تازيون خبرون

Daily Archives: March 24, 2017

قوم پانامه ليڪس جي فيصلي جي منتظر آهي، صادق ۽ امين جي فيصلي تي عدالتن دير ڪئي آهي: نثار کهڙو

جيڪب آباد (اين اين آءِ) پ پ پ سنڌ جي صدر نثاراحمد کهڙو چيو آهي ته قوم پانامه ليڪس جي فيصلي جي منتظر آهي صادق ۽ امين جي فيصلي تي عدالتن دير ڪئي آهي قوم عدالتن مان اميد رکڻ گهٽ ڪري ڇڏي آهي پانامه ڪيس ۾ نوازشريف سچو نه رهيو آهي بدنيت وفاقي حڪومت غير شفاف آدمشماري ڪرائڻ چاهي ٿي گهرن ۽ ماڻهن جي ڳڻپ شفاف طريقي سان نه ڪئي ويئي ته نتيجا قبول نه ڪنداسين اهڙن خيالن جو اظهار هن جيڪب آباد ۾ پ پ پ لاڙڪاڻي ڊويزن جي اجلاس ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اندر مير اعجاز جکراڻي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني امتياز شيخ مير گل محمد جکراڻي ۽ ٻين به خطاب ڪيو نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته جنهن طريقي سان آدمشماري ٿي رهي آهي ان کي آخر ۾ ڪوبه تسليم نه ڪندو هن چيو ته اسان پنهنجي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو آدمشماري مهم ۾ هر گهر ۽ هر ماڻهو کي ڳڻپ ۾ شامل ڪري. هن چيو ته سڄي قوم پانامه ليڪس جي فيصلي جي منتظر آهي هن چيو ته پ پ پ 4 اپريل تي شيهد ذوالفقارعلي ڀٽو جي ورسي ڀرپور طريقي سان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ هڪ وڏي جلسي جي صورت ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سان پارٽي قيادت ۽ چئني صوبن جا اڳواڻ خطاب ڪندا.

 

پريانڪا چوپڙا جي فلم ”بي واچ“ جو نئون ٽريلر جاري ٿي ويو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ فلم ”بي واچ“ جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. آن لائن جاري ٿيندڙ ان فلم جي ٽريلر ۾ بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي نظر اچي رهي آهي. فلم ۾ بالي ووڊ سندري وڪٽوريا ليڊز جو ڪردار نڀائيندي نظر ايندي، جڏهن ته ان فلم ۾ مشهور اداڪار ڊوائن جانسن (دي راڪ) به اهم ڪردار نڀائي رهيو آهي، جيڪا 26 مئي تي رليز ٿيندي.27

 

سشميتا سين هلندڙ سال وڏي اسڪرين تي واپسي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا سشميتا سين هلندڙ سال وڏي اسڪرين تي واپسي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ انٽرويو دوران جڏهن اداڪارا کان فلم انڊسٽريءَ ۾ واپسي جي حوالي سان پڇيو ويو ته هن جواب ڏيندي چيو ته وڏي اسڪرين تي واپسي جي حوالي سان ڪجهه عرصي کان غور ڪري رهي آهيان پر چاهيان ٿي ته اهڙي واپسي ڪيان، جنهن سان مداح نه رڳو خوش پر منهنجي ڪردار کي سدائين ياد ڪن.

 

