تازيون خبرون

Daily Archives: April 3, 2017

حقيقي زندگي ۾ ماءُ آهيان، ڪردار ۾ ماءُ بڻجي گهڻي خوشي محسوس ٿيندي آهي: شلپا شيٽي

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره شلپا شيٽي چيو آهي ته فلمن ۾ ڪيترائي ڪردار ادا ڪيا پر مونکي ماءُ بڻجڻ واري ڪردار ۾ وڌيڪ خوشي محسوس ٿيندي آهي ۽ اهو احساس سڀني شئين مٿان حاوي آهي. شلپا شيٽي جو چوڻ هو ته ڪردار ۾ ان کي ماءُ بڻجي گهڻي خوشي محسوس ٿيندي آهي ڇو جو هوءَ به هڪ ماءُ آهي، خدا ان کي ”ويوان“ جي شڪل ۾ اولاد عطا ڪري قيمتي تحفي سان نوازيو آهي. شلپا شيٽي 2009ع ۾ واپاري راج ڪندرا سان شادي ڪئي هئي، شلپا شيٽي 2014ع ۾ ”دي گريٽ انڊين ڊائٽ“ لانچ ڪرڻ کانپوءِ هاڻي يوٽيوب فٽنيس چينل شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ هو ڪم ڪرڻ وارين مائرن کي يوگا، ساهه کڻڻ جا طريقا، سلاد ۽ صحت مند غذائن سان پاڻ کي فٽ رکڻ جون ترڪيبون ٻڌائيندي آهي. ڊگهي قد جي شلپا شيٽي بازيگر فلم ذريعي فلمي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ ان کان پوءِ ڪيتريون ئي سپر هٽ فلمون ڏنيون. سندس مشهور فلمن ۾ بازيگر، ڌڙڪن، ڦر ملينگي، مين کلاڙي تو اناڙي، اوزار، گيمبلر، گرو، قرض، هٿيار، فريب، پرديسي بابو، آگ، اپني، ضمير، آئو پيار ڪرين، انڊين ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن.

 

تاپسي پنو وڏي اسڪرين تي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جو ڪردار نڀائڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا تاپسي پنو وڏي اسڪرين تي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جو ڪردار نڀائڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. فلم ”پنڪ“ ۾ بهترين اداڪاريءَ ذريعي سڀني جون دليون کٽيندڙ خوبصورت اداڪارا تاپسي پنو اڃا تائين ڪجهه فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي پر هوءَ بالي ووڊ جي اڪيلي اداڪارا آهي، جنهن کي پاور فل وومين سينٽرڪ ڪيريڪٽر لاءِ چونڊيو ويندو آهي. سندس تازو رليز ٿيل فلم ”نام شبانا“ آهي، جنهن ۾ پڻ تاپسي پنو ايڪشن ڪردار نڀايو آهي. ان حوالي سان تاپسي پنو جو چوڻ هو ته فلم ”نام شبانا“ ۾ منهنجو ڪردار مختلف آهي، جيڪو ڏسندڙن کي ضرور وڻندو. هن چيو ته مان ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي حياتيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ مک ڪردار نڀائڻ چاهيان ٿي، ان کانسواءِ اندرا گانڌي جي بايو گرافي ۾ پڻ ڪرڻ جي خواهشمند آهيان.27

 

مارسيلو ميلوا ۽ لوڪاز ڪبوٽ ميامي اوپن مينز ڊبلز جو ٽائٽل کٽي ورتو

ميامي(اسپورٽس نيوز) مارسيلو ميلوا ۽ لوڪاز ڪبوٽ ميامي اوپن مينز ڊبلز جو ٽائٽل کٽي ورتو. تفصيل مطابق ميامي ۾ کيڏجندڙ مينز ڊبلز جي فائنل ۾ برازسيل جي مارسيلو ميلوا ۽ پولينڊ جي لوڪاز ڪبوٽ آمريڪا جي جيڪ سوڪ ۽ بينجمن نڪولس کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 5-7 ۽ 3-6 تان هارائي ٽائٽل کٽي ورتو.

 

جوهانه ڪونٽا ميامي اوپن وومنز سنگلز جو ٽائٽل کٽي ورتو

ميامي(اسپورٽس نيوز) جوهانا ڪونٽا ميامي اوپن وومنز جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. فيصلي جوڳي ميچ ۾ هن ڪيرولين وزينا کي شڪست ڏني. تفصيل مطابق ميامي اوپن وومنز سنگلز جي فائنل ۾ برطانيه جي جوهانا ڪونٽا ڊئنمارڪ جي ڪيرولين وزينا جي ڪوسٽريٽ سيٽ ۾ شڪست ڏني.

 

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو: تحرير؛ جاويد مصطفي ڪانڌڙو

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو پهريون وزير اعظم ۽ سياست کي ڊرائنگ روم  مان ڪڍي ڪري عوام ۾ آڻڻ وارو پهريون پاڪستاني رهنما آهي، 5 جنوري 1928 تي سر شاهنواز ڀٽو جي گهر المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو سنڌ ۾ جنم ورتائين. سر شاهنواز ڀٽو نالي وارو سياستدان ۽ تحريڪ پاڪستان جو مرڪزي اڳواڻن مان هڪ هو. هڪ بر صغير پاڪ ۽ هند ۾ سنڌ ۽ بمبئي جي سياست جو مرڪزي رهنماء مڃيو ويندو هو، سنڌ جو ڀٽو خاندان قربانين ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ سبب دنيا ۾ مشهور آهي. اسانجي ملڪ جي هي واحد شخصيت آهي جنهن کي پوري قوم قائد عوام جو لقب ڏنو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايشا جو چمڪندڙ ستارو ۽ عالمي شخصيت جو مالڪ هو، پاڪستان جي سياسي افق تي گهرا نقش چٽيندڙ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مظلوم ۽ مجبور عوام کي زبان ڏني ۽ زندهه رهڻ جو رستو سيکاريو، عوام کي عزت ۽ آجپي لاءِ –جمهوريت جي راهه ڏيکاريندڙ ذوالفقار علي ڀٽو غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو ۽ اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. جڏهن هو عملي سياست ۾ آيو ته تمام ٿوري عرصي ۾ ئي پنهنجي صلاحيتن سبب پاڪستان جي سياست جو محوَر بڻجي ويو ۽ اڄ نه رڳو سياست پر اڪثر سياستدانن تي سندس اثر نمايان آهي. سندس مخالف به سندس صلاحيتن جا انڪاري نه آهن. هن ملڪي ۽ -بين- الاقوامي سطح تي پنهنجي سياسي بصيرت مڃائي چڪو هو، 5 -جنوري 1928ع تي -جنم- وٺندڙ پاڪستان جو ٽيون صدر ذوالفقار علي ڀٽو، ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۽ پوءِ ٿورو عرصو ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. بعد ۾ بمبئيءَ هليو ويو، -جتي- ڪيٿيڊرل اسڪول ۾ داخلا ورتائين ۽ اُتي جي ذهين شاگردن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. پڙهائيءَ دؤران ڀٽو صاحب عالمي سياست جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندو رهيو. 1946ع ڌاري آمريڪا پڙهڻ ويو، -جتي برڪلي يونيورسٽي ڪيليفورنيا مان سياسيات ۽ بين الاقوامي قانون جي تعليم حاصل ڪيائين. سياسيات ۾ بي. اي (آنرز) ڪري پوءِ انگلينڊ هليو ويو ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪرسٽ چرچ ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ڏيھ واپس اچي ڪراچي ۾ وڪالت جي شروعات ڪئي ۽ ايس ايم لا ڪاليج ۾ بين الاقوامي قانون پڙهائڻ لڳو ۽ ڏسندي ڏسندي ئي هن شهرت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو ويو ۽ 1958ء ۾ ايون خان هن پنهنجي ڪابينا ۾ بطور وزير شامل ڪيو ۽ 1963ع ۾ وزير خارجه جو منصب حاصل ڪري ورتو جنهن بعد پاڪستان جي خارجه پاليسين ۾ انقلاب برپا ٿي ويو ۽ پاڪستان هڪ عالمي تعلقات جي نئي باب ۾ داخل ٿي ويو ۽ سيپٽمبر 1965 ع ۾ اقوام متحدو جي جنرل اسمبلي ۾ شهيد ڀٽي پاڪستان جو بهترين موقف پيش ڪيو، جنوري 1966ع ۾ جڏهن ايوب خان تاشقند اعلان تي صحيح ڪئي ته ڀٽو صاحب دلبرداشته ٿي انهي سال حڪومت کان الڳ ٿي ويو ۽ 30 نومبر 1966ع تي قائد عوام لاهور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي سان هڪ جماعت جو بنياد رکيو جيڪا جلد ئي پاڪستان جي مقبول ترين سياسي جماعت بڻجي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي 1970ع جي عام اليڪشن ۾ الھ پاڪستان ۾ واضح ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 1971ع ۾ پاڪستان جو ٽيون صدر بڻيو ۽ 1973ع ۾ پاڪستان آئين ڏئي وزير اعظم جي عهدي تي فائز ٿيو. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي عام شهرين کي شناخت ڪارڊ ڏئي قومي شناخت ڏني ۽ پاسپورٽ ڏئي پاڪستانين کي بيرون ملڪ ڪاروبار ۽ روزگار حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا، هاري ۽ مزدور کي ملڪيت ڏني ته جيئن هو به با اختيار بڻجن، شهيد ڀُٽي ملڪ کي نيو ڪليئر اٽامڪ بورڊ جو قيام عمل ۾ آندو ۽ رياست جي سرڪاري ادارن جو قيام عمل ۾ آندو ۽ ڀارت سان معاهدو ڪري نوي هزار فوجين کي بازياب ڪرايو هن جو هميّه نعرو اهو رهيو ته عوام کي روٽي، ڪپڙا ۽ گهر ڏيڻ حڪموت جي پهرين ترجيح هوندي، ڀُٽي صاحب جي شخصيت گهڻ رکي هئي ۽ تمام گهڻين خوبين جو مالڪ هو سندس اها خوبي مشهور هئي ته هو ڪنهن به شخص سان پهرين ملاقات ڪندو هو ته وري جڏهن کيس سان ٻي ملاقات ٿيندي هئي ته کيس نالو وٺي مخاطب ٿيندو هو، ۽ سندس اها خوبي پڻ مشهور هئي ته هر عام ماڻهون سان مشاورت ڪندو هو. ڀٽو صاحب عوام جي سوچ، فڪر ۽ دلين ۾ ائين وسي چڪو هو جو هر طرف ڀٽو، ڀٽو لڳي پئي هئي، پاڻ گرمي هجي يا سردي هجي عوام سان ملي جلي ويندو هو جنهن جو مثال اسانجي معاشري ۾ تمام گهٽ ملي ٿو، شهيد ذولافقار علي ڀٽو کي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ورڪر به بي مثال مليا، ايم آر ڊي تحريڪ کان وٺي هر آمر جي دور ۾ پي پي ورڪرن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ انهن جا سدائين حوصله بلند رهيا آهن، منهنجي خيال ۾ ته پاڪستان پيپلز پارٽي کان سواءِ ڪنهن ٻي پارٽي وٽ اهڙا ورڪر ،ڪارڪن موجود ناهن جيڪي بهادر، دلير ڪارڪن پي پي پي ۾ موجود آهن جيڪي ڪنهن به وقت جي آمر سان مهاڏو اٽڪا.ڻ لاءِ هر وقت تيار رهن ٿا جنهن جي گواهي پاڪستان جي تاريخ پڻ ڏيندي، شهيد ذولافقار علي ڀٽو جي ذهانت ۽ بهترين حڪمت عملي سبب پاڪستان دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، 1977ع جي عام چونڊن ۾ به پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي پر مخالف ڌر چونڊ نتيجا قبولڻ کان انڪار ڪيو ۽ هڪ تحريڪ هلائي جهنهن بعد جابر آمر جنرل ضياء آئيني، جمهوري حڪومت کي برطرف ڪري محترم ذوالفقار علي ڀٽو کي انجي عهدي تان معزول ڪري مل ۾ 5 جولاءِ 1977ع ۾ مارشل لاء نافذ ڪري ڇڏيو جنهن بعد پوري ملڪ جي عوام گهرن مان نڪري احتجاجن روڊن رستن تي اچي ويا مگر جابر آمر ضياء 4 اپريل 1979ع تي ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي ۾ فطري طورتي ڦاهي ڏيڻ بجاءِ رات جو انڌيري ۾ رهزنن سخت تشدد ڪري ڦاسي ڏني ۽ پاڪستاني عوام کان هڪ بهترين، انمول ليڊر ڦريو،

