تازيون خبرون

Daily Archives: March 14, 2017

ريٿڪ روشن پيءُ جي چوڻ تي ڪبير خان جي فلم ۾ ڪم نه ڪيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ايڪشن هيرو ريتڪ روشن والد راڪيش روشن جي چوڻ تي هدايتڪار ڪبير خان جي فلم جي پيش ڪش کي لت هڻي ڇڏي، هدايتڪار ڪبير خان جو شمار فلم نگري جي ڪامياب ڊائريڪٽرن ۾ ٿئي ٿو جنهن هن وقت تائين ڪيتريون بلاڪ بسٽر فلمون ڏنيون آهن جن ۾ ايڪ ٿا ٽائيگر ۽ بجرنگ ڀائي جان، جڏهن ته ڪبير خان ريتڪ کي پنهنجي فلم ۾ ڪم جي پيش ڪش ڪئي جيڪا هن ٺڪرائي ڇڏي، ڀارتي ميڊيا موجب ڪبير خان جي فلم اسڪرپٽ پڙهڻ تي ريتڪ روشن ڪم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو پر پنهنجي والد جي چوڻ تي فلم ۾ ڪم کان انڪار ڪري ڇڏيو.

 

ڊونلڊ ٽرمپ جي رويي مان مايوس آهيان: ڪرسٽن اسٽيورٽ

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪارا ڪرسٽن اسٽيورٽ به آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان پنهنجي مايوسيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. ڪرسٽن اسٽيورٽ هڪ ٽي وي شو دوران چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۾ ريمارڪس تي جواب ڏيڻ جو حوصلو ناهي. مان عوامي سطح تي اچي صدر بابت پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ مون کي اميد هئي ته ٽرمپ به پنهنجو رد عمل عوامي سطح تي ظهر ڪندو پر هن خاموشي اختيار ڪئي، جنهن تي مون کي ڏاڍي مايوسي ٿي آهي.

 

پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل: محمد عرفان اينٽي ڪرپشن يونٽ ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس  نيوز) پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ فاسٽ بولر محمد عرفان اينٽي ڪرپشن يونٽ جي سامهون پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي، سي پي بي چيئرمين چيو آهي ته اسپاٽ فڪسنگ ۾ جيڪو رانديگر ملوث نڪتو ان جو سڄو ڪيريئر ختم ٿي ويندو. سي پي بي جي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ هو تگه بڪيز پنهنجو طريقي ڪار تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ دوست ۽ مائٽن ذريعي فڪسنگ ڪرائيندا آهن، شرجيل ۽ خالد لطيف خلاف ثبوت هئا ان ڪري انهن کي فوري طور معطل ڪيو ويو. شهريار خان ٻڌايو ته محمد عرفان ۽ شاهزيب حسن خلاف جاچ جاري آهي، هنن صاف چيو آهي ته جيڪي بڪيز جي ڳالهين ۾ ايندو اهو پنهنجي ڪيريئر تان هٿ ڌوئيندو.

 

خوف جي باوجود پاڪستان ايندڙ پرڏيهي رانديگرن کي سلام پيش ڪريان ٿو: محمد حفيظ

لاهور (اسپورٽس  نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ پشاور زلمي جي رانديگر محمد حفيظ چيو آهي ته خوف جي باوجود پاڪستان ايندڙ پرڏيهي رانديگرن کي سلام پيش ڪريان ٿو ته انهن ملڪ ۾ دهشتگردي جي باوجود پنهنجن حوصلن کي بلند رکيو، انٽرويو دوران هن چيو ته مون کي ٽيم جي کٽڻ جي وڏي اميد هئي ڇو ته ان لاءِ وڏي محنت ڪئي ۽ سٺي پرفارمنس ڏني هئي، هڪ ٽيم جي حيثيت سان ڪوشش ڪئي ته اسان هر ميچ ۾ سٺي کان سٺي پرفارمنس ڏيون ۽ اڳتي وڌون، مان رانديگرن ۽ انهن جي خاندان کي سلام پيش ڪريان ٿو جو انهن رانديگرن کي اچڻ جي اجازت ڏني.

