تازيون خبرون

Daily Archives: March 28, 2017

فلم ٽائيگر زنده آهي، هلندڙ سال ڊسمبر ۾ سئنيماگهرن ۾ پيش ڪئي ويندي

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ فلم ٽائيگر زنده هي هلندڙ سال ڊسمبر ۾ سئنيمائن ۾ پيش ڪئي ويندي فلم ۾ دبنگ خان مک ڪردار ادا ڪندو ڪترينا ڪيف ان فلم جي گاني جي رڪارڊنگ کان پوءِ آسٽريليا کان واپس اچي ويئي آهي ڪترينا انهن ڏينهن ۾ بالي ووڊ جي اسٽار سلمان خان سان فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي. اداڪاره فلم ٽائيگر زنده هي جي گاني جي رڪرڊنگ جي سلسلي ۾ آسٽريليا ويئي هئي ان کان اڳ ٻنهي اداڪارن فلم ايڪ ٿا ٽائيگر ۾ گڏ ڪم ڪيو هو. ڪترينا آسٽريليا ۾ هڪ رومانوي گاني جي عڪسبندي لاءِ ويئي هئي آسٽريليا ۾ هڪ 12 ڏينهن رهي.

 

ريگنون فلم ڪنگنا رناوت ۽ شاهد ڪپور جي گڏجي پهرين ۽ شايد آخري فلم هوندي

ممبئي (شوبز نيوز)شاهد ڪپور به اڄڪلهه سڄو مشهور آهي ڪڏهن هو پنهنجي زال جي بيان تي صفائي پيش ڪندو آهي ته ڪڏهن پنهنجي اڳوڻي گرل فريڊ ڪرينا ڪپور سان ماضي جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ويهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪنگنا پنهنجي ان جي باري ۾ حيران ٿي ويندو آهي هڪ مئگزين سان ڳالهائڻ دوران شاهد ڪپور چيو ته 15 سال ان جي فلمي ڪيريئر ۾ هن وقت تائين ان کي پنهنجي ڪنهن به اسٽار سان ڪم ڪرڻ ۾ ايترو وقت نه لڳو جيترو ڪنگنا سان ٿيو شاهد اميد ظاهر ڪئي ته ڪنگنا پنهنجي ساٿين سان دوستاڻي طريقي سان ڪم ڪرڻ شروع ڪندي شاهد ڪپور هاڻي فلم پدماوتي سان گڏ وڏي پردي تي نظر ايندو. جڏهن ته ڪنگنا جي ايندڙ فلم سمرن هوندي.

 

پاڪ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن ۾ 4 ٽي-20 مئچن جي سيريز جي ٻي مئچ 30 مارچ تي کيڏي ويندي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ورلڊ چئمپين ويسٽ انڊيز جي ٽيمن ۾ 4 ٽي-20 مئچن جي سيريز جي ٻي مئچ 30 مارچ تي خميس تي پورٽ آف اسپين ۾ کيڏي ويندي پهرين ٽي-20 مئچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 6 وڪيٽن سان شڪست ڏيئي 1-0 تان برتري حاصل ڪئي آهي ٻي ٽي-20 مئچ کٽڻ جي صورت ۾ پاڪستان کي سيريز ۾ زيرو 2 جي برتري حاصل ٿي آهي ۽ پاڪستان جي شڪست جي صورت ۾ سيريز هڪ هڪ کان برابر ٿي سگهي ٿي پنهنجي تعريف ۾ ڪنهن به ٽيم جي خلاف پهريون ڀيرو 4 ٽي-20 مئچن جي گڏيل سيريز جي کيڏيل پاڪستان ٽيم ان سيريز کان اڳ آءِ سي سي ٽي-20 ريڪنگ ۾ 113 پوائنٽن سان گڏ 6 نمبر تي موجود آهي جڏهن ته ٽن پوائنٽن جي فرق سان ورلڊ چئپين ويسٽ انڊيز چوٿين نمبر تي آهي.

 

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين هاڪي ٽيسٽ ميچ اڄ کيڏي ويندي

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ چئن هاڪي ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ اڱاري تي کيڏي ويندي. ان کان اڳ پاڪستان نيوزيلينڊ کي ان جي زمين تي پنج ميچن جي سيريز ۾ 1-2 تان هارائي ڇڏيو هو. نيوزيلينڊ خلاف سيريز کيڏڻ کان پوءِ پاڪستاني ٽيم کي هاڻي آسٽريليا جي چئلينج کي منهن ڏيڻو آهي. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ چئن هاڪي ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي اربع، ٽين ميچ 31 مارچ جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ميچ پهرين اپريل تي کيڏي ويندي.

 

روسي حڪومت جي ڪرپشن خلاف ٿيل احتجاجۡ: صاحب خان ڀٽي

ڪجهه عرصو اڳ رومانيا ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو ويو هو ته ان وقت تجزيه نگارن جو خيال هو ته رومانيا جي عوام تمام گهڻي بهادر آهي جن حڪمرانن جي جوڙيل قانون آڏو ديوار بڻجي ويا ۽ انهن کي پنهنجي طاقت ذريعي فيصلو وٺڻ تي مجبور ڪيو ، ان کانپوءِ ٻين ملڪن ۾ به ڪرپشن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون، اسان جي ملڪ م به ڪرپشن خلاف احتجاج شروع ٿيا هئا، جن ۾ هاڻ ٺاپر اچي چڪي آهي، هونءَ ته هن ملڪ ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙيندڙن جي گهٽتائي نه آهي پر تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان هن وقت به ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ جا وڏا وڏا بيان ڏئي رهيو آهي ۽ مٿس ڪجهه سياسي اڳواڻ تنقيد به ڪري رهيا آهن پر ان باوجود هو پنهنجا حوصلا بلند ڪندو پيو اچي، بهرحال تحريڪ انصاف سربراهه ڪرپشن ڪندڙن ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهي يا نه، پر رومانيا جي عوام پنهنجي احتجاج آڏو حڪمرانن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو، پر هاڻ آمريڪا جي مخالف ملڪ روس ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج شروع ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ به ورتو ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته روسي صدر ولاد مير پيوٽن ڪيتري ئي عرصي کان  اقتدار تي رهيو آهي، ڪڏهن ڪهڙي عهدي تي ته ڪڏهن وري ڪهڙي عهدي تي پنهنجيون ذميواريون سنڀالينديون رهيو  آهي.

آمريڪا جي چونڊن ۾ به روس جي  مداخلت بابت ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بيان ڏنا ويا آهن، مطلب ته ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ به اعتراف ڪندور هيو آهي، رهي ڳالهه اڳوڻي صدر بارڪ  اوباما جي ته  ان آمريڪي چونڊن کان اڳ اهو چيو هو ته روس چونڊن ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر روسي صدر ولادي مير پيوٽن اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته آمريڪا وٽ ڪي ثبوت آهن ته پيش ڪري، بهرحال هن وقت آمريڪا ۾ نئون صدر چونڊجي چڪو آهي ۽ بارڪ اوباما وائيٽ هائوس کي الوداع ڪري هليو ويو آهي ۽ ملڪ جون واڳون ڊونلڊ  ٽرمپ وٽ  آهن، شروعات ۾ ته ڊونلڊ ٽرمپ خلاف عوام روڊن  تي احتجاج ڪري رهيو هو پر هاڻ  انهن احتجاجن ۾ گهٽتائي نظر اچي رهي آهي، پر هڪ ڳالهه واضع ٿي وئي  آهي ته جيڪي به ماڻهو ڊونلڊ ٽرمپ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا انهن خلاف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪا به ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو هو ۽ نه ئي انهن کي گرفتار ڪيو ويو هو، پر هاڻ جڏهن روس ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج شروع ٿيو تڏهن اتان جي حڪومت مظاهرين کي گرفتار ڪري رهي هئي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته روس ۾ حڪومت جي ڪرپشن خلاف احتجاج ڪندڙن مان 900 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ اليڪسي نوالني ۽ انساني حقن جا مبصر به شامل آهن.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته روس اهو ملڪ آهي جنهن تي آمريڪي چونڊن ۾ مداخلت جو به الزام لڳل آهي، ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته روس ۾ ايتري سگهه آهي جو آمريڪا جهڙو ملڪ به روس کان ٿورو پاسو ڪندو نظر اچي رهيو آهي،  ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ به ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو ويو هو جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهي خبرون به هلي رهيون آهن احتجاج ڪندڙ مخالف ڌر جي اڳواڻ اليڪسي نوالني کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ اهي به خبرون هلي رهيون آهن ته احتجاج دوران جن به ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي انهن کي آزاد ڪرڻ جون به هدايتون ڪيون ويون آهن،  آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مارڪ ٽونر طرفان ته روس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اليڪسي نوالني جي گرفتاري تي ڏک جو به اظهار ڪيو ويو آهي. مارڪ ٽونر طرفان چيو ويو آهي ته روس جي حڪومت کي گرفتار ڪيل مظاهرين کي جلد آزاد ڪر گهرجي. هونءَ ته روسي صدر ولادي مير پيٽو ڪيتري ئي عرصي کان روس تي حڪومت  ڪري رهيو آهي،

