضب ۽ نيشنل ايڪشن پلان تحت آپريشن جاري آھن، ھن وقت گُڊ يا بيڊ طالبان جي ڳالھه پئي ھلي، پر انڊيا آمريڪا ۽ ٻي عالمي برادري جيش محمد،حقاني نيٽ ورڪ،جماعت الدعوه ۽ ٻين مذھبي انتھا پسند گروپس جي خاتمي جو مطالبو ڪري ٿي، انڊيا ۽ افغانستان جو الزام آھي ته پاڪستان انھن گروپن کي ٻنھي ملڪن اندر پراڪسي وار لاءِ استعمال ڪري دھشتگردي ڪرائي ٿو، ھاڻ ھي سمجھڻ گھرجي ته محمود خان اچڪزئي ۽ سيرل واري اسٽوري آمريڪا، انڊيا ۽ افغانستان لڳايل الزامن جي سچائي ثابت ڪري ٿي پر ان جي توثيق به ڪري ٿي، جڏھن پاڪستان ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ دھشتگردي ڪرائيندو ته نتيجي ۾ لازمي طور اُھي به پاڪستان جون حالتون خراب ڪندا، تنھن ڪري پاڪستاني ايجنسين کي گھرجي ته ھُو پاڙيسري ملڪن توڙي عالمي برادري جي اعتماد جي بحالي جي ڪري ملڪ جون اندروني حالتون ٺيڪ ڪرڻ لاءِ حافظ سعيد،مسعود اظھر ۽ ٻين رياستي پيدا ڪيل دھشتگردن جو خاتمو ڪري.

اي ڊي خواجه کي ڏنل اسٽي ختم ڪرڻ جي درخواست رد

سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  سنڌ حڪومت جي آءِ جي اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ خلاف ڏنل اسٽي ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي اي ڊي خواجا کي حتمي فيصلي تائين عهدي تي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي سنڌ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا پيش ڪرڻ جو حڪم به ڏنو آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر  چيو آهي ته حتمي فيصلي تائين حڪمن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي، پوليس فورس جو آل پاڪستان سروس ۾ هئڻ تڪراري نه آهي.جيستائين حتمي فيصلو نٿو ٿئي اي ڊي خواجه کي ڪم جاري رکي.ٻڌڻي دوران  وفاقي حڪومت پاران ايڊيشنل اٽارني جنرل سلمان طالب الدين به جواب داخل ڪرائي ڇڏيو، جنهن موجب 1993ع وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اتفاق ٿيو ته صوبي جي  آءِ جي جي مقرري وفاق جي مشوري سان ٿيندي .جڏهن رکڻ جو اختيار وفاق وٽ آهي .وفاقي آفيسر کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ به وفاق جي منظوري ضروري آهي .وفاقي آفيسر کي ساڳي گريڊ ۾ مقرري ڪرڻ جو  صوبائي اختيار آهي پر آفيسر کي پنهنجي گريڊ کان وڌيڪ گريڊ ڏيڻ صوبي کي اختيار نه آهي هن کي وفاق جي اجازت ضروري هوندي آهي .وفاق چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ جي نالن کي صوبن ڏنا موڪليو ويندو صوبو هڪ نالو 15 ڏينهن ۾ تحويز ڪندو جيڪڏهن نالو نه ڏئي سگهي ته وفاق کي اختيار آهي ته هو پنهنجي مرضي سان آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري رکي سگهي ٿو .عدالت ۾ سيڪريٽري سروسز حلف نامي جمع ڪرايو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 28دسمبر 2016ع جي حڪم جي خلاف ورزي نه ڪئي آهي .اي ڊي خواجا اوپي ايس تي ڪم ڪري رهيو آهي .ان ڪري آءِ جي سنڌ جون خدمتون وفاق کي واپس ڪري ڇڏيون آهن .چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ توهين عدالت واري ڪيس ۾ پنهنجي جوابي حلف نامي جمع ڪرائي ڇڏيو آهي .جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمرو چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي .آءِ جي سنڌ جون خدمتون پوليس ايڪٽ 3 جي تحت وفاقي حڪومت جي حوالي ڪيون وينديون، سنڌ ڪابينا آءِ جي کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيوآهي، ان بابت جواب پڻ داخل ڪرايو ويو آهي.عدالت ۾ درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيارڪندي چيو آهي ته پوليس آرڊر 2002ع کي ختم ڪري صوبي ۾ پوليس ايڪٽ 2011ع رائج ڪيو ويو آهي جيڪي غير قانوني آهي .آئين ۾ وفاقي ۽ صوبائي قانون سازي جون لسٽون ڏينون ويون آهن .ايڊووڪيٽ فيصل چيو ته آئين جي موجب ريلوي پوليس سميت هرقسم جي پوليس وفاق جي اندر ۾ آهي.