 

ڊيمن  ۾ پاڻي کوٽ، ملڪي معيشت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي..!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي تربيلا ڊيم ۾ مسلسل پاڻي کي کوٽ ٿي رهي آهي، جڏهن ته هن وقت پاڻي گهڻي سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي جنهن مان بجلي جي پيداوا ۾ مسلسل کوٽ ٿي رهي آهي ۽ اهو عام ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته پاٽي جي کوٽ بجلي جي بحران جو اهم سبب بڻبي ۽ ملڪ ۾ هن وقت جيتري بجلي جي لوڊشِينگ هلي رهي آهي انهي لوڊ شِيٽگ ۾ پڻ واڌ جو انديشو آهي جنهن سان ملڪ جي معيشت تي وڏي اثر پوندو،۽ حڪمرانن جون ملڪ مان بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ واريون ڳاليهون صرف هڪ ڳالهين ٿي محدود ٿي وينديون.جڏهن ته هن وقت سموري ملڪ اندر بجلي جو سنگين بحران هلي رهيو آهي ۽ بجلي ۾ پيدوار ۾ 40کان 50فيصد کوٽ ٿي وئي آهي،هن وقت تربيلا اندر پاڻي جي کوٽ ٻڌائي پئي وڃي ٻئي پاسي منگلا ڊيم اندر صرف 14فٽ پاڻِي وڃي بچيو آهي،ٻنهي ڊيمن ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ ذرعي ضرورتن لاءِ پڻ هڪ وڏو سواليه نشان بڻيل آهي،خاص طور صوبي سنڌ اندر جتي سال جا ٻارهن مهينا پاڻي جي کوٽ رهندي آهي،جڏهن ته حڪومت تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي لاءِ عالمي بينڪ کان وڌيڪ قرض حاصل ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي جي حوالي سان اجلاس ٿيو هو. جنهن اجلاس ۾ انٽرنيشنل بئنڪ جي نمائندن به شرڪت ڪئي هئي . اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ جي اختيارين ٻڌايو ته تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي لاءِ قرض جو انتظام ٿي ويو آهي. انٽرنيشنل بيڪ 39 ڪروڙ ڊالر ڏيندي. هنن چيو ته ايشين بئنڪ منصوبي جي انفراسٽڪچر انسويٽسٽ مينٽ لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته داسوڊيم لاءِ ٻه ارب ڊالر به ڏيندي. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار تربيلا جي واڌ واري منصوبي لاءِ عالمي بينڪ جي ڪردار جي ساراهه ڪئي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته تربيلا ڊيم پاڪستان لاءِ اهم تاريخي ڊيم آهي. حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. توانائي شعبي ۾ سڌارا حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهن.پر وري ٻئي پاسي ڪالهه حڪومت پاران اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته تربيلا ڊيم اندر پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي انڪري ملڪ مان لوڊشينگ ختم ڪرڻ به پري جي ڳالهه آهي پر وڌيڪ لوڊشِيٽنگ ٿيڻ جا امڪان آهن،