صدر ولادي مير پيوٽن کان اڳ پهريون روسي صدر بورس يلٽسن هو جنهن 1991ع ۾ پنهنجو عهدو سنڀاليو  هو  ۽ 8 سال صدر جي عهدي تي رهيو. جهن 1999ع  ۾ پنهنجي عهدي جون ذميواريون ڇڏيون، ان کان پوءِ 1999ع ۾ ولادي مير پيوٽن 8 سالن لاءِ ملڪ جو صدر بڻيو جنهن 2008ع تائين ملڪ جون واڳيون سنڀاليون. ديميتري مدويديف به 2008ع ۾ روس جو صدر بڻيو، جيڪو صرف چار سال حڪومت ڪري سگهيو ۽ 2012 ع ۾ صدر جو عهدو ڇڏي ڏنو. ان کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ولادين ميرپيوٽن 2012ع ۾ ڪامياب ٿي  روس جو صدر بڻيو. جنهن هن وقت تائين لڳ ڀڳ چار سال 321 ڏينهن مڪمل مس ڪيا هئا ته سندس حڪومت جي ڪرپشن خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، هي روس ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ماڻهو حڪومت جي ڪرپشن خلاف ايڏي وڏي تعداد ۾ روڊن تي نڪتا هجن ان کان تاريخ ۾ ڪڏهن ته روسي حڪومت خلاف عوام اهڙي ريت روڊن تي ناهي نڪتو. هن وقت روسي صدر ولادي مير پيوٽن جيڪو ٻه ڀيرا ملڪ جو صدر به رهي چڪو آهي ان لاءِ وڏا  چيلينج سامهون اچي رهيا آهن. هن وقت روس جون حالتون به تبديل ٿي رهيون آهن، آمريڪا ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن ته مٿان وري روس ۾ به حڪومت جي ڪرپشن خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام جي احتجاج ۾ صرف فرق ايترو آهي  جو آمريڪا ۾  احتجاج ڪندڙن ماڻهن مٿان تشدد نه ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي انهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، پر روس مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ انساني حقن جي مبصرن کي به گرفتار ڪيو  پيو وڃي،