جي تون وڙهندين ماريو ويندين

هن ڌرتيءَ تان واريو ويندين

دودا! تنهنجو ساهه ته ويندو

ماڻهن جو ويساهه نه ويندو

اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نياڻو آصف علي زرداري ۽ شهيد ڀٽي جو نواسو بلاول ڀٽو زرداري ڪنهن به آمر آڏو ناهن جهڪيا، ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪري پاڪستاني عوام ۾ اتساھ پيدا ڪيو آهي ۽ غريب بي پهچ ماڻهن کي هڪ وڏو سهارو ڏنو آهي، شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي مضبوط ارادي ۽ اٽل فيصلن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت جي روپ ۾ دنيا جي نقشي تي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي صورت ۾ موجود آهي. جڏهن ته سندس بهادر نياڻي محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ڏنل عظيم قرباني جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان مان آمرن ۽ آمريت جو سدائين لاءِ خاتمو ٿي چڪو آهي ۽ ملڪ اندر جمهوريت جي اڀريل سج سڄي سنسار کي روشن ڪري ڇڏيو آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت جي علامت هو، هن ملڪ، جمهوريت ۽ مساوي نظام جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جهڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ،ڀٽو صاحب پاڪستان کي هڪ فلاحي رياست بڻائڻ چاهي پيو، شهيد ڀٽي صاحب حق ۽ سچ ۽ عوامي حقيقي جمهوريت جي لاءِ جيڪو آواز بلند ڪيو هو اهو اڄ به زنده جاويد آهي، ڀٽو اڄ به عوام جي دلين ۾ آهي، ڀٽو هميشه لاءِ عوام جي سوچ، فڪر ۾ زنده رهندو.

 

دنيا لاءِ پاڻي اهم مسئلو بڻبو پيو وڃي..!!: غلام مصطفيٰ جمالي

دنيا جي مختلف تنظيمن ۽ ادارن جي رپورٽن موجب دنيا جي ٽين عالمي جنگ کاڌ خوراڪ جي شين تي نه پر کاڌ خوراڪ جي شين لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پاڻيءَ تي لڳندي ڇو جو هر سال ڪوپن هيگن ۾ ٿيندڙ عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۽ دنيا جي وڏين وڏي نتنظيمن ۽ ملڪن ۾ ٿيندڙ پاڻيءَ متعلق اڻ کٽ سيمينار ان ڳالهه کي واضح ڪري رهيا آهن ته مستقبل ۾ چنڊ تي پهچندڙ انسان لاءِ پاڻيءَ جا ڪجهه قطرا ئي موت جو سبب بڻجندا.شايد اوهان سمورن کي اها خبر هجي ته نيپال ڪجهه عرصي کان باربار اهو ئي چئي رهيو آهي ته ماحولياتي گدلاڻ وڌي وڃڻ ۽ پاڻيءَ جي سخت کوٽ سبب ايندڙ 25 کان 40 سالن تائين نيپال دنيا جي نقشي تان ختم ٿي ويندو ڇو جو پاڻيءَ جي سخت کوٽ سبب نيپال ۾ کاڌ خوراڪ جون شيون تيزيءَ سان گهٽ ۽ ڪيتريون ئي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن ۽ معيشت جو اهو حال آهي جو نيپال جي صدر کي ڪوپن هيگن ۾ عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۾ وڃڻ لاءِ به چندو ڪرڻو پيو هو، ٻئي طرف پوري دنيا اندر عالمي توڙي ملڪي ليول تي پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جي سياست هل رهي آهي، کنڊ ۽ اٽي جوبحران نه رڳو اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ موجود آهي پر ترقي پذير ملڪ به انهيءَ بحران ۾ڦاٿل آهن، بک ۽ بيروزگاري نه رڳو اسان جي هٿ ريکائن ۾ لکيل آهي پر هاڻي اها آمريڪين جي قسمت ۾ به ڪاهي پئي آهي، اهڙيءَ طرح پوري دنيا اندر عجيب وارتائون برپاٿي رهيون آهن، انسانيت ماني جي ڳڀي ۽ پاڻيءَ جي قطري لاءِ ننگي ٿيندي وڃي پئي خوبصورت ترين ڏيک ڏيندڙ دنيا انسانن سان ڀريل ان جهنگ وانگي ان ٿيندي وڃي پئي جنهن جو ڏس اڄ کان اڌ صدي اڳ معاشيات جي ماهر ٿامس ڏنو هو،