پاڪستان واپڊا پاران جيڪا لسٽ جاري ڪئي وئي آهي ان اندر ٻڌايو ويو آهي تربيلا ڊيم اندر پاڻي جو ذخيرو1380ڊيڊ لائين تي اچي پهتو آهي،جڏهن ته ڊِيم جو استعمال لاءِ قابل پاڻي صرف ۽ صرف 60هزار ڪيوسڪ وڃي بچيو آهي،جڏهن ته تربيلا ڊيم اندر پاڻي جي آمد16هزار800ڪيوسڪ آهي ۽ پاڻي جو اخراج 60هزار ڪيوسڪ آهي،انڪري ايندڙ هفتي تائين تربيلا ڊيم مان ايترو پاڻي خارج ڪري سگهجي ٿي جيترو پاڻي تربيلا اندر داخل ڪيو ويندو،جڏهن ته اختارين پاران اهڙو به بيان ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن تربيلا مان پاڻي جو نيڪال وڌيڪ ڪيو ويو ته ان سان هائيڊل پاور سسٽم کي پاڻي جي موجود گار وڌيڪ نقصان پهچائي سگهي ٿي،هڪ طرف تربيلا ڊيم جي صورتحال ڪجهه اهڙي آهي ته ٻئي پاسي ٻيو پاڻي جي ذخيرو جو وڏي ۾ وڏو ڊيم منگلا ڊيم جنهن اندر پاڻي جي ذخيرو ڊِيڊ ليول14فٽ کان مٿي جي آهي،جتي هن وقت پاڻي جو ذخيرو1050فٽ جي سطح تي آهي،جڏهن ته ڊِيڊ ليول1040فٽ آهي،جنهن ڪري اهو خدشو آهي ته انهي ڊيم ڊيم اندر به ٻن ڏينهن ۾ پاڻي ڊيڊ لائين پهچي ويندو،هن وقت منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 2600هزار700ڪيوسڪ آهي ۽ اخراج 20 ڪيوسڪ آهي،

جڏهن ته قابل استعمال پاڻي جو ذخيرو1لک2هزار ڪيوسڪ پاڻي آهي،۽ ٻئي پاسي اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان جي هڪ ٻئي وڏي ڊيم ريزروائر ۾ به پاڻي جي مسلسل کوٽ ٿي رهي آهي،جنهن اندر به پاڻي جو گڏ ڪيل ذخيرو تقريبن ختم ٿيڻ وارو آهي،جتي پاڻي جي ڊِيڊ لائين 637فٽ آهي ۽ هن وقت اتي پاڻي جي سطح 639فٽ آهي،جڏهن ته اختيارين پاران ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي ڊيمن اندر پاڻي جي مسلسل کوٽ انتهائي سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي،۽ بجلي جي پيدوار صرف هڪ هزار ميگا وارٽ وڃي رهي آهي،جيڪا پاڻي جي پوري دستيابي وقت 5هزار ميگا وارٽ بجلي پيدا ڪندي هئي،جنهن ڪري ڊيمن ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب بجلي جي پيداور ۾ پريشانيون پيش اچي رهيون آهن ۽ ملڪ کي بجلي جي فراهمي لاءِ سموري بار ٿرمل پاور هائوس ۽ گئس پارو پلانٽ کي برداشت ڪرڻو پوندو،جنهن مان اهو واضع آهي ته پوري ملڪ اندر بجلي جي بحران جو انڊيشو آهي،۽ ،ملڪ ۾ بجلي جي قلت 4هزار ميگا وارٽ تائين پهچي سگهي ٿي،انڪري شهري آبادي گهٽ ۾ گهٽ 6 ۽ ٻهراڙين واري علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيٽنگ 9کان 10 ڪلاڪ ڪئي ويندي،۽ اها بجلي جي لوڊشِينگ گليشيئر تان جيستائين صرف نه ٿي رڳي ان وقت تائين بجلي جو بحران برقرار رهندو،۽ جڏهن جبلن تان صرف ڳڙي پاڻي جي صورتحال اختيار ڪري ڊيمن ۾ داخل ٿيندي انڪري ٻئي ڊيم پاڻي جي بحران کان بچي ويندا،

