تازيون خبرون

Daily Archives: April 5, 2017

ڪترينه ڪيف جي تمام گهڻو ويجهو آهيان: عاليه بٽ

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره عاليه بٽ چيو آهي ته فلمي صنعت ۾ ادڪاره ڪترينه ڪيف سان تمام سٺي دوستي آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق بالي ووڊ اداڪاره عاليه بٽ سان فلم انڊسٽريءَ ۾ دوستي جي حوالي سان پڇيو ويو ته هن چيو ته منهنجي فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪجهه ماڻهن سان ويجهي دوستي آهي. هدايتڪار ايان مکرجي ۽ اڀيشڪ ورمان منهنجا دوست آهن، ڪرن جوهر منهنجي پيءُ وانگر آهي ۽ مان ڪترينه ڪيف کي تمام گهڻو پسند ڪندي آهيان.

 

شرڌا ڪپور جي فلم ”هاف گرل فرينڊ“ جو موشن پوسٽر جاري

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي فلم ”هاف گرل فرينڊ“ جي موشن پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق پوسٽر ۾ ارجن ڪپور ۽ شرڌا ڪپور گڏ نظر اچي رهيا آهن. جنهن ۾ اهي برسات مان لطف اندوز ٿيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اميد ڪئي پئي وڃي ته فلم 19 مئي تي رليز ڪئي ويندي. فلم چيتن جي ناول تي مشتمل آهي جيڪو ان جي نالي سان لکيو ويو آهي، فلم ۾ ارجن ڪپور اهم ڪردار ادا ڪندو.

سريلنڪا بنگلاديش خلاف ٽي 20 سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا بنگلاديش خلاف ٽي 20 سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. ڪوسال مينڊس ٽيم ۾ جڳهه ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو، جڏهن ته شيهان جائي سوريا ۽ ٿهيسار پريرا جي واپسي ٿي آهي. اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ اپل ٿرنگا (ڪپتان)، دلشان مناويرا، ونشڪا گونا ٿلڪا، ڪوسال پريرا، لاسٿ مالنگا، اسرواڊانا، نوان ڪلاسيڪرا، ڊاسن شنڪا، وڪم سنجايا، ملندا سري وردني، اسيلا گونارکي، پراسانا، چمارا ڪپوگيدرا، ٿيسار پريرا، لڪشن سيڊڪان ۽ شيهان جائي سوريا شامل آهن. سريلنڪا ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ اڱاري ڏينهن کيڏي ويندي.

ويسٽ انڊيز ۽ پاڪ وچ ۾ ٽن ون ڊي مئچن تي ٻڌل سيريز جي پهرئين مئچ 7 اپريل تي کيڏي ويندي

ويانا (اسپورٽس نيوز)ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي مئچن تي ٻڌل سيريز جي پهرئين مئچ 7 اپريل تي اوويڊنس اسٽيڊيم ويانا ۾ کيڏي ويندي. شيڊِول موجب ٻنهي ٽيمن ۾ ون ڊي سيريز جي ٻي ون ڊي مئچ 9 اپريل تي ساڳي هنڌ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري مئچ 11 اپريل تي ساڳي هنڌ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽيسٽ مئچن واري سيريز 22 اپريل تي جميڪا ۾ شروع ٿيندي ٻئي ٽيسٽ مئچ 30 اپريل کان شروع ٿيندي جڏهن ته آخري مئچ 10 مئي ڊومنيڪا ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ان کان اڳ چئن ٽي ٽوئنٽي مئچن واري سيريز ۾ ميزبان ٽيم کي هڪ ٽي تان شڪست ڏني آهي.