اڄوڪي ترقي آفتا دنيا ۾ جتي اڻ کٽ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن اتي سڀ کان وڏو مسئلو انساني بنيادي ضرورت جو درجورکندڙ پاڻي ئي ٿي پيو آهي ، پاڻي جو مامرو نه رڳو سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻيل آهي پر ساڳيو ئي پاڻيءَ وارو مامرو ڀارت، پاڪستان، سريلنڪا، چين، نيپال، عراق،افغانستان، يمن، صوماليه ۽ ايٿوپيا سميت ڪيترن ئي ملڪن جو مسئلو بڻيل آهي ، پاڻيءَبابت ويجهڙ ۾ ئي شايع ٿيندڙ نيشنل جيو گرافڪس مئگزين جي رپورٽ موجب ايٿوپيا جاماڻهو اڌ ڏينهن تائين پاڻيءَ جي ڳولا ۾ گذاري ڇڏيندا آهن ۽ اهو سلسلو گذريل 25سالن کان  هلي پيو، پاڻيءَ بابت گڏيل قومنجي ماحولياتي آلودگي ۽ گندي پاڻيءَ واري ڪاميٽي جي رپورٽ موجب رڳو 2009 ۾ ئي خراب پاڻيءَ واپرائڻ سبب 22 لک ماڻهو موت جي آغوش ۾ هليا ويا هئا خراب پاڻيءَ کي جنگين ،جهيڙن ۽ دهشتگرديءَ کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو آهي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خراب پاڻيءَ سبب هر روز 41 سئو ۽ هر سال 18 لکن جي لڳ ڀڳ 5 سالن کان گهٽ  عمر وارا ٻار بيمارين جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾هليا وڃن ٿا ۽ 21 هين صديءَ جي شروع ٿيندي ئي پاڻيءَ جو مسئلو دنيا جو اهم ترين مسئلو ٿي ويو آهي، گڏيل قومن جي پاڻيءَ واري ڪاميٽيءَ موجب پاڪستان ۾ 60 سيڪڙوٻارن جي موت جو سبب خراب پاڻيءَ جو استعمال هوندو آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل 5 ڏهاڪن کان پاڻي مسلسل خراب ٿي رهيو آهي ۽ هن وقت رڳو پاڪسان اندر روزانو20 لک ٽن خراب ۽ زهريلو پاڻي صاف پاڻيءَ جي 50 سيڪڙو ذخيرن ۾ شامل ٿي رهيو آهي،صحت جي عالمي اداري موجب ترقي پذير ملڪن ۾ 80 سيڪڙو بيماريون گندي پاڻيءَ جي استعمال سبب ٿي رهيون آهن جنهن سبب ساليانو 50 لک ماڻهو مري رهيا آهن،رپورٽ موجب خراب پاڻيءَ جي استعمال سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين تي روزانو 30 ڪروڙ جڏهن ته ساليانو112 ارب ڊالر ضايع ٿي رهيا آهن جنهن مان 55 کان 80 ارب ڊالر ڊائريا تي خرچ ٿي رهيا آهن ، پاڪستان ڪونسل آف رسرچ ان واٽر رسورسزجي رپورٽ موجب ملڪ جي 23وڏن شهرن ۾ خراب پاڻي هيو جنهن ۾ 68 سيڪڙو بيڪٽيريا جي آلودگي، 24 سيڪڙو آرسينڪ،13 سيڪڙو نائيٽريٽ ۽ 5 سيڪڙو فلورائيڊ شامل هئي، عالمي سطح تي هن وقت هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آهن جڏهن ته بن اربن کان وڌيڪ ماڻهن سان پاڻيءَ  جي فراهميءَ وارو مسئلو آهي،اندازي موجب زمين جو 66 سيڪڙو حصو پاڻيءَ تي مشتمل آهي ان جي باوجود انسان کي پيئڻ لاءِ صاف ۽ بهترين پاڻيءَ جو 2.5 سيڪڙو حصو ميسر آهي جڏهن ته انسان کي ملندڙ 2.5سيڪڙو پاڻيءَ مان به 67 سيڪڙو برفاني ڇپن جي صورت ۾ ، 30 سيڪڙو زمين جي اندر ۽ 13سيڪڙو دريائن ۽ چشمن جي صورت ۾ موجود آهي هن وقت وڌندڙ درجئه حرارت ۽ موسمي تبديلين جي ڪري پوري دنيا پاڻيءَ جهڙي ڳنڀير مسئلي کي منهن ڏئي رهي آهي جڏهن ته کاڌ خوراڪ جي سپلاءَ ۽ انسانن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪجهه عالمي تنظيمن اهو خيال ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته دنيا اندر لڳندڙ ٽين عالمي جنگ پاڻيءَ تي ئي لڳندي، ورلڊبيئنڪ پاران 2005-6 ۾ ڪرايل سروي موجب 2040 تائين اسان جا پاڻيءَ جا 40 سيڪڙوذريعا ختم ٿي ويندا ۽ دنيا ۾ پاڻي جنگ جو سبب بڻجي ويندو، پاڻيءَ جي کوٽ جو اندازوان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1947 اندر پاڪستان ۾ آباديءَ جي لحاظ کان ملڪ ۾پاڻيءَ جي سطح 5 هزار 6 سئو ڪيوبڪ في ڪس هئي جيڪا هن وقت گهٽجي ڪري 11 سئو ڪيوب ڪميثر في ڪس رهجي وئي آهي،

