تازيون خبرون

Daily Archives: March 15, 2017

سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ سان مسئلا حل ٿي ويندا؟: صاحب خان ڀٽي

گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌندا پيا اچون ته سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، ان حوالي سان ڪجهه عرصو اڳ خبرون به نشر ٿي رهيون هيون، ماضي ۾ يوٽيوب تي به پابندي لڳائي وئي آهي  پر ان تان به پابندي ڪجهه عرصي کان پوءِ ختم ڪئي وئي، ان کان پوءِ ٽوئيٽر تي به پابندي لڳڻ جو ٻڌو هيوسين پر اڄ ڪلهه فيس بڪ تي به پابندي لڳڻ واريون خبرون گردش ٿي رهيون آهن، جنهن جا به کوڙ سارا سبب ٻڌايا پيا آهن، هڪ طرف سڄي دنيا ۾ فيس بڪ سميت ٻيون کوڙ ساريون ويب سائيٽون بنا ڪنهن رڪاوٽن جي هلي رهيون آهن پر افسوس جو هڪ ٻه ماڻهن جي غلط استعمال سبب اسان جي ملڪ ۾ انهن سروسز تي پابندي لڳائي ويندي آهي، جيڪڏهن حڪومت کي پابندي لڳائڻ ئي آهي ته پوءِ انهن ماڻهن تي لڳائڻ گهرجي جيڪي انٽرنيٽ جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، اڄ جي دور جديد ٽيڪنالاجي اچي وئي آهي پر ان باوجود هتان جي سرڪار اها جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ بدران سوشل ميڊيا تي ئي پابندي لڳائي ڇڏيندي آهي، هن وقت ملڪ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي ته ٻي طرف وري پاڙيسري ملڪن جي سرحدن تي به مختلف وقتن تي ڇڪتاڻ هلندي رهندي آهي پر ان باوجود حڪمران ملڪ ۾ دهشتگردي ختم ڪرڻ بدران سڀ کان وڏو دشمن سوشل ميڊيا کي ئي سمجهي رهيا آهن، جنهن سبب سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ اڄڪلهه پريشان نظر اچي رهيا آهن،

هونءَ ته وڏا وڏا قانون به سوشل ميڊيا لاءِ لاڳو ڪيا ويا آهن پر ان باوجود حڪمرانن جي اها سوچ ته سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي ته اها تمام غلط سوچ آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو سوشل ميڊيا کي غلط استعمال ڪري ٿو ته ان جي ذميواري به صرف ان شخص تي ئي لڳي ٿي، نه ڪي ٻين ماڻهن جي هوندي آهي، هاڻ اهو چوڻ ته سوشل ميڊيا تي گستاخي ٿي رهي آهي تنهن جي ڪري ڪجهه سروسن کي بند ڪرڻو پوندو، اها انهن ماڻهن جي لاءِ به نقصانڪار هوندو جيڪي سوشل ميڊيا جو بهتر استعمال ڪندا آهي، ماضي ۾ به سڄي دنيا ۾ يوٽيوب سروس بحال هئي پر هن ملڪ ۾ يوٽيوب کي بند ڪيو ويو آهي پر ان باوجود هن ملڪ ۾ ماڻهو يوٽيوپ  ويب سائيٽ پروڪسي ذريعي استعمال ڪندا هئا ۽ حڪومت به انهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي هئي، جئين اڄڪلهه پاڙيسري دشمن ملڪ جي فلمن تي پابندي لڳائي وئي هئي جيڪا اڄ تائين برقرار آهي پر ان باوجود به ماڻهو پنهنجي موبائلن ۾ توڙي ڪمپيوٽرز ۾ ٻاهرن ملڪن جا ڊراما ۽ فلمون ڏسندي نظر اڇي رهيا آهن، ڀلي کڻي ڪيبل تي ٻاهرن ملڪن جون فلمون نه هلنديون هجن پر ان باوجود ماڻهو پاڙيسري ملڪ جون فلمون ڏسندا آهن. بهرحال هن وقت يوٽيوب ته هن ملڪ ۾ هلي رهيو آهي پر اهڙيون کوڙ ساريون ويب سائيٽون آهن جن کي بند ڪيو ويو آهي، جنهن جو سبب فحاشي ٻڌايو آهي،

