تازيون خبرون

Daily Archives: March 15, 2017

عاليه بٽ 24 سالن جي ٿي وئي، 48 ڪلاڪ شوٽنگ ڪرائڻ جي خواهش ظاهر

ممبئي  (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڊائريڪٽر ڪرن جوهر جي ميگا هٽ فلم نگري ۾ قدم رکندڙ معصوم چهري واري عاليه بٽ 24 سالن جي ٿي وئي، مشهور فلم ساز مهيش بٽ جي ڌيءَ ۽ پوجا بٽ جي ڀيڻ عاليه صرف هڪ فلم هٽ ٿيندي ئي ڏسندي ڏسندي لکين دلين جي ڌڙڪڻ بڻجي وئي جنهن کانپوءِ انڊسٽري جي ٽاپ ڊائريڪٽر ان کي ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۾ لڳي ويا، پنهنجي غير معمولي مقبوليت جو عاليه به وڏو فائدو ورتو ۽ ڪيترن ئي ناليوارن انٽرنيشنل برانڊز جي امبيسڊر بڻجي وئي، ڪم بابت ان جي محنت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ چوي ٿي ته هر ڏينهن شوٽنگ ختم ٿيندي آهي ته منهنجي دل چاهيندي آهي ته اها ختم نه ٿئي، مان 24 ڪلاڪ پر 48 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، هن شاندار ڪپور اينڊ سنز اڙتا پنجاب ڊيئر زندگي ۽ وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي جن ڇهن ڏينهن ۾ باڪس آفيس تي 55 ڪروڙ کان وڌيڪ بزنس ڪيو آهي.

 

اداڪار انجيلينا جولي پروفيسر بڻجي وئي، لنڊن جي اسڪول ۾ پهريون ليچر ڏنو

لنڊن (شوبز نيوز) فلمن ۾ پنهنجي شاندار اداڪاري ذريعي ڪروڙين دلين تي بادشاهي ڪندڙ هالي ووڊ جي ناليواري اداڪاره انجيلينا جولي هاڻ پروفيسر بڻجي وئي آهي، 41 سالن جي انجيلينا جولي لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس ۾ پنهنجو پهريون ليڪچر ڏنو جتي هن شاگردن جي سوالن جا جواب ڏنا، ان موقعي تي هن گڏيل قومن جي خاص سفير جي حيثيت سان پنهنجو خدمتن ۽ تجربن کان شاگردن کي آگاهه ڪيو، ياد رهي ته اداڪاره انجيلينا جولي گذريل سال لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس ۾ متعارف ڪرايل ڪورس عورتون، امن ۽ سلامتي ۾ بطور پروفيسر پنهنجي زميواري ادا ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو.

 

انضمام الحق ويسٽ انڊيز لاءِ ون ڊي انٽرنيشنل ۽ ٽي 20 جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيف سليڪٽر انضمام الحق ٻيهر ويسٽ انڊيز جي لاءِ  ون ڊي انٽرنيشنل ۽ ٽي 20 جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. فاسٽ بالر محمد عامر کي ٽي 20 ۾ آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته احمد شهزاد، محمد حفيظ، ڪامران اڪمل ۽ شاداب خان کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. بيٽسمين عمر اڪمل کي فٽنس ٽيسٽ پاس نه ڪرڻ سبب اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. انضمام الحق طرفان ٽي 20 جي لاءِ اعلان ڪيل ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد آهي جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ احمد شهزاد، ڪامران اڪمل، محمد حفيظ، بابر اعظم، شعيب ملڪ، فخر الزمان، سر فراز احمد، عماد وسيم، شاداب خان، محمد نواز، حسن علي، سهيل تنوير، وهاب رياض، رومان رئيس ۽ عثمان خان شنواري شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته فاسٽ بالر محمد عامر کي ٽي 20 سيريز ۾ آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

فيڊرر ۽ نڊال انڊين ويلز جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويا

ڪيليفورنيا (اسپورٽس نيوز) عالمي نمبر هڪ ٽينس اسٽار راجر فيڊرر ۽ رافيل نڊال انڊين ويلز ٽورنامينٽ جي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. انڊين ويلز ٽينس ٽورنامينٽ جي ٽئين رائونڊ ۾ راجرر فيڊرر آمريڪا جي اسٽيو جانسن کي 6-7 ۽ 6-7 تان شڪست ڏني، جڏهن ته اسپينش اسٽار رافيل نڊال پنهنجي ئي ملڪ جي فرننڊو وارڊسڪو کي اسٽريٽ سيٽن ۾ شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.27

