تازيون خبرون

Daily Archives: March 11, 2017

سن ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ڪار کي ڪوچ جو ٽڪر، ۴ ڄڻا فوت، ۳ زخمي

سن(م.ڊ)  سن ڀرسان انڊس هاءِ روڊ تي خاڻوٺ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ انب کوسو اسٽاپ وٽ حيدرآباد طرف ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ حبيب الله موڙ کان سيوهڻ طرف ويندڙ ڪار جي مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار سوات جا رهواسي ۳۰ سالا مسمات گاجائي/ ۲ سالن جي ٻارڙي انثا ۷ سالن جو نينگر پختونيا ۽ ۵۰ سالا هڪ نامعلوم عورت جن کي طبي امداد نه ملڻ جي ڪري ۴ ئي تڙپي ترپي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ۳ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن ۾ ظفر علي پٺاڻ .امان الله پٺاڻ سحرش شامل آهن جن کي ڳوٺاڻن مانجهند تعلقا اسپتال آندو جتي اسپتال ۾ سهولتون نه هئڻ جي ڪري سمورن زخمين کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو .جڏهن پوليس جي نااهلي سبب ڊرائيور مسافر ڪوچ سميت فرار ٿي ويو.جڏهن ته پٺاڻن جو ميڊيا کي ڪوريج کان روڪي ڪيمرامينن سان بدتميزي پڻ ڪئي ۽ زوري اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

 

ماضي جي چائلڊ اسٽار اومڪا ڪپور جا بالي ووڊ ۾ چرچا

ممبئي (شوبز نيوز) 1997 ۾ رليز ٿيندڙ بالي ووڊ فلم جدائي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون هيون ان فلم جي مرڪزي اداڪارائن ۾ انيل ڪپور سري ديوي ۽ ارميلا شامل هئا ان فلم ۾ ان ايڪٽرز جي اداڪاري کي بي حد پسند ڪيو ويو جيڪا فلم جدائي جي ڪاميابي جي ضمانت بڻي فلم جي وڌيڪ ڪاسٽ ۾ قادرخان، فريده جلال، جاني ليور پاريش راول جاويد جعفري جي اداڪاري جي فلم چار چنڊ لڳايا فلم جدائي ۾ انيل ڪپور ۽ سري ديوي هڪ شادي شده جوڙي جو ڪردار ادا ڪيو جنهن جو تعلق هڪ مڊل ڪلاس فئملي سان هو ان فلم ۾ اوم ڪا ڪپور ۽ عليشاهه بيگ انيل ڪپور ۽ سري ديوي جي ٻارڙن جو ڪردار ادا ڪيو هو انهن فلمن جي مشهور اداڪارن کي دنيا ڄاڻي ٿي پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته اهي چائلڊ اسٽار هاڻي ڪهڙي حال ۾ آهن ۽ ڇا اهي بالي ووڊ سان وابسته آهن يا نه فلم جدائي ۾ انيل ڪپور جي پٽ جو ڪردار ادا ڪندڙ چائلڊ ايڪٽر اومڪا ڪپور ان کان اڳ فلم جڙوان ۽ هيرو نمبر ون ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪا آهن. اومڪا پنهنجي ڪيريئر جو آغاز فلم معصوم سان ڪيو هو. جنهن ان کي راتورات شهرت جي بلندين تائين پهچايو اداڪاري کان سواءِ هن ڊائريڪشن جي شعبي ۾ به پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا آهن.

