تازيون خبرون

Daily Archives: March 22, 2017

قومي اسيمبلي مان پاڪ آرمي ترميم بل 2017 منظور، اپوزيشن ۽ جي يو آءِ (ف) ترميم رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اڄوڪي ٿيندڙ اجلاس ۾ فوجي عدالتن ۾ واڌ ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي بلن تي ووٽنگ ڪرائي ويندي، ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي، قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيندڙ بلن ۾ ترميمون قانون واري وزير زاهد حامد پيش ڪندو، چار نڪاتي ايجنڊا ۾ 28 هين آئيني ترميم سان گڏ منظوري شامل آهي جڏهن ته پاڪستان آرمي ايڪٽ ترميم 2017ع به منظوريءَ جي لاءِ پيش ڪئي ويندي، ٻنهي بلن ۾مخالف ڌر جون تجويز ڪيل نڪتا به شامل آهن، قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي قرارداد جي منظوري کي ايجنڊا جو حصو ناهي بڻايو ويو.36

 

ڳجهي ڊيل تي يقين نٿو رکان، الله ان لاءِ هميشه سرخرو ڪيو: نوازشريف 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته 2007 ۾ پرويز مشرف اندر هينڊ ڊيل ڪرڻ چاهي، مون انڪار ڪري ڇڏيو، وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وزيراعظم ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف مون سان انڊر هينڊ ڊيل ڪرڻ لاءِ سڌيءَ ريت پيغام موڪليو ته اهو معاملا طئي ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو پر مون انڊر هينڊ ڊيل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڳجهي ڊيل تي يقين نٿو رکان، الله ان لاءِ هميشه سرخرو ڪيو، وزيراعظم چيو ته اسان خراب حالتن ۾ پاڪستان مان ويا هئاسين، زبردستي موڪليو ويو، واپس به اچڻ چاهيندا هئاسين پر اچڻ نه ڏنو ويو، اڄ مشرف چاهڻ باوجود پاڪستان نٿو اچي سگهي، اهو ئي عملن جو نتيجن آهي، نواز شريف پارلياماني اڳواڻن کي هدايت ڪندي چيو ته پنهنجي پارلياماني ذميداري ادا ڪرڻ لاءِ اڄ پارليامينٽ ۾ حاضري کي يقيني بڻائين، موجوده دور ڏکيو هيو، پر چئلينجز کي قبول ڪيو، 1999 وارو دور ناهي ۽ گذريل 4 سالن ۾ ڏاڍي محنت ڪرڻي پئي، ن ليگ جي پارلياماني اجلاس ۾ چئني صوبن جا دورا ڪرڻ جو اعلان ڪندي پارليامينٽ ميمبرن کي هدايت ڪئي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ڀرپور طريقي تياري ڪئي وڃي، نواز شريف جو چوڻ هو ته تبديلي جو نعرو لڳائڻ وارن جا نعرا هوا ٿي ويا، ملڪ ۾ اصل تبديلي اسان آندي، جنهن کي پاڪستاني عوام اڄ پاڻ محسوس ڪري ٿو، پارليامينٽ ميمبر مخالفن جي الزامن کي سنجيده نه وٺن ۽ ڀرپور طريقي سان عوامي مسئلن تي ڌيان ڏين، اسان هر امتحان ۾ سرخرو ٿينداسين.

 