پاڻي جي مسلسل کوٽ جتي پاڪستان اندر وڏا بحران پيدا ڪيا آهن اتي پاڪستان جي صوبي سنڌ به وڏيون تباهيون آنديون آهن، اسان جي سنڌ ۾ سڀئي پڇڙيون واريون آباديون پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ  تڙپي رهيون آهن ۽ هر طرف ڪربلا جا منظر آهن هن زرعي ملڪ ۾ ماڻهن جو 100 سيڪڙو گذارو ٻني ٻاري تي آهي ۽ پاڻي نه هجڻ سبب زمينون ڀڙڀانگ بڻجي ويون آهن جنهن سبب ماڻهو لڳ ڀڳ چئن سالن کان بلڪل بيروزگار بڻجي ويا آهن جنهن سبب هڪ پاسي ته ماڻهن وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ڪئي آهي ته ٻي طرف شهر ويران بڻجي ويا آهن. اها صورتحال صرف ۽ صرف پاڻي جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿي آهي،

 

 

تجربيگاهن ۾ ڦاٿل سنڌ جي تعليم: تحرير وقاص کوسو

جيئن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عطائي ڊاڪٽر سمجهه ۾ نه ايندڙ بيماري جي صورت ۾ مختلف دوائون ڏئي مريض تي  تجربا ڪندا آهن،جيئن ڪو ڪيميادان دنيا جا ڳجهه ڄاڻڻ لاءِ تجربيگاهن ۾ ويهي تجربا ڪندو ٺيڪ اهڙي طرح سنڌ جي تعليم کي به تجربيگاهن مان گذاريو پيو وڃي،ڪڏهن ڪهڙي پاليسي،ته ڪڏهن ڪهڙو قانون،ڪڏهن ڪهڙو نظام، ته ڪڏهن بائيوميٽرڪ ،ته ڪڏهن تعليمي ايمرجنسي يا وري اڃا ڪو ٻيو لقاءُ ڪيو پيو وڃي
ڪجهه مهينا اڳ پوري صوبي ۾ تعليمي ايمرجنسي لڳائي وئي ۽ حڪمرانن طرفان چيو ويو هاڻي تعليم سڌري ويندي،پر اڄ به ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود  تعليم  ته نه سڌري البته ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ڪاموري سياستدان يا بيورڪريٽ جي ذاتي زندگي سڌري وئي هجي، ڇوته ايمرجنسي هئڻ باوجود روز ٽي وي چيئنلن ۽ اخبار جي مطالعي بعد ڪيترن ئي اسڪولن جي بند هجڻ،اسڪولن ۾ اوطاقون قائم هجڻ،ڪٿي اسڪولن لاءِ عمارتون نه هجڻ ته وري استادن جي کوٽ ۽ سهولتن جي اڻاٺ جون خبرون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون،شايد اها تعليمي ايمرجنسي ان ايمرجنسي جهڙي آهي جيڪا جيڪا ڪو آمر آئين ٽوڙي مڙهي ٿو ته جنهن تحت سياست تي پابندي هوندي آهي سو شايد نالي ماتر تعليمي ايمرجنسي مڙهڻ پويان به اهو اصطلاح آهي ته تعليم تي پا……….