پاڻي بحران سبب خريف جا فصل متاثر  ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو: تحرير  ربنواز  راز ڄامڙو

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو ٿي وئي آهي. 23 مارچ کان ڪوٽري تي بحران جو خدشو ظاهر ڪرڻ کانپوءِ وارا بندي لاڳو ڪندي پهرين اپريل کان گڊو بئراج جا 3 ۽ سکر جا 3 واهه بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.آبادگارن کي خريف جا آڳاٽا فصل نه پوکڻ جي صلاح ڏني وئي آهي جڏهن ته ٺٽي ضلعي ۾ ڪينجھر مان ملندڙ پيئڻ جي پاڻي کي به احتياط سان استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. اترين علائقن ۾ برساتون نه پوڻ سبب سنڌ جي ٽنهي بئراجن ۾ پاڻيءَ جي 50 سيڪڙو کوٽ پيدا ٿي وئي، پهرين اپريل کان 30 اپريل تائين سکر بئراج جا ٽئي ڪينال ۽ گڊو بئراج جا ٽئي ڪينال بند رهندا، ملڪ جي اترين علائقن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال برساتون گهٽ پوڻ سبب سنڌ جي ٽنهي بيراجن گڊو، سکر ۽ ڪوٽري بئراج وٽ پاڻيءَ جي کوٽ 50 سيڪڙو تائين پهچي وئي. پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿيڻ ڪري پهرين اپريل کان سکر بئراج جي کاٻي پاسي نڪرندڙ دادو ڪينال کيرٿر ڪينال ۽ رائيس ڪينال، جڏهن ته گڊو بئراج مان نڪرندڙ پٽ فيڊر ڪينال، گهوٽڪي ڪينال ۽ بيگاري ڪينال 30 اپريل تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آبپاشي کاتي آبادگارن کي مشورو ڏنو آهي ته خريف جا آڳاٽا فصل نه پوکين ۽ خريف جي مند شروع ٿيڻ جي 20 ڏينهن کانپوءِ فصل پوکين. جڏهن ته اهڙي صورتحال 17 سال اڳ به پيدا ٿي هئي. سنڌ جي ٽنهي بئراجن وٽ پاڻي 50 سيڪڙو کوٽ پيدا ٿي وڃڻ بعد شديد بحران جو انديشو آهي. هوڏانهن ضلعي ٺٽي اندر پاڻي جي بدترين کوٽ پيدا ٿي ويئي، ايريگيشن کاتي پاڻي جي مٿان کان کوٽ جو عذر ڄاڻائيندي گذريل هڪ هفتي کان ضلعي ٺٽي جي سمورن واهن، ڪينالن، شاخن بگھاڙ برانچ، اڏيرو برانچ، ساڪرو برانچ، ڪلري، ڄام واھ، ڄام برانچ، ٻجورا نالي، ٺٽو نالي، مسڻ شاخ، گھار ماڇي سميت ٻيا ننڍا توڙي وڏا واھ ۽ شاخون بند ڪري ڇڏيون آهن جنهن سبب انهن ۾ مٽي اڏامڻ شروع ٿي ويئي آهي. جڏهن ته ايريگيشن کاتي ضلعي جي آبادگارن کي پاڻي جي کوٽ ختم ٿيڻ تائين ڪا به آبادي ڪرڻ کان روڪيندي صرف ضلعي کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪينجھر ۾ ڪجھه عرصي لاءِ ذخيرو ڪيل پاڻي کي احتياط سان استعمال ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو آهي. ضلعي اندر پاڻي جي پيدا ٿيل سنگين کوٽ تي فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاھ ٻڌايو ته هٿرادو پاڻي کي ڊيمن ۽ ڪينالن ۾ جڪڙي سنڌ جي تاريخي ڊيلٽائي ضلعي ٺٽي کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ جي سازش شروع ڪئي ويئي آهي. هن چيو ته پاڻي جي کوٽ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳواٽ ئي پٽيشن داخل ٿيل آهي ۽ هلندڙ هفتي تنظيم جو هنگامي اجلاس سڏائي پاڻي واري پيدا ٿيل بحران واري صورتحال تي نه صرف ڀرپور نموني سان احتجاج ڪيو ويندو پر ساڳي وقت قانوني طور عدالت ۾ پڻ وڃبو. رابطي ڪرڻ تي سنڌ نيشنل تحريڪ جي چيئرمين اشرف نوناري ٻڌايو ته سنڌ 80 سيڪڙو زراعت پيدا ڪندڙ صوبو آهي پر حالت اها آهي ته ان جي پاڻي جي حق تي هٿرادو ڌاڙا هنيا پيا وڃن. سنڌ جي سمورن سنڌ دوست ڌرين سان رابطو ڪري جلد حڪمت عملي جوڙي وجود ۽ سنڌ جي زراعت کي بچائڻ لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو. جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي چيو ته سنڌ سان هر شعبي ۾ ناانصافي ڪئي پئي وڃي پر هاڻي سنڌي ماڻهن جي وجود توڙي نسلن کي اڃ وگھي تڙپائي مارڻ جي رٿا جوڙي ويئي آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ ( بشير خان ) جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري غلام نبي کٽي چيو ته وفاق ۽ پنجاب مان سنڌ کي ڪڏهن به اميد رکڻ نه گھرجي، انهن هميشه سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي آهي تنهنڪري سنڌ جي سمورن سياسي ڌرين کي جلد پاڻي کوٽ واري معاملي تي گڏ ويهي جدوجهد جو اعلان ڪرڻ گھرجي. پ پ ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي چيو آهي ته پاڻي جي جيتوڻيڪ کوٽ پيدا ٿيندي آهي پر ايتري حد تائين به نه هوندي آهي جو ماڻهن کي چيو وڃي ته هاڻي پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو. عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر صاحب خان کوسو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر امتياز سمون، شهيد دولهھ دريا خان جي ادبي فورم جي جي اين خشڪ، سنڌ ڪلچرل فورم جي الهجڙيو برفت، ننگر ادبي گھر جي حميد مهراڻوي، ملاح اتحاد تحريڪ جي چيئرمين آدم گندرو، ملهار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي رشيد جاکرو ۽ ٻين ضلعي ٺٽي اندر پاڻي جي پيدا ٿيل سنگين کوٽ تي سخت حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ طرف ضلعي جا سمورا واھ ۽ بئراج بند ڪيا ويا آهن ته ٻئي طرف ڪراچي جي اڍائي ڪروڙ انساني آبادي لاءِ ڪي فور منصوبي ذريعي ضلعي جو وڌيڪ پاڻي کڻڻ لاءِ منصوبو شروع ڪيو ويو آهي.