اسان جي ڊيمن ۾ پاڻيءَ جي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 15.6 ملين ايڪڙ فٽ هئي جيڪا هن وقت گهٽجي ڪري 12 ملين ايڪڙ فٽ رهجي وئي آهي ۽ هن وقت ملڪي آباديءَ جو 60 سيڪڙو حصو پاڻيءَ کان محروم آهي جڏهن ته باقي بچيل 40 سيڪڙو عوام کي جيڪو پاڻي مهيا آهي اهو ورلڊ هيلٿ آرگئنائيزيشن جي معيار موجب ناهي، خراب پاڻيبابت  ڪيل عالمي تحقيق موجب دنيا جي غريب ۾ملڪن ۾ ڦهليل 37 بيمارين مان 21 بيماريون گندي پاڻي ۽ سيوريج جي خراب نظام سبب ٿيون آهن ڇو جو رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صاف پاڻي جي گڏ ڪرڻ وارن دريائن، چشمن ۽ ندينکي گٽر يا گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي جيتوڻيڪ انوائرومينٽلپروٽيڪشن ايجنسي جي 1997 واري قانون موجب سمورا صنعتي ادارا ان ڳالهه جا پابند هوندا ته هو پنهنجو زهريلو پاڻي ڪٿي به خارج ڪرڻ کان پهريان ان کي صاف ڪندا پرافسوس جي ڳالهه جو ملڪ اندر ڪم ڪندڙ 15 سيڪڙو صنعتي ادارا ان قانون تي عمل نه پياڪن ۽ حيڪومت سندن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪري، اندازي موجب اسين 30 لک فٽ استعمال ٿيل پاڻي دريائن ۽ چشمن  ۾وهائيندا آهيون جنهن سبب اسان جو قدرتي پاڻي ۽ ماحول تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪوآهي جيتوڻيڪ جديد سائنسي ٽيڪنالوجي جي مدد سان انهيءَ پاڻيءَ کي صاف ڪري استعمال جي قابل بڻائي ان کي زرعي مقصد سميت 30 مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو  پر افسوس جو اسان وٽ ان طرف ڪو ڌيان ئي ناهي ڏنوويو

