تازيون خبرون

Daily Archives: March 27, 2017

پاڪستاني فلم انڊسٽري دنيا جي وڏي فلم انڊسٽري ٿي ويندي: عروا حسين

لاهور (شوبز نيوز ) پاڪستاني اداڪار عروا حسين چيو آهي ته پاڪستاني فلم انڊسٽري دنيا جي وڏي فلم انڊسٽري ٿي ويندي، پاڪستاني فلمن جو معيار ۽ ڪم ڪندڙ نوجوانن جو هڪ الڳ انداز آهي. هن چيو ته هنن جي محنت کي ڏسندي هاڻي اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته پاڪستاني فلم انڊسٽري دنيا جي وڏي فلم انڊسٽري جو حصو بڻجي ويندي، پنهنجي هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته ماڊلنگ ۽ ٽي وي ڊرامن سان گڏ جڏهن مونکي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ته مان اُن آڇ کي قبولي ورتو ۽ پوءِ اسان جي فلم کي بهترين رسپانس پڻ مليو، هن چيو ته اُن دوران گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو پر ڪم ڪندڙ تقريبن اُهي ماڻهو  هئا، جنهن سان گڏ ڪم ڪري چڪي هئس پر فلم ميڪنگ جو انداز ڏاڍو مختلف هو.

 

ڪرن جوهر کي هڪ ٻيو وڏو جهٽڪو، ايشوريا راءِ به سندس ساٿ ڇڏي ڏنو

ممبئي (شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ هدايتڪار ڪرن جوهر کي هڪ ٻيو وڏو جهٽڪو لڳي ويو، ڪرن جوهر جي اڳوڻي دوست ڪاجول کان پوءِ ايشوريا راءِ به سندس ساٿ ڇڏي ڏنو. بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ اداڪارا ڪاجول ۽ ڪرن جوهر جي دوستي جا مثال ڏنا ويندا آهن پر گذريل ڪجهه عرصو اڳ ٻنهي جي دوستي ۾ ڏارون پئجي ويون هيون، جنهن سبب ٻنهي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪرن جوهر پنهنجي ڪتاب ” ان سوئيٽ ايبل بواءِ“ جي لانچنگ جي وقت هي انڪشاف ڪيو هو ته هن جي ۽ ڪرينا ڪپور جي وچ ۾ معاملا ڪجهه ٺيڪ ناهن ۽ هاڻي ڪجهه خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ايشوريا راءِ به ڪرن جوهر سان ناراض آهي. ايشوريا راءِ بچن جي پيءُ ڪرشنا راج راءِ 18 مارچ 2017ع تي بيمار رهڻ کانپوءِ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن ۾ بالي ووڊ سان تعلق رکندڙ سمورن ماڻهن شرڪت ڪئي هئي پر ڪرن جوهر جي شرڪت نه ڪرڻ تي ايشوريا راءِ اُن سان ناراض ٿي وئي.

 

ايف آءِ اي کان تحقيق جو نه چيو، اسان رڳو ٽيليفونڪ ڊيٽا جي مدد گهري: نجم سيٺي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايڊيشن کان هڪ ڏينهن پهريان اسان کي ڪجهه ”گڙٻڙ“ جي رپورٽ ملي وئي هئي جنهن کانپوءِ اسان جا ماڻهو به گهڻا محتاط ٿي ويا، هڪ انٽرويو ۾ نجم سيٺي جو چوڻ هو ته وقت اچڻ تي پي ايس ايل فڪسنگ جا ثبوت سڀني اڳيان آڻينداسين، ان معاملي تي اسان جو ميڊيا ٽرائل نه هئڻ گهرجي. ان چيو ته فڪسنگ معاملن ۾ آءِ سي سي ڀرپور تعاون ڪري رهيو آهي، محمد عرفان اسان سان سڀ کان وڌيڪ تعاون ڪيو، خالد ۽ شرجيل خلاف ڪجهه ثابت نه ٿي سگهيو ته اسان جي بدقسمتي هوندي، مون مٿان هميشه مختلف الزام لڳندا رهيا آهن پر اسان دنيا کي پي ايس ايل ۽ پوءِ ان جو فائنل لاهور ۾ ڪرائي ڏيکاريو. نجم سيٺِ وڌيڪ چيو ته فڪسنگ تي مان ۽ شهريار خان هڪ ئي صفحي تي آهيون، گهڻا شاهد گڏ ڪرڻ بعد ئي رانديگرن خلاف ايڪشن کنيو، ايف آءِ اي کان تحقيق ڪرائڻ جو اسان نه چيو، اسان صرف انهن کان ٽيليوفونڪ ڊيٽا جي مدد گهري هئي، چيئرمين پي ايس اي جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي سي بي ڪنهن رانديگر کي جيل جي سزا نٿو ڏئي سگهي.