هونءَ ته ڪرپشن سڄي دنيا اندر ناسور بڻجندو پيو وڃي پر روسي عوام جي احتجاج دنيا جون حالتون تبديل ڪرڻ ڏانهن اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن لڳي رهيو آهي ته مستقبل ۾ دنيا اندرڪرپشن خلاف هڪ موثر آواز بلند ٿيندو ۽ جن ملڪن ۾ حڪمران ڪرپشن ڪري ملڪي ناڻو لٽي ٻاهرن ملڪن ۾ جمع ڪري رهيا آهن انهن کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، ڀلي کڻي هن وقت روس ۾ لڳ ڀڳ هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويوآهي ۽ انهن کي ڇڏيو به ويندو پر روس جي عوام احتجاج هڪ وڏي تبديلي آڻيندو جيڪو ڪرپٽ حڪمرانن لاءِ هڪ وڏو سبق کڻي ايندو. هونءَ ته رومانيا ۾ به عوام ڪرپشن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو هو ۽ حڪومت کي عوام آڏو پنهنجا گوڏا به کوڙڻا پيا هئا پر هاڻ ان کان به وڌيڪ احتجاج روس ۾ ٿيو آهي، رومانيا ۾ به احتجاج ڪندڙن کي گرفتار نه ڪيو ويو هو پر روس جيڪو هن وقت دنيا اندر هڪ طاقت رکي ٿو اڄ انهي ملڪ اندر احتجاج ٿي رهيا آهن اهو احتجاج ڪي دهشتگردي نه پر ولادين ميرپيوٽن جي حڪومت جي ڪرپشن خلاف ٿي رهيا آهن.  هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر ولادي ميرپيوٽن جيڪو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان روس ۾ اقتدار ۾ رهيو آهي اهو پنهنجي ملڪ جي عوام کي ڪهڙي ريت مطئمن ٿو ڪري.جيڪڏهن هن وقت روسي صدر ولادي مير پيوٽن عوام جا احتجاج نه مڃي ته انهن احتجاجن ۾ شدت به اچي سگهي ٿي. هن وقت هڪ طرف روس جي مختلف ملڪن سان ڇڪتاڻ به هلي رهي آهي، جيڪڏهن هن وقت روسي صدر ولادي مير پيوٽن  کي ٿورو صبر جو مظاهرو ڪرڻ پوندو پر هڪ ڳالهه واضع آهي ته روس ۾ به عوام ڪرپشن خلاف احتجاج ڪري هڪ انقلابي قدم کنيو آهي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

عيد نوروز ڌرتي جو عالمي ڏينهن آهي ..: تحرير ربنواز راز ڄامڙو

اسان جنهن ڌرتي تي رهون ٿا، اها ننڍڙي به آهي ته وڏڙي به آهي. اها ڳالهه ٻڌي گھڻن کي تپرس وٺي ويندو ته اهو وري ڪيئن؟ جيڪا ڪائنات اسان وڏين دوربينين سان ڏسي سگهون ٿا ان کي آبزرو ايبل يونيورس چئبو آهي. اها تقريبن 91 نوري سالن جي فاصلي تي پکڙيل آهي. سموري ڪائنات جي پکيڙ جي ڪنهن کي به خبر ناهي. ڪائنات جي شروعات ۽ ارتقا جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ سٺو ۽ تسليم شده نظريو بگ بينگ ٿيوري آهي. هن نظريي جي مطابق ڪائنات تقريبن 14 ارب سال اڳ عدم مان وجود ۾ آئي. شروع ۾ ڪجھ به نه هو. مادو، زمان، مڪان موجود نه هيا. پوءِ، اڃا تائين اڻڄاتل سببن جي ڪري، عدم مان توانائي ۽ خلا پيدا ٿيا ۽ تمام گھڻو تيزي سان ڦهلجڻ لڳا. ان وقت ڪائنات هڪ ايٽم جي کربين حصي کان به ننڍي هئي ۽ سندس درجئه حرارت کرب کرب کرب ڊگري سينٽيگريڊ هيو. ڦهلاءِ جي نتيجي ۾ اها ننڍڙي ڪائنات وڏي ٿيندي رهي ۽ درجئه حرارت گھٽبو رهيو. ٿڌي ٿيڻ سان توانائي مان اليڪٽران ۽ ٻيا ذرا ٺهيا. جن مان بعد ۾ ايٽم ٺهيا. ڪافي عرصو پوءِ تارا ۽ ڪهڪشائون ٺهيون .ڪائنات جي ڦهلاءَ جو عمل ان جي پيدائش کان وٺي اڃا تائين جاري آهي.