آدمشماري!: واحد پارس هيسباڻي

19سالن جي ڊگهي وٿي کانپوءِ کان آدمشماري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ملڪي آئين موجب آدمشماري هر ڏهن سالن کان پوءِ ٿيڻي آهي پر پاڻ وٽ هر معاملي ۾ جئين ’جاني دو استاد‘ وارو چڪر هلي رهيو آهي سو آدمشماري واري معاملي سان به اهو رويو رهندو آيو آهي. اڄ کان شروع ٿيندڙ هيءَ آدمشماري 2008ع ۾ ٿيڻي هئي پر 9 سالن تائين ان کي جهڙي نموني گهليو ويو، ٽال مٽول ڪئي وئي، اهو تماشو پاڻ پنهنجي اکين سان ڏسي چڪاسين. شايد هينئر به هي آدمشماري ممڪن نه بڻجي ها ۽ اڃا ڪي پنج اٺ سال ٻيا به گهلجي ها، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ هن معاملي تي اقتدار ڌڻين کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري واضح حڪم نه ڏئي ها. پاڻ جنهن سر زمين تي ساهه کڻي رهيا آهيون اتي زميني حالتون ڪجهه به نه ڪرڻ لاءِ جيئن ته هر وقت موزون هجن ٿيون، ٽال مٽول ڪرڻ لاءِ 101 سبب موجود هجن ٿا، سو آدمشماري واري معاملي سان به ٿيو. ڪڏهن طوفانن، ڪڏهن برساتن، ڪڏهن ٻوڏن، ڪڏهن زلزلن، ڪڏهن دهشتگردي، ڪڏهن اسٽاف اڻپورو هجڻ، ڪڏهن وسيلا نه هجڻ جهڙا جواز ڏنا ٿي ويا ۽ هر جواز منڊيءَ تي ٽڪ ثابت پئي ٿيو ۽ هر ڀيري حڪمرانن کي ذميواري کان مڪتي ملندي رهي ۽ ائين ڏهن سالن وارو معاملو 19 سالن تائين گهلجي آيو. قانون ۽ آئين موجب ايندڙ سال ستين آدمشماري ٿيڻي هئي، جيڪا اڃا ڇهن واري ڪانٽي تي اٽڪيل آهي ۽ هي ڇهين آدمشماري ٿي رهي آهي.

تاريخ جا ورق ورائجن ٿا ته پاڻ وٽ جيڪا پهرين آدمشماري ٿي هئي اهو 1951ع وارو سال هو، يعني ملڪ جي قيام جي ٽن سالن کانپوءِ هن سلسلي جو بنياد پيو هو. ٻيو ڀيرو 1961ع ۾ يعني ٺيڪ ڏهن سالن کانپوءِ آدمشماري ٿي، ٽين آدمشماري جيڪا 1971ع ۾ ٿيڻ کپندي هئي، ان ۾ هڪ سال دير ٿي، جنهن جو سبب 71ع واري جنگ هئي، ۽ هي سلسلو ليٽ ٿيڻ جو هڪ حقيقي جواز موجود هو. بهرحال سال دير ئي صحيح پر آدمشماري ٿي. چوٿين آدمشماري 1981ع ۾ ٿي. پنجين آدمشماري جيڪا 1991ع ۾ ٿيڻ کپندي هئي، اها گهلي 1998ع تائين آندي وئي ۽ گڙ ٻڙ اتان کان ئي شروع ٿي، مطلب پنهنجي ٽريڪ تي آدمشماري واري هلندڙ گاڏي اتان ئي پٽڙي تان لٿي ۽ ان کانپوءِ اهو سلسلو ائين ئي اينگهندو ويو. پنجين آدمشماري سترهن سالن کانپوءِ ٿي ۽ ڇهين آدمشماري 19 سالن کانپوءِ ٿي رهي آهي. ستين آدمشماري ڪهڙو رڪارڊ ٽوڙيندي؟ ان بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي! پاڻ مڃيون ٿا ته آدمشماري جي هن سلسلي جي دير ٿيڻ پٺيان جيڪي سبب آهن، انهن مان ڪي وزندار به هوندا پر رڳو ائين به ناهي، ان پٺيان جيڪو هڪڙو وڏو سبب آهي، اهو پاڻ وارن حڪمرانن جي غير سنجيدگي ۽ معاملن ۾ عدم دلچسپي وارو رويو آهي. جيڪڏهن 1971ع ۾ جنگ جي باوجود ٻئي سال آدمشماري ڪرائڻ ممڪن بڻجي ٿي ته 1991ع کان 1998ع تائين ۽ 2008ع کان 2017ع تائين اهڙي ڪهڙي ايمرجنسي هئي جو ممڪن نه بڻجي سگهي!

موسمياتي معاملا ته هلندا ئي رهندا آهن، جيڪي پوري دنيا ۾ هلن ٿا. هي برساتون، هي ٻوڏون، هي طوفان، هي زلزلا وغيره پوري دنيا ۾ اچن ٿا (اها الڳ ڳالهه آهي ته سسٽم نه هجڻ ڪري اسان وٽ تباهي جا دردناڪ نشان ڇڏي وڃن ٿا.) پر اتي ته معمول وارا معاملا متاثر نه ٿا ٿين؟ اتي ته شيون ائين نه ٿيون گهلجن، جيئن اسان وٽ گهلجن ٿيون؟ پوري دنيا ۾ ڪٿي هر سال، ڪٿي ٻن سالن کانپوءِ، ڪٿي، ٽن، پنجن سالن کانپوءِ آدمشماري ٿئي ٿي، پر اسان وٽ ڏهن سالن ۾ به ممڪن نه ٿي بڻجي سگهي ۽ اها 19 سالن تائين گهلجي اچي ته ان کي عدم دلچسپي جو نالو نه ڏجي ته ٻيو ڪهڙو نالو ڏجي؟ برطانيا ۾ ته هر سال اپريل جو مهينو هوندو ئي ان مقصد لاءِ آهي، جنهن ۾ سڄي سال جي ڄم ۽ موت جو ليکو چوکو ڪرڻ ۽ نوان گهر تعمير ٿيڻ جو جائزو ورتو ويندو آهي پر اسان وٽ 19 سالن تائين به اهو ممڪن نه ٿو بڻجي سگهي. پاڻ ترقي يافته دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جون دعوائون ڪرڻ ۾ ته نه ٿا ٿڪجون، ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ مقابلو ڪرڻ جا ته وڏا نعرا هڻون ٿا پر زميني حقيقتون اهي آهن جو 19 سالن تائين پنهنجي ماڻهن ۽ گهرن جي ڳڻپ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ به ناهيون!

