تازيون خبرون

Daily Archives: April 5, 2017

ڪنهن کان به نٿو ڊڄان ،ايندڙ حڪومت ٺاهي ڏيکاريندس: آصف زرداري

ڳڙهي خدا بخش(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽيءَ جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي طرف ميري اک ڪري ڏسڻ وارا ٻڌي ڇڏيو اسان ڪنهن کان به نٿا ڊڄون، هن چيو ته هن سال ئي چونڊن لاءِ تيار آهيون، ڀرپور مقابلو ڪنداسين، اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ واعدو ڪندي چيو ته ايندڙ حڪومت ٺاهي ڏيکاريندس ۽ وزيراعظم به اسان جو ئي هوندو، ڳڙهي خدا بخش ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي 38 هين ورسي تقريب ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري جو چوڻ هو ته صرف 15 ڏينهن پنجاب ۾ گذاريا ته شينهن ۽ بيٽ ڏڪڻ لڳا، ان وقت کان ڊڄو جڏهن هڪ هڪ ضلعي جو دورو ڪندس، هن چيو ته اسان نٿا سمجهون ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به انصاف ٿيو آهي، اسان جي پارٽيءَ کي ڪڏهن به انصاف ناهي مليو، هميشه کان ئي ڪردار ڪشي ڪئي وئي، سندس چوڻ هو ته پاناما ڪيس تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته انهن سان ڇا ٿو ٿئي ۽ ڇا نه، هن چيو ته شهيد ڀٽو پاڪستان کي نيو ڪليئر پروگرام ڏنو جڏهن به هي چوندا آهن ته پاڪستان کي نيو ڪليئر طاقت نواز شريف بڻايو، هن جو چوڻ هو ته سي پيڪ به اسان جو پروگرام هو، اسان کي افسوس ناهي ته ان تي ڪير پيو پنهنجو حق ڄمائي، سي پيڪ کي پنهنجو منصوبو چوڻ وارن کي نچڻ ڏيو پر تاريخ لکندي ته پيپلز پارٽي اهو منصوبو شروع ڪيو، هن موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته اڄ صرف بجلي ٻيڻ تي مهانگي ناهي ٿي پر پاڻيءَ جي به کوٽ ٿي وئي آهي، اسان وٽ فلسفو، سوچ ۽ غريبن لاءِ پلان آهي جڏهن ته هي صرف ڦڪين ٽيڪسن تائين وڃي سگهن ٿا. آصف زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت جو ڏينهن هر سال يادگار ملهائينديا آهيون، شهيد ڀٽو سان ظلم ۽ زيادتيون ٿيون، بي بي شهيد به ڪڏهن پنهنجي ڳالهه نه ڪئي، اها هميشه پاڪستان ۽ عوام جي ڳالهه ڪندي هئي،

 

شهيد ڀٽو جي ورسي، جيالن جو سمنڊ اٿلي پيو، سيڪيورٽي انتهائي سخت

لاڙڪاڻو (اي پي پي)ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 38 هين ورسي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي صبح جي وقت مزار اندر قرآن خواني ڪئي وئي جنهن ۾ پ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر عبدالفتاح ڀٽو، ميئر لاڙڪاڻو محمد اسلم شيخ، ضلعي چيئرمين خان محمد سانگهرو سميت ٻين پ پ پ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جتي شهيد ڀٽو لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي. منجهند جي وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ ڏنل لازوال قربانين بابت پ پ پ پاران مشاعرو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ملڪ جي ناليوارن شاعرن، اديبن ۽ دانشورن پنهنجي شاعري ذريعي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. ورسي ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان پهتل عورت توڙي مرد ڪارڪنن ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزارن تي پهچي پنهنجي محبوب قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ فاتح خواني ڪئي، جنهن دوران هزارين ڪارڪنن اڀ ڏاريندڙ نعرا لڳائيندا رهيا. جڏهن ته مختلف شهرن مان پيادل توڙي گاڏين جا قافلا ڳڙهي خدابخش پهتا. شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري حاضري ڀريندڙن ۾ عورتون، ٻارڙا، مرد پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل هئا، ڳڙهي خدابخش ڀٽو توڙي نئون ديرو هائوس کي پ پ پ جي جهنڊن سان سينگاريو ويو هو، ورسي جي موقعي تي مزار تي حاضري ڀرڻ جو سلسلو سڄو ڏينهن جاري رهيو جتي ڪيترائي جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا جڏهن ته مرد توڙي عورت ڪارڪن شهيد ڀٽي جي ڏنل لازوال قربانين کي ياد ڪري لڙڪ لاڙيندا رهيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 38 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي 7 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار، 300 رينجرس، 1500 ٽريفڪ اهلڪارن ۽ 1500 ايس ايس يو ڪمانڊوز کي مقرر ڪيو ويو هو جڏهن ته مرد پوليس اهلڪارن سان گڏ عورت پوليس اهلڪارن پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون. جن جي نگراني لاءِ 32 ايس ايس پيز ۽ 91 ڊي ايس پيز ڪري رهيا هئا. ان کان علاوه مختلف روٽن تي وڏي انگ ۾ پوليس چوڪيون قائم ڪري ناڪا لڳايا ويا هئا ته جيئن ڪو به شڪي يا غير واسطيدار ماڻهو نه اچي نه سگهي. پوليس پاران ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي جلسي گاهه اندر ميٽلڊ ڊڪيٽر، سي سي ٽي وي ڪيمرائون ۽ وڏيون اسڪرينون پڻ لڳايون ويون هيون جڏهن ته اسٽيج کي جديد طرز جي سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي. ان سان گڏ ٽريفڪ جي رواني کي متاثر ٿيڻ کان جامع پلان جوڙيو ويو هو

 

پاڪستان پر امن ملڪ آهي، ڀارت سان سمورا معاملا حل ڪرڻ چاهيون ٿا: آرمي چيف

لنڊن (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته  پاڪستان پر امن ملڪ آهي، ڀارت سان سمورا معاملا حل ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان جي ترقي ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪتسانين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي پاڪ فوج ملڪ جي سيڪيورٽي لاءِ ڀرپور ذميواريون نڀائيندي آءِ ايس پي آر موجب برطانيا جي سرڪاري دوري تي موجود چيف آف آرمي اسٽاف جي اعزاز ۾ لنڊن جي پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ آجياڻي جو انتظام ڪيو ويو ان موقعي تي آرمي چيف برطانيا جي پاڪستاني ڪميونٽي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ، آرمي چيف پاڪستان جي ماحول، دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي خلاف ڪوششن ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ اوورسيز پاڪستانين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي ۽ خاطري ڪرائي ته پاڪ فوج پاڪستان جي سيڪيورٽي لاءِ پنهنجون ڀرپور ذميواريون نڀائيندي. پاڪستاني ڪميونٽي جا ماڻهو پاڪستان جي فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان پاڪستان آرمي جي خدمتن جي تعريف ڪئي ان کان اڳ آرمي چيف جي آجياڻي تي پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سيد ابن عباس سندس آجياڻو ڪيو.

 

جنرل ڪياني کي تڪراري بڻائڻ افسوس جوڳو عمل آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نعيم الحق جو بيان غير ذميواراڻو آهي، جنرل ڪياني کي تڪراري بڻائڻ افسوس جوڳو عمل آهي، معافي گهرن. مريم اورنگزيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نعيم الحق سميت سندس سڄي پارٽي غير ذميواراڻا بيان ڏيندي آهي، ڌانڌلي جو ثبوت هو ته عدالتي ڪميشن ۾ پيش ڇو نه ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته سياست عمران خان جي وس جي ڳالهه ناهي، ڪم ته ٿئي ئي نٿو، جڏهن سوال ڪيو ويندو آهي ته عمران روئڻ شروع ڪندو آهي.