ڪوٽڙي بئراج تي 12 ٻارنهن سالن کان پوءِ 23 مارچ کان پاڻي جي خطرناڪ کوٽ جو امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته 2005ع کان پوءِ 2017ع جي 23 مارچ تي ڪوٽڙي بئراج ۾ سنڌو درياءُ تي صرف 1000 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي اچڻ جو امڪان آهي. پاڻي جي اهڙي خطرناڪ کوٽ واري صورتحال دوران پيئڻ جي پاڻي کان وٺي زراعت لاءِ پاڻي ملڻ مشڪل بڻجي ويندو. ملڪ جو آبپاشي کاتو روزانو جي بنياد تي پاڻي جي صورتحال بابت آبادگارن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ خبر ڏي ته جيئن شهري توڙي آبادگار پاڻي جي کوٽ کان هر وقت آگاهه رهن. ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس مرڪزي صدر ڊاڪٽر نديم قمر جي صدارت ۾ هڪ ئي وقت وڊيو لنڪ ذريعي ڪراچي، حيدرآباد،سکر،سانگھڙ ۽ گھوٽڪي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ان ڳالھ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته 23 مارچ تي سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي تمام وڏي کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، ۽ ڪوٽڙي بئراج تي هڪ هزار ڪيوسڪ پاڻي پهچندو جنهن سان زراعت کان وٺي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي خطرناڪ کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. ايوان زراعت سنڌ جي اجلاس ۾ آبادگارن حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي واڌاري لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن. سنڌ جي آبادگارن کي گھرجي ته اهي پاڻي جي صورتحال کي سامهون رکندي فصلن جي پوکائي لاءِ زمين جي تياري ڪن ۽ تڪڙ ۾ ڪو به فصل پوکڻ کان پاسو ڪن. ايوان زراعت سنڌ جي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته فوري طور آبادگارن کي بارداڻو ڏنو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي ڪڻڪ سرڪاري اگهھ 1300 رپين في مڻ تي سرڪاري خريداري مرڪزن تي وڪرو ڪري سگهن. سرڪاري سينٽر قائم ٿيڻ باوجود اڃا تائين بارداڻو نه ملي سگھيو آهي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت طرفان بارداڻي جي ورهاست دوران خوراڪ کاتي جي آفيسرن سان گڏ ايوان زراعت جي ميمبرن ۽ آبادگارن کي ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ کي بهتر قدم قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪميٽين ۾ شامل آبادگارن جي سفارشن تي عمل ڪيو ويندو. ايوان زراعت سنڌ اجلاس ۾ مير امداد علي ٽالپر، سيد اعجاز نبي شاهه، زاهد حسين ڀرڳڙي،  مير عبدالڪريم ٽالپر، محمد خان ساريجو، آغا خادم حسين شاهه، حاجي نثار ميمڻ، ڊاڪٽر نذير شاهه، غلام مجتبيٰ انڙ ۽ ٻين آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي خاص طور تي لاڙ ۾ صورتحال انتهائي سنگين آهي ۽ سنڌو درياهه۾ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد انتهائي گهٽجي 3 هزار ڪيوسڪ رهجي وئي آهي. جڏهن