 

ورلڊ 2019ع ۾ سنئين سڌي شرڪت پهرين ترجيح آهي: سرفراز احمد

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين ڪپتان سرفراز احمد ورلڊ ڪپ 2019ع ۾ ٽيم جي سنئين سڌي پهچڻ کي پنهنجو بنيادي هدف قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سرفراز احمد جو چوڻ هو ته جنهن ڏينهن کان مان ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي آهي، ان ڏينهن کان وٺي مالڪ سائين جو مون تي ڏاڍو ڪرم رهيو آهي، ٽيم جي اڳواڻي ڪرڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي، پي سي بي مون تي اعتماد ڪري جيڪا ذميواري ڏني آهي، ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ته اسان جو بنيادي مقصد ويسٽ انڊيز خلاف بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ آهي، ڇو ته اسان رينڪنگ ۾ وڌيڪ پوئتي نٿا وڃي سگهون.27

 

شاهه رخ خان جي فلم تڪميل کان اڳ 125 ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ انوشڪا شرما جي تڪميل هيٺ فلم دي رنگ نمائش کان اڳ ئي ڊسٽيبيوشن جي مالڪاڻي حقوقن جي مد ۾ 125 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪمائي ورتا آهن شاهه رخ خان ۽ انوشڪا شرما جي ڪامياب جوڙين ۾ هڪ آهي ٻنهي جي جوڙي ڪيترن ئي فلمن ۾ گڏ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن جن ۾ رب ني بنادي جوڙي، ۽ جب تڪ هي جهان، جهڙيون ڪامياب فلمون شامل آهن جڏهن ته ان جون فلمون باڪس آفيس تي به بلاڪ بسٽرز ثابت ٿيون آهن. پر هاڻي ان جي فلم هڪ وڌيڪ وڏي ڊيل ڪئي آهي ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب هدايت ڪار امتياز علي جي فلم دي رنگ ۾ شاهه رخ خان ۽ انوشڪا شرما مرڪزي ڪردار اداڪندا. جڏهن ته فلم جي شوٽنگ اڃا تائين جاري آهي ۽ مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي. پر فلم جي مقامي ۽ عالمي سطح تي ڊسٽبيوشن جا مالڪاڻا حق اين ايڇ اسٽوڊيوز 125 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيا آهن اهڙي طرح فلم نمائش کان اڳ ئي بجيٽ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم بڻجي ويئي آهي.

 

سنڌ جون اتساهيندڙ شخصيتون- رسول بخش پليجو ۽ سجاد علي شاهه: عاجز جمالي

هي شاگرد سياست جا ڏهاڙا هئا، جڏهن سنڌ ۾ ترقي پسند ۽ قومپرست شاگردن جو حسين رومانٽڪ دور هو. رومانس ڪنهن پريمي پريءَ يا زلفن جي قيد نه پر آزاديِ انقلاب جو رومانس هو. ڌرتيءَ سان عشق لاءِ نوجوان جي پروانن بنجڻ جو زمانو هو. هر ترقي پسند قومپرست نوجوان سمجهندو هو ”يه جان تو ڪوئي چيز نهين يه جان تو آني جاني هي.“ جنرل ضياءَ جي ان آمريت ۾ سنڌ جي هزارين نوجوانن جان جي پرواهه نه ڪئي، ائين عشق جي ميدان ۾ ڪاهي پيا. دادو جي سرزمين جنهن تاريخ اڳيان پنهنجي نئين سڃاڻپ پيش ڪئي. جڏهن استاد بخاري جهڙي رومانوي شاعر ”موري ميهڙ دادو ۾ ڍاٽيئڙا پٽ ڍول ڪُٺا“ لکيو، ان زماني ۾ اسان جو هن سان تعارف ٿيو. جڏهن اسان کي سندس انقلابي فلسفي سان اختلافِ رد جو سبق مليو. جڏهن اسان کي سيکاريو ويو ته مائوزي تنگ جو انقلاب نه پر ڪامريڊ لينن جو انقلاب. چيو ويو سوشلزم کان اڳ قومي جمهوري انقلاب ايندو نه ڪه عوامي جمهوري، عام ڪارڪن کان فلسفا مٿان مٿان کان گذري ويندا هئا. بس ايترو ئي ياد ڪيو ويندو هو ته پليجو غلط ڄام ساقي درست. چين غلط سوويت يونين درست پر سنڌ ۾ عوامي تحريڪ سنڌي شاگرد تحريڪ يا سنڌياڻي تحريڪ جو عروج هو. ايم آر ڊي تحريڪ جاري هئي پر هن انقلابِ آزادي جي رومانس جي دور ۾ ڪتاب پڙهڻ ان رومانس جو جهڙوڪر لازمي جز هو. مون ان دور ۾ ئي جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، مائوزي تنگ، لينن کان وٺي شيخ اياز ۽ ابراهيم منشي تائين سڀني کي پڙهيو. سياست جي دور مان نڪري صحافت ۾ داخل ٿياسين ته پليجو صاحب سان ڪافي ڪچهريون ٿيون.