جيڪڏهن واقعي اهڙيون ويب سائيٽون آهن ته ان کي بند ڪرڻ تي ڪنهن کي اعتراض به نه هوندو، ڇاڪاڻ ته هي هڪ اسلامي ملڪ آهي ۽ هن ملڪ ۾ اهڙي ويب سائيٽن کي ڏسڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ اندر سوشل ميڊيا کي جڪڙڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، جنهن سبب مختلف وقتن تي اهي ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو سوشل ميڊيا تي اهي سڀ ڪجهه خبرون شيئر ٿينديون رهنديون اهن جيڪي هتان جي پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ناهن ڏيکاري سگهنديون. ڪجهه عرصو اڳ لاڙڪاڻي ۾ عورت ۽ مرد پوليس اهلڪارن وچ ۾ هڪ ڇوڪري واري معاملي تان هڪ ٻئي سان ڏند چڪ ٿيا هئا ۽ انهن هڪ ٻئي کي گاريون به ڏنيون هيون ۽ اها ويڊيو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو شيئر ٿي هئي ۽ اهڙيون کوڙ ٻيون ساريون ويڊيوز به فيس بڪ تي شيئر ڪيون ويون هيون جيڪي بعد ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڏيکاريون ويون هيون،

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڄ جي هن دور ۾ سوشل ميڊيا غريب عوام جو آواز بڻجي ويو آهي، اهو صرف ان ڪري سوشل ميڊيا کي پذيرائي ملي رهي آهي ته حڪمرانن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ ايترا ته قانون جوڙي ڇڏيا آهن جنهن جي ڪري اهي هڪ دائري اندر قيد ٿي ويا آهن ۽ انهن کي ان دائري کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه اهي ويڊيو ۽ خبرون سوشل ميڊيا تي شيئر ٿي رهيون آهن جيڪي ٻيو ڪو به نه هلائي سگهندو آهي، نائلا واقعو هجي يا وري ماڻهن جي گمشدگين وارو مسئلو سوشل ميڊيا ڀري پئي آهي، هونءَ ته حڪمرانن اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا کي پابند بڻائي ڇڏيو آهي ته هن ماڻهو خلاف به خبر نه آهي، هُن ماڻهو خلاف به خبر نه هلائڻي آهي، مطلب ته اهم شخصيتن جي خلاف جيڪا به خبر هجي اها ناهي هلائڻي، هاڻ جيڪڏهن هن ملڪ اهڙي صورتحال قائم ٿي چڪي آهي اتي فيس بڪ، ٽوئيٽر جيڪڏهن اهڙين خبرن کان ماڻهن کي آگاهه ڪري ته ان ۾ ڀلا ڪهڙو حرج آهي، جيڪڏهن حڪومت اهو سمجهي ٿي ته سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ سان سندن ڪرپشن ۽ سندن ڪرتوت لڪجي ويندا ته اهو شايد ڪڏهن به ممڪن نه ٿي سگهندو، تنهن جي ڪري حڪومت کي گهرجي ته سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ بابت سوچڻ کان اڳ انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي ان جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ مرض هڪڙو هوندو آهي ۽ هتان جا حڪمران علاج ڪو ٻيو ڪندا آهن، مطلب سور مٿي جو آهي ته علاج وري پيٽ جو ڪيو ويندو آهي،

بهرحال حڪمرانن کي دهشتگردي جي خاتمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته بهتر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، هونءَ ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان به چوندو رهندو آهي ته هتان جا حڪمران ڪرپٽ آهن، جيڪي ملڪي ناڻو لٽي ٻاهرن ملڪن ڏانهن اماڻي رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي جن وٽان ملڪ جو لٽيل مال به هٿ ڪيو ويوآهي، ڪجهه سياسي اڳواڻ ته ڀڄي ٻاهرن ملڪن ۾ وڃي پناهه ورتي آهي، ڪجهه سياسي اڳواڻن جون ته خبرون ميڊيا تي به هلنديون رهنديون آهن ته انهن  خلاف  ڪرپشن جي جاچ ٿي رهي آهي،  بهرحال هن وقت  ڪرپشن بابت ڌيان نه ڏنو وڃي اڄ ڪلهه اهي ڪوششون ٿي رهيون آهن  ته جيڪي به فيس بڪ  به حڪمرانن خلاف مهم هلائي رهيا آهن انهن جو آواز دٻايو وڃي ته جئين اهي سک جو ساهه کڻي سگهن. ڀلي کڻي هن وقت ملڪ اندر سوشل ميڊيا تي گستاخي  جو سبب ڄاڻائي بند ڪيو وڃي ته پر ان باوجود به ماڻهو سوشل ميڊيا کي استعمال ڪندا رهندا پر آخر ڇو ؟ حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي، جيڪڏهن ملڪ اندر امن امان قائم نه ٿو ٿئي ته ان بابت سوشل ميڊيا تي بحث ٿئي ٿو ته ان ۾ حڪومت کي ڪهڙي تڪليف ٿئي ٿي، جيڪڏهن ڪو  ادارو  پنهنجا درست فيصلا نه ٿو ڪري ته انهن خلاف ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي، آخر هن ڪيستائين هن ملڪ ۾ مقدس ڳئون وارو نظام هلندو؟ جيڪڏهن عوام  جو آواز دٻائڻو ئي آهي ته پوءِ آخر ڇو چيو ويندو آهي ته هتي عوام کي ڳالهائڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي، تنهن جي ڪري حڪمرانن کي گهرجي ته سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ لاءِ ڪنهن به حساس معاملي کي وچ ۾ نه آندو وڃي ۽ نه ئي اهڙيون پابندين لڳائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن جن سان عوام جا مسئلا گهٽجڻ بدران وڌي وڃي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