ته سکر ڊائون اسٽريم جو وهڪرو 3300ڪيوسڪ آهي. ارسا جي ويب سائيٽ تان وهڪرن جي معلومات غائب آهي، تربيلا، منگلا ۽ چشمه ڊيمن ۽ درياهن ۾ پاڻي جي وهڪرن جي تازي صورتحال جاري ڪئي وئي آهي. جنهن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ 20 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 19 هزار 700 ڪيوسڪ درياهه ۾ ڇڏيو پيو وڃي. ڪابل درياهه ۾ نوشهري وٽان 6300 ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو آهي، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ 19 هزار 200 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو جيڪو سمورو درياهه ۾ ڇڏيو پيو وڃي. چناب درياهه ۾ مراد وٽ 11 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 4 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي روڪيو پيو وڃي. جناح بيراج وٽ 31 هزار 600ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 29 هزار 600 ڪيوسڪ پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ وڃي رهيو آهي، بئراج تي 206 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي. 22 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. 3200 ڪيوسڪ پاڻي رڪيل آهي، تونسه بيراج تي 18800 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو جيڪو سمورو وهايو پيو وڃي. پنجند تي ايندڙ سمورو 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي روڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند آهي. گڊو بيراج تي 22 هزار 300 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 19900 ڪيوسڪ پاڻي وهايو پيو وڃي. سکر تي 17 هزار 100 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 16 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي روڪي 3 هزار 300 ڪيوسڪ هيٺ ڇڏيو پيو وڃي. ڪوٽڙي تي آمد 3 هزار ڪيوسڪ اخراج زيرو آهي. تربيلا ڊيم ۾ استعمال لائق پاڻي 0.006 ايم اي ايف، منگلا ۾ 0.082 ايم اي ايف ۽ چشمه ۾ استعمال لائق پاڻي 0.013 ايم اي ايف وڃي بچيو آهي. اهي انگ اکر صبح 6 وڳي جا آهن، جڏهن ته ارسا جي ويب سائيٽ تي 23 مارچ جا انگ اکر ايڊيٽ نه ڪيا ويا آهن ۽ رڳو ڊيمن جي ڊيڊ ليول ٻڌايل آهي. حيدرآباد مان مليل تازن انگن اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي. ان سلسلي ۾ مليل انگ اکرن موجب گڊو بئراج تي مٿانهون وهڪرو 22328 ۽ هيٺاهون وهڪرو 19938، جڏهن ته سکر بئراج تي مٿانهون وهڪرو 17100 ۽ ڊائون 330 ۽ ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهون وهڪرو 3045 ۽ هيٺاهون وهڪرو زيرو رهيو. سنڌو درياهه ۾ لاڳيتو پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب سنڌ جا آبادگار خاص طور پڇڙيءَ جا آبادگار شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا، پاڻيءَ جي کوٽ سبب لکين ايڪڙن تي مشتمل فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.