هيءَ ڪڙي حقيقت آهي ته سوويت يونين جي زوال کانپوءِ سڄي دنيا ۾ انقلاب ۽ آزادي جي جدوجهد جو قبلو بدلجي ويو. چين پاڻ کي دنيا اڳيان نئين انداز سان پيش ڪيو يا نين حالتن مطابق آمريڪا سان مقابلي لئه پاڻ کي تيار ڪيو. اسان جي ملڪ ۾ ڪامريڊن جي ڪمزور ٿيڻ سبب آمريڪا مرده باد جي نعرن تي بنيادپرستن قبضو ڪيو، اسين اتي جو اتي رهياسين. آڪاش انصاري چواڻي ”اسان جي رهياسين اڌورا اڌورا“ رسول بخش پليجي پنهنجي عوامي تحريڪ کي نئين حالتن موجب تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا اڳتي هلي قومي عوامي تحريڪ بڻجي وئي، قيادت بدلجي وئي. نوجوان قيادت نئين حالتن مطابق تحريڪ کي منظم ڪيو پر اها ئي نظرياتي ڇڪتاڻ شروع. جهونو انقلابي پٽ جي خلاف ميدان تي نڪري پيو. عوامي تحريڪ جيڪا اڳ ئي ٽن حصن ۾ ورهايل هئي، هڪ حصو نواز ليگ جو حصو بڻجي وئي هئي ته ٻيو حصو عوامي جمهوري پارٽي بڻجي چڪو هو. رهيل عوامي تحريڪ به ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي.

اسلام ڪوٽ کان پنجين فيبروري کان شروع ڪيل لانگ مارچ پراڻي عوامي تحريڪ جي نئين شروعات هئي. اهو قافلو گذريل ڏينهن ڪراچي پهتو. قائداعظم جي مزار کان هزارين سنڌين ۽ سنڌياڻين نعرا هڻندي ڪراچي جي گهٽين کي ڳاڙهن جهنڊن جي رنگن ۾ رنگي ڇڏيو. ”هي ڪراچي ڪنهن جي سنڌين جي“. ”هم شهر بچاني نڪلي هين، آئو همارا ساٿ دو“. جيتوڻيڪ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اهو ته ڪڏهن ٿيڻ نه ڏيندي جو سنڌ جا شهر ٻهراڙين سان گڏ بيهن پر هيءَ ڪوشش زبردست آهي. منهنجي نظر ۾ هي ڪراچيءَ ۾ اتساهيندڙ سرگرمي هئي. ڪجهه سال اڳ به صدر جي زيب النساءَ اسٽريٽ تي هن جهڙو ئي منظر هو پر تڏهن ننڍو پليجو يا وڏو پليجو ڳالهه ساڳي هئا پر اڄ اياز هن ميڙ ۾ نه هو، سندس جڳهه عوامي تحريڪ جي صدر غلام نبي کوسي ورتي هئي پر اصل ڳالهه 88 ورهين جي جهوني ترقي پسند اڳواڻ رسول بخش پليجي جي همت حوصلي جي آهي. قائداعظم کي ويجهڙائپ کان ڏسندڙ رسول بخش پليجو جڏهن تاريخ جا ورق اٿلائي رهيو هو ته دل چوي پئي هو ڳالهائيندو رهي پر ڪنهن سياسي جلسي ۾ اهو ممڪن نه هو. سچ ته اهو آهي ته رسول بخش پليجو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو آهي، کيس سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگردن کي درس ڏيڻ لاءِ اڳيان آندو وڃي ته وڏو ڪم ٿي سگهي ٿو. رسول بخش پليجو سنڌ ۾ هڪ اتساهيندڙ شخصيت آهي. سندس سياست ۽ نظرين کي هڪ پاسي رکون پر تاريخ ۾ سندس رتبو اهم آهي.