آسٽريلوي اخبار ويرات ڪوهلي کي ڪرڪيٽ جو ڊونلڊ ٽرمپ قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي اخبار ”ٽيلي گراف“ جي بين هورن پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو آهي ته ڀارتي ڪپتان کلي عام داٻو ڄمائڻ ۾ مصروف آهي جڏهن ته آءِ سي سي ۽ انڊين بورڊ ۾ اها جرئت ناهي جو ان تي ڪنٽرول ڪري سگهن، اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر جيف لاسن چيو آهي ته ڪوهلي کي هاڻي وڏو ٿيڻ گهرجي، ڪنهن به ٽيم جي قيادت وڏي اهم ذميواري هوندي آهي البته ڪوهلي جو رويو تمام خراب آهي جڏهن ته جواب ۾ هندستان ٽائمز الزام لڳائيندي چيو آهي ته آسٽريلوي ميڊيا پوري سيريز دوران ئي نفرت انگيز مهم جاري رکندي آئي، ٻئي طرف بالي ووڊ جي شهنشاهه ليجنڊ اداڪار اميتاب بچن به ويرات ڪوهلي جي حمايت ۾ اڳيان ايندي سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي طنزيه انداز ۾ چيو آهي ته آسٽريليوي ميڊيا ويرات ڪوهلي کي راندين جو ڊونلڊ ٽرمپ قرار ڏنو آهي جنهن تي مان آسٽريلوي ميڊيا جو ٿورائتو آهيان جو انهن ڪوهلي کي هڪ فاتح ۽ صدر تسليم ڪيو.

 

اياز جمالي جي آزادي سواليه نشان بڻيل ؟؛: تحرير. شيرمحمد سولنگي  (اچيورس)

پاڪستان ۾ بيروز گاري ايتري وڌي وئي آهي جو وطن سان پيار ڪندڙ نوجوان روز گار حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ ڏانهن هليا وڃن ٿا . سک کان ڪو به ملڪ ناهي ڇڏيندو پر جڏهن بک بدحالي ۽ بيروزگاري وڌي ويندي آهي ته اتان جا نوجوان يا ته خود ڪشي ڪرڻ تي لهي ايندا آهن يا روز گار جي تلاش ۾ ملڪ جون سرحدون به پار پئجي ويندا آهن بيروزگاري ڪيترائي داناءُ ديوانا ڪري ڇڏيا آهن پر بدين واسي انجئير  اياز جمالي سميت 25 ڄڻا هڪ آئل ڪمپني ۾ ڪم ڪري رهيا هئا جڏهن اهي 8 مهينن کان پوءِ 22  مارچ تي وطن واپس اچي رهيا هئا اهي گھمري آئل فيلڊ  کان 50 ڪلو ميٽر فاصلي وٽان 5 ساٿين سميت  اچي رهيا هيا ته انتها پسند تنظيم سا تعلق رکندڙ گروھ اغوا ڪري ورتو آهي ياد رهي ته  انهن ئي ويڙهاڪن سوڊان جي سرڪار 19 فيبر وري تي چتاءُ ڏنو هو ته سوڊان مان سمورن پرڏيهن کي نيڪالي ڏئي واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو ورنه انهن جو هتي جيئڻ جنجال ڪنداسين . جنهن کان پوءِ سست ئي رائيڪمبشير نالي هڪ جهادي تنظيم اياز جمالي ۽ ساڻس گڏ ساٿين کي اغوا ڪاري پهريون شڪار ڪري حڪومت کي بي وس ڪرڻ جو نياپو ڏنو آهي . هن وقت مغوين جا وارث سخت پريشان آهن جن جي پاڪستان سرڪار ڪنهن به قسم جي مدد ناهي ڪئي جڏهن ته ياز جمالي پاڪستان جي هڪ آئل ڪمپني ۾ پهريان ڪم  هوندو هو ۽ ان جي توصل سان سوڊان جي هڪ آئل ڪمپني ۾ ملازمت لاءِ پاڪستان مان سوڊان ويو ۽ سوڊان 240 ڏينهن رهڻ بعد وطن واپسي لاءِ ايندي جهادي باغي  گروپن جي ور چڙهي ويو آهي . هن وقت  اها به خبر ناهي  هو ڪيئن ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي . بظاهر ته اسان تائين اهي خبرون پهتيون آهن ته ڏکڻ سوڊان جي اپر نائل علائقي ۾ تيل ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ بدين واسي پاڪستاني انجنيئر کي باغي اغوا ڪري وريا آهن ان سلسلي ۾ مغوي اياز جمالي جي ڀاءُ الطاف جمالي جو چوڻ آهي ته سوڊاني باغين سندس ڀاءُ سان گڏ يو اين او جي ٽن ملازمن کي به اغوا ڪيو آهي جن جو تعلق ڀارت سان آهي . ڏکڻ سوڊان جي اپر نائل صوبي مان سوڊاني باغي بدين واسي پاڪستاني انجنيئر اياز جمالي کي اغوا ته ڪري ويا آهن پر سندس پوئواري ڪرڻ بابت ڪي به اثرائتا قدم ناهن کنيا ويا . مغوي پاڪستاني انجنيئر اياز جمالي جي ڀاءُ الطاف حسين جمالي جو چوڻ آهي ته  سندس ڀاءُ سوڊان ۾ هڪ تيل ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آهي.  جتي آچر ڏينهن صبح جو پنهنجي ڊيوٽي تي ويندي اغوا ٿي ويو آهي. هن چيو ته، سواڊاني باغي سندس ڀاءُ سان گڏ يو اين او جي ٻن ملازمن کي به اغوا ڪري ويا آهن، جنهن جو اطلاع اتي موجود سندس ٻئي ڀاءُ فون تي اطلاع ڪيو آهي سودان ۾ هن وقت انتها پسندي جي ڪري باغي گروپ اسپتالن ۽ ٻين رهائشي هنڌن تي حملا ڪري رهيا آهن جنهن ڪري ڪيترائي اتان جا رهاڪو لکن جي تعداد ۾ مارجي وايا آهن . سوڊان ۾ باغين هٿان اغوا ٿي ويل بدين واسي انجنيئر اياز جمالي جي ڀاءُ جو وڌيڪ  چوڻ هو ته سندس ڀاءُ لاهور جي هڪ ڪانٽريڪٽر ڪمپني جي معرفت سوڊان ويو، ان ڪمپني جي اختيارين سان رابطو ڪيو پر انهن ڪو به جواب ناهي ڏنو ۽ نه ئي سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