 

1992 ۾ مان ۽ جاويد ميانداد مڪمل فٽ نه هئاسين: عمران خان جو انڪشاف

لاهور(اسپورٽس نيوز) 1992ع جي ورلڊ ڪپ جي فاتح ڪپتان عمران خان چيو آهي ته ورلڊ ڪپ جي شروعات کان پهريان ئي سعيد انور ۽ وقار يونس ان فٽ ٿي پيا هئا ۽ ٻڻهي رانديگرن جي ان فٽ ٿيڻ سبب مشڪل پيدا ٿي وئي هئي، عمران خان جو چوڻ هو ته جاويد ميانداد ۽ مان به پوري طرح فٽ نه هئاسين پر ٽيم جي فائيٽنگ اسپرٽ کي داد ڏيڻو پوندو ڇو جو ٻيون ٽيمون همت هارائي وينديون آهن ۽ اسان فتح ماڻي.

 

تونسان واجب آهي محبت جو تعلق رکڻ: ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي، صدر مسلم ليگ (ن)، منارٽي ونگ، سنڌ

تاريخ ۾ وزير اعظم محمد نواز شريف جهڙا انسان تمام ٿورا آهن، جن انساني تهذيبن ۽ قدرن کي سمجھيو آهي ۽ ماڻهن اندر مختلف تهذيبن ۽ مذهبن ۾ محبت کي وڌايو آهي. وزير اعظم محمد نواز شريف تي قدرت جي خاص عنايت آهي ته هُو ملڪ جي سڀني اقليتن ۾ هڪ جيتري عزت ۽ احترام رکي ٿو ۽ اقليتي برادري سندس عمل ۽ پاليسين کي ڀليڪار چئي ٿي ۽ سندس اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ مضبوطيءَ جي حوالي سان سندس محنت تي يقين ۽ ڀرپور اعتماد رکي ٿي، ۽ ايئن ڇو نه هجي ڇو ته وزير اعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ ئي پاڪستان جي تحفظ جو انقلاب برپا ٿيو ۽ هي ملڪ ائٽمي طاقت جي صورت ۾ دنيا جي تختي تي اُڀري آيو. دهشت گرديءَ جي خلاف جرئت سان آپريشن ڪري انهن کي ختم ڪيو ويو. ملڪ ۾ موٽروي جو ڄار وڇايو ويو، ميٽرو بسون هلايون ويون، عام ماڻهوءَ کي سفر جي سهولت لاءِ ريلوي کي جديد بڻايو ويو، سي پيڪ جهڙو عالي شان منصوبو شروع ڪري نه صرف پوري ملڪ پر پوري خطي جي ترقيءَ لاءِ رستو کوليو ويو، ملڪ کي لوڊشيڊنگ جي اونداهيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تڪڙا اُپاءَ وٺي بجليءَ لاءِ ڪارخانا کولي صنعتي ترقيءَ لاءِ راهون هموار ڪيون ويون. اڄ ملڪ جي اسٽاڪ ايڪسچينج سڀ مائيل اسٽون ڪراس ڪري اڳتي نڪري وئي آهي ۽ سڄي دنيا پاڪستان جي معيشت ۾ تيزيءَ سان ٿيل ترقيءَ جي گواهي ڏئي رهي آهي. اهو سڀ ڪجھ ممڪن ٿيو آهي ته وزير اعظم محمد نواز شريف جي بي مثال اڳواڻيءَ جي صلاحيتن ۽ جرئتمند فيصلن جي عمل درآمد جي ڪري ٿيو آهي.

وزير اعظم محمد نواز شريف اقليتن جي حقن جي حفاظت ۽ ملڪي آزاديءَ جي حوالي سان جيڪي تاريخي قدم کنيا آهن ۽ اعلان ڪيا آهن ان تي اقليتي برادري سندس شڪر گذار آهي. ڏياري ۽ پوءِ هولي جي موقعي تي، وزير اعظم محمد نواز شريف اقليتي برادريءَ جي دعوت تي پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي خاص طور تي اسان جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي آهي ۽ اسان کي عزت بخشي آهي، جنهن ڪري اسان کي اهو پهريون ڀيرو احساس ٿيو آهي ته وزير اعظم محمد نواز شريف اسان سان هر خوشي ۽ ڏک ۾ گڏ آهي ۽ اسان جي جذبن جو احترام ڪري ٿو. وزير اعظم محمد نواز شريف جي اها شفقت سموري اقليتي برادريءَ لاءِ عزت جو باعث آهي. اسان سموري اقليتي برادريءَ پاران پنهنجي قائد جناب محمد نواز شريف جا دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيون ۽ سندس صحت ۽ سلامتيءَ لاءِ دعاگو آهيون. سچ اهو آهي ته وزير اعظم محمد نواز شريف پاڪستان جو اهو پهريون وزير اعظم آهي جنهن منارٽيءَ کي خاص اهميت ڏني آهي. ڏياري هجي يا هولي هن هر ڀيري اقليتن جي جذبات جو احترام ڪيو آهي.