سجاد علي شاهه

گذريل ڏينهن سنڌ کان هڪ تاريخ ساز شخصيت وڇڙي وئي. جيتوڻيڪ تاريخ جي درٻارين يا درٻاري ليکڪن اڳوڻي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه کي تڪراري بنائڻ لاءِ رياست جا سڀ وسيلا استعمال ڪيا پر سجاد علي شاهه پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين پنهنجي اصولن تي اٽل بيٺو رهيو. تاريخ ۾ اهڙا گهٽ ڪردار هوندا آهن جيڪي هميشه زنده رهندا آهن. اڳوڻو چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه به تاريخ جو اهڙو ئي ڪردار آهي. سجاد علي شاهه کانپوءِ پاڪستان ۾ اهڙو ڪو به چيف جسٽس ڪونه آيو، جيڪو ائين چوي ته ججن جا فيصلا ڳالهائيندا آهن. مون کي سندس چيف جسٽس وارو زمانو ياد پيو اچي جو اسين اخبار ۾ هوندا هئاسين. ڪنهن تقريب ۾ اسين اخبار وارا ساڻس ڳالهائڻ ويندا هئاسين ته چوندو هو مان جج آهيان. جج ڳالهائيندا ناهن ججن جا فيصلا ڳالهائيندا آهن، بعد ۾ سجاد علي شاهه جي فيصلن جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ملڪ ۾ وڏا سياسي طوفان برپا ٿيا. بينظير کي انصاف نه ڏيندڙ چيف جسٽس سجاد علي شاهه جڏهن نواز شريف کي انصاف ڏنو ته تاريخ ۾ لاڙڪاڻي ۽ لاهور جي فرق جنم ورتو پر جڏهن نواز شريف چيف جسٽس جي خلاف ٿي ويو ته بينظير چيف جسٽس جي پاسي بيهي رهي.

تاريخ ۾ سجاد علي شاهه ئي اهو بدنصيب چيف جسٽس ليکبو، جنهن کي پاڪستان جي رياست تحفظ نه ڏنو، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ سندس سنڌي هجڻ هو. سجاد علي شاهه کي زبردستي سپريم ڪورٽ کان ٻاهر ڪڍيو ويو هو. چيف جسٽس جي سيٽ ڇڏڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين مون سندس تفصيلي انٽرويو ڪيو هو، بعد ۾ سندس ڪيترائي انٽرويوز ڪيا پر سجاد علي شاهه خود ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته سنڌي هجڻ سندس وڏو ڏوهه هو. سجاد علي شاهه ڪراچي جو قديمي رهاڪو هو، تاريخ جو ڄاڻو هو. هو ايماندار شخص هو. کيس ڪنهن سياسي پارٽي ٺاهڻ جو به خيال هو، هڪ وقت هو جو هو عمران خان کي به سٺو سمجهندو هو پر بعد ۾ خيال بدلائي ڇڏيائين. لياري جو قديمي رهاڪو سجاد علي شاهه سنڌ مدرسته الاسلام جو شاگرد هو. منهنجو ذاتي خيال آهي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ سجاد علي شاهه وڏي بي رحمي جو شڪار ٿيو. ڇو ته هو اصول پسند هو، باضمير هو پر بهرحال سنڌي هو. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کان جڏهن قائداعظم محمد علي جناح، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ئي هضم نه ٿي سگهيا ته پوءِ رسول بخش پليجو يا سجاد علي شاهه ڪيئن هضم ٿي سگهندا پر هي ٻئي شخصيتون پنهنجي اندر  ۾ موجود لاتعداد تضادن ۽ تڪرارن باوجود سنڌ لاءِ انتهائي اتساهه ڏيندڙ شخصيتون آهن. تاريخ جي جبر کين ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ڌڪيو پر هي پاڪستان جي بدبودار ڪرپٽ سماج ۾ فٽ ٿي نه سگهيا ۽ الزامن جي نشاني تي رهيا.

aajizjamalijamali@yahoo.com

 

 

هڪٻئي جو رت وهائجي يا هڪٻئي کي فائدو ڏجي؟: امتياز عالم

ڦاٿل هزارين افغانين ۽ پاڪستانين کي طورخم ۽ چين وارين چوڪين وٽان اچڻ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ هڪ وڏو انساني اَلميو ٽاريو ويو، اهي چوڪيون لڳ ڀڳ ٽي هفتا اڳ انهن دهشتگردن جي چرپر ۽ اَچ وڃُ روڪڻ لاءِ بند ڪيون ويون هيون، جيڪي سرحد جي هُن پار يعني افغانستان جي سرحد سان لڳندڙ صوبن ۾ پنهنجي محفوظ پناهه گاهن ذريعي پاڪستان جي فوج تي حملا ڪري رهيا هئا، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان جي اتر اولهه واري سرحد اسان جي لاءِ ايتري پريشانيءَ جوڳي ڇو بڻجي وئي آهي ۽ اسان پريشانيءَ جو باعث بڻيل انهن لاڳاپن کي خطي ۾ امن لاءِ ڪيئن ڪتب آڻي سگهون ٿا؟

پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا، پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان وٺي ئي پيچيدگين جو شڪار رهندي پئي آيا آهن، پاڪستان کي موجوده علائقو برطانيا کان ورثي ۾ مليو آهي ۽ اهو سرحدن جي اها ئي حدبندي برقرار رکندو آيو آهي، جيڪي سڀ کان پهريون 1893ع ۾ سر ڊريونڊ ۽ افغانستان جي حڪمران عبدالرحمٰن مقرر ڪيون هيون، جن افغانستان جا ٻئي حڪمران توثيق به ڪندا آيا آهن، امير عبدالله خان 1905ع ۾ ان سرحد جي توثيق ڪئي هئي، جڏهن ته 1919ع ۾ افغانستان جي تڏهوڪي گهرو وزير علي احمد خان به آگسٽ 1919ع ۾ راولپنڊيءَ ۾ انهيءَ سرحد جي توثيق ڪئي هئي، 22 نومبر 1921ع تي ڪابل ۾ ٿيل معاهدي ۾ ان سرحد جي وڌيڪ توثيق ۽ تائيد ڪئي وئي هئي.

پوءِ ننڍي کنڊ مان برطانيا جي واپسي ۽ پاڪستان جي قيام کانپوءِ اهو تڪرار بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جاري رهيو ، اهو تڪرار باچا خان طرفان سرخ شدت تحريڪ طرفان تنهن وقت ۾ ان ڏس سرحد صوبي ۾ ٿيل ريفرينڊم جي مخالفت ڪرڻ سبب ويتر وڌي ويو، ڇو جو باچا خان پنهنجي اباڻي صوبي جي پاڪستان سان اسلحاق جو مخالف هو، جيتوڻيڪ ريفرينڊم جي بائيڪاٽ جي ڪري پختون قومپرست تنها ٿي ويا، تنهن هوندي به هنن اتر ۽ ڏکڻ جي پختونن کي ملائڻ واري بين الافغاني خواهش جيئري رهي، جيستائين ان پختونن جي خارجيت جي لاڙن جي بنيادن دمُ نه ٽوڙيو.