اڃا اهي تجربا ڪم نه آيا ته هڪ ٻيو تجربو ڪيو ويو آهي جيڪو  بائيومٽيرڪ جي نالي سان ڪيو ويو آهي شروع ۾ بائيوميٽرڪ اچڻ تي خوشي ٿي ته شايد هاڻي استاد اسڪول ويندا سنڌ جي تعليم جي لڏندڙ ٻيڙي ڪناري لڳندي پر افسوس جو ان جو به  ڪو کڙ تيل نه نڪتو پر ابتو ان جا نتيجا به تعليم لاءِ هاڃيڪار نڪتا ڇو ته استاد اڄ به اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ناهن، جي ڪجهه وڃن ٿا ته سڄو ڏينهن ڪاميٽي رومن ۾ ڪچهريون ڪري موٽي اچن ٿا بائنوميٽرڪ سان به تعليم جي نظام ۾ ته سڌارو نه آيو پر اهو ضرور ٿيو هوندو ته بائيوميٽرڪ ميشن جي خريداري ۾ ڪامورن جا ڏينهن سڌري ويا هوندا.
اڃا تجربن جو شوق پورو نه ٿيو ته وري اسان جي تعليم کاتي جي ڪامورن تعليمي سڌارن لاءِ ايليمينٽري اسڪول نظام آندو، جنهن تحت تر جي هاءِ اسڪول جي ويجهو موجود سمورا پرائمري،مڊل ۽ ٻيا اسڪول ان وڏي يعني هاءِ اسڪول ۾ ضم ڪيا ويا،ان نظام تحت اسڪولن کي ويجهي هاءِ اسڪول جي ماتحت ڪيو ويو،جنهن تحت اسڪول جا فنڊ ۽ ٻيا سمورا معاملا هاءِ اسڪول سان جوڙيا ويا،اهو نظام به شايد زمين تي  ته پوري طرح لاڳو نه ٿيو پر ڪاغذن ۾ شايد ان سان به تعليمي نظام  ۾ سڌارا آيا هوندا پر گرائونڊ تي ڏٺو وڃي ته ان سان رڳو مسئلا ۽ پيچيدگيون پيدا ٿيون آهن جن وڌيڪ نظام کي ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي.
مطلب ته سنڌ جي تعليم کي سڌارڻ لاءِ موجوده حڪومت عطائي ڊاڪٽرن وانگر مختلف تجربا ڪري  رهي آهي جنهن جا سٺا نتيجا نڪرندي ته ڏاسڻ ۾ نٿا اچن پر ابتو انهن تجربن جي ڪري تعليمي نظام ۾  وڌيڪ منجهارا جنم وٺي رهيا آهن.
اهڙن تجرن جو اندازو مون کي ان وقت ٿيو جڏهن آئون پنهنجي پرائمري اسڪول جي يادن کي تازو ڪرڻ ڳوٺ انڙپور جي گورنمينٽ بوائز  پرائمري اسڪول ويس،جتي هن وقت به لڳ ڀڳ 800 جي ويجهو شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن،اتي اسڪول تنگ ۽ ننڍن  ڪلاس رومن ۾ سون جي انگن شاگرد واڙيا پيا هئا،اتي شاگرن لاءِ رڳو 5 استاد مقرر ٿيل آهن،جڏهن امتحان سر تي هجڻ باوجود ڪجهه ڏينهن اڳ اسڪول مان  استادن کي بدلي ڪيو ويو ته انهن استادن جو بائيوميٽرڪ ڪنهن ٻئي اسڪول مان ٿيل هيو ،انهن کي حڪم ڪيو ويو ته توهان جي بائيوميٽرڪ ڦلاڻي اسڪول ۾ ٿيل آهي اتي وڃي ڊيوٽيون ڪريو،جڏهن ته اخلاقي طور تي امتحان مٿي ته هجڻ ڪري استادن کي بدلي ئي نه ڪيو وڃي ها پر جيڪڏهن  بدلي به ڪيو ويو آهي ته آئين ۽ قانون موجب انهن جي جاءِ تي ٻيا استاد اسڪول ۾ موڪلي اتي