بهرحال گهلجي سهلجي هي معاملو هاڻي جڏهن وري پٽڙي تي چاڙهيو پيو وڃي ته ڪجهه سوال اڀري رهيا آهن، ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪجهه خدشا پيدا ٿي رهيا آهن ، جن تي غور ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن معاملي ۾ پهريون ڪم ته سيڪيورٽي وارو آهي. ملڪ ۾ امن امان جون حالتون جنهن حد تائين پهتل آهن، ان ۾ سيڪيورٽي ته پهرين ضرورت آهي، جنهن سلسلي ۾ فوج جون خدمتون ورتيون ويون آهن، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي پر اهو ضروري آهي ته اها سيڪيورٽي شهرن ۽ ڳوٺن جي فرق کانسواءِ هر هنڌ هڪجيتري هئڻ گهرجي. پاڻ وٽ جتي دهشتگردن هٿان پوليو کان بچاءُ جا قطرا پياريندڙ ٽيمون ئي محفوظ نه هجن اتي آدمشماري واري عملي جي تحفظ واري معاملي کي ڪيئن نظر انداز ڪري سگهجي ٿو!؟ شر پسند عنصر هن اهم مرحلي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پنهنجون شرپسنداڻيون حرڪتون ڪري سگهن ٿا، ان خدشي کي رد نه ٿو ڪري سگهجي، جن تي ڪرڙي نگاهه رکڻ جي ضرورت آهي.

هن معاملي ۾ جيڪو ٻيو وڏو سوال آهي اهو آهي ماڻهن ۽ گهرن جي صحيح نموني ڳڻپ وارو. اسان وٽ ماضي وارين آدمشمارين تي اهي اعتراض اٿندا رهيا آهن ته صحيح ڳڻپ نه ٿي آهي، ڪيترائي گهر رهايا ويا آهن ، خاص ڪري ڳوٺن ۾ جتي ويڙها سسٽم آهي، ٻاهران مکيه دروازو هڪڙو هوندو آهي ۽ اندر ڪيترائي گهر هوندا آهن. ماضي ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته اهو ٻاهريون مکيه در ئي هڪڙو گهر ڳڻي خانه پوري ڪئي پئي وئي آهي. اندر موجود الڳ الڳ گهرن کي ڪنهن به ليکي ۾ نه آندو ويو آهي، جنهن جو هن ڀيري خيال رکڻو آهي. 1991ع واري آدمشماري، جنهن جو پهريون مرحلو هليو به هو، جنهن کي پوءِ رد ڪيو ويو هو، ان ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن، سياستدانن، سماجي ڪارڪنن ۽ استادن سميت زندگي جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن جيڪو آگاهي مهم هلائڻ وارو ڪردار ادا ڪيو هو، اهو واقعي به مثالي ۽ تاريخي هو، ان ساڳئي جذبي جي هينئر به ضرورت آهي. دنيا ڀلي ڪيتري به ترقي ڪئي هجي پر اسان وٽ خاص ڪري ٻهراڙين ۾ ماڻهن کي هن قسم جي معاملن جي اهميت جو ڪو اندازو ڪونهي. هي هن قسم جي قومن جي تقدير جهڙن معاملن کي به رئيس وڏي جي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ ٻين عام ونگاري ڪمن ڪارين وانگر ڊيل ڪن ٿا، نتيجي ۾ گهڻا ڳڻپ کان رهجي وڃن ٿا. هن وقت ماڻهن کي نه رڳو اهو ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته هر شادي شده جوڙي کي الڳ خاندان لکرائڻو آهي، نئين ڄاول ٻار جو به نالو لکرائڻو آهي، بيوهه عورت به پاڻ کي خاندان جي سربراهه لکرائي، پر ڳوٺ يا پاڙي جي ڪنهن پڙهيل لکيل ماڻهو کي ذميوار به بڻايو وڃي ته اهو آدمشماري واري عملي سان گڏجي هلي ۽ هن معاملي ۾ ان جي پازيٽو نموني سان رهنمائي ڪري ته جيئن ڪوبه نالو يا گهر رهجي وڃڻ واري شڪايت جي گنجائش نه بچي. هن سلسلي ۾ ٿورو وقت ضرور ڏيڻو پوندو ۽ ٿوري تڪليف ضرور ڪرڻي پوندي پر ان سان پوري قوم جو ڀلو ٿي پوندو. ڇو ته ان آدمشماري جي بنياد تي ئي وفاقي مالياتي ايوارڊ به ملڻو آهي، ان آدمشماري جي بنياد تي ئي اسڪولن، اسپتالن، روڊن رستن جي جوڙجڪ به ٿيڻي آهي ته ٻيا معاملا به ان جي بنياد تي ئي اڳتي وڌڻا آهن سو ان کي غير اهم نه سمجهڻ کپي. اسان زندگي جي ڪهڙي به شعبي سان واسطو رکندڙ هجون، جيڪڏهن ٿورو به شعور رکندڙ آهيون ته اسان کي هن معاملي کي پنهنجو قومي فرض سمجهي اڳيان اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