جيتوڻيڪ لويا جوڳي 1949ع ۾ ڊريونڊ لائين کي رد ڪري ڇڏيو هو، ۽ پاڪستان کي برطانوي انڊيا جي هڪ حصي جو جائز جانشين مڃڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو، ائين بين الافغان قومپرستيءَ وارا موروضا بهرحال جاري ۽ ساري رهيا.

پختونستان واري نظريي تي جيتوڻيڪ تڪرار رهندو رهيو، پر ان باوجود اڪثر پختون قومپرست هڪٻئي سان سلهاڙيل رهڻ/ گڏجڻ واري هوڏ تي عمل پيرا رهيا، سو پشاور کان ڪوئيٽا ۽ ڪراچيءَ تائين پختونن جي هڪٻئي سان تعلق جي ڪري سندن تنها يا الڳ ٿلڳ هئڻ واري سوچ ختم ٿي ۽ ائين پختون قومپرستي پاڪستان اندر وڏو حصو حاصل ڪرڻ لاءِ جاري رهندي آئي.

چئن ڏهاڪن جي شدت پسندي سرحد جي ٻنهي پاسي لاڳيتي ويڙهه ۽ ٽيهه لک افغانين جي پاڪستان تي پيل بار جي ڪري گهمندڙ ڦرندڙ افغانين ۽ ڪاروباري پختون طبقي لاءِ ٻنهي پاسي مارڪيٽ ۽ سڃاڻپ فراهم ڪئي، ان جي ڪري پختون قومپرستن کي پاڪستاني افغان جي دعويٰ جو موقعو فراهم ڪيو، جنهن سان بين الافغان ۽ پاڪستان واپار وارا مقصد پورا ٿين ٿا.

حادثو ئي چئجي ته پاڪستان ملڪ اندر دهشتگرديءَ خلاف وڙهندي افغان طالبان کي ناراض نه ڪرڻ ۾ ئي عافيت سمجهي، پاڪستان پنهنجي فائدي لاءِ افغانستان جي سياسي جماعتن کي مفاهمت کي به جنهن اختلاف پيدا ڪرڻ طور استعمال ڪيو، جنهن جي ڪري افغانستان اندر سياسي جماعتن ۾ ويتر شڪ پيدا ٿيا، افغانستان جي معاملن ۾ ڀارت جي حد کان وڌيڪ مداخلت به پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ دشمنا وڌايا، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳجهين لاڙين (پراڪسيوا رز) ۾ هٿي ملي.

صدر اوباما جي افغانستان مان واپسيءَ واري پاليسي اڳ ۾ ئي لوڏن ۾ آيل هن ملڪ کي ويتر ڪمزور ڪيو. ۽ ان سان افغان طالبان کي ويتر چڙهت ڪرڻ جو حوصلو به مليو.

ان دوران وري آپريشن ضرب عضب جي نتيجي ۾ ڪيئي دهشتگرد فرار ٿي ويا ۽ هنن لاقانونيت جي ور چڙهيل ڀرپاسي وارن افغان صوبن ۾ پناهه گاهون ڳولي ورتيون.

ان جي ڪر ڇا ٿيو جو، ٻنهي هڪٻئي تي دٻاءُ وڌايو، نتيجي ۾ ٻنهي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا ئي خراب ٿي ويا، حقيقت ته هي آهي ته ٻنهي رياستن ۾ تڪرار ۽ ڇڪتاڻ جو فائدو دهشتگرد ئي حاصل ڪري رهيا آهن، حقيقت ۾ صورتحال جي گهرج اها آهي ته رابطو وڌائي ٻنهي ملڪ لاءِ الڳ الڳ خطرو بڻيلن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، اهو احساس هئڻ باوجود ٻئي ملڪ  خطي جي مضبوطيءَ لاءِ ڪو مڪينزم جوڙڻ ۾ ناڪام ويا آهن.