زبردستي مذهب مٽرائڻ کي ڏوهه قرار ڏئي وزير اعظم محمد نواز شريف اقليتي برادريءَ جي دل کٽي ورتي آهي. ان حوالي سان جيڪي خدشا، تحفظات ۽ شڪايتون هيون وزير اعظم محمد نواز شريف انهن جو تفصيلي جواب ڏئي ڇڏيو آهي. اصل ۾ تاريخ جي اندر گھڻو ڪجھ ڪرڻ جون خواهشون ته گھڻا ئي ليڊر ڪندا آهن، مگر اُهو ڪو خاص اڳواڻ هوندو آهي جيڪو ان تي عمل ڪرائي ڏيکاريندو آهي. وزير اعظم محمد نواز شريف صحيح معنيٰ ۾ اهو واحد اڳواڻ آهي، جيڪو جيئن چوندو آهي، تيئن ڪري ڏيکاريندو آهي. جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

خواہش سے نہیں گرتے پھل جھولی میں
وقت کی شاخ کو میرے دوست ہلانا ہوگا۔

کچھ نہیں ہوگا اندھیروں کو برا کہنے سے
اپنے حصے کا دیا خود ہی جلانا ہوگا۔

وزير اعظم محمد نواز شريف جڏهن هولي جي موقعي تي خاص طور ڪراچي آيو ته اُتي مون پنهنجي تقرير ۾ سڀني آيل خاص مهمانن کي بسنت رُت جي رنگين ڏڻ هولي جون شڀ ڪامنائون ڏيندي مبارڪ پيش ڪئي ۽ ڀليڪار چيو هو ۽ ٻڌايو هو ته اهو ڏڻ آهي جنهن تي محبت ۽ پيار جو رنگ وسندو آهي. هي اهو ڏڻ آهي جنهن تي شري ڪرشن ڀڳوان گوپين سان گڏ بندرابن ۾ رنگن جي پچڪارين سان کيڏندو هو. هي اهو تهوار آهي جنهن ۾ ميران ٻائي پنهنجي ڪرشن ڪنيا کي چوندي آهي ته:

رنگ دے چنریا شام پیا موری رنگ دی چنریا،
ایسی رنگ دے رنگ نہیں اترے  دھوبی دھوئے  ساری عمریا،

هولي جو اهو شڀ ڏڻ بسنت بهار جي راتين ۾ ايندو آهي، جڏهن گلستان رنگ برنگي گلن سان مهڪيل هوندو آهي، هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ جو راڄ هوندو آهي. هولي جو ڏڻ حق ۽ سچ جي جيت ۽ ظالم جي شڪست جو ڏينهن هوندو آهي. جڏهن راجا هرنا ڪشيپ ظلم جو پهاڙ پنهنجي پُٽ پرهلاد ۽ ماڻهن جي مٿان رکي چيو هو: “مون کي ڀڳوان مڃو، مون کي ايشور مڃو….” پر پرهلاد انڪار ڪئي هئي ۽ چيو هو ته: “منهنجو ته پرماتما مٿي رهندو آهي، جيڪو سڄي جهان جو پالڻهار آهي، سڀن جو تحفظ ڪندڙ آهي.” راجا هرنا ڪشيپ حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائڻ ۽ ان کي موت جي گھاٽ پُڄائڻ لاءِ پنهنجي ڀيڻ هوليڪا کي گھرايو. هوليڪا وٽ جادوءَ جي چادر هئي، باهه جو وڏو مچ ٻاريو ويو، جنهن ۾ هوليڪا پرهلاد کي هنج ۾ وهاريو، پرهلاد ڀڳت پرماتما کي ياد ڪيو. تيز طوفان آيو، هوليڪا جي چادر اُڏامي پرهلاد جي مٿان اچي وئي، هوليڪا سڙي وئي، پرهلاد بچي ويو. حق ۽ سچ جي جيت ٿي، ان ڏينهن کان هولي جو ڏڻ رنگن ۽ پچڪارين سان ملهايو ويندو آهي.