آدشماري واري معاملي ۾ پاڻ منڍ ۾ جيڪا خدشن واري ڳالهه ڪري آيا آهيون، اها هي آهي ته پاڻ وٽ سنڌ ۾ جيڪو بنگالين، بهارين، برمين ۽ افغانين سميت ڀانت ڀانت جي ملڪن جو هڪ وڏو تعداد غير قانوني طور تي رهيو پيو آهي، نه رڳو رهيو پيو آهي پر ملڪيتن ۽ ڪاروبارن جو مالڪ به لڳو ويٺو آهي، انهن جو آدمشماري ۾ ڇا ڪيو ويندو؟ جيڪڏهن انهن کي روايتي طريقي سان هتان جو ڪري ڳڻپ ۾ آندو ٿو وڃي يا ڪنهن طريقي سان هو پاڻ اهڙي ڳڻپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ انهن کي نه ڳڻڻ به صحيح نه ٿيندو، ڇو ته پوءِ انهن جي خبر نه پئجي سگهندي ۽ ائين ئي ڳجهه ڳوهه ۾ رهيا پيا هوندا ۽ لڪ ڇپ ۾ پنهنجون ظاهري ۽ لڪل سرگرميون ڪندا پيا رهندا. انهن کي ڳڻپ ۾ ضرور آڻڻ کپي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن جي داخلا عارضي رهائش پذير طور لکي وڃي ۽ انهن جي اصل ملڪن ۽ علائقن جا تفصيل لکيا وڃن، گڏوگڏ انهن کي پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپسي جو ٽائيم فريم ڏنو وڃي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته هنن غير قانوني طور تي رهندڙن جو هڪ وڏو تعداد هتان جي اصل ڌرتي ڌڻين تي آدمشماري واري رڪارڊ تي حاوي ٿي ويندو. هن معاملي ۾ اسان سڀني ماڻهن کي ته نظر رکڻ جي ضرورت آهي ئي پر اصل ڪم سنڌ حڪومت جو ئي آهي، جنهن وٽ ئي فيصلا سازي ۽ قانون سازي جو وارو اختيار آهي، ان ڪري ان کي هن معاملي ۾ سنجيدگي سان ڪو ضابطو جوڙڻ کپي، ٻي صورت ۾ هتان جي ماڻهن جي ذهن ۾ جيڪي خدشا آهن، اهي حقيقت جو روپ وٺي سامهون اچي سگهن ٿا. پاڻ اميد ٿا ڪريون ته ڊگهي وٿي کانپوءِ ٿيندڙ آدمشماري وارو هي سلسلو خير خيريت سان ۽ شفاف نموني مڪمل ٿيندو.

wahidparas@yahoo.com

 

ٿيو اهو ئي جنهن جو ڊپ هو : تحرير: شير محمد سولنگي (اچيورس)