 

 

ڪاپي ڪلچر ۽ خوف ۾ ورتل شاگرد: صاحب خان ڀٽي

جڏهن کان سنڌ ۾ نائين ڏهين جا امتحان شروع ٿيا آهن تڏهن کان مختلف آفيسر مختلف شهرن ۾ امتحاني سينٽرن تي ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڪجهه ماڻهو ته تعليمي بورڊز جي ٽيمن سان گڏجي به امتحاني سينٽرن جو جائزو وٺي رهيا آهن، هر طرف صرف اهي خبرون آهن ته سڄي سنڌ ۾ ڪاپي ٿي رهي آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي ڪيترن ئي شاگردن کي ڪاپي ڪيس به ڪيو ويو آهي، سکر، حيدرآباد، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن مان ڪاپي ڪرائيندڙن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا به صرف اهي ئي خبرون آهن ته امتحانن جي وقت فوٽو اسٽيٽ کليل رهيا آهن جنهن سبب ڪارتوسن جو به وڪرو عام آهي، نائين ۽ ڏهين جي پهرين ڏينهن واري پيپر دوران پرچو آئوٽ ٿيڻ جون به خبرون رپورٽ ٿيون پر اتان جي انتظاميه اهڙن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته شاگردن وٽ موبائل فون آهن جيڪي سواليه پيپر جي تصوير ٻين ڏانهن موڪلي ڇڏين ٿا، جنهن کي وقت کان اڳ پيپر آئوٽ نه ٿو چئي سگهجي اها انتظاميه جي لاپرواهي نه پر امتحاني سينٽرن جي ذميواري آهي، گهوٽڪي، گڊو ۽ سيٺارجا ۾ به ڪيترن ئي شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ جون خبرون ٻڌڻ ۾ آيون آهن، ايتري قدر جو گذريل ڏينهن به گڊو ۾ پوليس اهلڪارن ۽ ڪاپي ڪرائيندڙن وچ ۾ ڏند چڪ جون خبرون ميڊيا ۾ هليون هيون،
مطلب ته هر طرف صرف ڪاپي بابت ئي بحث هلي رهيو آهي، اردو ميڊيا ۽ سنڌي ميڊيا تي صرف اهو تاثر بيهارڻ جي ڀرپور ڪوشش ٿي رهي آهي ته ٻين صوبن جي ڀيٽ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقل ٿي رهي آهي، هاڻ خبر نه ٿي پئي ته آخر انتظاميه ڪاٿي آهي، جيڪڏهن واقعي سنڌ ۾ سمورا شاگرد ڪاپي ڪري رهيا آهن ته پوءِ ان جي ذميواري ڪنهن جي آهي، پوليس جي يا وري بورڊز انتظاميه يا وري شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين جي آهي، جيڪي پنهنجي ٻارن کي نقل کان نه روڪي رهيا آهن، جيڪڏهن واقعي اڄ شاگرد ڪاپي جهڙي بيماري ۾ ورتل آهن ته ان بيماري جو علاج ڪنهن وٽ آهي؟ سنڌ سرڪار وٽ آهي يا وري ان جو علاج هتان جي پوليس وٽ آهي؟ هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر جو بحث تمام گهڻو پراڻو آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي شاگردن کي ڪاپي ڪندي سوگهو به ڪيو ويو آهي جنهن جا فوٽيجز مختلف ٽي وي چينلن تي ڏسندا به رهيا آهيون، جڏهن سنڌ ۾ نقل ڪرڻ واريون خبرون ميڊيا تي آيون ته سڀ کان پهرين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس ورتو ۽ انتظاميه کي هدايت ڪئي ته فوري طور نقل روڪرائي وڃي، اهڙي اعلان کانپوءِ ته جيڪو به گهرا ڪاوڙجي پيو ته اهو آفيسر امتحاني سينٽرن جو رخ پيو ڪري پر اهي ٽيمون غائب هيون جيڪي خاص طور تي امتحاني سينٽرن جو جائزو وٺڻ لاءِ جوڙيون ويون هيون،
ڪجهه هنڌن تي ڊي سي، ڪمشنر ۽ ڪامورا به سڪيورٽي گارڊ وٺي امتحانن جو دورو ڪري رهيا پر انهن امتحاني مرڪزن ۾ صحافين کي ڇڏڻ جي اجازت نه پئي ڏني وئي، پر جڏهن ڪو وڏو عملدار اچي رهيو ته اهو صحافين کي ساڻ ڪري اچي رهيو هو، اهو صرف ڪاپي روڪرائڻ نه هو صرف پنهنجي پبلسٽي ڪرائڻ لاءِ انهن سينٽرن جو دورو ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين تي پنهنجو دٻ دٻو بيهارڻ اچي رهيو هو، افسوس جو وڏي وزير انهن ماڻهن خلاف ڪو به نوٽيس نه ورتو، جيڪي سڪيورٽي گارڊن کي ساڻ کي هٿيارن سان ليس ٿي امتحاني مرڪزن جا دورا ڪري رهيا هئا، حيدرآباد ۾ هڪ عورت پوليس آفيسر به هڪ امتحاني سينٽرن تي ڇاپو هنيو ۽ اتي شاگردن کان چيڪنگ ورتي جنهن جون ويڊيوز به ميڊيا تي ڏيکاريون ويون هيون، سياسي سماجي تنظيمن طرفان ته ان تي ڪو به احتجاج نه ڪيو ويو پر هڪ خوف شاگردن ۾ ضرور ويهي رهيو ڇاڪاڻ ته جتي امن جو درس ڏنو ويندو آهي اتي هٿيار ساڻ ڪري اچڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي پر افسوس جو حيدرآباد ۾ هڪ عورت پوليس آفيسر امتحاني سينٽر تي اهڙي ريت ڇاپو هو جئين هو ڪنهن ڪاپي ڪندڙ شاگرد کي نه پر دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وئي هجي، ڪجهه ماڻهن ته انهي عمل جي تمام گهڻي واکاڻ به ڪري رهيا هئا، جيڪڏهن اها عورت پوليس آفيسر انهن استادن خلاف به ڪارروائي ڪري ها جيڪي اسڪول نه ويندا آهن جن کي اسين گوسڙو ماسترن جو لقب به ڏئي چڪا آهن پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو ڪم پوليس جو نه آهي ته ڪير شاگرد اچن ٿا يا نه ٿا اچن،
اها ذميواري ته تعليم کاتي جي آهي پر خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر تعليم کاتي جا عملدار ڪٿي آهن، صرف ڪمشنر، ڊي سي ۽ پوليس آفيسر امتحانن دوران امتحاني سينٽرن تي ڇاپا هڻي رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جيڪي سنڌ ۾ڪاپي ڪلچر جون اڄ ڳالهيون ٿي رهيون آهن ان جو سڀ کان وڏو سبب استادن جي کوٽ آهي ۽ جتي استاد مقرر ٿيل آهن اتي اهي استاد اسڪول وڃن ئي نه ٿا، جيڪڏهن ڪٿي استاد وڃن به ٿا ته اهي به پگهارون نه ملڻ جون شڪايتون ڪن ٿا، ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي ۾ استادن مظاهرو به ڪيو هو ۽ انهن مٿان لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال به ڪيو ويو هو، ڪجهه استادن کي جعلي ڀرتين جو بهانو ڪري نوڪرين کان ڪڍيو ويو ۽ ڪجهه استاد ته اڄ به پگهارون نه ملڻ سبب پريشان حال بڻيل آهي، جنهن صوبي ۾ سرڪار وٽ استادن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ هجن، جتي حڪمرانن تي اربين کربين روپين جي ڪرپشن جا الزام هجن ان صوبي ۾ تعليمي نظام ڪهڙي ريت بهتر ٿي سگهي ٿو، ماضي ۾ ته تعليم کاتي جي عملدارن تي به ڪرپشن جا الزام لڳا هئا پر افسوس جو هن ملڪ ۾ اربين کربين ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪندڙن جي ڳچين ۾ هٿ وجهڻ وارو ڪير به نه آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي اڳواڻ جي ڳچي ڪرپشن رسو ڦاسجي به پئي ٿو ته ان جا پٽي کيس بچائي وٺن ٿا، بهرحال ڪرپشن روڪرائڻ ته رياست جو ڪم آهي ۽ روڪرائي يا نه روڪرايي گهٽ ۾ گهٽ درسگاهن ۾ اهڙن ماڻهن کي نه ڇڏيو وڃي جن جو ڪم دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ آهي نه ڪي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ خوف ۽ حراس پکڙڻ آهي، جيڪڏهن تعليم جي سڌارو جو ٺيڪو به پوليس کي کڻڻو آهي ته اڳ ۾ انهن وزيرن جي ڳچين ۾ هٿ وڌو وڃي جيڪي اربين ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهن جيڪي پلي بارگيننگ تحت آزاد گهمي رهيا آهن يا وري انهن ٽيمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي تعليمي کاتي طرفان جوڙيون ويون آهن باقي رهي ڳالهه هٿيارن سان گڏ سڪيورٽي گارڊ کڻي فوٽو سيشن جي ته ان کي فوري طور روڪرايو وڃي ته جئين شاگردن ۾ خوف نه پکڙجي سگهي، ان کان ڪوبه انڪاري نه آهي ته سنڌ ۾ نقل جو رجحان وڌندو پيو وڃي پر ان جو سبب ڪهڙو آهي ان طرف حڪمران ڌيان ئي نه ڏئي رهيا آهن، صرف تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ واري اعلان سان ڪو به فرق نه پوندو، جيڪڏهن تعليم ۾ بهتري آڻڻي آهي ته عملي طور قدم کنيو وڃي.
sahibalisindhi@gmail.com