پاڪ-برطانيا جو سيڪيورٽي، دهشتگردي ، منشيات ۽ اميگريشن تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برطانوي گهرو وزير چيو آهي ته اها ايم ڪيو ايم باني جي معاملي تي پاڪستان جي ڳڻتي سمجهي ٿي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم سربراهه تي ڪيس ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وينديون، برطانوي گهرو وزير جو چوڻ هو ته اهو پوليس ۽ سي پي ايس جو معاملو آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته اهي صحيح اپاءَ وٺندا، گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته ان معاملي تي ڪنهن به سطح تي اختلاف راءِ ناهي، هن جو چوڻ هو ته ان اشوءَ تي شفاف تحقيق سان متعلق بريفنگ تي مطمئن آهي. اسلام آباد ۾ گهرو وزير چوڌري نثار برطانوي گهرو وزير امبرروڊ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ جي ڳالهين ۽ معاهدن تي تمام گهڻو مطمئن آهي، هن جو چوڻ هو ته برطانيا سان پاڪستان جا مستحڪم تعلق آهن، هن چيو ته اسان وچ ۾ اهڙا ڪي به مسئلا نه آهن جيڪي ٻن ملڪن جي لاڳاپن ۾ رڪاوٽ وجهن، برطانوي گهرو وزير سان گڏ خوشگوار، مثبت ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهيون ٿيون، سيڪيورٽي، دهشتگردي ٽوڙ، منشيات ۽ اميگريشن تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو. چوڌري نثار چيو ته برطانوي گهرو وزير سان رابطن جي ڏي وٺ جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيون آهن، برطانيا سان ٻن معاهدن تي صحيون ٿيڻيون آهن، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي نڪته نظر کي سمجهو آهي، ٻنهي ملڪن گڏيل مسئلن کي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اميد ڪئي پئي وڃي ته برطانوي عملدار اڳتي به پاڪستان جو دورو ڪندا رهندا.

 