ڪائنات جي مستقبل بابت سائنسدانن جا مختلف رايا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ڪائنات هميشه ڦهلجندي رهندي ۽ ڪو وقت ايندو جو سمورو مادو توانائي ۾ تبديل ٿي ويندو ۽ گھڻي ڦهلاءَ جي ڪري هي صرف اونداهون خلا وڃي رهندي. جڏهن ته ڪجھ جو خيال آهي ته جيئن مٿي اڇلايل پٿر زمين جي ڪشش جي ڪري هيٺ موٽندو آهي ائين ئي ڪائنات ۾ موجود مادي جي ڪشش ڪائنات جي ڦهلاءَ کي روڪي هن کي واپس سڪيڙڻ شروع ڪندي ۽ نيٺ سڀ ڪجھ هڪ هنڌ گڏجي معدوم ٿي ويندو. ان کي بگ ڪرنچ چون. ڪجھ سائنسدانن جو وري خيال آهي ته هن ڪائنات کان ٻاهر ٻيون به لاتعداد ڪائناتون موجود آهن. مستقبل ۾ هيءَ ڪائنات ڪنهن ٻي ڪائنات سان ٽڪرائجي ان ۾ ضم ٿي سگھي ٿي. ان نظريي کي ملٽي ورس  چيو ويندو آهي.