شهيد ڀٽو هڪ نظريعي جو نالو…!

اهو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو  جنهن عوام لاءِ سوچڻ جهڙو ڏوهه ڪري ورتو هو، جنهن جهڳيءَ ۾ جيئندڙ ماڻهن کي سياسي شعور ڏنو، هاريءَ توڙي پورهيت کي سندس حق ۽ اهميت جو احساس ڏنو تنهن کي اُهي قوتون ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيون، جن جو مقصد هوندو ئي ٻين جا حق غصب ڪرڻ آهي. ذوالفقار علي ڀُٽو جي هن ملڪ ۽ عوام سان ڪيل چڱاين کي سندس مخالف به مڃين ٿا، آئين جوڙڻ کان ائٽمي طاقت بڻائڻ واري عمل تائين، جنگي قيدين جي رهائي توڙي قبضي هيٺ آيل ملڪي زمين واپس وٺڻ واري مامري يا اسٽيل مل جي قيام تائين جهڙن عملن کي ساريندي مُلڪ جو عوام اڄ به پنهنجون اکيون آليون ڪري ويهي ٿو. اهڙا اڳواڻ ورلي، بلڪه صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن- جيڪڏهن ڏسجي ته مُلڪي تاريخ ۾ ڀُٽو کان سواءِ ڪو ٻيو اهڙو ڪٽنب نظر نٿو اچي، جن پنهنجن اصولن ۽ عوام جي ڀلي خاطر شهادت جو جام نوش ڪيو هُجي. اڄ به جڏهن مُلڪ ۾ ڪا آفت واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته ماڻهو شهيد ڀُٽو کي ياد ڪرڻ لڳن ٿا، جو ڀُٽو اُهو واحد حڪمران هو جيڪو مشڪل گهڙين ۾ پنهنجن ماڻهن سان گڏ بيٺل نظر ايندو هو. جيڪڏهن سوچيل سمجهيل هڪ مڪروهه سوچ سندس جان جي دشمن نه بڻجي ها ته اڄ دنيا ۾ اسان جي مُلڪ جي سڃاڻ غير محفوظ ۽ دهشتگردن جي پناهگاهه واري هرگز نه هجي ها، پر پوري دنيا ۾ هن مُلڪ جو ماڻهو فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري چوي ها ته ’ها آئون پاڪستاني آهيان.‘ اڄ اسين جنهن انتشار جو شڪار بڻيل آهيون، اسان جون عبادتگاهون، اسڪول توڙي عام گذرگاهون محفوظ نه آهن، انتهاپسندي جيڪا جياپي جا گس بند ڪندي پئي وڃي، تنهن جو ٻج گهڻو اڳ، ٻاهرين قوتن جي ونگار وهندي عوام مخالف ڊڪٽيٽر ضياءَ اُن وقت ڇٽيو هو، جڏهن هُن هڪ چونڊيل عوامي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اڇي ڪاري جو پاڻ کي ڌڻي بڻائي ڇڏيو هو. سندس اهڙي راتاهي نه رُڳو جمهوريت کي لهو لهو ڪري ڇڏيو هو، پر مُلڪ مٿان به اوندهه انڌوڪار ڇانئجي وئي هئي ۽ اهڙي اونداهه 4- اپريل 1979ع تي اُن وقت گهگهه بڻجي وئي هُئي، جڏهن لکين دلين تي راڄ ڪندڙ ذوالفقار علي ڀُٽو کي هڪ جڙتو ڪيس ۾ ڦاهي ڏني وئي هُئي. تڏهن کان اڄ تائين اُن اونداهه جا اثر مُلڪ تان هٽڻ جو نانءُ ئي نٿا وٺن ۽ ضياءَ سوچ اڄ به مختلف صورتن ۾ اسان جو پيڇو ڪري رهي آهي. سياست جهڙو مثبت سماجي علم جيڪڏهن اڄ هٽ جو وکر بڻجي ويو آهي ته اُن پٺيان به ضيائي سوچ جو ئي عمل دخل آهي. تنهن ڪري 4 اپريل کي روايتي نموني ملهائڻ بدران اُن کي سماجي تبديليءَ جو ڏينهن ڪري ملهائڻ گهرجي. اڄ جيڪا مُلڪ ۾ جهڙي تهڙي جمهوريت آهي، عوام شايد ان لاءِ به ترسندو رهي ها، جيڪڏهن ڀٽوز پنهنجي جانين جو نذرانو پيش نه ڪن ها، اِهو هن مُلڪ جي عوام مٿان ڀٽوز جو احسان رهندو، جنهن کي شايد ته صدين تائين هتي جو عوام وساري نه سگهي. 4 اپريل جو  ڏينهن سنڌ لاءِ سُڏڪي جهڙو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي مُلڪ توڙي سنڌ جو عوام پنهنجي عظيم اڳواڻ کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ۽ اُن سان گڏوگڏ سندس پونئيرن کان اِها تقاضا به ڪري ٿو ته ڀُٽي جي مشن کي جاري رکيو ويندو.