اسين قلمڪار  سوڊان ۾ باغين هٿان بدين واسي انجنيئر اياز جمالي جي اغوا تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيون ٿي  ته انجنيئر جي بازيابي لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن.  پرڏيهي وزارت انجنيئر ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ سفارتي ڪوششون ڪري. ٻئي طرف بدين ۾ انجنيئر اياز جمالي بازياب نه ٿيڻ تي سندس وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، سندس گهر ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد جاري آهي. جڏهن ته انساني حقن واري تنظيم جي سربراهه انصاربرني، حسين هارون ۽ ملحيه لوڌي کي پر زور اپيل ڪري رهيا آهيون ته اغوا ٿي ويل انجنيئر اياز جمالي جي وارثن سان رابطو ڪري سندس بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ لاءِ حڪومت ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪري رهيا آهيون جيترو ٿي سگھي اوترو جلدي کيس باغي گروپن جي چنبي مان آزاد ڪرائي وارثن تائين پهچايو وڃي ڇا ڪاڻ ته سندس گھر ڻ بي چيني واري لهر ڇانيل آهي سڀ گھر ڀاتي اياز جمالي جي اغواڪاري واري ڏک ۽ صدمي ۾ ورتل آهن . جنهن ڪري سندن گھر ۾ سوڳ جهڙو ماحول تاري ٿي ويو آهي . جيڪي بار بار روئي رهيا آهن هن مهل تائين ڪو حڪومتي ڌر جو ماڻهون آٿت ڏيڻل لاءِ وٽن ناهي پهتوجنهن ڪري هو وڌيڪ سرس ڏک ۾ ورتل آهن ان ڏس ئي ڪو وري سماجي تنظيم ِا انساني حقن سان تعلق رکڻ وارين تنظيمن جا ڪي اڳواڻ پهتا آهن . اياز جمالي جو بار آئل ڪمپني جي مٿان آهي کيس هر حال ۾ ان کي ئي  بازياب ڪرائڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته هي هڪ انساني زندگي جو معاملو آهي .  سوڊان ۾ هڪ بدين واسي سميت 3 هندستانين جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي، گذريل ڏينھن سوڊان جي باغي گروپ رائيڪ ميشير سوڊان۾ چائنا۽ ملائيشا ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ  بدين جي نوجوان اياز جمالي کي ٽن ھندستانين سميت اغوا ڪري ورتو سوڊان حڪومت پاران ڏنل سيڪيورٽي گارڊ کي مزاحمت ڪرڻ تي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ڏکڻ سوڊان جي باغي گروپ رائيڪ ميشير ٽن ڄڻن جي اغوا جي ذميواري قبول ڪندي سوڊان مان تيل ڪمپنينن مان سمورن پرڏيھن کي فوري طور نيڪالي ڏيڻ جي ڌ مڪي ڏئي ڇڏي آھي، جنھن کان پوءِ سوڊان ۾ غير محفوظ ھجڻ سبب چائنا ۽ ملائيشا ڪمپنين فوري طور ڪم بند ڪري ڇڏيو آھي سوڊان ۾ موجود اياز جمالي جي ڀاءُ ”صحافين“ پاران  رابطي تي ٻڌايو ته ڀاءُ اياز جمالي سميت ٽن ڄڻن جي اغواءُ جي ذميواري سوڊان جي باغي گروپ رائيڪ ميشير قبول ڪندي سوڊان حڪومت کي فوري طور تيل ڪمپنين مان نيڪالي ڏئي واپس موڪلڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، جيستائين پرڏيھي واپس نٿا موڪليا وڃن تيستائين مغوين کي واپس نه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي ھن وقت آءُ ڪمپني ڇڏي ڏکڻ سوڊان جي گادي واري شھر جوباءُ  ھليو آيو آھيان تيل ڪمپنين جي سوڊان حڪومت سان ڳالھيون ھلندڙ ته فوري طور باغي گروپ کان انجنيئرن کي بازياب ڪرايو وڃي.  پرڏيهي کاتي سوڊان ۾ ويڙهاڪن هٿان سنڌ واسي انجنيئر اغوا ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي.  پاڪستاني انجنيئر جي اغوا بابت معلومات ملي آهي ڏکڻ سوڊان حڪومت سان سرڪار رابطي ۾ آهي .  ڏکڻ سوڊان ۾ پاڪستان جو سفارتي عملو موجود ناهي. ايٿوپيا ۾ موجود پاڪستاني سفارتي عملو ڏکڻ سوڊان حڪومت سان رابطي ۾ آهي. برطانوي خابرو اداري سوڊان جي ويڙهاڪن پاڪستاني شهري سميت چئن ڄڻن جي اغوا ڪري ورتو آهي . اغوا جو مقصد چيني ۽ ملائيشي ڪنسور شيم کي ٻاهر ڪڍڻ آهي. واضح رهي ته بدين واسي انجنيئر اياز جمالي به اغوا ٿيلن ۾ شامل آهي . بدين اياز جمالي جي گھر ۾ ڏک جي لھر ڇانيل آهي گھر ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد جاري آهي، سندس والده زليخان جمالي روئندي چيو ته پٽ کي فوري طور بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ھن چيو ته آئون باغي گروپ جي اڳواڻ کي اپيل ڪيان ٿي ته منھنجو پٽ  مون کي صحيح  سلامت واپس ڏنو وڃي  سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪاري سميت انساني حقن سان تعلق رکنڊڙ سماجي تنظيمون تحرڪ ۾ اچي جلد کان جلد بدين واسي نوجوان اياز جمالي بازياب ڪرائي سندس گھر ڀاتين ۾ پکڙجندڙ بيچيني کي ختم ڪيو وڃي  .