رھنما مينيودنيا جي هر شئي جي قد بت، ٿولهه، ويڪر ۽ ڊيگھه وغيره جي اسان کي سُڌ تڏهن پوي ٿي، جڏهن اسين ان جي ڪنهن ٻيءَ شئي سان ڀيٽ ڪيون ٿا. جيڪڏهن ڀيٽ نه ڪبي ته ڪنهن به شئي جي وڏي يا ننڍي هجڻ، ڊگھي يا بندري هجڻ، ٿلهي يا سنهي هجڻ، پراڻي يا نئين هجڻ، آڳاٽي يا هاڻوڪي هجڻ، سهڻي يا ڪوجھي هجڻ، سوادي يا بي سواد هجڻ، وڻندڙ يا اڻوَڻندڙ هجڻ، سياڻي يا اياڻي هجڻ، سڌريل يا اڻسڌريل هجڻ، ڊولائتي يا بيڊولي هجڻ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي گُڻن يا اَوگڻن جي ڪا به صحيح سُڌ نه پوندي. هڪ شئي جي ٻي شئي سان ڀيٽ جو اهو اصول اسان جي سِجَ، ڌرتيءَ ۽ ٻين تارن ۽ سيارن تي به لاڳو ٿئي ٿو. ڌرتي به ڪيترين ئي شين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي وڏي آهي، پر ساڳيءَ ئي مهل اها ڪيترين ئي ٻين شين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي ننڍي به آهي. سمجھو ته ڌرتيءَ کي زور ڏئي، دٻائي، سُسائي، سوڙهو ڪري، هڪ مَٽر جي داڻي جيترو ڪيون ٿا ۽ سج تي به اوترو ئي داٻ وڌو وڃي ته سج جو قدبت سمجھڻ لاءِ اسان کي مٽر جا 13 لک داڻا گڏ ڪرڻا پوندا. ان جو مطلب ته سج ڌرتيءَ کان 13 لک ڀيرا وڌيڪ وڏو آهي. ڀيٽ ڪرڻ کانپوءِ هاڻي اسين سوچي سگهون ٿا ته ڌرتي، سج جي ڀيٽ ۾ ڪيتري ننڍڙي آهي. يعني 13 لک ڌرتيون گڏبيون ته اسان جي سج جيڏو گولو ٺهندو پر سج ۾ اسان جي ڌرتيءَ جيان نهراڻ ۽ پاڻياٺ ڪانهي، سج رڳو گئسن جو مجموعو آهي. رابندر ناٿ ٽئگور کي جڏهن خبر پئي ته سنڌو تي سج جي اڀرڻ جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي، ان وقت ٽئگور جي ذهن ۾ آيو ته سج جي ڌرتي ته جاپان آهي، (ڇاڪاڻ ته سج جا پهريان نڪرندڙ ڪرڻا جاپان جي ڌرتي تي پون ٿا) سنڌو ڪيئن؟ سو ڪلڪتي مان ڪهي آيل هي برصغير جو هي محبتن جو شاعر ٽئگور حيدرآباد گدو بندر پل تي پهتو،  نظارو ڏسڻ لاءِ سڄي  رات ويٺو رهيو پر جڏهن  طلوعِ آفتاب جو منظر ڏٺو ته هن کان دانهن نڪري وئي ۽ چيائين ته ”هن ساري دنيا ڏٺي آهي، پر سج جي اڀرڻ جو اهڙو منظر ٻيو ڪٿي به نظر ڪو نه آيو اٿم“ سچ  هي آهي ته صبح جوسج جنهن سج ڌج، ناز ۽ نخري سان سنڌو واري رات جي ذلفن منجهان ٻاهر منهن ڪڍي نڪري ٿو ان جو تحرير ۾ آڻڻ مشڪل آهي، جنهن ڌرتي تي فطرت جا اهڙا عظيم منظر هوندا ته اتي شاعر، قومن  جا اڳواڻ، روشن سماج جا  رهبر ۽ پنهنجي ڌرتي  جي تهذيب ۽ ارتقا جي تسلسل جا ترجمان ضرور پيدا ٿيندا رهندا آهن،  اهو بلڪل صحيح چيو آهي ٽئگور جو اڄ اسان دنيا کي ٻڌائي سگهون ٿا ته اڄ سنڌو جهڙي شينهن، شهيد شاهه عنايت جهڙي سوشلزم جا رهبر، دنيا جي