ماضيءَ وانگر افغان جنگ نه رڳو داعش پر ڪيئي علائقائي ۽ عالمي قوتن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي آهي، عراق ۽ شام مان فرار ٿي داعش افغانستان ۽ پاڪستان جي انهن علائقن ۾ پناهه ڳولي رهي آهي، مختلف دهشتگرد گروهن کان ڌار ٿيل ڌڙا، شيعا مخالف گروهه ۽ سلالفي افغان طالبان جي اسلام قومپرستيءَ وارن مفروضن جي ڀيٽ ۾ داعش ۾ گهٽ بين الاسلامي ڪشش ڀانئن ٿا. داعش جو اڀري اچڻ حقيقت ۾ افغان طالبان سان رابطي جو جواز پيدا ڪيو آهي.

افغان طالبان سان رابطي لاءِ مختلف علائقائي ۽ عالمي طاقتن ۾ اتفاق پيدا ٿي رهيو آهي، روس، چين ۽ پاڪستان هڪ پاسي افغان سان رابطن تي زور ڏئي رهيا آهن ته ٽرمپ انتظاميا جو نئون دفاع وارو وزير ۽ قومي سلامتيءَ جو مشير وري افغان فوج جي مضبوطي چاهن ٿا، ۽ داعش سان نبرڻ لاءِ افغان طالبان سان رابطي جي امڪانن کي وزن ڏئي رهيا آهن.

صورتحال جي گهرج آهي ته ان ڏس ۾ گهڻ طرفي سفارتڪاري شروع ڪيئي وڃي، جنهن ۾ دلچسپي رکندڙ سمورين ڌرين کي شامل ڪيو وڃي، سرحد جي نگرانيءَ واسطي گڏيل مڪينزم قائم ڪرڻ لاءِ افغانستان، آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ٽه ڌرين ڳالهين جي بحاليءَ جي ضرورت آهي، سڀ کان اهم ڳالهه ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته افغان طالبان سان ڪهڙي ريت رکجي، جيڪڏهن اهي ڳالهين لاءِ راضي ٿين ته پوءِ کين ڳالهين جي ميز تي اچڻ لاءِ جنگبنديءَ تي راضي ڪيو وڃي، پر جي اهي مفاهمت تي راضي نه ٿا ٿين ته پوءِ انهن کي طاقت جي زور تي ٽڙيو وڃي.

آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابيءَ سان پڄاڻي ۽ سڄي ملڪ اندر آپريشن رد الفساد شروع ٿيڻ جي ڪري پاڪستان اهڙا اپاءَ وٺڻ جي پوزيشن ۾ آهن، جن سان جي اوڀر توڙي اولهه وارن ٻنهي پاڙيسرين جا خدشا ختم ٿي سگهن.

اهو سڀ ڪجهه ادلي بدلي طور ئي ٿي سگهي ٿو، موٽ ۾ افغانستان ۽ ڀارت ٻنهي کي ڳجهيون لڙايون روڪڻ تي راضي ٿيڻو پوندو، ڇو جو انهن جو مقدر خاص ڪري افغانستان ۽ پاڪستان جو مقدر هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي، علائقي ۽ بين الا علائقائي رابطي توڙي توانائي ۽ واپار جون …نيون راهون کُلي رهيون آهن، بس هاڻ رڳو طئي ڪرڻو آهي ته هڪٻئي جو رت وهائجي يا هڪٻئي مان فائدو حاصل ڪجي.

****

 

ميدانِ جنگ ۾ تبديل ٿيل مقدس ايوان….!