 

ميان صاحب پاڪستان جو عوام اوهان مان ڇوٽڪارو چاهي ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

ڳڙهي خدابخش (اين اين آءِ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن لاءِ تيار آهيون، ملڪ کي نااهل بزدل، ڪرپٽ حڪمرانن کان نجات ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آهي، حڪومت کي قومي سلامتي جي نه پر پاناما جي پريشاني آهي، عوام ميان صاحب ۽ سندس ننڍي ڀاءُ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، اسان جي مٿان هڪ ظالم حڪمران آهي جنهن ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪيو آهي، حڪمران ٻڌائين ته ڪٿي کير ۽ ڪٿي ماکيءَ جون نهرون وهايون ويون آهن عوام شهباز شريف کي پنجاب مان ڪڍي سڪون وٺندو. ميان صاحب تمام خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، پ پ اها راند کيڏڻ نه ڏيندي، اڄ ڏينهن تائين نه ڀٽو ۽ نه وري ڀٽو جي وارثن کي انصاف ملي سگهيو آهي عوام تيار آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نه ٿي سگهي، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ڪرڻ جو سبب فوجي عدالتن جي ضرورت پئي، سمورن معاملن کي ڏسڻ لاءِ پارلياماني نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جوڙي وڃي، اڱاري تي ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي اڄوڪي ڏينهن جمهوريت جي باني کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو اڄوڪي ڏينهن تي گڏيل آئين ۽ عوامي حاڪميت جو تصور ڏيڻ وارن کي ڦاهي ڏني وئي اڄوڪي ڏينهن تي قوم جي مظلوم ليڊر کي ڦاهي ڏني وئي اڄ سڄي قوم ڏک ۾ ورتل آهي. 30 سال گذرڻ کانپوءِ به ڀٽو جو نالو عوام کي ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو اڄ به هر زبان تي هڪ ئي سوال آهي ته ڀٽو کي ڇو ڦاهي تي چاڙهيو ويو اڄ هر ٻار ڄاڻي ٿو ته ڀٽو جو ڏوهه اهو هو ته هن عوام سان سچو عشق ڪيو، ڀٽو عوام کي طاقت بخشي،پاڪستان کي آزاد پرڏيهي پاليسي ڏني، ڀٽو سامراجي غلاميءَ کان نجات ڏياري پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، اڄ ڏينهن تائين نه ڀٽو کي انصاف ملي سگهيو ۽ نه ئي وري ڀٽو جي وارثن کي؟ هن چيو ته ٻه سال گذرڻ باوجود به ڇو فوجي عدالتن جي ضرورت پئي آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪرڻ سبب فوجي عدالتن جي ضرورت پئي. نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ۽ پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو، پارلياماني نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا سمورن معاملن کي ڏسي. هن چيو ته حڪمرانن کان ڪا سٺي اميد نه رکون، ميان صاحب ۽ ن ليگ ملڪ ۾ ترقيءَ جو راڳ ڳائي رهيا آهن، ترقي ترقي ۽ ترقي، پر مان پڇان ٿو ته ترقي ڪٿي ٿي آهي؟ اها ڪهڙي ترقي آهي جيڪي اشتهارن ۾ ٿي رهي آهي، نام نهاد ترقي جي نالي تي اربين رپيا اشتهارن تي خرچ ڪري بيوقوف بڻايو پيو وڃي، ميان صاحب توهان پنهنجوپاڻ کي بيوقوف بڻائي سگهو ٿا پر 20 ڪروڙ عوام کي نه ؟ جيڪڏهن ترقي ٿي رهي آهي ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو ڇو نه ٿو حاصل ڪيو وڃي جيڪڏهن ترقي ٿي آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ کانپوءِ گئس جي لوڊشِيڊنگ ڇو وڌي وئي آهي، منافعو ڏيندڙ ادارن کي ڇو وڪرو ڪيو پيو وڃي، ترقي ٿي رهي آهي ته ملز ۽ ڪارخانا ڇو بند ٿي رهيا آحن، ڇو غربت ۾ واڌ ٿي رهي آهي، مزدور بک تي ڇو سمهي رهيو آهي، جيڪڏهن واقعي ترقي ٿي رهي آهي ته ننڍن صوبن ۾ احساسي محروم ڇو وڌي رهي آهي ميان صاحب پاڪستاني عوام توهان کان ۽ پنجاب جو عوام توهان جي ننڍي ڀاءُ کان نجات حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پنجاب ۾ اسان جي ٻن اڳواڻن تي قاتلاڻا حملا ڪيا ويا، بابر بٽ کي گهر ۾ گهڙي قتل ڪيو ويو، شهباز شريف جيڪو ترشي ٽوپي پائي گڊ گورننس جا بيان ڏئي رهيو آهي کيس ڄاڻڻو پوندو ته عوام توهان کي ڪڍي سڪون جو ساهه کڻندو. بلاول چيو ته ايندڙ سال اليڪشن جو سال آهي ۽ اسان اليڪشن لاءِ تيار آهيون. پارٽي منشور جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، اسان جو منشور هر طبقي خاص ڪري عورتن ۽ نوجوانن جي ڀلائي جو منشور هوندو. هاري کي فصل جي قيمت ۽ مزدور کي صحيح پورهيو ملندو. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هن ملڪ کي نااهل، بزدل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کان نجات ڏياري وڃي ان لاءِ سڀني کي اٿڻو پوندو، ويهڻو پوندو ۽ گڏ ٿيڻو پوندو. عوام کي دهشتگردي ۽ دهشتگردن  جي يارن سان وڙهڻو پوندو. پاڪستان ترقي پسند، دهشتگردي کان پاڪ ملڪ بڻجندو.