جڏهن ته اڄ هولي جو ڏينهن دهشت گردي کي شڪست ڏيڻ ۽ اَمن جي جيت، فتح طور ملهايو پيو وڃي. هي پاڪستان جي ترقي ۽ امن جي دشمنن ۽ دهشت گردن جي خاطمي جو ڏينهن آهي. محبت جي رنگن کي نڇاور ڪرڻ ۽ ڀائيچاري ڦهلائڻ جو ڏينهن آهي. وزير اعظم محمد نواز شريف ڏانهن ان ڳالهه جو ڪريڊيٽ وڃي ٿو ته هن دهشت گردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خورن سميت سڀني مجرماڻن نيٽ ورڪس کي بنا فرق جي ڪراچيءَ کان پشاور تائين ڀرپور آپريشن ڪري ختم ڪرايو آهي. سندن دور ۾ اهم ۽ ڪامياب آپريشن ضرب عصب ڪيو ويو ۽ هاڻ آپريشن ردالفساد پوري شدت سان هلي رهيو آهي ۽ ڪراچي ۾ ٽارگيٽ آپريشن به تمام گھڻيون ڪاميابيون ماڻي چُڪو آهي. امن امان جي صورتحال ۾ نمايان نتيجن ملڻ ڪري ملڪ ۾ سرمائيڪاري ۾ واڌارو ٿيو آهي ۽ واپاري سرگرميون عروج تي آهن. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج پوري دنيا ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ پاڪستاني معيشت جي نشاندهي ڪري رهيو آهي، جنهن جو اعتراف عالمي سطح تي مالياتي ادارا ۽ سروي رپورٽون به ڪري رهيون آهن.

مون کي وزير اعظم محمد نواز شريف صاحب جي 11 جنوري 2017 تي ڏيڍ هزار سال پراڻي ڪٽاس راج مندر جي دوري تي ڪيل تقرير به اڃا چڱي طرح ياد آهي ۽ آئون اها ڳالهه برملا چوڻ چاهيان پيو ته تاريخ ۾ وزير اعظم محمد نواز شريف جهڙا تمام گھٽ ماڻهو ايندا آهن. جيڪي انساني تهذيبن ۽ قدرن کي چڱيءَ ريت سمجھندا آهن، ماڻهن، تهذيبن ۽  مذهبن وچ ۾ محبتن کي وڌائيندا آهن. ان لاءِ آئون بار بار چوان پيو ته وزير اعظم محمد نواز شريف هولي جي عظيم ڏڻ تي شريڪ ٿي، ان کي بهار جي جشن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. پنهنجي محبت ۽ چاهت جي رنگن سان هولي جي رنگن کي وڌيڪ گَهرو ۽ مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي. ڀائي چاري ۽ هم آهنگيءَ جي مقدس جذبن سان  هنن رشتن کي اڃا به پائيدار بڻائي ڇڏيو آهي. محمد رفيع هڪ گيت ڳايو هئو “بہارو پھول برساؤ میرا محبوب آیا ہے.” اڄ بسنت بهار جي موسم آهي، اسان جو محبوب اڳواڻ وزير اعظم محمد نواز شريف صاحب اسان جي جي گھر هلي آيو آهي، ان لاءِ مون پنهنجي تقرير ۾ چيو آهي ته “بهارو پھول برسائو، اسان جو محبوب آيو آهي.” ۽ وزير اعظم محمد نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ منهنجي ان ڳالهه کي ياد رکيو آهي ۽ محمد رفيع جو ذڪر پڻ ڪيو آهي ۽ “بهارون ڦول برسائو جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.” اسان ته چاهيون ٿا ۽ اسان کي پڪ به آهي ته وزير اعظم محمد نواز شريف جنهن محنت سان ڏينهن رات پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙي رهيو آهي، ان جي نتيجي ۾ هميشه بهار پاڪستان تي گُلن جي ورکا ڪندو رهي ۽ پاڪستان ترقيءَ جون وڏيون منزلون طئي ڪندو رهي.

مون کي پنهنجي قائد سان گڏ بيلا روس ۽ سريلنڪا جي دوري جو شرف پڻ حاصل آهي. پنهنجي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ به انهن کي ۽ پاڪستانين کي بي حد عزت ملندي ڏٺي سون، جنهن جو ڪو مثال نه ٿو ملي. هُنن مون کي ۽ منهنجي پُٽ راهول شام کي پرڏيهه ۾ جيڪا محبت ۽ مهمان نوازي ڏني، آئون ان محبت، خلوص ۽ مهمان نوازيءَ کي ڪڏهن به ڀُلائي نه سگھندس، ۽ شاعر جو هي شعر سندن نظر ڪيان ٿو:

تجھ سے واجب ہے محبت کا تعلق رکھنا،

ایسی دلچسپ عبادت کو قضا کون کرے۔

 

حڪمرانن کان سنڌ جون حالتون سڌارڻ وارو سوال..؟؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