اصولن مطابق شايد پهريون ۽ ابدي شاعر لطيف سائين، ڌرتي لاءِ سر ڏيندڙ ۽ بغاوت جو علم بلند ڪندڙ هيمون ۽ شهيد صبغت الله شاهه جهڙا باغي ڏنا ۽ اڄ سنڌ ۽ سندس عوام ارتقا جو اڙانگو سفر طئه ڪري اڄ مسلسل پنهنجي وجود جي بقا لاءِ جنگ جوٽي ڪاغذي سامراج اڳيان بغاوت  جو علم بند ڪري ميدان ۾ بيهي رهي آهي ۽ للڪاري رهي آهي ته اسين ستل نه آهيون، مئل نه آهيون پر جاڳيل آهيون، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين، ڪراچي کان ڪارونجهر تائين جن سنڌ جي تاريخ ۾ ڪجهه اهڙا ڏينهن آندا جيڪي 7000 سال پراڻي تاريخ ۾ پهريون دفعو  ملهايا ويا هجن ته نه ڪنهن هڪ پر اهي ڏينهن پوري 4 ڪروڙ سنڌين جو آواز بڻيا پوءِ ڀلي اهو 6 ڊسمبر ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪي جو هجي يا 24 جنوري سنڌو جوڏهاڙو هجي جتي سنڌين پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هڪ ٿيڻ ۽ قومي يڪجهتي جوثبوت ڏنو، 24 جنوري تي چار ڪروڙ سنڌين پنهنجي بقا لاءِ سنڌو جي سينڌ کي لڙڪن، سڏڪن، ڀٽائي جي صوفياڻي راڳ توڙي سرن جا سان گڏ اجتماعي دعائن، ڏيئن ۽ گلن جي ڀيٽا ڏني، گل  ۽ ڏيئا به عجيب شئي آهن، جيڪي ٻئي وڇوڙي جي علامت ۾ به ۽ ڪنهن جي وصال جو سنهيو به، ميلاپ يا جدائي ٻنهي تي ڏيئا ٻاري سگهجن ٿا ۽ گلن جي ڀيٽا به ڏئي سگهجي ٿي، ڇو جو ان جو اصل مقصد اميد، آشتي، امن ئي آهي، ڇوجو سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي رهي آهي ۽ صوفين پنهنجي سموري زندگي هميشه شانتي ۽ امن سان گذاري ۽ امن ۽ شانتي جو درس ڏنو  انهي ڪري سنڌ جي تهذيبي تاريخ هيمشه امن ۽ شانتي جو مرڪز  رهي آهي،  ڇوجو صوفين  هميشه اميد، آسري ۽  دعا جي زندگي گذاري آهي ۽ اها دعا ۽ اهو ئي امن شانتي جودرس سنڌ جو 4 ڪروڙ عوام کڻي  سنڌو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سنڌو جي دڳن تي پهتي، سنڌ جي  عوام کي ته ان امام سوطي جي روايت تي به ناز ۽ اعتبار آهي ته جنت جا چار دريا نيل، فرات، جيحون ۽ سيحون (سنڌو) آهي، شل اي سنڌو تنهنجون اهي موج ۽ مستي واريون لهرون موٽي اچن، جيڪي هزارين صدين کان ڪيلاش  پريت جي سنگيڪا چشمي مان نڪري مانسرور ڍنڍ مان ٿيندي هماليه جي هنج وٺي زڪسار پهاڙن تان پسارون ڪندي راڪا پوسٽي تان ڪنهن راڳي جي راڙ ڪندي، گلگت ۽ هنره جي ميدانن مان ڪنهن هرڻي جيئن  چال ڏيندي، هندوڪش ۽ ڪوهه سليمان جي ندين کي سمائيندي سنڌو جا ٻيلا، ٻنيون، جبل جا پٿر ڀوريندي ڌرتي کي چيريندي سنڌو جي زمين کي محبوب واري چمي ڏيندي ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سرسبز وشاداب ڪن ٿيون .