حڪومتي هدايتن باوجود ملڪ ۾ آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ گهرن جي ڳڻپ دوران فارم پين بدران پينسل سان ڀرڻ سبب شهرين کي کٽڪا ورائي ويا آهن، سنڌي آباديءَ واري علائقي گلستان جوهر ۾ آدمشماري لاءِ جوڙيل ٽيمون فارم پينسل سان ڀريندي نظر آيون. سنڌي آباديءَ جي اڪثريت واري علائقي گلستان جوهر ۾ شماريات کاتي جون ٽيمون گهر شماري دوران پينسل سان فارم ڀرڻ لڳيون. علائقي واسين فارم پينسل سان ڀرڻ تي اعتراضن باوجود عملي فارم پين سان ڀرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي عملي پينسل سان فارم ڀرڻ جو جواز ڄاڻائيندي چيو ته آدمشماري جي پهرين ڏينهن فارمن ۾ غلطي جي کٽڪن جي ڪري هــُو پينسل سان فارم ڀري رهيا آهن، جيڪي بعد ۾ پين سان ڀريا ويندا.اڄ کان شروع ٿيل مردم شماري مرحليوار  15 اپريل تائين جاري رهندي، 17 مارچ تائين گهرن جي ڳڻپ ٿيندي، 18 مارچ کان کان فارم ٽو  ۾ داخلا جو مرحلو شروع ڪيو ويندو.شماريات کاتي مردم شماري لاءِ ڪراچي ڊويزن کي 35 سب ڊويزن ۾ ورهايو آهي، جن ۾ مجموعي طور تي 359 چارجز، 2 هزار 324 سرڪلز ۽ 14 هزار 494 بلاڪس قائم ڪيا ويا آهن. مردم شماري لاءِ ڪراچي ۾ 15 هزار 943 فيلڊ اسٽاف خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، جن مان ڊسٽرڪٽ اولهه ۾ 2929 ۽ ڏکڻ ۾ 2326 ڪارڪن مقرر ڪيا ويا آهن. هر ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ 2 پوليس اهلڪار، 2 رينجرز اهلڪار ۽ هڪ فوجي جوان مقرر آهن. ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ اولهه ۾ 69 چارج، 411 سرڪل ۽ 2663 بلاڪس ٺاهيا ويا آهن، ڊسٽرڪٽ ڏکڻ ۾ 51 چارج، 347 سرڪل ۽ 2124بلاڪس قائم ڪيا ويا آهن. ڊسٽرڪٽ اوڀر ۾ 75 چارج، 478 سرڪل ۽ 2832 بلاڪس، ڊسٽرڪٽ ڪورنگي ۾ 54 چارج، 351 سرڪل ۽ 2253 بلاڪس قائم ڪا ويا آهن. ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾85 چارج، 586 سرڪل ۽ 3210  بلاڪس ٺاهيا ويا آهن، ڊسٽرڪٽ ملير ۾ 25 چارج 151 سرڪل ۽ 1412 بلاڪس ٺاهيا ويا آهن. . ملڪ ۾ 19 سالن کان پوءِ شروع ٿيندڙ آدم شماري جاري آهي، آدم شماري اصل ۾ صوبن جي روينيو، قدرتي وسيلن ۽ آمدنيءَ تي صوبن جي عوام جو حق هوندو آهي، صوبن جي عوام جي پراڻي خواهش سپريم ڪورٽ جي حڪمن کان پوءِ شروع ٿي چڪي آهي، سڄي ملڪ سميت ڪراچيءَ ۾ پڻ آدم شماري شروع ٿي ۽ آخرڪار اهو 15 مارچ جو سج به اڀريو، آدم شماريءَ کان اڳ سنڌ جي قومپرست ڌرين، سڄاڻ ڌرين ۽ سنڌ جي گھڻ گھرن پاران آدم شماريءَ جي شفافيت تي تمام گھڻا کٽڪا ظاهر ڪيا ويا هئا، ايتري قدر جو پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداري پاران به آدم شماريءَ تي کٽڪا ظاهر ڪندي ان جي بهتر نموني ٿيڻ ۽ غير تڪراري ٿيڻ جي گھر ڪئي وئي،

جڏهن ته 15 مارچ جي صبح ساڻ ئي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ اهي خبرون گرم رهيون ته اردو ڳالهائيندڙ وسندين پاران آدم شماري عملي کي گاهه ئي نه پيو وڌو وڃي، اڪثر علائقن ۾ عورتن پنهنجي گھرن جا دروازا کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڄاريءَ وارن دروازن مان ئي آدم شماري عملي کي ڏسي انهن سان سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌي آباديون ۽ سنڌي جيڪي پنهنجي بقا ۽ صوبي جي وسيلن تي حق خاطر پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن، صبح ئي ساڻ پهرين ئي شڪايت ۽ کٽڪن سان ڀرپور ڳالهه سامهون آئي ته آدم شماري عملو حڪومتي حڪمن باوجود سنڌي وسندين ۾ پينسلن سان آدم شماري ۽ گھر شماريءَ جا فارم پُر ڪري رهيو آهي،