استادن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ها،جڏهن استادن جي بدلي کان پوءِ اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالعزيز کوسو ڊي اي او پرائمري سان رابطو ڪيو ته ان کيس ٻڌايو ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول کي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سان ضم ڪري ان اسڪول کي ايليمينٽري اسڪول ڪيو ويو آهي، اوهان  ايليمينٽري  جي ڊي اي او سان رابطي لاءِ ڪيو،ان سان رابظي ڪرڻ تي وري هيڊ ماستر کي پرائمري سان رابطي لاءِ چيو ويو،وڌيڪ وٺ پڪڙ کانپوءِ کيس اهو جواب ڏنو ويو ته اوهان جنهن ايليمينٽري اسڪول سان ضم ٿيل آهيو اتي استاد پورا آهن،ان سلسلي ۾ اسڪول جي هيڊماستر ٻڌايو ته استادن جي کوٽ بابت مون ڪيترائي ڀيرا بالا آفيسرن سان ڳالهايو آهي پر ڊي اي او پرائمري ڊي اي او ايليمينٽري ڏانهن ۽ ڊي اي او ايليمينٽري وري ڊي اي او پرائمري ڏانهن موڪلي ٿو  هن ٻڌايو ته ان ڪاغذ ۾ قرار ڏنل ايليمينٽري نظام جي ڪري تعليمي ماحول تي هاڃيڪار اثر پيا آهن.ان انتظامي پاليسي جي تڪرار سبب گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ برقرار آهي جتي 8 سو جي لڳ ڀڳ شاگرد انرول آهن جن لاءِ رڳو 5 استاد مقرر آهن،امتحان ويجها هجڻ ڪري هڪ استاد هڪ ڪلاس روم(ڪمري) ۾ ٻن ڪلاس (درجن) جي شاگردن کي پڙهائي ٿو، جڏهن هڪ ڪلاس ۾ ٻن درجن (ڪلاسن )جا شاگرد تعليم پڙهائيندا ته اهڙي ڳوڙ واري ماحول ۾  انهن کي ڇا استاد پڙهائيندو؟ ۽ شاگرد ڇا پڙهندا؟ ان جو اندازو ته پڙهندڙ پاڻ لڳائي سگهن ٿا،خدارا هن ڳوٺ جي شاگردن تي رحم ڪريو هتي استادن جي کوٽ سوڌو جن بہ سهولتن جي اڻاٺ آهي انهن جي پورائي لاءِ قدم کڻو.
آخر ۾ رڳو اهو چوندس ته منهنجي ڳوٺ جي اسڪول وانگر ٻيا جيڪي اسڪول بہ انهن تجربيگاهن مان گذريا پيا وڃن،ان سان اهو سلوڪ بند ڪري اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ،سهولتن ۽ جتي عمارتن جي کوٽ آهي اهي هڪ دم ختم ڪري انهن کي سڀ سهولتون  هڪدم ڏئي تعليمي نظام سڌاريو وڃي جيڪڏهن اهو تجربن وارو نظام جاري رهيو ته اسان اهو سمجهڻ تي حق بہ به جانب هونداسين ته  موجوده پ پ جي حڪومت ان ڏاهي جي قول تي عمل پيرا آهي ته جنهن قوم کي ختم ڪرڻو آهي ان کان تعليم جو زيور کسي وٺو اها قوم پاڻ ئي بغير رت وهائڻ،گولي هلائڻ ۽ قتل غارت جي ختم ٿي ويندي. 