وقت حالات انساني زندگي سان گڏ بدلبا رهن ٿا دور وقت قومون جي تقدير جا  فيصلا ڪنديون آهن پٿرن جي دور کان ويندي ان وقت تائين جيڪو وقت گذريو ان وقت ۾ ڪيترين ئي قومن جي تقدير جا فيصلا ٿيا ڪيتريون ئي قومون آزاد ٿيون ڪيترن ئي قومون جي ڪندارن پنهنجي قومون جي آزادي تي نعرا هنيا جشن ملهايا ڪيترن ئي سهڻين ست رنگي ڪپڙا پائي انهن ڪندارن کي پنهنجي مقدر جو ساٿي بڻائي ڇڏيو انهن قومون ترقيون ڪيون اڄ هن دور ۾ اهي قومون آزادي سان گڏ ڪنهن جون محتاج ناهي ڪنهن اڳيان انهن جي هٿ ڦهلائڻ جي ضرورت ناهي اڄ اهي قومون خوش آهن پر اسان سنڌي ايترا بي وس ايترا لاواث ڇو…!!!! ڇو اسان جي ننگ تن ڍڪڻ ڪپڙو ناهي ڇو اسانجي بک ستايل کائڻ لاءِ لولو ناهي،ڇو.؟؟اسان جا ڪندار ڪيڏانهن ويا اسان جي مقدرن ۾ رڳو لاشا ڇو،؟ هن دؤر کي نظرياتي عروج جو زمانو چيو وڃي ٿو. شايد ئي اسان گمان ڪو اهڙو ماڻهو هجي ،جيڪو پنهنجي نظرياتي پختگيءَ ۽ بي مثال حيثيت جي دعويٰ نه ڪندو هجي . جيڪو ٿو آني مان ڦٽي نڪري سو قوم جي حال ۽ مستقبل کي سنوارڻ جا سبق ڏئي ٿو. سماجي ڪارڪن هجن يا سياستدان، شاگرد هجن يا استاد ، واپاري هجن يا سرڪاري ملازم ، صحافي هجن يا اديب اسان جا اهي سمورا طبقا قوم جي ڀلائي ۽ فرد جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪن ٿا.پر جيتريون ڳالهيون ٿين ٿيون ، جيتريون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون ۽ جيتريون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون، صورتِ حال اوتري ابتڙ ۽ خراب ٿيندي وڃي ٿي . نالي ماتر به ترقي ڪانه ٿي ٿئي. انسان جو روز به روز حال حشر ايئن ٿيندو وڃي ٿو ،جهڙوڪ هن جي مٿي تي ڏکن ۽ ڏوجهرن جي ڳنڍ هجي،هن جا هٿ حالتن جي ٽوڙهن سان ٻڌا ويا هجن ۽ هو ڪنڊن واري پيچرن تان گذري رهيو هجي ۽ مسئلن جي ڇتن ڪتن جي لوڌ هن پٺيان هجي. اڄوڪي عوام جو روح زخمي آهي ۽ وجود رتوڇاڻ آهي. ڄ جو سنڌي داخلي غلاميءَجي اهڙي ڀيانڪ دور مان گذري رهيو آهي، جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملي نه ٿو سگهي، هن تي اها غلامي اسرائيل يا آمريڪا مسلط ڪانه ڪئي آهي. يا وري ڌرتي ۽آسمان مظلومن سنڌين تي ڏمريا آهن.اهو قرب هڪ سنڌيءَ ٻئي سنڌيءَ تي ڪيو آهي . اڄ جو سنڌي ٻئي سنڌيءَ جي ظلم جو نشانو بڻيل آهي.اسان جا آدرش، اسان جا نظريا اسان جا اصول، اسان جا قدر ۽ اسان جا ادارا اسان جي سنڌين هٿان نشانو ٿيا آهن. اسان پنهنجي آدرشن کي ”قيدي آدرش“ بڻائي ڇڏيو آهي.اسان پنهنجي ڪنهن به آدرش جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نٿا ٿيون بلڪه آدرش کي پنهنجي ذاتي خواهه گروهيمفادن جي ڍال بڻايون ٿا. اهڙيءَ ريت اسان نظرين ،قدرن ۽ اصولن جي ڳالهه ٻئي کي بيوقوف بنائڻ  ۽ پنهنجي اندر واري مڪروهه انسان کي لڪائڻ لاءِ ڪندا آهيون.