وڏي وزير ٻھراڙين جي اسڪولن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاڻيءَ جي مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي بحران شدت اختيار ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي پاڻي ۾ 50 سيڪڙو ڪوٽا گهٽ ڪئي وئي آهي، وفاق کي مسلسل خط لکيا آهن ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪيو وڃي، اميد آهي ته وفاق اسان جي مسئلي کي حل ڪندو، پهريون ڀيرو ايئن ٿيو آهي ته پاڻي ذخيرو ڪندڙ ٻن وڏن ڊيمن ڊيڊ ليول تي اچي ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن وزيراعليٰ هائوس جي بينڪيوٽ هال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. پريس ڪانفرنس ۾ صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، ڄام خان شورو، ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، انور سيال ۽ ٻيا سندن گڏ هئا. هن چيو ته سنڌ ۾ خريف جي پوکي پهريان شروع ڪئي ويندي آهي، پاڻي جي صورتحال بابت وفاقي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي خط لکيا آهن پر بدانتظاميءَ جي انتها آهي ته منگلا ڊيم کي به خالي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻه سال اڳ 61 بلين سيڪٽر فٽ پاڻي هو. هن وڌيڪ چيو ته سڀ کان وڌيڪ سنڌ پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار آهي ۽ سنڌ جي آبادگارن کي پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. سنڌ صوبي ۾ پاڻيءَ جي سطح تيزيءَ سان گهٽجي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته تربيلا ۾ پاڻيءَ جي سطح گهٽجي وئي آهي ۽ جنهن کي وقت تي نه ڀريو ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي پاڻيءَ جي بحران بابت تفصيلي خط سڀاڻي موڪليو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جو شديد بحران ٿيڻ وارو آهي ۽ وفاق سنڌ ۾ پاڻيءَ جو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪپهه جو پوکي آڳاٽي ڪئي ويندي آهي، آبپاشي کاتي تربيلا ڊيم کي ڀرڻ لاءِ خط به موڪليا هئا، جڏهن اضافي پاڻي هو تڏهن تربيلا ڊيم کي نه ڀريو ويو. هن چيو ته پاڻيءَ جي ورهاست تي وفاقي ادارن تي ڪنهن به قسم جو ڀروسو نه آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪيترائي ڀيرا پاڻيءَ ۽ بجليءَ واري وفاقي وزارت ڏانهن ڌيان ڇڪرايو آهي ته تربيلا ڊيم ۾ 6 فٽ پاڻيءَ جي سطح سنڌ جي پوڇڙيءَ واري علائقن ۾ ڪپهه جي پوکيءَ لاءِ ڪم ايندي آهي. ان موقعي تي وڏي وزير صوبائي وزير کي هدايت ڪئي ته آبادگارن سان گڏجي اجلاس منعقد ڪيو وڃي ته جيئن مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪنهن جي خلاف ڪو ڪيس آهي ته قانون مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عدالتي حڪمن جي خلاف ڀڃڪڙي ڪرڻ تي نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته اسان عدالتن جو احترام ڪندا آهيون ۽ صوبي مان ڪرپشن جو خاتمو چاهيون ٿا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته شرجيل ميمڻ کي ٻيهر ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ منهنجو معاملو آهي. هن چيو ته وزارت پاڻي ۽ بجلي جي ڪارڪردگي اها آهي ته بجلي ۾ ڇا ڪيو ۽ پاڻي لاءَ ڇا ڪري رهيا آهن، اهڙي رويي تي مان سخت احتجاج ڪريان ٿو. هن چيو ته مون ٻه ڏينهن اڳ چيو هو ته اسان کي فورس نه ڪيو وڃي ته مرڪز جا جيڪي ادارا سنڌ سان زيادتي ڪري رهيا آهن انهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪريان. هن چيو ته اسان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ته جيڪو ڪجهه بهتر ڪري سگهون، اسان روٽيشن مڪنيزم هلائينداسين ۽ آبادگارن کي به اطلاع ڪئي ويندي ته پنهنجي پوکيءَ ۾ دير ٿي سگهي ته کين اعتماد ۾ وٺنداسين. هن چيو ته ايريگيشن مامرن تي تفصيلي خط وفاقي حڪومت کي لکي رهيو آهيان جيڪو سڀاڻي موڪليو ويندو، ان خط ۾ پاڻيءَ جي معاهدي جي ڀڃڪڙي، ريگيوليشن ڊيمن جي فلنگ صحيح نه ڪرڻ، جيڪي لنڪ ڪينالز بنا ڪنهن اصولن جي هلايا پيا وڃن، ڊيمن جي ريگيوليشنز واپڊا کان ورتي وڃي، واپڊا وفاقي ادارو آهي ان اداري جا جيڪي ڪرتا ڌريا آهن اهي وزيرن جي به ناهن مڃندا، وزير هڪ ڳالهه ڪندو آهي ۽ اهو ادارو ٻي ڳالهه ڪندو آهي. هن چيو ته منسٽر صاحب ونڊ پاور جي اجازت ڏيندو آهي ۽ ادارو ان جي اجازت ناهي ڏيندو. هن چيو ته ڊيمن جي ريگوليشن ارسا ڪندو آهي پر مان اهو چوندس ته واپڊا ڪندو آهي، جيڪا سنڌ ۽ بلوچستان حوالي ڪئي وڃي تڏهن ئي ڀروسو ۽ اعتماد ٿيندو. واپڊا وفاقي ادارو آهي پر اسان جو ان تي اعتماد گهٽ آهي. هن چيو ته تربيلا جو 2015 ۾ ڊيڊ ليول 1380 فٽ هو، 2016 ۾ 1462 مطلب ته 62 فٽ ۽ 20 فٽ جن مان اسان کي پاڻي شروعاتي خريف ۾ ملندو هو. ان کان هڪ سال پهرين 1447، ان بعد 1441 ۽ ان بعد 1406 پاڻي هو ۽ هن وقت زيرو آهي. اسان وٽ پاڻي نه آهي ته اسان شروعاتي خريف لاءِ استعمال ڪيون ۽ اها ئي انهن جي مس مئنيجمينٽ آهي. هن چيو ته منگلا ڊيم ۾ پنهنجي ڊيڊ ليول 1440 تي اچي ويو آهي ۽ ٻيو ته منگلا ڊيم ۾ تربيلا ڊيم کان پهرين برسات جو پاڻي گڏ ڪيو ويندو آهي ۽ اسان سدائين چوندا آهيون ته سنڌ کي پاڻي شروعاتي خريف ۾ ضرورت هوندي آهي انڪري ذخيرو ڪرڻ کان اڳ سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي جيڪو ناهي ڏنو ويندو. هن چيو ته مان ٻيهر مطالبو ڪندس ته ريگيوليشن سنڌ ۽ بلوچستان جي حوالي ڪئي وڃي ۽ بلوچستان اسان وانگر ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اهي پاڻي اسان جي بئراجن مان وٺندا آهن. هن چيو ته منگلا ڊيم کي ڀرڻ بدران ان جو پاڻي ڊائون اسٽريم سنڌ يعني ڪوٽڙي بئراج ڏانهن موڪليو وڃي ۽ گهرج به پهرين ڪوٽڙي بئراج کي آهي. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته وفاقي حڪومت به سنڌ جي ڳالهه ٻڌندي، سنڌ جي آبادگارن ۽ سڄي صوبي جي زرعي معيشت جو انحصار ان تي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آبپاشي کاتي کي هڪ هفتو جو وقت ڏنو آهي ته سي سي آءِ لاءِ ڪيس تيار ڪري، پاڻيءَ جو مسئلو سي سي آءِ ۾ اٿارڻو آهي. هن چيو ته مون کي اها به خبر ملي آهي ته سنڌو درياهه مان پاڻي پهرين ئي چشما جهلم ڪينال ۽ تونسا پنجنت ڪينال ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ پنجاب جي اندر ٻيا ٻه لنڪ ڪينال بڻايا ويا آهن ۽ هُو سمورو پاڻي اوڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته وڌيڪ ٻه لنڪ ڪينال ٺاهڻ جي رٿابندي ۽ فزيبلٽي تيار ڪري رهيا آهن ۽ جيڪو ايئن نه ٿا ڪري سگهن ڇاڪاڻ ته اسان جي آئين ۾اهو موجود آهي ته جيڪڏهن پاڻي جي حوالي سان ڪو اسٽريڪچر جوڙيو ته ان لاءِ چئني صوبن کان اجازت وٺڻي آهي، ان لاءِ اسان سي سي آءِ ۾ ان مامري کي اٿارينداسين جيڪو آئيني رستو آهي. هن چيو ته منگلا ڊيم مان اسان کي پاڻي ناهي ملندو. هن چيو ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته پوڇڙيءَ واري آبادگارن سان ظلم ٿيندو رهندو. هميشه آبپاشيءَ جو اصول رهيو آهي ۽ اسان کي اهو ايڊوانٽيج آهي ته پوڇڙيءَ تي هئڻ سبب هر هڪ کي اسان جو خيال ڪرڻ گهرجي، پهرين اسان پوڇڙيءَ جي آبادگارن جون گهرجون پوريون ڪريون ۽ پوءِ اڳتي قدم کنيو وڃي بدقسمتيءَ سان ايئن ناهي ٿيندو. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مونکي هلندڙ سال جي جون مهيني تائين 4100 اسڪولن مان 2500 اسڪول هلندڙ ڏسڻ ۾ اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن تعليم کاتي بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعليٰ هائوس ڪيو. اجلاس ۾ تعليم کاتي جو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، چيئرمين پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ محمد وسيم، تعليم ۽ خواندگي کاتي جو سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي، ناڻي کاتي جو سيڪريٽري سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي تعليم کاتي آگاهي ڏيندي چيو ته تعليم جي شعبي ۾ 7 ڪروڙ 90 لک روپين تي مشتمل 351 منصوبا شامل آهن، جنهن مان 140 منصوبا هلندڙ ۽ 211 نوان منصوبا آهن جڏهن ته هلندڙ سال 13 بلين روپين جا منصوبا پڻ تجويز هيٺ آهن. جنهن تي وڏي وزير چيو ته اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ بابت شڪايتون آهن. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ترجيحي بنيادن تي نينگرين جي اسڪولن کي پهرين مرحلي ۾ جڏهن ته ٻئين مرحلي ۾ بوائز اسڪول جي سهولتن کي پورو ڪيو وڃي. هن چيو ته سڀني اسڪولن ۾ پاڻي جي سهولتن سميت واش روم ۽ چوديواري ڀتون لازمي هجڻ گهرجن. بجيٽ موجود آهي، اسڪولن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گهڻي لوڊشيڊنگ آهي، نون اسڪولن ۾ بجلي جي ڪنيڪشن وٺڻ بدران شمسي توانائي جو بندوبست ڪيو وڃي. اسڪولن ۾ فقط پنکن ۽ هڪ ٻه لائٽن جي ضرورت آهي. وڏي وزير وڌيڪ تعليم کاتي کي هدايتون ڏيندي چيو ته اوهين شمسي توانائي جو بندوبست ڪريو. اها وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته 45000 هزار اسڪولن مان اڌ کان وڌيڪ اسڪولن ۾ بجلي ميسر ڪونهي. جنهن تي وڏي وزير کي تعليم کاتي پاران ٻڌايو ويو ته جنهن اسڪولن ۾ بجلي جا ڪنيڪشن موجود آهن انهن ۾ اسڪول جي وقت ۾ لوڊشيڊنگ ٿيڻ سبب اڪثر بند رهن ٿا. جنهن تي وڏي وزير چيو ته اسڪول هيڊماستر جي ڊيوٽي لڳائي وڃي ته اهي اسڪول جي بجلي جي بلن جي صحيح نگراني ڪندي اسڪولن جي مانيٽرنگ کي يقيني بڻائين. جيڪي هيڊ ماستر ڪم نه ٿا ڪن انهن کي اي سي آر (ACR) ۾ شڪايتون درج ڪيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اسڪولن تي بجلي جا ڪوڙا بل ٿاڦي وڏا بل لڳايا وڃن ٿا، جنهن ني نگراني لازمي ٿيڻ گهرجي. تعليم کاتي آگاهي ڏيندي چيو ته هن وقت 4100 اسڪول بند آهن جنهن کي هلائي سگهجي ٿو ۽ 1700 غير قابل عمل اسڪول شامل آهن. جنهن تي وڏي وزير تعليم کاتي کي ٽارگيٽ ڏيندي چيو ته مون کي هلندڙ سال جي جون مهيني تائين 4100 اسڪولن مان 2500 اسڪول هلندڙ ڏسڻ ۾ اچن. ۽ وڌيڪ چيو ته جيڪي غير قابل عمل اسڪول آهن انهن کي مڪمل طور بند ڪري اسڪولن جي فهرست مان ڪڍيو وڃي. غير قابل عمل اسڪولن جي عمارتن جي سارسنڀال لهڻ ۽ انهن کي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ آندو وڃي. وڏي وزير وڌيڪ تعليم کاتي کي هدايتون ڏيندي چيو ته تعليم کاتي کي اڃان گهڻو ڪم ڪرڻو آهي مثلاً اسڪولن کي باقائده هلائڻ، انرولمينٽ جي طريقيڪار ۾ سڌارو آڻڻ، تعليم جي معيار ۾ بهتري ۽ اسڪولن جي انتظاميه کي مؤثر ۽ قابل عمل ڪرڻ شامل آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ننگرپارڪر جي 350 اسڪولن ۾ شمسي پينل لڳايا ويا آهن، انهن مان 95 سيڪڙو اسڪولن کي ڪاميابي سان بجلي ميسر آهي. اهي شمسي پينل 2015 ۾ لڳايا ويا هئا. جنهن تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته جن اسڪولن ۾ بجلي جي سهولت ميسر نه آهي انهن کي سولر پينل لڳائي ڏنا وڃن.

