تازيون خبرون

Daily Archives: March 15, 2017

آئينده پيپلز پارٽي بلوچستان ۾ هم خيال جماعتن سان ملي حڪومت بڻائيندي: آصف زرداري

ڪراچي  (اين اين آءِ) بلوچستان نيشنل پارٽي( عوامي ) جي چيئرمين مير اسرار الله زهري گذريل ڏينهن بلاول هائوس ۾ پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدرآصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران بلوچ قومپرست اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر ملڪ جي مجموعي ۽ خاص طور تي بلوچستان جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ايندڙ عام چونڊن ۾ بلوچستان ۾ هم خيال پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهيندي، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي بلوچستان جي ترقي لاءِ هميشه ڪوشان رهي آهي ، سي پيڪ منصوبو پڻ اسان جو ئي ڏنل آئيڊيا آهي جيڪو بلوچستان جي پسمانده عوام جي ترقي جو روڊ ميپ آهي، مير اسرار الله زهري چيو ته پيپلزپارٽي سان گڏجي بلوچستان جي عوام جي خدمت ڪنداسين، ايندڙ چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سميت هم خيال پارٽين سان اتحاد ٿيندو.

 

بابر بٽ قتل ڪيس ۾ اڃا تائين ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي: بلاول ڀٽو

لاهور (اين اين آءِ)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ن ليگ قاتل پالي رکيا آهن، مخالفتن تي حملا ان جو پراڻو رويو آهي، اسان اهڙي ورتاءَ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، پنجاب ۾ تازو ئي اهو ٻيو واقعو آهي، اها حڪومت جي گڊ گورننس آهي، شهباز شريف هر واقعي کانپوءِ فيڪٽ فائيڊنگ ڪميٽي جوڙي ٿو، نئين عزم جوش ۽ ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهنداسين، پ  پ پٺ تي پيل طبقي جو آواز آهي ۽ انهن جي حقن لاءِ هر سطح تي جنگ وڙهنداسين، تنظيم سازي جو عمل پ پ کي مضبوط بڻائيندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن پ پ جي مقتول اڳواڻ بابر سهيل بٽ جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ۽ فاتح خواني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ بلاول هائوس ۾ اجلاسن جي صدارت ڪندي ڪيو، بلاول ڀٽو پنجاب جي جنرل سيڪريٽري نديم افضل چن، چوڌري منطور ۽ ٻين سان گڏ انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ پارٽي جي مقتول اڳواڻ بابر سهيل جي رهائشگاهه تي پهتو ۽ انهن جي وارثن سان تعزيت ڪئي، هن چيو ته پ پ توهان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته بابر سهيل جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بابر سهيل بٽ جو قتل انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، اسان مطالبو ڪيون ٿا ته ان واقعي جو شفاف ٽرائيل ڪيو وڃي ۽ قاتلن کي سزا ڏني وڃي ته جيئن مقتول جي وارثن کي انصاف ملي سگهي، هن چيو ته تازن ڏينهن دوران پنجاب ۾ اهو ٻيو واقعو آهي، پهريان شوڪت بسرا تي حملو ڪيو ويو ۽ ان جو پرسنل سيڪريٽري شهيد ٿيو ۽ هاڻ بابر سهيل کي شهيد ڪيو ويو، ن ليگ وٽ قاتل پلجي رهيا آهن ۽ مخالفتن تي حملا ان جي پراڻي عادت آهي، اسان اهڙي رويي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.

 

وڏي وزير جي عوام کي آدمشماري ڪندڙن عملي کي فردن جا نالا ۽ تعداد سميت سموريون ضروري معلومات فراهم ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڇهين آدمشماريءَ جي موقعي تي آدمشماري ڪندڙن عملي کي گهر جي فردن جا نالا ۽ تعداد سميت سموريون ضروري معلومات فراهم ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان جيڪا به سمري ۽ ڊيٽا تياري ٿئي ان کي ويب سائيٽ تي به رکيو وڃي. هن ڊسٽرڪٽ آفيسرز آدمشماري کي به هدايت ڪئي وڃي ته ان جي حل لاءِ ڪو طريقيڪار ۽ مڪينزم هئڻ گهرجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي عوام کي اپيل ڪندي چيو ته گهرن جي ڳڻپ ۽ آدمشماريءَ ۾ سنڌ جي عوام کي ڀرپور طريقي سان حصو وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجي گهر جي سمورن ماڻهن جي صحيح ڄاڻ آدمشماري ڪندڙ ٽيم کي مهيا ڪئي وڃي ۽ کين ڀرپور سهڪار ڪيو وڃي ته جيئن اسان وٽ هر هڪ گهر جي صحيح ڄاڻ پهچي سگهي ۽ ڊيٽا گڏ ڪندڙ ٽيم آسانيءَ سان پنهنجي ڪم کي صحيح طريقي سان ڪري سگهي. اها ڳالهه اڄ هن گڏاپ ۾ ڪچي آباديءَ واري خاص معاون ۽ ايم پي اي مرتضيٰ بلوچ پاران ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، مڪيش ڪمار چاولا، گيانچند اسراڻي ۽ ايم پي ايز امتياز علي شيخ، ڊاڪٽر سڪندر شورو سميت پارٽي ڪارڪن جو وڏو انگ موجود هو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پارٽي ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلن بابت معلومات پڻ حاصل ڪئي.