اسان پنهنجي گناهن کي لڪائن ۽ ڏوهن کي پالڻ لاءِ تنظيمن ۽ جماعتن ۾ پناهه وٺون ٿا. اسان جي چڱ مڙسي ٻئي جي پٽڪي لاهڻ لاءِ مخصوص ٿي چڪي آهي. هن وقت اسان جو معاشرو ظالم ۽ مظلوم طبقن ۾ ورهائجي چڪو آهي. هڪڙا ماڻهو ڏنڊي ۽ ڏاڍجي زور تي ڪنهن تنظيمن يا جماعت جي آسري تي چڱ مڙسي يا عهدي رتبي جي آڌار تي ،ذات پات يا هلنديءَ پڄنديءَ جي زور تي شريف ، بيوس، لاچار ۽ مجبور انسان جو استحصال ڪري ٿو ۽ ظلم جون انيڪ روايتون قائم ڪن ٿا. اهڙي صورتِ حال سچي، سڌي ۽ سادي انسان کي پاڻ جهڙي انسان جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ جو انسان اهڙي عذاب جي زندگي گذاري رهيو آهي . هو مظلوم آهي، محڪوم آهي ۽ مجبور آهي.اهڙن مجبورن ۽ مظلوم غلامن جو تعداد ظالمن ۽ استحصال ڪندڙن جي تعداد کان گهڻو وڏو آهي. بلڪهائين چئجي ته اسان جي اڪثريت داخلي غلاميءَ جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي ۽ اسان جي ٿورائي پنهنجي ئي ڌرتي وارن جي رت چوسڻ ۾ مصروف آهي. هنن قهري ڪارواين اڪثريت کان ڌرتيءَ جي بک کسڻ جي ڪوششڪئي آهي. عوام پنهنجي ذاتي سورن ۽ عذابن ۾ ايترو ته مصروف ۽ منجهيل رکيو ويو آهي جو هن کان جهڙوڪ ڌرتي جا ڏک ساريا ئي نٿا ٿين.بهاري مسئلو حل ٿيو يا نه ؟ ڪالا باغ ڊيم اسان جي ترقي جو ڪارڻ آهي يا تباهيءَ جو سبب آهي؟ ڪراچي سنڌ کان الڳ ٿئي يا نه؟ سنڌ جو وڏو وزير يا گورنر سنڌي ٿئي يا غير سنڌي؟ عوام اهڙن دکن دردن، سورن ۽ مسئلن کي ان ڪري ئي محسوس ڪري نٿو سگهي جو هن جي پنهنجي زندگي ئي عذاببڻائي وئي آهي.اسان ٺلها بحثن جا باجا وڄائڻ ۾ پورا آهيون سموري گهر الٽي ويون اسان جي اگهور ننڊ اڃان پوري ناهي ٿي.اسان جي ڌرتي جي رت جي هولي لاشن جي مينار کڙا ٿي چڪا آهن اسان جي ڏاهن پنهنجن قومن کي تباهه ٿيندي ڏسي پنهنجون اکيون بند ڪري لوڪ کان لڪي روئڻ ۾ پورا آهن انهن کي خبر آهي ته هاڻ صرف ڳجهون آهن جيڪي ماس کائڻ ٿيون چاهين انهن جي دلين ۾ لالچ حوس ڀريل آهن انهن وٺ احساس ناهي انهن جا احساس مري چڪا آهن انهن جون جون دلين ٿي پٿرن جو قبضو ٿي چڪو آهي انهن وٽ اکيون ناهن انهن جا روح مري چڪا آهن اڄ اسان جي ڏاهن وٽ جيڪي دکي ڌرتي جي ڏک ڏسڻ جو حوصلوناهي رهيو.!! عوام اڄ جي حالتن ۾ صبح شام انهيءَ اڻ تڻ ۾ آهي ته هن جي عزت سان رهجي اچي. هن جي جان ۽ مال کي ڪو ڇهيو نه رسي، پر جيئن ته هن کي داخلي غلامي جي ڳٽ سان ڪنڌ جهڪائي هلڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ان ڪري هو پنهنجي پيرن کان پرتي ڏسي نٿو سگهي. هن تي ظلم اهي ڪن ٿا،جيڪي سندس آسرو ٿيڻ گهرجن، هنتي قهر اهي ڪن ٿا جيڪي رحم ۽ ڪرم لاءِ آهون ۽ دانهون ڪن ٿا. هن جي زندگي انهن عذاب بڻائي ڇڏي آهي، جيڪي اجتماعي خوشحالي جي ڊاڙ هڻن ٿا.