 

پاڪستان کي قائداعظم ۽ علامه اقبال جي تصور موجب بڻايو ويندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ دهشتگردي خلاف ڪامياب جنگ وڙهي ٻڌي سان گڏ پنهنجي منزل ڏانهن گامزن آهيون سفر ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن تن سالن ۾ دهشتگردي خلاف ڪامياب جنگ وڙهي مريم اورنگزيب يوم پاڪستان جي حوالي سان تصويري نمائش جي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪ فوج ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي مريم اورنگزيب چيو ته اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي صحت ۽ تعليم جون سموريون سهولتون موجود هجن تصويري نمائش جو مقصد شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسڪولن جا ٻارڙا ۽ سمورن زندگي جي شعبن جا ماڻهو ان تصويري نمائش مان تاريخ جو اندازو لڳائي سگهن ٿا هن چيو ته اسڪولن جي ٻارڙن کي هتي آڻڻ گهرجي ته جيئن انهن کي پنهنجي وڏڙن جي قربانين جي خبر پئجي سگهجي هن چيو ته تصويري نمائش ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ عورتن جي ڪردار کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قائداعظم اهو پاڪستان ٺاهيو هو جتي تعليم ۽ صحت ۽ سموريون سهولتون ميسر هيون قائداعظم جو مقصد علامه اقبال جي خواب مطابق پاڪستان ٺهندي ڏسي رهيا آهيون هن چيو ته گذريل ٽن سالن کان دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان ٺاهي رهيا آهيون.