 

پاڪستان ۽ افغان فوجي عملدارن وچ ۾ هاٽ لائين تي پهريون ڀيرو رابطو ٿيو آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سُڌ سَماءَ بابت شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغان فوجي عملدارن وچ ۾ هاٽ لائين تي پهريون ڀيرو رابطو ٿيو آهي، رابطو چيف آف اسٽاف سدرن ڪمانڊ ۽ افغانستان جي آمرڪيءَ جي ڪمانڊر وچ ۾ ٿيو آهي، آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغان فوعي عملدارن سان هاٽ لائين رابطي ۾ پاڪ- افغان سرحد جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب سدرن ڪمان جي چيف آف اسٽاف ۽ افغان نيشنل آرميءَ جي ڪمانڊر 205 ڪور وچ ۾ ڳالهه ٻول ٿي آهي، ٻنهي ڌرين پاران اڳتي به هاٽ لائين تي رابطي جو عزم ورجايو ويو آهي.36

 

شرجيل ۽ عاصم جي معاملي تي پيپلز پارٽي سان ڪا ڊيل ناهي ٿي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته خواهش تي جنرل ڪيانيءَ کي مدي ۾ واڌ ڏني وئي، شرجيل ۽ عاصم جي معاملي تي پيپلز پارٽي سان ڪا ڊيل ناهي ٿي، هن چيو ته نعيم الحق جي بيان تي تبصرو به نٿو ڪرڻ چاهيان، اهو ڌيان جي لائق ناهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ وٽ ثبوت آهن، ته اهي عدالت ۾ وڃن، هن چيو ته جنرل (ر) راحيل شريف مدت ۾ واڌ جي درخواست نه ڏني هئي، اسان جي ڪجهه ساٿين جي راءِ هئي ته جنرل (ر) رحيل شريف جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي، ميان صاحب جون جنرل (ر) راحيل شريف جي واڌ واري معاملي تي ڪي ٻه راءِ نه هيون.