آدم شماريءَ کان هڪ ڏينهن اڳ 14 مارچ تي سنڌ جي وڏي وزير پاران خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي چيو ويو هو ته سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ جي صورت ۾ سنڌين کي آدم شماريءَ مان خارج نه ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به سڃاڻپ جي سند، سرٽيفڪيٽ جي هوندي سنڌين جي آدم شماريءَ ۾ ڳڻپ ڪئي وڃي، ان جي جواب ۾ وفاقي وزارت پاران گذريل رات سوا يارهين وڳي هڪ خانگي ٽي وي چينل تي ”بريڪنگ“ ڪري خبر هلائي وئي ته خزاني واري وزارت جي وفاقي وزير پاران آدم شماريءَ کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ڪا به تصديقي سَندَ هجڻ کان پوءِ سنڌين جي آدم شماريءَ ۾ ڳڻپ ڪئي وڃي ۽ پڻ عملي کي پابند بڻايو ويو آهي ته عملو پينسل بدران پَڪي مَسُ واري پين سان داخلا (فارم پُر) ڪئي وڃي. صبح کان سنڌ جي لڳ ڀڳ مَڻي وسندين مان آدم شماري عملي پاران پينسل سان گھر شماري ڪرڻ جون شڪايتون سامهون آيو. ان کان پوءِ سنڌ جي عوام پاران 19 سالن کان پوءِ ٿيندڙ تازي آدم شماريءَ تي سخت کٽڪن جو اظهار ڪيو ويو آهي، سنڌ جي مهمان نوازين جا مزا وٺندڙن پاران ته آدم شماري عملي سان سهڪار نه ڪندي پنهنجن گھرن جا دورزا ئي نه کوليا پر پنهنجي حقن جي بقا واري جنگ وڙهندڙ عوام کي جڏهن پنهنجي بَقا جا کٽڪا ورائي وڃن ته ٿيندڙ آدم شماريءَ جي ڪا به حيثيت باقي نه ٿي بچي. اڪثر حڪومتي ۽ اسٽبلشمينٽ حلقن ۾ سنڌي کي پاڪستان مخالف ۽ غدار تصور ڪيو ويندو آهي، ڇو ته هتان جي قومپرست ڌرين جي ماضي ۽ حال جي ڪردار کي نظر ۾ رکندي انهن ۽ انهن سان سلهاڙيلن کي ”شڪ“ جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي، اهڙي آدم شماري ۽ عملي پاران اهڙو موقف ته ڪا غلطي نه ٿئي ان ڪري پينسل سان فارم پُر ڪيا پيا وڃن، تي سنڌي عوام کي سخت کٽڪا آهن، سنڌي به محب وطن ۽ پاڪستان سان پيار ڪندڙ آهن، سنڌ ئي اهو صوبو هئو جنهن پاڪستان جي ٺهڻ جو پهريون ٺهراءُ منظور ڪيو هو. آدم شماريءَ کي مانيٽر ڪندڙ ڌريون جيڪڏهن سنڌين کي سندن اصل حق ڏيڻ کان لنوائي ۽ ڪيٻائي رهيون آهن ته پوءِ رڳو خانا پوري ئي ٺيڪ آهي، اهو ڪاغذ ۽ پينسل ڪنهن به صوبي جي عوام کي ان جو اصل حق ڏيارڻ جي لاءِ ناڪافي ۽ ناڪام ئي ثابت ٿيندو. جيتوڻيڪ آدم شماريءَ جو اهو عمل قانون جي کُلم کلا ڀڃڪڙي آهي، هاڻي لڳي اهو ٿو ته هن تازي ٿيندڙ آدم شماريءَ تي به حڪومت ڪا نه ڪا ڪميشن ئي جوڙيندي جنهن جي رپورٽ پڻ ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ايندي تيستائين، امن، روزگار، بُک ۽ بدحاليءَ جي ڪري جيڪو ماحول جُڙندو ان تي پڻ ڪميشنون ٺهنديون ۽ قانون شڪنيءَ جو اهو سلسلو جاري و ساري رهندو. پاڪستان جا سپريم ادارا جهڙوڪ سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، وفاق جا لاڳاپيل کاتا ۽ پاڪستان جو ڀلو ۽ سهڻو مستقبل چاهيندڙ ڌريون اهڙي عمل جو نوٽيس وٺي ڪو خاص قدم کڻنديون ۽ ڌرين کي ڪميشنون جوڙڻ جو ضرورتون نه پونديون. ڏيئي هيٺان اونداهه هوندي آهي، پر سج جي روشنيءَ ۾ ڏيئي جي هيٺان ڇانيل اونداهه پڻ گھٽجي گھٽجي گم ٿي ويندي آهي اهو ته ٿيو پر هاڻي اڃا اڳتي ڇا ٿيندو ؟

 

19 سالن بعد آدمشماري جو پهريو مرحلو شروع ٿي ويو….

سنڌ سميت ملڪ ۾ 19 سالن کان پوءِ آدمشماري جو پهريون مرحلو شروع ٿي ويو، . وفاق ضلعي سطح تائين تفصيلن تائين پهچ ۽ انگ اکر پڌرا ڪرڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اندر پهرين مرحلي ۾ ڪراچي اولهه، ڪراچي ڏکڻ، ڪراچي اوڀر، ڪورنگي، ڪراچي سينٽرل، ملير، حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن توڙي سيوهڻ تعلقي ۾ گهر شماري ۽ آدمشماري ٿي رهي آهي.  آدمشماري لاءِ ڪراچي کي 14 هزار 552 بلاڪس ۾ ورهايو ويو ڪراچي شهر کي 365 چارجز، 2412 سرڪلز ۽ 14 هزار 552 بلاڪس ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ بلاڪ جي گهر شماري 15 کان 17 مارچ تائين جاري رهندي ۽ پوءِ 18 کان 27 مارچ تائين ان ئي بلاڪ جي آدمشماري ٿيندي جڏهن ته 28 مارچ وارو ڏينهن بي گهر ماڻهن جي آدمشماري لاءِ رکيو ويو آهي. گهر ۽ آدمشماري لاءِ 16 هزار پوليس آفيسر ۽ اهلڪار فرض سر انجام ڏيندا جن مان 10 هزار 500 اهلڪار ڪراچي جڏهن ته ساڍا 5 هزار اهلڪار سنڌ جي ٻين شهرن کان گهـُرايا ويا آهن. آدمشماري جي موقعي تي ڪراچي جي 14 علائقن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جتي آدمشماري ٽيمن لاءِ پوليس سان گڏ پاڪ فوج جا جوان به مقرر ڪيا ويا آهن. حيدرآباد ضلعي ۾ مجموعي طور تي 2069 بلاڪ، گهوٽڪي ضلعي ۾ 1294 بلاڪ ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ 246 بلاڪ قائم ڪيا ويا آهن. آدمشماري جي قانون موجب آدمشماري شروع ٿيڻ کان اڳ بلاڪن جي معلومات فريز ڪئي وئي آهي، جن ۾ هاڻي ڪابه ردوبدل نٿي ڪري سگهجي. هوڏانهن وفاقي سرڪار آدمشماري ۾ سنڌ حڪومت جي اعتراضن ۽ مُک مطالبن کي رد ڪيو ويو آهي. جنهن سبب آدمشماري ۾ سنڌ جا اعتراض برقرار آهن. اها گھُر پڻ ڪئي وئي هئي ته جن افغانين ۽ ڌارين جا قومي شناختي ڪارڊ ٺهيل آهن انهن جي ڳڻپ ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت به واضح پاليسي ڏني وڃي.  ته هُو ڳڻجي سگھن ٿا يا نه؟ ان کان علاوه اهو به معلوم ٿيو آهي ته وفاق پاران آدمشماري لاءِ ٺاهيل ”فيلڊ پلان“ (آئين) ۾ اهو پڻ ناهي ڄاڻايو ته جيڪڏهن ڪٿي به ڳڻپ حقيقت کان وڌيڪ يا حقيقت کان گھٽ ڪئي وڃي ته ان جي فوري حل لاءِ ڪنهن وٽ اختيار آهن؟ سنڌ حڪومت اهو به سوال اٿاريندي وفاق جو ڌيان ڇڪايو ويو آهي ته فيلڊ پلان ۾ ورڪ پلان شامل ڪيو وڃي. پر ان تي به سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ٻين مطالبن وانگر روز جي بنياد واري معلومات ان ئي ڏينهن انٽرنيٽ تي آڻڻ وارو سنڌ جو مطالبو به وفاق کان هضم ناهي ٿيو. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سنڌ جي وڏي وزير جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو، ناڻي وزير وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جون آدمشماري بابت تجويزون رد ڪري ڇڏيون، اسحاق ڊار چيو آهي ته گهر ۾ ڪنهن هڪ فرد جو سڃاڻپ ڪارڊ يا سڃاڻپ جو دستاويز پيش ڪرڻو پوندو، ڪوئي سڃاڻپ جو دستاويز پيش نه ڪندڙن کي به ڳڻيو ويندو، ضلعي سطح تي آدمشماري جي ڊيٽا تائين عوام جي رسائي ناممڪن آهي، شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪيو آهي، شفاف آدمشماري لاءِ پاڪ فوج جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون آهن، ڊيٽا مستند هجڻ لاءِ خاندان جي ڪنهن به فرد جو سڃاڻپ ڪارڊ هئڻ ضروري آهي، سڃاڻپ ڪارڊ نه هئڻ تي ڪو به دستاويز ڏيکاري سگهجي ٿو.