 

شهيد اسان جا هيرو آهن انهن جون قربانيون ضايع وڃڻ نه ڏينداسين : آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته شهيد اسان جا هيرو آهن انهن جون قربانيون ضايع وڃڻ نه ڏينداسين. آءِ ايس پي آر مطابق چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه شهيد ڪيپٽن جنيد جي گهر ان جي والدين سان ملاقات لاءِ ويا هئا، ان موقعي تي هن شهيد جي قرباني کي ساراهيو ۽ پاڪ فوج جي تمام شهيد جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو، هن چيو ته ڪيپٽن جنيد صوابي ۾ شدت پسندن سان وڙهندي شهادت ماڻي هئي،

 

ايندڙ چونڊ مهم ۾ لاهور مرڪز هوندو، ٻڌائينداسين ته اليڪشن ڪيئن وڙهبو آهي: آصف زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي صدر آصف زرداري سان پ پ پنجاب پارلياماني پارٽي اڳواڻن ملاقات ڪئي آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري پنجاب مان چونڊيل ميمبرن کي عام چونڊن جي تيارين جي هدايت ڪري ڇڏي، آصف زرداري چيو ته پنجاب ۾ اچي ويهي رهيا آهيون، جنهن وقت جو انتظار هيو اهو اچي ويو آهي، هن چيوته پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ عوام سان رابطو ڪريو، چونڊن ۾ مقابلو ڪنداسين، اڳوڻي صدر چيو ته ايندڙ چونڊون ڀرپور انداز ۾ وڙهنداسين، گذريل چونڊن ۾ اسان کي وڙهڻ نه ڏنو ويو هو، ايندڙ چونڊ مهم ۾ لاهور مرڪز هوندو، سڄي ملڪ ۾ ويندس پر واپس موٽي لاهور ايندس، هن چيو ته ٻڌائينداسين ته اليڪشن ڪيئن وڙهيو ويندو آهي.

 