 

خواجه آصف کي هاڻي احساس ٿيو آهي ته ملڪ ۾ گرمي به پوندي آهي: عمران خان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن ۽ چوري سبب لوڊشيڊنگ وڌندي پئي وڃي، عمران خان هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته لوڊشيڊنگ ۽ چوري جي قيمت صارفين ادا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته خواجه آصف گرمي کي لوڊشيڊنگ جو سبب قرار ڏنو آهي، سندس چوڻ هو ته خواجه آصف کي هاڻي احساس ٿيو آهي ته ملڪ ۾ گرمي به پوندي آهي، هن چيو ته خواجه آصف تسليم ڪيو ته بجلي جو شارٽ فال 5400 ميگا واٽ ٿي چڪو آهي، عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت اقرار ڪيو ته گردشي قرض 385 ارب رپين تائين پهچي ويو، سندس چوڻ هو ته آءِ پي پيز حڪومتي ضمانت ڪيش ڪرڻ جي وارننگ به جاري ڪري ڇڏي.

 

پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽي وڌو: اعتزاز احسن

ڳڙهي خدا بخش(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي فيڪٽرين ۾ مزدورن جي لاءِ قانون ٺاهيا، سنڌ جي سمورن شهرن مان ماڻهو اچي رهيا آهن، پاڪستان ۽ چين جي دوستي جي بنياد ذوالفقار علي ڀٽي وڌي. ڳڙهي خدا بخش ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته ذوالفقار ڀٽي پاڪستان کي ايٽمي ملڪ بڻايو، ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي مضبوط، ايمٽي، جمهوري ۽  ملڪ کي مضبوط ڪرڻ واري خدمت ڪئي. هن چيو ته  2013ع  واريون چونڊيون شفاف نه هيون، اڄ ڀٽي جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي جڏهن ته ڀٽي صاحب ملڪ جون بي شمار خدمتون ڪيون. هن چيو ته ڀٽي هارين کي زمينون ڏنيون، پاڪستان جي مسئلن جي حل لاءِ هاڻ به هڪ ڀٽي جي ضرورت آهي. اسان جي ملڪ ۾ رڳو نواز شريف ئي محفوظ آهي، نواز شريف پاڻ قبوليون ته لنڊن وارا فليٽ سندس ئي هئا، نواز شريف جي والد اربين رپين جو واپار ڪيو پر ڪو به رڪارڊ ناهي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ قمر الزمان ڪائره چيو ته  شهيد ڀٽو جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي.

 

مٺي ۾ غذائي کوٽ تباهي مچائي ڇڏي، ٻارڙا فوت،انگ ۸۹ ٿي ويو

مٺي(ويب ڊيسڪ) ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ ۽ پاڻي ڦهلجڻ وارين بيمارين وڌيڪ ۷ ٻارڙن کان حياتي کسي ورتي آهي، جنهن کانپوءِ گذريل ۳ مهينن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي ۸۹ ٿي ويو آهي. هلندڙ هفتي هڪ مهيني جي حليمان، ۹ مهينن جو دانش، ۳ مهينن جي مکنا سميت تازي ڄاول ٻار مٺي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته ۳ ٻارڙا نگر پارڪر ۾ فوت ٿيا آهن، پنهنجي بيمار ٻارڙن کي اسپتال آڻڻ وارن والدين اسپتالن ۾ طبي سهولتن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرن جي پڻ شڪايت ڪئي. نگر پارڪر جي رهواسين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ۵۰ کان وڌيڪ ٻارڙا پاڻي جي ڪري ٿيندڙ بيمارين جو شڪار بڻيل آهن. وڌيڪ انهن صحت کاتي جي عهديدارن کي اپيل ڪئي ته بيمار ٻارن جي علاج لاءِ موبائل ٽيمون موڪلين. مٺي جي ضلعي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اخلاق احمد مطابق پنج سالن کا گهٽ عمر ۲٦،۷۰۹ ٻار گذريل ۳ مهينن دوران ضلعي جي ٦ مختلف اسپتالن ۾ آندا ويا، جن مان ۸٦ ٻارڙن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ۱۳۵ ٻارڙن کي بهتر علاج لاءِ حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ منتقل ڪيو ويو