تازيون خبرون

Daily Archives: March 6, 2017

پاڪستان مسلم ملڪ بحرين کي سي پيڪ منصوبي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ملڪ بحرين کي سي پيڪ منصوبي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي. پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ بحرين جا گذريل ٽن سالن کان بهترين تعلق آهن، پرڏيهي صلاحڪار جو چوڻ هو ته بحرين کي سي پيڪ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيون ٿا. بحرين جي پرڏيهي وزير سان ملاقات بعد هنن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته بحرين جي سرمائيڪار توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ڪندا. هن جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي معاهدي تي صحيون ٿيون، بحرين ويجهر ۾ پاڪستان کي يونيورسٽي جو تحفو ڏنو، پاڪستان ۽ بحرين تعليم جي شعبي ۾ به تعاون ڪري رهيا آهن. پرڏيهي صلاحڪار چيو ته پاڪ بحرين گڏيل بزنس ڪونسل جي جلد قيام تي اتفاق ٿيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف سمجهوتن جا معاهدا موجود آهن.

 

پاڪستان پيپلزپارٽي جا ڪارڪن دهشتگردي ۽ آمريت خلاف رڪ بڻجي مقابلو ڪندا آيا آهن : بلاول ڀٽو

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ ڪراچي جي اڳوڻي ايم پي اي شهيد عبدالله مراد جي 13 هين ورسي جي موقعي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي، شهيد عبدالله مراد جي تيرهين ورسي سڀاڻي ملهائي ويندي ان سلسلي ۾ ملير ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن طرفان تياريون جاري آهن، پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد عبدالله مراد هڪ بهادر جيالو هو جنهن کي 2004ع ۾ دهشتگرد قوتن شهر ۾ پيپلزپارٽي کي چيڀاٽڻ لاءِ گوليون هڻي شهيد ڪيو، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا ڪارڪن دهشتگردي ۽ آمريت جي خلاف رڪ بڻجي مقابلو ڪندا آيا آهن ۽ پارٽي جي ٺهڻ کان وٺي عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندا آيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري شهيد عبدالله مراد جي پارٽي ۽ عوام جي لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت توري ڪارڪن پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن به نه وساريندا جن پاڪستان جي بهتري جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا، هن چيو ته ملڪ ۾ مڪمل امن ۽ هم آهنگي تائين اسان جي دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي.

 

پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ۾ عوام پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ساراهه جوڳو عمل آهي: عمران خان

بني گالا (م.ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پي ايس ايل فائنل ۾ شامل ٻنهي ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ۾ عوام جي شرڪت واقعي ساراهه جوڳي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڏنل پيغام ۾ ٻنهي ٽيمن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ۾ عوام جي شرڪت واقعي ساراهه جوڳو عمل آهي ۽ خدا کان دعا ٿو گهران ته سڀ ڪجهه خير خيرت سان ٿي وڃي.

 

پانامه حڪومت جي اخلاقي ساک ختم ڪري ڇڏي آهي، موجودا حالتن دوران سپر ليگ جو ٿيڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي: سراج الحق

چارسده (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته آمريڪي سامراج ۽ ان جي دوستن پنهنجي مفاد لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڇڏيو آهي يورپ ۾ هٿيارن جي هزارن ڪارخانن کي هلائڻ لاءِ مسلم دنيا ۾ امن بدران جنگ آمريڪا جي ترجيحي آهي آمريڪا پاڪستان جي نظرياتي اساس ايٽمي صلاحيت ۽ فوجي طاقت ختم ڪرڻ لاءِ سازشن ۾ مصروف آهي انتهاپسندي واري سوچ ختم ڪرڻ لاءِ رياست ۽ حڪومت سنجيده قدم کڻي دهشتگردي تي ڪنٽرو ڪري سگهي ٿي ڪلبوشن جهڙن وڏن آفيسرن جي گرفتاري کي حڪومت عالمي سطح تي پاڪستان جي حق ۾ ڪيش نه ڪري سگهي. پانامه ليڪس جو فيصلو جيڪو به اچي پر هڪ ڳالهه چٽي آهي ته پانامه ليڪس حڪومت جي اخلاقي ساک ختم ڪئي آهي. هو سرڊيري ۾ جماعت اسلامي جي تعلقي ميمبرن هارون خان جي نڪاح جي رسم جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو ان موقعي تي ڪيترن ئي اڳواڻن شرڪت ڪئي جماعت اسلامي جي مرڪزي امير سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي ملڪ کي هڪ فلاحي اسلامي راست بنائڻ جو مڪمل ايجنڊا رکي ٿي جنهن جو اعتراف ملڪ جي ۽ بين الاقوامي ادارا به ڪري رهيا آهن ان لاءِ عوام جي ذميواري آهي ته حقيقي تبديلي لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي. هن فاٽا جي حوالي سان ري فارم ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته 2018 جي عام چونڊن کان اڳ فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم آبادي جي لحاظ کان صوبائي اسيمبلي ۽ ڪابينه ۾ ڪوٽا ڏيڻ ۽ سمورا اختيار صوبائي حڪومت جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن واضح ڪيو ته پنجن سالن ۾ فاٽا سڌارن تي عملدرآمد جا اعلان ان اهم فيصلي جي روح جي ابتڙ آهن. هن حڪمرانن تي زور ڀريو ته پاڪستان کي بچائڻو آهي ته ملڪ جي مسئلن کي آمريڪا جي عينڪ بدران ملڪ ۽ قوم جي گڏيل مفادن جي عينڪ سان ڏسي ڊيل ڪن.