پارليامينٽ هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جو جاويد لطيف ۽ پي ٽي آءِ جو ايم اين اي مراد سعيد هڪ ٻئي سان وڙهي پيا ۽ مڪون ۽ ٺونشا هنيا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر معاملي جي جاچ لاءِ سينيئر پارليامينٽرين تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ٻنهي ميمبرن ۾ جهيڙي کان اڳ ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جڏهن مراد سعيد ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ڊپٽي اسپيڪر کيس روڪيندي چيو ته توهان صرف معاملي تي ڳالهايو تقرير نه ڪريو جنهن تي مراد سعيد ڪاوڙ ۾ ايندي چيو ته توهان اسان سان سدائين ائين ورتاءُ ڪندا آهيو، مراد سعيد کانپوءِ جاويد لطيف پاڪستان سپر ليگ جي حوالي سان ڳالهائيندي عمران خان پاران رانديگرن کي ڇٽل ڪارتوس چوڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته انهن کي ڳالهائڻ جي تميز نه آهي، ملڪي معاملن عزت خراب ڪندڙ ۽ اهڙا بيان ڏيندڙ به غدار آهن، پي ٽي آءِ وارا پنهنجي قائد کي عقل سيکارين، جنهن تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته جذباتي ٿيڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، توهان آرام سان پنهنجي ڳالهه ٻڌايو، جنهن تي پي ٽي آءِ جي مراد سعيد چيو ته هي ڪو مذاق آهي يا ڪو نئون قانون اچي ويو آهي ته آئون 2 منٽن ۾ ڳالهه مڪمل ڪريان ۽ ٻيا پنهنجي مرضي سا ڳالهائين، راڻا ثناءُ الله به پنهنجي بيان تي معافي وٺي جنهن سان پختونن جي دل آزاري ٿي آهي جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر مراد جي  مائيڪ بند ڪري ڇڏي ۽ چيو ته توهان تقرير نه ٿا ڪري سگهو جنهن تي مراد سعيد سميت پي  ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ڊپٽي اسپيڪر کين چيو ته گوڙ ڪري ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو، اجلاس کانپوءِ ٻئي ميمبر جڏهن پارليامينٽ جي لابي ۾ پهتا ته ٻنهي ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو ۽ هڪ ٻئي کي مڪون ۽ ٿڦڙون هنيون جنهن دوران ٻين ميمبرن وچ ۾ پئي معاملو ٺاري ڇڏيو. جاويد لطيف چيو ته اسيمبلي ۾ مراد سعيد (ن) ليگ جي قيادت تي تنقيد ڪئي جنهن جو مون جواب ڏنو ۽ جڏهن اجلاس ختم ٿيو ته لابي ۾ مراد سعيد ڪجهه ٻين ميمبرن سان گڏجي مون کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. مون مراد سعيد کي ٿڦڙ ناهي هنئي پر سندس ڳل تي ٿڦڪي ڏني هي ته منهنجي پٽ کان به ننڍو آهي پر کيس ڳالهائڻ جي تميز نه آهي، مراد سعيد چرين جهڙيون حرڪتون ڪندو آهي، هن جي  تربيت سٺي ناهي ٿيل ان لاءِ کيس معاف ڪريان ٿو جڏهن ته مراد سعيد چيو ته اجلاس کانپوءِ آئون جڏهن لابي ۾ آيس ته جاويد لطيف مون کي وڏي سڏ چيو ته مون توکي نه پر تنهنجي اڳواڻ کي غدار چيو آهي ۽ پارليامينٽ جي سي سي ٽي وي ڪئميرا ۾ سڄي وڊيو موجود آهي. عمران خان سڄي قوم جو فخر آهي ۽ اسان اهڙي قسم جي ڳالهه برداشت نه ڪنداسين. معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ پارليامينٽ جي سيڪيورٽي کي مضبوط بڻايو وڃي، پهرين هنن سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو ۽ هاڻي پاناما جو فيصلو ويجهو اچڻ تي هي اهڙيون حرڪتون ڪري رهيا آهن. جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪري معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. سيد خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ جي توهين ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر 6 سينيئر پارليامينٽرين تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي ۽ سي سي  ٽي وي ڪئميره ان جو سڄو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.