******

 

ڪتابن جي سهاري سان معاشري کي سنواري سگهجي ٿو: تحرير. ربنواز راز ڄامڙو

جڏهن کان ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ رائج ٿي آهي تڏهن کان ڪتابن جي اهميت تي اثر پيو آهي پر اڃا به ڪتاب جي اهميت ختم ناهي ٿي اوهان پڙهندڙ جي نظر اڳيان ڪجھ ڪتاب ۽ انهن جي لکارن جو تعارف پيش ڪيان ٿو جيڪو سنڌي ادب سان چاھ رکدڙ نوجوانن لاءِ تحفي طور پيش ڪري رهيو آهيان . هميشه کان ڪتاب اڪيلائي جپو ساٿي رهيو آهي . ڪتاب مذهبي ، ادبي ، سماجي ، اخلاقي “ شاعري ، قصن ، ڊرامن ، ناولن ، ڪهاڻين ، ترجمن ، سفر نامن وغيره تي لکيا ويا آهن انهن ڪتابن جا نالا اوهان جي سماعتن جي نظر ڪري رهيو آهيان جيڪي ادارن ۾ تسليم ٿيل آهن  جن ۾  شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري جي  ڪتاب جو رسالو  آهي . ڪتاب “بارش سوچي ٿي” ايوب کوسو . ڪتاب “ ڪيڏارو جامع ۽ محقق ” مخدوم صالح ڀٽي  . ڪتاب “ لطيفي لهرون ”علي نواز جتوئي . ڪتاب “ بهادر گڏيا بهادرين ” سائين جي ايم سيد. ڪتاب “ڀوءَنر ڀري آڪاس ” نامياري شاعر شيخ اياز . ڪتاب “ مورن اچا ڳاٽ ”  طارق عالم ابڙو  . ڪتاب پيغام لطيف جو ليکڪ سائين جي ايم سيد آهي . ڪتاب “ يادگيريون ۽ رهاڻيون ” هري رام ڏيا رام ماڙيوالا . ڪتاب “جهڙا گل گلاب جا ” جو مصفنف غلام نبي آگرو . ڪتاب “مٺا ڀاءُ ” ولي رام ولڀ ڪتاب “لهري لهري ۾ لالاڻ ” استاد بخاري ، ڪتاب “ ناني سفوران ” جاويد عباسي ، ڪتاب “ باب الحڪمت ۽ عرف حڪمت جا هيرا ” حڪيم صالح محمد لاکو .، ڪتاب “ سدا سرها گل ” آزاد قاضي ، نثر ۽ نظم جو ڪتاب “قصو دلوراءِ ” آخوند عبدالرحيم ، اشتياق ۽ معنائن تي ڪتاب “ ڪاشف العموض ” آخوند فتح محمد ، افسانن تي مبني ڪتاب “ رني ڪوٽ خزانو ” عبدلجبار جوڻيجو ، ڪتاب “ ويچار ” ممتاز مهر ، ڪتاب “ سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج ” ڊاڪٽر الھداد ٻوهيو ، ڪتاب تحت الڪرام ” مير علي شير قانع ، سنڌي ۾ غزل جو پهريون ڪتاب “ آخوند گل محمد ، ڪتاب “ شاھ لطيف جي شاعري ”  تنوير عباسي ، خطن تي مبني ڪتاب “ ڪاڪ ڪڪوري ڪاپري ” شيخ اياز ، ڪتاب “اڀر چنڊ پس پرين ” شيخ اياز ، ڪتاب “ سورن جو ثمر ” پنهل فقير مهر  ،  ڪتاب “ ٻيلاين جا ٻول ” نبي بخش بلوچ ، ڪتاب “ گھاون مٿان گل ” زاهد شيخ ، ڪتاب “ اڏاڻا احساس ” ڪوثر ٻرڙو ، ڪتاب “ سنڌي گلدستو ” شيخ نياز محمد ، ڪتاب “ تر ورا ” تنوير عباسي ، ڪتاب “ هي به هڪ زندگي آ”آنند ٽهلراماڻي ، ڪتاب“ قوم چوي ٿي ٻول ”تاج جويو ، ڪتاب “ محمد هاشم عرف ميوه خان ،  ڪتاب “ مذبوح ڪربلا ”  ڪتاب “  