 

فتح حق ۽ سچ سان بيهندڙن جي ٿيندي، زبردستي مذهب بدلائڻ ڏوهه آهي: نواز شريف

ڪراچي  (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ وڏو ڏوهه آهي ڪنهن کي جنت يا دوزخ جو فيصلو ڪرڻ، مذهبي فرق پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ عدم استحڪام ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسلام امن جو مذهب آهي، دهشتگردي جو ان سان ڪو به  تعلق نه آهي، اسلام، امن، محبت ۽ انسانيت ۽ سمورن مذهبن جو احترام جو پيغام ڏئي ٿو، پاڪستان ۾ سمورن مذهبن جي ماڻهن کي هڪجهڙا حق حاصل آهن، حڪومت اقليتين جي تحفظ ۽ وڏن ڏوهن جي خاتمي لاءِ وڌيڪ سخت قانون بڻائيندي، پاڪستان ۾ ڪو به مذهبي جهيڙو نه آهي، اسان جو جهيڙو انهن قوتن سان آهي جيڪي پاڪستان جي ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهي رهيون آهن، بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا ۽ قومي کي ورهائڻ چاهين ٿا، وزيراعظم هندو برادري جي ترقي لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ۽ ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ هليٿ ڪارڊ اسڪيم شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، اڱاري تي ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ن ليگ سنڌ جي اقليتي ونگ تحت هندن جي ڏڻ هولي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 2 سال اڳ ديوالي جي تقريب ۾ آيو هيس، مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي، 2 سال اڳ مان توهان جو ٿي ويو هيس ۽ توهان منهنجا ٿي ويا هئا، اڄ هولي جي تقريب ۾ شرڪت ڪري اسان جا رشتا اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿي ويا آهن، هن چيو ته هولي رنگن  جو ڏڻ آهي، اهي رنگ محبت ۽ امن جو پيغام آهن جيڪڏهن ڪنهن مذهبي اڳواڻ جي دل ۾ محبت نه هوندي ته ان جي شخصيت ان گل وانگر هوندي آهي جنهن جو ڪو به رنگ نه هوندو آهي ۽ ان جي ڪا به خوشبو نه هوندي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي موسم تبديل ٿي رهي آهي، بهار جي موسم اچي رهي آهي، اڄ ڪراچي آيو آهيان ۽ اي سي هلائڻي پئي، وطن جي چپي چپي تي بهار جي موسم جو رنگ اچي رهيو آهي، اهڙي طرح معيشت تي به بهار جو رنگ اچي رهيو آهي، پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿي رهي آهي ۽ سڄي دنيا اعتراف ڪري رهي آهي ته ايشيا ۾ پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، هن چيو ته عالمي معاشي ميگزين اڪنامڪ پاڪستان جي معيشت جي بهتري لاءِ سٺو لکيو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جا اثر هتي رهندڙ هر مذهب ۽ علائقي جي ماڻهن کي فائدو ڏيندا ۽ ڪنهن جي ايجنڊا کي ان جي ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ ڏيندا، هن چيو ته اسلام اهو دين آهي جيڪو انسانيت سان محبت جو درس ڏئي ٿو، اسلام ۾ سمورن مذهبن جي ماڻهن جو احترام ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، پاڪستان مذهبي تڪرار کي روڪڻ لاءِ قائم ٿيو هو، پاڪستان ۾ ڪنهن کي مذهبي اختلافن جي اجازت نه ڏني ويندي، حڪومت سمورين مسجدن، گرجا گهرن، مدرن ۽ وڌيڪ مذهب جي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪندي، هن چيو ته ڪجهه ماڻهو دنيا ۾ جنت ۽ دوزخ جو فيصلو ڪرڻ چاهين ٿا، اسان انهن جي ايجنڊا کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان سڄي دنيا کي جنت بڻائيندسين، هن چيو ته مان به عام انسان آهيان پنهنجو پاڻ کي حڪمران نٿو سمجهان، ملڪ جي نئين سر تعمير ڪرڻ وارا آهيون ۽ ملڪ جي حفاظت ڪرڻ وارا آهيون، وزيراعظم چيو ته اقليتين جي تحفظ ۽ وڏن ڏوهن جي خاتمي لاءِ وڌيڪ سخت قانون جوڙينداسين، هن هندو برادري لاءِ 50 ڪروڙ رپيا گرانٽ جو اعلان ڪيو.