ماهرن موجب پاڪستان اندر ماحولياتي آلودگيءَ ۽ خراب پاڻيءَ  سبب  ئي75 سيڪڙو بيماريون جنم وٺن ٿيون. پاڪستان اندر 90 سيڪڙو پاڻي ذراعت لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو ڇو جو ملڪ جي 70 سيڪڙو آباديءَ جو گذر سفر ئي زراعت تي آهي جڏهن ته ٻه کان اڍائي سيڪڙو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو پر بدقسمتيءَ سان اهو به زهريلي ڪيميڪل سان ڀريل هجي ٿو، پاڻيءَ جي سخت کوٽ سبب سمنڊن جو کارو پاڻي تيزيءَسان زمين کي ڳِڙڪائي رهيو آهي اندازي موجب رڳو سنڌ جي بدين ۽ ٺٽو سائيڊ جي 80 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي  ۽اهو سلسلو جيئن پوءِ تئين هلندڙ آهي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ملڪي جهنگ به 4.6 سيڪڙوجي تيز رفتار سان ختم ٿي رهيا آهن، ملڪ کي خطرناڪ حالت کان محفوظ رکڻ لاءِ مختلفادارن پنهنجي شروعاتي رپورٽن ۾ ڄاڻايو آهي ته ملڪ ۾ پاڻيءَ جي گڏ ڪرڻ واري صلاحيت۽ پاڻيءَ کي محفوظ ڪرڻ واري مهم هلائڻ لاءِ ايندڙ ويهن سالن لاءِ 150 ارب آمريڪي ڊالرن جي ضرورت پوندي ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ملڪ اندر هڪ نئون انساني الميو جنم وٺندو جنهن کي تاريخ ڪڏهن به نه وساري سگهندي..؟ هن ڪائنات جو تاريخي الميو آهي جو انسان ترقين ۽ آسائشن باوجود به مانيءَ جي ڳڀي ۽ پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيو آهي،انساني بي حسي، وڌندڙ لالچون ، خواهشن جا نه کٽندڙ سلسلا هڪ ڏينهن انسانن کي انهن جانورن وانگر بڻائي ڇڏيندا جيڪي پنهنجي پاڻ کي کائيندا آهن ۽ شايد اهو وقت ڏورناهي جڏهن مانيءَ جي ڳڀي ۽ پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ هڪ نه کٽندڙ جنگ شروع ٿي ويندي، ب سهاڻي ويجهڙ ۾ ئي تيل جي  سياست ۽ ايٽميٽيڪنالوجي جي گوءِ ختم ٿيڻ واري آهي بس هاڻي انسان ڊرون حملن ۽ ايٽم بمن سان نه پرڪڻڪ جي داڻن جي نه ملڻ ۽ زهريلي ۽ ڪيميڪل سان رنگيل پاڻيءَ جي قطرن پيئڻ سان ابدي ننڊ سمهڻ وارو آهي ۽ اهو وقت هن ڪائنات لاءِ نهايت ئي شرمساريءَ جو وقت هوندو .؟

 

اي ڊي خواجه جي برطرفي….!!