وڻٻجاريون ” عبدالڪريم پلي ، ڪتاب  سيف الملوڪ ” آخوند عبدارحيم وفا ، ڪتاب “ تنقيدون ”  الهداد ٻوهيو ، ڪتاب “پڪو پھ ” غلام علي الانا “  ڪتاب پنهل کان پوءِ ” شيخ اياز، ڪتاب “ ڄٽ ڄاموٽ ڄامڙا ” علي محمد بروهي ،  ڪتاب “ آديسين ادب ” پروين موسي! ميمڻ ، ڪتاب “لطف الطيف ” مولانا دين محمد وفائي ، ڪتاب “ هوائن جي آڌار ” فهميده حسين ، ڪتاب  “ تذڪره شعراءُ ٽکڙ ” اسدالله شاھ بيخود ، ڪتاب “ منهنجي آتم ڪهاڻي ” عمر بن محمد دائود پوٽو ، ڪتاب “ تذڪره مشاهير سنڌ ” مولانا دين محمد وفائي ، ڪتاب “ ڌرتي جا گيت ” نيا ز همايوني ، ڪتاب“ سڏن مٿي سڏڙا ”علي محمد بروهي ، ڪتاب “ گيت اسان جا جيت اسانجي ” استاد بخاري ، ڪتاب “ سورج هوندي مرجھايل ” نجم عباسي ، ڪتاب “ سنڌي ادب جو مختصر جائزو ” اڪبر لغاري ، ڪتاب “ شاھ جي رسالي جو مطالعو ”  مولانا دين محمد وفائي ، ڪتاب “  سنڌي صحافت جي ارتقا ” عزيز الرحمان ٻگھيو،  ڪتاب “ سومرا راڄ گھراڻو” ڊاڪٽر عبدالحق ، ڪتاب“  دل اندر درياھ ” مدد علي سنڌي ، ڪتاب “ ولولو ۽ ووڪ ”  استاد بخاري ، ڪتاب “ تذڪره شعراءِ لاڙ  ” سومار شيخ ، ڪتاب “ ملاوت جا ماهر ” ڊاڪٽر نواز علي شوق ، ڪتاب “  رنگ رتا پيچرا ” سوز هالائي ، ڪتاب “ زناني تعليم ”  ديوان ڪوڙو مل ، ڪتاب “ ٽيون وجود ” امر جليل ، ڪتاب “ هٿ جي وڍي ”عبدلوهاب سهتو ،  ڪتاب “  لا ڊڪشنري ” مشتاق مسرار ، ڪتاب “ چنڊ جا تمنائي ” آغا سليم ، ڪتاب “ نصيحت ڀريون ڪهاڻيون ”  محمد عثمان ڏيپلائي ، ڪتاب “ پاڪستان جا پراڻا  شهر ” سومار شيخ ، ڪتاب “ جديد دور جو سنڌي ميهار ”در محمد خاڪ صديقي ، ڪتاب “سمونڊ ٿو مونکي سڏي ” ڪتاب “ گل ” ديوان ڪيولرام آڏواڻي ، ڪتاب “ تو سنگ تو بن ڏينهڙا ” محمود مغل ، ڪتاب “  انڌا اونڌا ويڄ ” رسول بخش پيلجو ، ڪتاب “ واچوڙن ۾ واٽ ” قمر شهباز ، ڪتاب “ دولھ دريا خان ” چنا شبير ناز ، ڪتاب “ پن ڇڻ ۽ چنڊ ” آغا سليم ، ڪتاب “ گل نوبهار ” جمعا خان غريب ، ڪتاب “  لنواري جا لال ” ڊاڪٽر  گر بخشاڻي ،  ڪتاب “ سچ تان صدقي ” لال چند امر ڏنو مل ، ڪتاب “ موج نه سهي مڪڙي ” الطاف شيخ ، ڪتاب “ ماڪ ڀنا رابيل ” نارائڻ شيام ،. ڪتاب “ تاريخ باب السلام اسنڌ ” حبيب الله صديقي ، ڪتاب “ ٻاروچي ٻولي ” نجف علي شاھ ڪمتر نقوي . ڪتاب “  ڪيئي ڪتاب ” ڪريم بخش نظاماڻي ، ڪتاب “ وڏو سنڌي ويا ڪرڻ ”  ڪاڪو ڀيرو مل ،  ڪتاب “ مگر تون مان نه هونداسين ” اسحاق راهي ،  ڪتاب “ ملھ ۽ ملاکڙو ” محمد عثمان ڀٽي ، ڪتاب “ ڪنوار جي سيج ” خليل جبران ، ڪتاب “ سر ڪيڏارو ”  منظور قناصرو ، ڪتاب “  خير پور جي ميرن