آدمشماري هڪ انقلابي قدم آهي..!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

الله جو شڪر ته پاڪستان ۾ اڄ اهو به ڏينهن آيو آهي جو پوري پاڪستان اندر هن آدمشماري جو آغاز ٿي رهيو آهي،مان سمجهان ٿو ته هن وقت جيڪا آدمشماري ٿي رهي آهي انهي آدمشماري ڪرائڻ ۾ سموري ڪريڊٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڏانهن وڃي ٿو.جنهن جي بار بار حڪم ڏيڻ جي حڪومت مجبور ٿي ڪري آدمشماري جي تاريخ ڏئي ڇڏي،جڏهن ته حڪومت ڪيترو وقت پنهنجي انهي ڏنل تاريخ کي مٽائيندي رهي ۽ وس آهر ڪوششون ڪندي رهي ته آدمشماري نه ٿي پر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حتمي فيصلي اڳيان سندس وس نه هليو ۽ آخر طعه  ٿيل تاريخ تي آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو،جنهن ڪري اڄ پوري ملڪ اندر آدمشماري ٿي رهي آهي،آدمشماري جي حوالي سان پاڪستان آرمي به آدمشماري جي مڪمل سپورٽ ڪري ڇڏي آهي، ته پاڪستان آرمي جي ٻه لک جوان به انهي ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اهي پاڪستان آرمي جا ٻه لک جوان اڄ پوري پاڪستان اندر پنهنجي ڊيوٽين کي سرانجام ڏيندا،جن جو ڪم آهي ته هو آدمشماري جي عملي جي تحفظ کي يقيني بڻائن،آدمشماري اسانجو بنيادي حق آهي،جڏهن ته اسين سياسي مسئلن ۾ ايترو ته گهيرجي ويا هئاسين جو آدمشماري ڄڻ ته اسانجي حڪمرانن کان وسري وئي هئي،گذريل آدمشماري کان وٺي هن وقت تائين الائي ته ڪيتريون تبديليون آيون،پر انهي وقفي دوران پاڪستاني حڪومت انڌ تي تير هلائڻ جهڙو ڪم ڪري رهي هئي،سموري ملڪ جي ڪنهن به عوامي اتحاد جو کيس عمل نه هو جنهن جي ڪري هو صوبن جو ضرورتون به پوريون نه پئي ڪري سگهي،جڏهن ته ٿيندڙ بلدياتي توڙي قومي الڪِيشن به سواءِ انگ اکرن جي ٿينديون رهيون،پاڪستاني حڪومت انڌ تي منصوبا جوڙيندي رهي ۽ (ايف ايف سي) به ايوارڊ جي تحت فنڊ جاري ڪندي رهي،يعني جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو اهو جعلي ٿيندو رهيو،جنهن جي ڪنهن کي به پوري طرح ڄاڻ نه هئي ۽ نه ئي وٽن ڪو انگ اکر موجود هو،ان مان اهڙي صورتحال ۾ ته هو حقيقي اسيمبلي ۾  نمائيدا به نه ٿي ٿا سگهن، ۽ قومي آمدني مان انهن کي عوام لاءِ جيڪو حصو ملي رهيو آهي،اهو عوام جي لاءِ ڪافي ناهي،حيرت ته انهي ڳالهه جي آهي ته اهڙي صورتحال اندر به سياستدان پنهنجي سياست چمڪائڻ کان باز نه پيا اچن،شايد اهو انهي ڳالهه کان ڊنل آهي ته جيڪڏهن اصل آبادي جي حقيقت جا انگ اکر سندن سامهون آيا ته سندن حقيقت سياست سڀني جي سامهون اچي ويندي،۽ ٿي سگهون ٿو ته سندن اصل سياست ختم ٿي وڃِي.