هن کي ڌرتي کان اهي ڌار ڪن ٿا، جيڪي قوم کي متحد رکڻ لاءِ تنظيمون ،پارٽيون ۽ جماعتون جوڙين ٿا. هن تي ڏاڍ ۽ ڏمر اهي ڪن ٿا، جيڪي ڏاڍن کي ڏارڻ جا نعرا هڻن ٿا . هن کي سڃو ۽ سکڻو اهي ڪن ٿا ، جيڪي قوم جي خوشحاليءَ جي دعويٰ ڪن ٿا . ان ڪري ڪنهن به قومي ۽ سياسي فيصلي خواهه مسئلي ۾عوام اهڙن ڌاڙيلن جو ساٿ نٿو ڏئي نتيجي ۾ سنڌ جا سنگين مسئلا روز به روز سنگين ۽  ڳنڀيرٿيندا وڃن ٿا ۽ عوام انهن ۾ ڪا به دلچسپي نٿو وٺي. اسان جيڪڏهن چاهيون ٿا ته سنڌ جي ”حال“ خواهه ”مستقبل“ سان لاڳاپيل مسئلن ،خواهشن ۽ منصوبن ۾ عوام وڏي اڪثريت سان شرڪت ڪري ته پوءِ پهريون اسان کي عوام جي آزارن ۽ عذابن مانجان آجي ڪرڻي پوندي. عوام جي عزت، جان ۽مال کي نشانو نه بنائڻو پوندو. جيستائين عوام داخلي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، جيستائين عوام جي زندگي اسان جي هٿن سانعذاب بڻبي رهندي ۽ جيستائين اسان جي هٿ ۽زبان، قول ۽ فعل کان عوام لاءِ آزار پيدا ٿيندا رهندا، ان وقت تائين تِرَ جيتري تبديلي به ڪا نه ايندي، بلڪه جڏهن ڪنهن تبديليآڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عوام طرفان مدد بدران ان جي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مزاحمت ٿيندي رهندي. ڇو ته عوام  اهڙن ظالمن ،ڦورن،ٺڳن ۽ رهزنن کي ڪنهن به قسم جي واڳ ڏيڻ نه چاهيندو . ان ڪري جيڪڏهن اسان ڪجهه ڪرڻ گهرون ٿا ته ان لاءِ پهريون عوام کي داخلي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻو پوندو.هن کي نام نهاد دانشورن جي علمي استحصال ،وڏيري جي سماجي ظلم ، ڪاموري جي اختياري ڏاڍ ۽ نقلي سياسي ڪارڪنن جي نظرياتي پرماريت کان بچائڻو پوندو.  عوامکي داخلي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻ جو سولو طريقو اهو آهي ته اسان ٻين کي سڌارڻ بدران پاڻ کي سڌارڻ ۽ بدلائڻ جي ڪوشش ڪريون. اسان پاڻ سان ، پنهنجي نظريئي سان، پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان سچا ٿيون. اسان پنهنجي تنظيمن ۾ داخلي احتساب جي عمل کي اوليت ڏيون. جيڪڏهن اسان جي تنظيم ،ذات ۽ پيشي سانلاڳاپيل ڪو فرد ،ڪارڪن يا عهديدار ڪا اهڙي ڳالهه ڪري يا ڪو اهڙو عمل ڪري جنهن سان عوام جي دل آزاري ٿئي يا عوام جي عزت جان ۽ مال کي ڇيهو رسي ته پوءِ ان جو جوڳو تدارڪ ڪيون. مظلوم جي ڌر وٺون ۽ ظالم توڙي ظلم جي پاڙ پٽڻ جو پڪو پهه ڪيون.