22 اپريل تي ڌرتي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي . اهو هاڻي 21 مارچ تي ملهائڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته هن ڏينهن تي سج جي روشني جو پهريون ڪرڻو زمين جي سيني تي پيو ۽ هن ئي ڏينهن تي بي جان ءِ مرده شين ۾ ساھ پيو . جاندار شين جي وجود جو ڏينهن آهي . ته ٻيو ڪو ڪائنات جو عالمي ڏينهن ڪيئن ملهائي سگھجي ٿو . عيد نوروز ڌرتي جو عالمي ڏينهن آهي .

 

 

قرض جي ڏي وٺ….!!

چونڊن جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، جلد اليڪشن ٿيندي، مان، بلاول ۽ منهنجون نياڻيون آصفه ۽ بختاور اليڪشن لاءِ تيار آهن، جلد انهن کي به خبر پئجي ويندي ته اليڪشن ڇاکي چئبو آهي، پيپلز پارٽي جو هڪ وفد سمورين سياسي پارٽين سان رابطي ۾ آهي، هاڻي پاڪستان ۽ خاص ڪري لاهور ۾ صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائينداسين، آصف علي زرداري لاهور ۾ سينيئر پارٽي اڳواڻ عزيز الرحمان چن جي گهر پارٽي ڪارڪنن کي خطاب  ۽ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ ڪارڪنن جو جوش ۽ جذبو ڏسي ائين ٿو لڳي ته پيپلز پارٽي ۽ ڪارڪن هاڻي هڪ دفعو ٻيهر مقابلي لاءِ تيار آهن، پوئين ڀيري اسان کي هٿڪڙيون لڳل هيون، پر هن دفعي اسان کي هٿڪڙيون ناهن لڳل، مان پاڻ ۽ بلاول ميدان ۾ آهي، قوم جون نياڻيون شهيد محترمه جون نياڻيون به اسان سان گڏ ميدان ۾ آهن، اسان سڀ ملي ڪري ميدان ۾ نڪرنداسين ۽ مخالفن کي خبر پئجي ويندي ته مقابلو ڪئين ٿيندو آهي، اليڪشن جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، انهن دوستن کي هاڻي سمجهڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به شڪست نه کائيندي، پيپلز پارٽي ڪڏهن به پنجاب ۾ خاص ڪري لاهور ۾ ناهي هارايو، پر ها اسان هميشه اليڪشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل آر اوز کان هارايو آهي، ڇو جو نتيجا انهن جي هٿ ۾ هوندا آهن،پاڪستان جي سمورين پارٽين ڏي پيپلز پارٽي جو هڪ وفد موڪلينداسين، جيڪو انهن سان ملاقات ڪندو ۽ ايندڙ اليڪشن بابت انهن جون صلاح مشورن تي غور ڪندو، جڏهن بي بي شهيد لاهور ايندي هئي ته سڄو لاهور بند ٿي ويندو هو، هاڻي به ائين ئي ٿيندو. هن ڀيري پ پ جو ڪردار مختلف هوندو،  اسان شارٽ ڪٽ جو مقابلو ڪنداسين، پهرين قرض ڏنو هاڻي وٺنداسين، سياست ۾ ڪڏهن به دروازا بند ناهن ٿيندا، هر صوبي ۾ سياسي جماعتن سان الائنس ڪري سگهجي ٿو، آفتاب شيرپائو جي پارٽي ۾ واپسي بابت نٿو چئي سگهجي، ساڻس سياسي ٺاهه ٿي سگهي ٿو، اسفند يار ولي سان دوستي آهي، ڪجهه دوستن ايم ڪيو ايم سان به الائنس قبول نه ڪيو، هر ڪنهن جي پنهنجي سوچ آهي، منهنجي پنهنجي سوچ آهي، آر اوز جون چونڊون پهرين به ٿيون، هاڻي به ٿي رهيون آهن حسين حقاني پروفيشنل ڊپلوميٽ ناهي، سندس ڪيريئر جماعت اسلامي کان شروع ٿيو، پوءِ نواز شريف کان ٿيندو اسان وٽ آيو، جڏهن بي بي شهيد جي پهرين حڪومت ختم ڪئي وئي، لاهور مان هڪ شخص آيو، بي بي ۽ مون سميت ٽن ڄڻن کي چونڊن کان پري رهڻ جو چيو ويو، چيو ويو ته توهان ٻاهر هوندا ته فري فيئر چونڊون ٿينديو، ٻي صورت ۾ رزلٽ الڳ هوندي، مون وٽ اشارو ڪري چيو ته هن کي ڦاهي ڏئي ڇڏينداسين، پاڪستان ٺاهڻ ۾ بلوچن جو اهم ڪردار آهي، آئيني طور انهن کي حق ملندا، پاڪستان کي نقصان پهچائڻ لاءِ بلوچستان جي ڌرتي استعمال ڪئي پئي وڃي، جبلن تي چڙهي ويندڙن کي چوندس اسان ذوالفقار ڀٽو جي شهادت ڏٺي، مير مرتضيٰ جي شهادت ڏٺي ۽ بي بي جي شهادت ڏٺي، پاڙيسري اسان لاءِ ڪنڊا اڇلائي پاڻ سڪون سان ويهندا ايئن نه ٿيندو، هندوستان ۾ مسلمانن سان پيو ٿئي سڀ ڄاڻون ٿا، پاڻي بلوچستان جو بنيادي مسئلو آهي، وفاقي حڪومت کي سنڌ دير سان ياد آئي آهي، رڳو اعلانن مٿان اعلان ٿيندا، واعدا وفا نه ٿيندا. پاڪستان ۽ افغانستان جي گڏيل رضامندي سان سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو فيصلو سنجيده قدم آهي، ان سان دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي خاتمي ۽ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.