سنڌ حڪومت طرفان وفاق کي خط لکيو ويو ته اي ڊي خواجا جون سنڌ مان خدمتون واپس ورتيون وڃن ۽ غلام قادر ٿيٻو، سردار عبدالمجيد دستي يا خادم حسين ڀٽي کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو وڃي. اهڙيون خبرون ڪيترائي ڪلاڪ ميڊيا ۾ هلنديون رهيون، پهرئين نوٽيفڪيشن جي ڪجهه ئي ڪلاڪن کانپوءِ سنڌ حڪومت جي سروسز جنرل، ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن کاتي طرفان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو،  جنهن ۾ آءِ جي سنڌ جي عهدي تي ڪم ڪندڙ 21هين گريڊ جي آفيسر اي ڊي خواجا کي رليو ڪري کيس وفاقي سرڪار جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، جڏهن ته ساڳي ئي نوٽيفڪيشن ۾ سنڌ پوليس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ريسرچ ڊيولپمينٽ ۽ انڪوائريز طور ڪم ڪندڙ 21هين گريڊ جي آفيسر سرادر عبدالمجيد دستي کي آءِ جي سنڌ پوليس جي اضافي چارج ڏني وئي آهي، جيڪو وفاقي حڪومت جي اسٽيبلشمينٽ دويزن طرفان مستقل آءِ جي مقرر ٿيڻ تائين انهي عهدي تي ڪم ڪندو رهندو. رپورٽن موجب وفاقي سرڪار جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سنڌ حڪومت طرفان غلام قادر ٿيٻو، سردار عبدالمجيد دستي ۽ خادم حسين ڀٽي کي آءِ  جي مقرر ڪرڻ واري سفارش مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٽنهي سفارشي نالن مٿان سُٺي شهريت نه هجڻ جو جواز ڄاڻائيندي وفاق ٽنهي پوليس آفيسرن کي مقرر ڪرڻ واري سفارش رد ڪري ڇڏي آهي. وفاق ۽ سنڌ سرڪار کي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي تبديلي ۽ نَون نالن جي سفارشي خط اختلاف اڀاري ڇڏيا آهن. سنڌ جي هٽايل آءِ جي اي ڊي خواجا جي دور ۾ ڪراچي آپريشن جا بهتر نتيجا نڪتا ۽ امن لاءِ سندس کنيل قدمن کي عوام طرفان ڀرپور موٽ ملي، ڪراچي آپريشن ۾ پڻ سندس اهم ڪردار رهيو، اي ڊي خواجا جي حوالي سان اهو پڻ عام آهي ته سندس دور ۾ پوليس ۾ جيڪي ڀرتيون ۽ ترقيون ٿيون اهي پڻ ميرٽ تي ٿيون، پوليس آفيسر جي ترقين جي حوالي سان پڻ بورڊ جوڙي انهن کي ترقيون ڏنيون ويون، ان کان علاوه سندس دور ۾ امن امان جي صورتحال پڻ بهتر رهي، پوليس ۾ شفاف ڀرتين، پ پ جي اهم شخصيت جي دوست سان اختلافن سبب کيس هٽايو ويو آهي. وفاق ۽ سنڌ جي اتفاق سان ئي آءِ جي سنڌ جي مقرري بابات حتمي فيصلو ڪيو ويندو. خادم حسين ڀٽي کي آءِ جي واري ڊوڙ مان آئوٽ ڪيو ويندو.سنڌ حڪومت پاران سفارش طور وفاق کي اماڻيل نالن ۾ ڪجهه ٻيا نالا به شامل ڪري سگھجن ٿا. سنڌ جو وقتي آءِ جي سردار عبدالمجيد دستي جو تعلق بلوچستان سان آهي، هن پوليس ۾ 32 سال نوڪري ڪئي آهي، جنهن مان 80 سيڪڙو سنڌ ۾ گذريو آهي. سردار عبدالمجيد دشتي پهرين پوسٽنگ اي ايس پي لياري طور ٿي. عبدالمجيد دستي جي حوالي سان ٻڌايو وڃي ٿو هو مزاج جو گهڻو سخت آهي.