 

مدرسن ۾ پڙهندڙ ۽ پڙهائيندڙن کي دهشتگرد چيو پيو وڃي: فضل الرحمان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): جي يو آءِ (ف) سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته افسوس آهي ته مدرسن ۾ پڙهندڙ ۽ پڙهائيندڙن کي دهشتگرد چيو پيو وڃي، گلا ته اسان جي آهي ته اسان جي نوجوانن جي ڪلهي تي بندوق ڪنهن رکي، اسان کي ملڪ ۾ قانون ۽ آئين موجب زندگي گذارڻي آهي، هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام امن جي ڳالهه ڪندي آهي، پاڪستان جي 70 سالن ۾ مولوين حڪومت ناهي ڪئي، جاگيردار، سرمائيدار طبقا پنهنجي مفادن کي سامهون رکي سياست ڪندا آهن، هن چيو ته پاڪستان کي 70 سالن دوران معاشي مستحڪم ناهي ڪيو ويو، آمريڪا، يورپ کان رهنمائي لاءِ سياست ڪئي ويندي.

 

ڪرپشن، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ پاڪستان لاءِ ناسور بڻيل آهن: اياز لطيف پليجو

چمبڙ/ٽنڊوالهيار (اين اين آءِ) چمبڙ ۾ قومي عوامي تحريڪ ڪرپشن، انتهاپسندي، ذوالفقار آباد، زراعت جي تباهي خلاف ۽ شفاف آدمشماري لاءِ مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو، انور سومرو، زينت سمون، عارفه راڄپر، ريحانه سمون، انيس دائودپوٽو، نبي بخش لغاري، نور محمد پنهور، ڌڻي بخش کوسو، مصطفيٰ نظاماڻي، انور نوحاڻي، ايوب لنڊ جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن مارچ ڪيو، ڪيريا شاخ پهچڻ تي اياز لطيف پليجي ۽ مارچ تي شهرين، واپارين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن گل نڇاور ڪري شاندار آجيان ڪئي. جنهن کانپوءِ جشن لطيف جو جلسي عام ڪيو ويو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته ڪرپشن، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ پاڪستان لاءِ ناسور بڻيل آهن. آپريشن ردالفساد سان گڏ آپريشن ردالڪرپشن شروع ڪيو وڃي. ضياءَالحق ۽ پرويز مشرف عالمي طاقتن جي مفادن لاءِ انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ کي مضبوط ڪيو، پ پ ۽ مسلم ليگ عوام دشمن آمريتي پاليسين کي جاري رکيو. عالمي طاقتون هندستان ۽ افغانستان ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيون آهن، ڪرپشن جي خاتمي ۽ امن امان لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪيل ڪوششن کي داءُ تي لڳايو پيو وڃي، ڪرپٽ حڪمران ۽ دهشتگردن جا سهولتڪار سي پيڪ منصوبي کي ناڪام بنائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته لطيف انقلاب، تبديلي ۽ جدوجهد جو پيغام ڏنو آهي، ڀٽائي، قلندر، شاهه عنايت ۽ سچل جي سنڌ ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو، ڪرپشن، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ جمهوريت نه بادشاهي آهي، عوام کان اٽو، لٽو ۽ اجهو ڦريندڙ ڪرپٽ بادشاهه حڪمران هيليڪاپٽر تان لهي ريڊ ڪارپيٽ کانسواءِ زمين تي هلڻ لاءِ تيار ناهن، ڪڏهن دبئي ته ڪڏهن آمريڪا ۾ سنڌ جا اجلاس گهرائي فيصلا مڙهيا وڃن ٿا. 9 سالن کان هلندڙ انڌيرنگري جي ڪري سنڌ جو هر کاتو تباهه آهي. نواز شريف سنڌ کي پ پ جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آهي. نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل نه ٿي رهيو آهي. ردالفساد آپريشن هر قسم جي فساد خلاف ڪيو وڃي، آپريشن رڳو افغانين کي پڪڙڻ تائين محدود ڪرڻ بدران هندستانين، برمين، بنگالين سميت سمورا غير قانوني غير ملڪي گرفتار ڪري واپس موڪليا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو ته تعليمي نصاب تبديل ڪري تعليم مڪمل مفت ڪئي وڃي. سنڌ ۾ 6 هزار کان وڌيڪ بند پيل اسڪول ۽ ڪاليج کولي يونيورسٽي تائين تعليمي ادارن ۾ سهولتون ڏنيون وڃن. هن چيو ته وزيراعليٰ مراد علي شاهه کي رڳو هوٽلن ۽ بازارن ۾ لهي سيلفيون ڪڍائڻ جو اختيار آهي. شهر گندگيءَ جو ڍير ۽ ڪروڙين ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آهن، اسڪولن ۾ تعليم ناهي، اسپتالون موت جو گهر بنيل آهن. هيپاٽائٽس، ايڊز، ڪينسر ۽ ٻيون خطرناڪ بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن. نوڪريون وڪرو ٿي رهيون آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪمند، سارين، ڪڻڪ ۽ ٻين زرعي جنسن جا هٿرادو اگهه گهٽائي آبادگارن ۽ هارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري انور سومرو چيو ته سي پيڪ سان سنڌ ۾ ترقي ٿي سگهي ٿي پر بادشاهتي نظام، ڪرپشن، دهشتگردي، اقرباپروري ۽ انتهاپسندي سي پيڪ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. پ پ حڪمرانن سڀني وڏيرن ۽ مخالفن کي مينيج ڪري ورتو آهي پر قومي عوامي تحريڪ ڪرپشن، انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪڏهن به خاموش ٿي نه ويهندي ۽ هر ڪارڪن ان جو مقابلو ڪندو. ان موقعي تي زينت سمون، عارفه راڄپر، ريحانه سمون، انيس دائودپوٽو، نبي بخش لغاري، مصطفيٰ نظاماڻي، انور نوحاڻي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.