جو ادب ، سيا ست ۽ ثقافت ۾ حصو ” ڊاڪٽر عطا محمد ، ڪتاب “ ڌرتي دين ڌرم ” براهيم منشي ، ڪتاب “  ورق وق وجود ” علام حسين رنگريز ، ڪتاب “سنڌ سياحن جي نظر ۾ ” ميمڻ عبدلمجيد سنڌي ، ڪتاب “ اکيون مينگھ ملهار ” خديجه شيخ . ڪتاب“ بلو کوکر ”صاهٻ سنگھ شاهاڻي ، ڪتاب “ ڪک هيٺان لک ” ڪريم ڏنو راڄپر . ڪتاب “ ٿڪل جذبن جو موت ” مشتاق احمد شورو . ڪتاب “ داس واديون “ حميده سنڌي .  ڪتاب “غلامي آزادي جا عبرتناڪ نظارا ”محمد صديق ميمڻ . ڪتاب “ ٻه گونگيون ” گل هالائي “ڪتاب “ سنڌي  راڳ ۽ تال ” منظور نقوي . ڪتاب “ پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون ”مرزا قليچ بيگ . ڪتاب “ڪمال ۽ زوال ” حڪيم فتح محمد سيوهاڻي . ڪتاب “ تاريخ طاهري ” طاهر محمد نسياني ٺٽوي . ڪتاب“ سنڌو ماٿري جي سڀيتا ” محمد ادريس صديقي . ڪتاب “ سڪل گل ڀڳل چوڙيون “ ناز تنيو . ڪتاب “مقدمه لطيفي ” ڊاڪٽر گر بخشاڻي . ڪتاب “ جنب گذاريم جن سين ” سائين جي ايم سيد . ڪتاب “ زندگي جو تنها مسافر ” طارق اشرف . ڪتاب “ شيطان ”طالب المولا . ڪتاب “ڪلياڻ حيدري ” مرزا قنبر علي حيدري . ڪتاب “ ادب ۽ تنقيدون “ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل . ڪتاب “ سامي سنديون سپون ” عبدلڪريم سنديلو . ڪتاب “ ڪتا ۽ ٻليون ” آخوند عبدلرحيم وفا . ڪتاب “ جڏهن تون کلين ٿي ” نزار قاباني . ڪتاب “ اونهي ڳاله اسرار جي ” جمال ابڙو . ڪتاب “ تحفظ سنڌ ” فاضل راهو . ڪتاب “ گروهڙي جون پشنگويون ” مخدوم بشير احمد . ڪتاب “مشاهير الا سلام ” مولوي عبدالرحيم منگي . ڪتاب “آدرش رنگ” درمحمد پٺاڻ.  ڪتاب“ سنڌ جا زيور”محمد سومار شيخ. ڪتاب “ ماڃر ڪڪرالي ۽  کاري  جي ٻولي ” ڪتاب روح لطيف “ رشيد احمد لاشاري . ڪتاب “ سنڌ جي مڇي ” ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ . ڪتاب “ جمال حبيب ” فقير محمد اسماعيل ٺٽوي ” ڪتاب “ سون برابر سڳڙا ” انور فنگار هڪڙو . ڪتاب “لهو جو ڪفن ” خدابخش آزاد سميت ڪيترائي ٻيا ڪتاب شامل آهن . پر هي منهنجي هن مضمون جو پهريون حصو آهي ۽ هن مضمون جو ٻيو  حصو به اوهان پڙهندڙ جي ضرور نظر ڪندس هي هڪ منهنجي ننڍڙي ڪاوش آهي جنهن کي سهيڙي اوهان هٿن ۾ اخبار جي معرفت پهچايو آهي ته جيئن معاشري ۾ ڪتابن جي پڙهڻ جو شوق برپا ٿئي ۽ مارڪيٽ ۾ موجود ڪتابن جي خريداري ٿئي ته جيئن ليکڪن جي همت افضائي ٿئي اڄ ڪلھ ماڻحون جوا ، نشي ۽ فحاشي جي طرف وڌي رهيا آهن اگر ڪو انقلاب آڻڻو آهي ته اسان کي ڪتابن جو سهارو وٺڻو پوندو نه ته ٻي  صورت معاشري ۾ وڌيڪ بگاڙ پيدا ٿي سگھي ٿو . ( جاري )