 

2018 ۾ مهانگائي وڌڻ جو خطرو…!!

اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ مهانگائي محدود رهي آهي جنهن جو سبب رسد ۾ دٻاءُ نه هجڻ هو، موجوده وياج جي شرح 2014ع کانپوءِ سڀ کان گهٽ شرح آهي. صارفين جو اعتماد وڌي رهيو آهي، جنهن سان لڳي ٿو ته شين جي طلب ۾ اضافو ٿيندو، مالي سال 2018ع ۾ عام مهانگائي جي خبر ملڪي طلب مان پوندي. 2017ع ۾ معاشي ترقي جي شرح اڃا به وڌيڪ بهتر ٿيڻ جي اميد آهي، سي پيڪ، توانائي جي بهتر رسد، سستو ڪچو مال ۽ وڏين صنعتن ۽ زرعي پيداوار وڌي رهي آهي. شهرين جي آمدني وڌي آهي، جنهن سبب شين تي طلب ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. 2017ع ۾ معاشي ترقي جي شرح وڌيڪ بهتر ٿيڻ جي اميد آهي. نجي شعبي کي قرضن ۾ واڌ سان حقيقي اقتصادي، سرگرميون وڌيون، نجي شعبي جو قرض جولاءِ کان فيبروري 2017ع تائين 399 ارب رپيا وڌي ويو، جيڪو  گذريل سال 267 ارب رپيا هو، نجي شعبي جي ڪاروباري قرضن ۾ 159 ارب رپين جو اضافو ٿيو، جيڪو گذريل سال 102 ارب رپيا هو. صارفي مالڪاري جي ترقي جو رجحان برقرار رهيو. حڪومت ڪمرشل بئنڪن کي قرض موٽائي ڏنو، جنهن سان بئنڪن جو ناڻو وڌيو، جڏهن ته گذريل سال ان عرصي ۾ پئسا ڪڍرايا ويا هئا. معاشي سرگرمين ۾ اضافي سان آمدني واپار ۾ به اضافو ٿيو پر روانگي واپار ۾ خاطر خواهه واڌ نه ٿي ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کان ايندڙ رقم ۾ معمولي گهٽتائي ٿي، جنهن ڪري جولاءِ کان فيبروري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 5 ارب 50 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو، خالص مالي رقم وڌيڪ رهي پر ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو پورو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. رپورٽ موجب حڪومت جي روانگي واپار ۾ اضافي وارين پاليسين ۽ غيرضروري آمدني واپا کي روڪڻ وارن قدمن کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ضابطي ۾ اچي ويندو. 2018ع ۾ مهانگائي ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي وياج جي شرح برقرار رکي وئي آهي. وڏين صنعتن ۾ ٽيڪسٽائل، تيل، لوهه ۽ اسٽيل گاڏين، دوائن، بجلي جي سامان، ڪيميڪل ڪاٺ جي سامان، انجنيئرنگ جي سامان ۽ رٻڙ جي سامان جي پيداوار ۾ اضافو، خوراڪ، شربت ۽ تماڪ، غير ڌاتو ئي معدنيات، ڪيميائي ڀاڻ، ڪاغذ ۽ پيپر، چمڙي جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي، جڏهن ته ڪپهه جي پيداوار 14.1 ملين ڳٺڙيون، ڪمند جي پيداوار 67.5 ميلن ٽن، سارين جي پيداوار 6.8 ملين ٽن ۽ ڪڻڪ جي پيداوار 2 ڪروڙ 74 لک ٽن جو هدف رکيو ويو، ڪپهه جي پيداوار ۾ 27.8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، ڪمند جي پيداوار ۾ 4.2 سيڪڙو اضافو ٿيو، چانورن جي پيداوار  ۾ 2.7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 1.6 سيڪڙو اضافو ٿيو، زراعت جو جي ڊي پي ۾ حصو 19.8 سيڪڙو، صنعت جو 21 سيڪڙو خدمتن جو 59.2 سيڪڙو رهيو، فيبروري 2013ع ۾ ناڻي واڌ ۾ 0.3 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو جنوري 2017ع جي ڀيٽ ۾ 0.9 سيڪڙو وڌيڪ هو، جڏهن ته فيبروري 2016ع ۾ ناڻي واڌ 400 سيڪڙو هئي، جيڪا 2017 ۾ وڌي 4.2 سيڪڙو ٿي وئي. خوراڪ وارين شين جي اگهن ۾ فيبروري ۾ 0.3 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنوري جي ڀيٽ ۾ اها 1.5 سيڪڙو واڌ رهي ۽ هڪ سال اڳ واري واڌ جي برابر هئي. فيبروري 2017ع ۾ ناڻي واڌ ۾ 0.2 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ اها واڌ 5.3 سيڪڙو ٿي وئي، فيبروري2017ع ۾ ناڻي واڌ 4.5 سيڪڙو رهي. فيبروري 2017ع ۾ 8 هزار رپيا ماهوار آمدني وارن لاءِ مهانگائي ۾ 0.2 سيڪڙو، 8001 رپين کان 18000 رپين تائين وارن لاءِ 0.3 سيڪڙو، 18001 کان 35 هزار رپين وارن لاءِ 0.4 سيڪڙو، 3500 رپين کان مٿي آمدني وارن لاءِ 0.5 سيڪڙو ۽ سموري عوام لاءِ مهانگائي ۾ 0.4 سيڪڙو اضافو ٿيو، جولاءِ 2016ع کان فيبروري 2017ع تائين پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي رقم ۾ 2.5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. هن سال 12 ارب 36 ڪروڙ 30 لک ڊالر اماڻيا ويا آهن، جڏهن ته گذريل سال ان عرصي ۾ 12 ارب 67 ڪروڙ 70 لک ڊالر اماڻيا ويا هئا، اهڙي ريت 31 ڪروڙ 40 لک ڊالر گهٽ اماڻيا ويا. ٽيڪسٽائل جي روانگي واپار ۾ 31 ڪروڙ 90 لک ڊالرن، ٻين شين جي روانگي واپار ۾ 17 ڪروڙ 10 لک ڊالرن جي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته ٻين سڀني شين جي روانگي واپار ۾ 38 ڪروڙ 40 لک ڊالرن جو اضافو ٿيو. تيل، ٽيليڪام، بجلي پيدا ڪندڙ مشينري پلاسٽڪ مٽيريل، پام آئل، چانهه پتي جي آمدني واپار ۾ اضافو ۽ ڪچي تيل، بجلي تي هلندڙ مشينري، ڀاڻ ۽ لوهه ۽ ڪچي لوهه جي آمدني واپار ۾ گهٽتائي رهي. هن سال سڌي پرڏيهي سيڙپ هڪ ارب 28 ڪروڙ 40 لک ڊالر رهي، جيڪا گذريل سال هڪ ارب 21 ڪروڙ 20 لک ڊالر هئي. جولاءِ 2017ع کان فيبروري 2017ع تائين 19 کرب 91 ارب رپين جا ٽيڪس گڏ ڪيا ويا. گذريل مالي سال ۾ 20 کرب 5 ارب رپيا گڏ ٿيا هئا.