پ پ چيئرمين پاران 3 مهينن بعد تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو

پنجاب ۾ سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ تي مسلم ليگ (ن) کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته سندس جماعت پنجاب ۾ ريليون ڪڍندي ۽ ان حوالي سان جلد ملتان ۾ هڪ وڏو جلسو ڪرڻ جي تاريخ جو پڻ اعلان ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري هِن وقت پارٽي جي ٻيهر بحالي جي حوالي سان لاهور ۾ آهي، سندس چوڻ آهي ته جهڙي طرح سنڌ سرڪار وزيراعظم نوازشريف لاءِ ٺٽي ۽ ٻين شهرن جي دورن لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا، ساڳي ريت شهباز شريف انتظاميا کي به کيس اهڙي سيڪيورٽي ڏيڻ گهرجي. پ پ چيئرمين پارٽي رهنمائن کي هدايت ڪئي آهي ته وفاقي حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) تي دٻاءُ وڌائڻ ۽ پ پ جا مطالبا تسليم ڪرائڻ لاءِ سڄي پنجاب ۾ ريليون ڪڍڻ جو اهتمام ڪن.پ پ جي چئن مطالبن ۾ پاناما اسڪينڊل ڪيس جي شفاف جاچ لاءِ پاناما بل آڻڻ، وفاقي گهرو وزير سميت ٻين حڪومتي وزيرن کي پارليامينٽ ۾ جوابده بڻائڻ لاءِ پارلياماني نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جوڙڻ، آزاد پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ پرڏيهي وزير جي مقرري سميت پاڪ چين اقتصادي راهداري تي گذريل سال مئي ۾ ڪرايل آل پارٽيز ڪانفرنس جي پڌرنامي تي عمل ڪرڻ شامل آهن. پ پ پنهنجي انهن چئن مطالبن کي حڪومت کان مڃائڻ لاءِ گذريل سال 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي نائين ورسي جي موقعي تي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر بدقسمتي سان ان تحريڪ ۾ تحريڪ نظر نه آيو. ٻڌايو پيو وڃي ته پنجاب حڪومت طرفان سيڪيورٽي نه ڏيڻ تي بلاول ڀٽو 10 مارچ تي اعلانيل پنهنجي ريلي ملتوي ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هلندڙ سال 19 جنوري تي فيصل آباد ۾ ريلي کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا روانو ٿي ويو هو، جنهن بعد پارٽي سرگرمين ۾ ايتري سگهه نه رهي سگهي جو اها سندس غيرموجودگي ۾ جلسن جي پروگرام کي اڳتي وڌائي سگهي. ان جا سبب ته ڪيئي آهن، پر بظاهر پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جي سياسي سگهه جو جائزو وٺڻ سان بهتر طريقي سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ماضيءَ جي مقابلي ۾ پيپلزپارٽي اُتي ڪمزور ٿي وئي آهي. جيتوڻيڪ پنجاب جي پارٽي قيادت کي به تبديل ڪيو ويو، پر جنهن جاءِ تي پيپلزپارٽي کي هجڻ گهرجي ها، اتي حڪمران جماعت کانپوءِ تحريڪ انصاف ٻئي نمبر تي مضبوط بڻجندي پئي وڃي ۽ ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي ته پ پ پنجاب ۾ اهي سياسي سرگرميون ڪرڻ ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهي، جنهن سان پارٽي جو ڪردار جاندار ۽ سگهارو ٿي سگهي، ساڳئي وقت پ پ پاران پنجاب ۾ جلسا ڪرڻ ۽ صوبي ۾ سياسي سرگرمين جي حوالي سان ٿيندڙ اعلانن جي پوئيواري نه ڪرڻ سان به پارٽي جي مضبوطي تي منفي اثر پيو آهي.2018ع ملڪ ۾ نين چونڊن جو سال آهي، ان کان اڳ پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف توڙي مسلم ليگ (ن) سميت ملڪ جي اهم جماعتن چونڊ مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، پر پيپلزپارٽي لاءِ اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ ان جا پير ڄميل آهن، ان هوندي به پ پ پنهنجي سرگرمين کي سنڌ تائين محدود ڪيو آهي، جنهن جو نتيجو گذريل عام چونڊن کان به وڌيڪ خراب نڪري سگهي ٿو. بهرحال، اسين سمجهون ٿا ته پيپلزپارٽي وفاقي سطح جي جماعت آهي، جنهن وٽ رضا رباني ۽ اعتراز احسن جهڙا سينئر ۽ ڏاها اڳواڻ موجود آهن، پر ان هوندي به پارٽي قيادت اهڙا قدم کڻي رهي آهي، جيڪي واضح طور انهن اڳواڻن جي دانشمندي ۽ حڪمت عملي کان خالي ڏسجن ٿا. رهي ڳالهه بلاول ڀٽو زرداري جي پنجاب ۾ سيڪيورٽي جي فراهمي جي ته ان حوالي سان هُن جيڪي به خدشا ظاهر ڪيا آهن، تن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته سندس ماءُ کي پنجاب ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو ۽ هاڻ پ پ اهڙو ڪوبه رسڪ نه کڻندي، جنهن سان ان کي ڪو وڌيڪ نقصان ڀوڳڻو پوي.