 

اڳوڻي صدر جو چئلينج….!

اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ وزير ٻڌي ڇڏين ته وقت بدلجندي دير ناهي لڳندي، حڪومت ۽ سندن وزيرن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته نيب چيئرمين ۾ جرئت ناهي جو مون خلاف ڪيس ٺاهي سگهي، وقت هميشه هڪ جهڙو ناهي رهندو، ايئن نه ٿئي جو ڪنهن کي سيف الرحمان جيان منهنجي پيرن تي ڪرڻو پوي، پوري دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن، پهريان به فوجي عدالتن ۾ ٻن سالن جي واڌ ڪئي وئي هئي، فوجي عدالتن جي مدت متعلق اسان جون تجويزون ڪجهه دوستن کي پسند نه آيون، فوج اسان جي ڪارڪنن جي قاتلن سان وڙهي رهي آهي، بلاول ۽ منهنجو هن ئي پارليمينٽ ۾ اچڻ جو ارادو آهي، پاناما ڪيس جي فيصلي جو مونکي به انتظار آهي، حسين حقاني بابت پڇيل سوال تي  سندس چوڻ هو ته مونکي نٿو لڳي ته حسين حقانيءَ ايئن چيو آهي ۽ ان کي اهو اختيار به نه هو، حسين حقاني ۽ اسان جي سوچ ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي، حسين حقاني ۽ منهنجي ملاقات نه ٿي ۽ نه ٿيندي آهي، مونکي ان وقت جيڪو ڪم حسين حقاني کان وٺڻو هو اهو هن ڪيو، اسامه بن لادن جهڙو اشو اسان جي سامهون آيو، پارليامينٽ ان اشوءَ جو مقابلو ڪيو نه ته خبر ناهي دنيا اسان سان ڇا ڪري ها، سرتاج عزيز پنهنجي ڪتاب ۾ ڪارگل جو ذڪر ڪيو آهي، پارليامينٽ ۽ ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جو فيصلو هيو ته ايبٽ آباد رپورٽ کي عام ڪرڻ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، اڄ جي حڪومت ان کي عام ڪرڻ چاهي ٿي ته ڀلي ڪري. نيويارڪ جي اڳوڻي ميئر ۽ ڪجهه ٻين شخصن سان ملي آيو آهيان، اسان کي باراڪ اوباما مان وڏيون اميدون هيون، اوباما ان معيار تي نه پهچي سگهيو جيتري اسان کي اميد هئي، مونکي آمريڪا ۾ انٽري نه گهرجي، مان رڳو واپاري لاڳاپا چاهيان ٿو، ريپبلڪن جي پنهنجي لابي ۽ سوچ آهي اسان کي انهن کان به ڪم وٺڻو آهي، مونکي اهڙو ڪو ڪم ناهي ڪرڻو رڳو آمريڪين کي سمجهائڻو آهي، اوباما به ڊسڪس نه ڪيو ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، مون نواز ليگ جي نه پر جمهوريت جي سپورٽ ڪئي آهي، 2013ع جي عام چونڊن جي نتيجن کي به نه مڃيو هو، هاڻي سڀني مڃي ورتو آهي ته آر او اليڪشن هئي، رڳو جمهوريت لاءِ قرباني ڏني، نه پيو چاهيان ته ڪوئي اچي ۽ چوي ته توهان کان جمهوريت به سنڀالجي نٿي سگهجي، سوئس اڪائونٽ ۾ جيڪڏهن پئسا آهن ته اهي ڪنهن پرڏيهي جا هوندا پاڪستان جا نه هوندا، ڪوبه سياستدان ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اڪائونٽ نٿو کولي سگهي صرف ميان صاحب کولي سگهي ٿو،