ڪوريا پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي مختلف منصوبن لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ناڻي جي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪوريا پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي مختلف منصوبن لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي، ايندڙ وقت ۾ پاڪ ڪوريا گڏيل رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، سافٽ ويئر پارڪ جي قيام سان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي کي ترقي ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هو اڱاري تي اسلام آباد ۾ انفاميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام جي حوالي سان ڪوريا جي ايڪسپورٽ، امپورٽ بينڪ ۽ حڪومت پاڪستان ۾ اڪنامڪ ڊولمينٽ ڪو آپريشن فريم ورڪ تحت قرض جي فراهمي جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ واري تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، ان موقعي تي ٽي ايس اي ڊي ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن سميت ڪوريا جي سفارتخاني ۽ ايگزم بينڪ ڪوريا جي اعليٰ آفيسرن به شرڪت ڪئي، هن چيو ته مسلم ليگ ن جي حڪومت پنهنجي گذريل دور ۾ عوامي سهولتن جي حوالي سان عوامي مرڪز قائم ڪيا، جڏهن ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ خاص قدم کنيا ويا، هن چيو ته ڪوريا پاڪستان جو دوست ملڪ آهي جيڪو اسلام آباد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ لاءِ 76.3 ملين ڊالر جو قرض فراهم ڪندو، منصوبي تي گڏيل لاڳت 88.383 ڊالر آهي، سافٽ ويئر پارڪ جي قيام سان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي ۾ مدد ملندي، پارڪ قائم ڪرڻ جو مقصد انفارميشن ٽيڪنالاجي واري شعبي کي هٿي وٺرائڻ آهي، ڇو ته ڊجيٽل پاڪستان وقت جي اهم ضرورت آهي، ناڻي واري وزير قرض جي فراهمي جي حوالي سان ڪوريا جي حڪومت پاڪستان ۾ مقرر ڪوريا جي سفير ايگزم بينڪ سميت ڪوريا جي عوام جا ٿورا مڃيا. ڪوريا پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ بهتري لاءِ گڏيل اقتصادي ترقي ۾ گڏيل تعاون ڪندو، جنهن سان پاڪستان ۽ ڪوريا جا ٻطرفا لاڳاپا، اقتصادي تعاون ۽ عوام جا عوام سان رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي.

 

هٿيارن جي زور تي اقتدار حاصل ڪرڻ جو زمانو ويو، هاڻي جمهوريت جو دور آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): جي يو آءِ (ف) سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ اسان جي حڪومتي دور ۾ سڀني کان گهٽ ڪرپشن هئي، هن يچو ته هٿيارن جي زور تي اقتدار حاصل ڪرڻ جو زمانو ويو، هاڻي جمهوريت جو دور آهي، جمعيت علماءِ اسلام عوام جي آزادي جي علمبردار جماعت آهي، اسان جي جماعت نوجوانن کي روزگار فراهم ڪندي، هن چيو ته ملڪ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پر قوم جو گزارو پرڏيهي قرض تي آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته اهڙو نظام آڻڻو پوندو، جنهن سان قوم پنهنجي سرمائي جي پاڻ مالڪ هجي.

 

بالي ووڊ فلم سرڪار ٿري 14 اپريل تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نالي واري اداڪار اميتاب بچن پنهنجي فلم سرڪار ٿري سان گڏ پنهنجي اينگري ينگ مين لڪ ۾ واپس اچي ويو آهي اداڪار جي فلم سرڪار 2005 ۾ رليز ٿي هئي ان جو ٻيو حصو 2008 ۾ سرڪار راج جي نالي سان رليز ٿيو جڏهن ته ان فلم جو ٽيون حصو هلندڙ سال 14 اپريل تي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو فلم ۾ اميتاب بچن سان اداڪاره اميت سيد جيڪي شروف ونوج باجپائي ۽ يامي گوتم اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا اميتاب بچن ۽ جيڪي شروف جي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي پنهنجي نئين فلم جي ٽريلر کي مداحن سان شيئر ڪيو ياد رهي ته فلم سرڪار ۾ اداڪار ڪي ڪي کي اميتاب بچن جو پٽ ڏيکاريو ويو هو جنهن کي قتل ڪيو ويو هو جڏهن ته سرڪار راج ۾ اميتاب بچن جي ٻئي پٽ جو قتل ٿيو هو. جنهن کي ان جي پنهنجي پٽ ابيشڪ بچن ادا ڪيو هو. فلم سرڪار ٿري سرڪار راج جي رليز جي 9 سالن کان پوءِ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.