 

سائبر ڪرائم بل ڏيکاري مون کي ڊيڄارڻ جا خواب ڏٺا پيا وڃن: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته جمهوريت کي نقصان پهچائڻ ۽ شريف خاندان جي بادشاهت قائم ڪرڻ جي هر ڪوشش جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ ان لاءِ حڪومت جي ڪنهن ڌمڪي کان نه ڊڄنداسين، سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مخالف سياسي پارٽين کي قانون جي غلط استعمال ذريعي ڊيڄاري، ڌمڪائي نواز شريف جي بادشاهت قائم ڪرڻ جي ن ليگ جي سخت مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته ن ليگ ڌانڌلي جي خلاف اسان جي ڌرڻي دوران به دهشتگردي خاتمي واري ايڪٽ جو غلط استعمال ڪيو ۽ اسان جي خلاف ڪيسن ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا، هاڻ مون کي سائبر ڪرائيم بل ذريعي ڌمڪايو پيو وڃي، عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ آزاد ميڊيا متحرڪ سول سوسائٽي ۽ عوام جي بنيادي آئيني حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکندي.

 

ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، تاثر پيو ڏنو وڃي ته پيپلز پارٽي تجويزن تان هٿ کڻ وئي آهي: اعتزاز احسن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فوجي عدالتن جي مُدي ۾ واڌ جي معاملي تي حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، پيپلز پارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون سڀاڻي ٻيهر شروع ٿينديون، اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته هيل تائين جي ڳالهين مان ڪو به نتيجو ناهي نڪتو، حڪومت سان اڃا تائين ڊيڊ ڪلاڪ برقرار آهي، ڊيڊ لاڪ باوجود ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين جو عمل جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پ پ اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن جو چون هو ته تاثر اهو پيو ڏنو وڇي ته پيپلز پارٽي 2 تجويزن تان هٿ کڻي وئي آهي‏، جڏهن ته پيپلز پارٽي پنهنجي تجويزن تي قائم آهي، جيڏهن ڳالهن ۾ اتفاق ٿيو ته پيڪيج ڊيل ٿيندي.36

 

ڪوئيٽا ڊبل روڊ تي ريتي سان ڀريل ٽرڪ گهر سان ٽڪرائجي وئي،7 ڄڻا اجل جو شڪار ، 2 زخمي

ڪوئيٽا (اي پي پي) ڪوئيٽا ڊبل روڊ تي ريتي سان ڀريل ٽرڪ  هڪ گهر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.  پوليس مطابق سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات ڪوئيٽا جي مک شاهراهه ڊبل روڊ تي ريتي سان ڀريل ڊمپر ٽرڪ گهر سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ گل شير، فيض محمد، ضياءُ الرحمان، روبينه، صابره، ناديه ۽ زرينه ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. حادثي سبب گهر جي ڇت ڪري پئي ۽ گهر ڀاتي ملبي هيٺان دٻجي ويا. واقعي بعد پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪري ورتو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. حادثي تي بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ڏک جو اظهار ڪيو آهي،

 

ڪاميابيءَ لاءِ ڪڏهن به پيءُ جو سهارو ناهي ورتو: سونم ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا سونم ڪپور چيو آهي ته مان پنهنجي ڪيريئر جي ڪاميابيءَ لاءِ پنهنجي پيءُ انيل ڪپور جو ڪڏهن به سهارو ناهي ورتو. هڪ تقريب دوران جڏهن سونم ڪپور کان پنهنجي ڪيريئر بابت پڇيو ويو ته هن جو چوڻ هو ته مان ڪڏهن به پنهنجي ڪيريئر جي شروعات لاءِ پيءُ انيل ڪپور جو سهارو ناهي ورتو ۽ نه ئي ڪڏهن ائين ڪنديس، اهو فيصلو مان گهڻو اڳ ئي ڪري ڇڏيو هو. سونم ڪپور چيو ته مان پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿي، ڇو جو انيل ڪپور منهنجو پيءُ آهي، جنهن مون کي وقت ڏنو ۽ سڀ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي لائق بڻايو، اهو ئي سبب آهي جو مان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهان ٿي.

 

عامر خان حياتيءَ جون 52 بهارون ڏسي ورتيون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار مسٽر پرفيڪشنسٽ پنهنجي- حياتيءَ جون 52 بهارون ڏسي ورتيون. عامر خان 14 مارچ 1965ع تي ممبئي ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1973ع کان ڪئي، جنهن دوران چائلڊ اسٽار طور پنهنجون صلاحيتون ڏيکاريون، فلم جو نالو ”يادو ڪي بارات“ هو، جنهن جو پروڊيوسر سندس چاچو ناصر حسين هو، ان کان پوءِ عامر خان 1988ع فلم ”قيامت سي قيامت تڪ“ ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جنهن عامر خان کي بالي ووڊ ۾ هڪ هيرو طور سڃاڻپ ڏني. هن هيل تائين ڪيترين ئي بلاڪ باسٽر فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ”اڪيلي هم اڪيلي تم، دل هي ڪي مانتا نهين، جو جيتا وهي سڪندر، غلام، انداز اپنا اپنا، راجا هندستاني، عشق، مَن، دِل، دل چاهتا هي، فنا، سرفروش، تلاش، ٿري ايڊيئٽس، لگان، دنگل، گجني، پي ڪي“ ۽ ٻيون شامل آهن.

 

نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان شروع ٿيندي

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ (سڀاڻي) خميس کان 20 مارچ تائين بيني ريزور ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي. ڊونيڊن ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ٽيسٽ هار جيت کانسواءِ ختم ٿي وئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽيمن 25 کان 29 مارچ تائين سيڊن پاڪ هيملٽن ۾ کيڏي ويندي.

 

سريلنڪا ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ اڄ شروع ٿيندي

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ (اڄ) اربع کان پي سارا اوول ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ٽيم سريلنڪا کي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي گال ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ آءِ لينڊرز بنگال ٽائيگرز کي 259 رنسن جي واضح مارجن تان هارائي ڇڏيو.