ان ڪري نئي آدمشاري ٿي ته نيون تڪ بنديون ڪيون وينديون،نوان تڪ ٺاهيا ويندا،جنهن سان لساني ۽ نسلي علائقا سامهون ايندا،پاڪستان اندر رهندڙ اصل نسلي حقيقت جا سمورا انگ اکر سامهون ايندا،جنهن سان پراڻن نمائندن جا گراف هيٺ مٿي ٿيندا،۽ نوان چهرا سامهون ايندا،جنهن جي وڏي عرصي کان ڪمي محسوس ڪئي پئي وڃي،هن وقت وفاق جون ڪمزوريون سامهون اچي رهيون آهن،ڇو ته سواءِ سينٽ جي ڪجهه سيٽن کانسواءِ ڪجهه به برابر ناهي،هن وقت اهڙي صورتحال اندر آدمشماري ٿي رهي آهي جيڪو مان سمجهان ٿو ته هڪ انقلابي قدم آهي،انهي آدمشماري کي شفاف ڪرائڻ هڪ بنيادي ضرورت آهي،ڇو ته هر ڪم اعتبار تي ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن هڪ دفعو ڪنهن شيءُ تان اعتبار کجي ويندو آهي ته پوءِ ان تي اعتبار ۽ يقين ڪرڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن بڻجي ويندو آهي،اها هڪ سٺي ڳالهه آهي ته انهي آدمشماري واري عمل ۾ پاڪستاني فوج کي شامل ڪيو ويو آهي،جنهن مان شفاف آدمشماري جون تمام گهڻيون اميدون آهن،ملڪ جي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب ۽ آءِ سي وي آر جي ڊاريڪٽر جنرل ميجر آصف غفور انهي حوالي سان هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي جيڪا سڀني لاءِ هڪ وڏو پيغام هئي ته ٿيندڙ آدمشماري ۾ سيول ۽ فوجي قيادت ملي ڪري ڪم ڪندا، ۽ آدمشماري کي شفاف ڪرائڻ يقيني بڻايو ويندو،انهي باري ۾ جيڪي به تفصيلات بيان ڪيا ويا آهن،انهن جي مطابق ته آدمشماري جي حوالي سان آدمشماري جو سمورو عملو پاڪستان جي هر گهر ۾ ويندو،۽ هر ٽيم سان گڏ فوجي جوان هوندا،جيڪي گهر ۾ موجود ڀاتين جا انگ اکر پڻ جمع ڪري لکندا،۽ انهي انگ اکرن جي تصديق پڻ ڪرائي ويندي،مثال طور شناختي ڪارڊ ۽ ب فارم وغيره،جڏهن ته غلط  انگ اکر ٻڌائڻ وارن لاءِ سزا جي حد پڻ مقرر ڪئي وئي آهي.اهڙي صورتحال اندر مان سمجهان ٿو ته آدمشماري کي شفاف بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پوءِ به پوري پاڪستان اندر اڃان به آدمشماري کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ لاءِ حڪومت جي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته پاڪستان ۾ عوام جو هڪ طرفو فيصلو ناهي هوندو،۽ پاڪستان جا ڪيترائي علائقا اهڙا به آهن جتي جا ماڻهو پنهنجي آبادي وڌائڻ جو ڪوششون ڪري رهيا آهن،جڏهن ته پوئين ڪجهه سالن اندر آبادي ۾ اضافو به چڱو خاصو ٿيو آهي،