 

2007ع کان 2008ع تائين جي فوجي مهم آپريشن رد الفساد ۾ بدلجي وئي آهي: آرمي چيف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ برطانيا ”امن جي ڪوششن ۾ تجربن جي ڏي وٺ“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو آهي ته 2007ع کان 2008ع تائين فوجي مهم آپريشن رد الفساد ۾ بدلجي وئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خطاب ڪندي چيو ته پاڪستاني فوج دهشتگرديءَ، انتها پسنديءَ خلاف بي پناهه ڪم ڪيو آهي، آپريشن رد الفساد ملڪ ۾پائدار امن ۽ مضبوطيءَ جي لاءِ  آهي، جنرل قمبر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته آپريشن رد الفساد ڏور رس امن جي قيام جي لاءِ ڀرپور انداز ۾ جاري آهي، برطانيا جي ليفٽينينٽ جنرل پيٽرڪ سينڊر پاڪ فوج، عوام جي قربانين کي ساراهيندي چيو ته پاڪ فوج جي قربانين پاڪستان ئي نه پر دنيا کي بچايو آهي، اجلاس ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر، سفارتڪار، ٿنڪ ٽينڪس ۽ يونيورسٽيءَ جي نمائندن کان سواءِ ٻين عملدارن به شرڪت ڪئي.36

 

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ کان آدم شماري شروع ٿيندي، تياريون مڪمل

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان ۾ ڇهين آدمشماري جي شروعات اڄ اربع کان شروع ٿيندي، جيڪا ٻن مرحلن ۾ 15 مارچ کان 25 مئي تائين مڪمل ڪئي ويندي، 19 سالن کانپوءِ آدمشماري لاءِ تمام تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن،  سنڌ ۾ پهرين مرحلي ۾ شامل ڪراچي جي 6 ئي ضلعن، حيدرآباد ۽ گهوٽڪي ضلعن توڙي ڄامشوري ضلعي جي سيوهڻ تعلقي ۾ آدمشماري لاءِ سامان پهچايو ويو آهي، آدمشماري جي موقعي تي ڪراچي جي 14 علائقن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جتي آدم شماري ٽيمن لاءِ پوليس سان گڏ پاڪ فوج جا جوان به مقرر ڪيا ويا آهن.پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ماڻهن کي جدا ڳڻپ ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ موجوده ٻٽي شهريت وارن کي به ڳڻيو ويندو، تفصيل موجب آدمشماري جو پهريون مرحلو 15 مارچ کان شروع ٿيندو ۽ 15 اپريل تائين جاري رهندو جنهن کانپوءِ لاجسٽڪ جي منتقلي لاءِ 10 ڏينهن جو وقفو هوندو ۽ ان کانپو3 ٻيو مرحلو شروع ٿيندو جيڪو 25 اپريل کان شروع ٿيندو ۽ 25 مئي جاري رهندو، پهريان 3 ڏينهن گهرن يا آدمشماري لاءِ رکيا ويا آهن جنهن کانپوءِ 10 ڏينهن ۾ آدمشماري جو عمل مڪمل ڪيو ويندو، هڪ ڏينهن علائقي ۾ موجود بي گهر ماڻهن جي ڳڻپ لاءِ رکيو ويو آهي، آدمشماري لاءِ ساڍا 18 ارب رپيا رکيا ويا آهن، آدمشماري جي عمل ۾ هڪ لک 18 هزار 9 سئو ماڻهن کي تربيت ڏني وئي آهي، جڏهن ته فوج جا 2 لک جوان حصو وٺندا ۽ هر ڳڻپ واري سان هڪ جوان هوندو، پهريون ڀيرو گدڙن کي به ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويندو، آدمشماري دوران ڪنهن به قسم جي ڄاڻ يا شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ هيلپ لائين نمبر 080057574 به جاري ڪيو ويو آهي.