ٻهراڙين وارين علائقن مان انساني زندگي شهري علائقن جو رخ ڪري رهيون آهن،۽ ماڻهو هڪڙِي صوبي کان ٻئي صوبي ۾ به رهائش ڪري رهيا آهن،جئين سنڌ صوبي جو شهر ڪراچي آهي جنهن جي باري ۾ سڀني کي خبر آهي ته ڪراچي اندر،پٺاڻ،بلوچ،مهاجر،گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا،اهڙي شهر اندر ڇا شفاف آدمشماري هڪ سواليه نشان ناهي،؟مان سمجهان ٿو ته اهڙي صورتحال اندر حڪومت لاءِ هڪ وڏو چلئنج هوندو جتي هڪ شخص جي فارمولي کي يقيني بڻايو وڃي،جيڪو ماڻهون ڳوٺ مان لڏي ڪري اچي شهر ۾ رهائش پزير ٿيو آهي،جڏهن ته سندس اباڻون گهر اڃان به ڳوٺ ۾ ئي آهي،جيڪڏهن اهو ٻنهي هنڌن تي اصرار ڪري ٿو ته پوءِ معاملو الجهي سگهي ٿو،پر آدمشماري ٿيڻ ئي هڪ سٺو عمل آهي جنهن سان ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو سواءِ آدمشماري جي ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي،پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو 7 ستون نمبر وڏو ملڪ آهي جڏهن ته سرڪاري اعتبار سان سندس آبادي 18ڪروڙ آهي.جڏهن ته ورلڊ بئنڪ جي مطابق پاڪستان جي آبادي 20 ڪروڙ کان مٿي آهي.پر آدمشماري ٿيڻ کان پوءِ ئي پوري طرح خبر پئي سگهندي ته ملڪ جي آدمشماري ڪيتري آهي.هن صورت ۾ آدمشماري کي ڪهڙي نموني ڪرائي پئي وڃِي اهو هڪ سوال آهي. ملڪ جي ڪيترا بااثر سياستدان اهو چاهين ٿا ته ملڪ ۾ آدمشماري نه ٿي هان .۽ آدمشماري ملتوي ٿي هان پر ائين نه ٿيو.هن دعفي پوري ملڪ کي 1لک 67هزار هائوس بلاڪس جي تقسيم ڪيو ويو آهي.ان ڪري جيڪڏهن هن وقت آدمشماري نه ٿي هان ته 2018ع ۾ ٿيڻ واري اليڪشن ۾ حڪومتن جي تمام گهڻين ڏکايائين کي منهن ڏسڻو پوي هان.ڇو ته انهي 18سالن اندر آبادي ۾ بي پناه اضافو ٿيو آهي.۽ ملڪ روزگار کان ويندي معيشت ۽ تلعيم صحت جي باري ۾ مونجهاري جو شڪار آهي.جنهن جي ڪري ملڪ اندر دهشتگردي،ڦرون،ڌاڙا،چوريون وڌي رهيون آهن.۽ شهر پنهنجي بنيادي مسئلن کان به محروم آهن.پر هاڻي آدمشماري ٿي رهي آهي جيڪو هڪ سٺو عمل آهي،جنهن مان ڪيتريون ئي سٺيون اميدون آهن،

 

 

رد الفساد ۽ نيشنل ايئڪشن پلان ۾ وڌيڪ تيزي ايندي….!

سول ۽ عسڪري قيادت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي کي ملڪي سلامتي لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي آپريشن رد الفساد ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪندي صوبائي حڪومتن کي نيشنل ايڪشن پلان تي موثر عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آپريشن ”رد الفساد“ تي اڳڀرائي ۽ ڪاميابين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ متفقه طور تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو پاڪستان جي سلامتي لاءِ پاليسي گهرج ۽ اڻٽر آهي، وزيراعظم پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن طرفان هيستائين جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته عملدرآمد جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪوششن بابت مختلف قانونن جو به جائزو ورتو ويو ۽ انهن قانونن کي وڌيڪ موثر بنائڻ جي طريقن تي به غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ فوج ۽ سول سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پاڪستان جي امن پسند ماڻهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته امن ۽ ترقي جي دشمنن کي ڪڏهن به ملڪ جي امن ۽ سلامتي جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي هر گز اجازت نه ڏني ويندي. قومي لائحه عمل تي عملدرآمد جي باري ۾ ڪوششن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان قومي لائحه عمل تي بهتر عملدرآمد کي يقيني بنائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، پاڪ افغان سرحد جي بهتر انتظام جي باري ۾ تازي قدمن جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي قانونن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي به غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته آپريشن رد الفساد ۾ مليل ڪاميابين جو جائزو وٺندي وزيراعظم پاڪ فوج کي آپريشن رد الفساد وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي،اجلاس ۾ گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، پنجاب جو وڏو وزير محمد شهباز شريف، وزيراعظم جو صلاحڪار سرتاج عزيز، قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار کانسواءِ ٻيا سينئر سول ۽ عسڪري عملدار به  موجود هئا.