تازيون خبرون

Daily Archives: March 6, 2017

اليانا ڊي ڪروز جي فلم ”بادشاهو“ جي شوٽنگ مڪمل، پهرين سيپٽمبر تي رليز ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا اليانا ڊي ڪروز جي نئين ايندڙ فلم ”بادشاهو“ جي شوٽنگ مڪمل ٿي وئي آهي. فلم ۾ اجي ديوگن، عمران هاشمي، ايشا گپتا ۽ وديت جموال به اهم ڪردار نڀائيندي نظر ايندا. ان حوالي سان اليانا ڊي ڪروز جو چوڻ هو ته فلم جي شوٽنگ دوران منهنجو اجي ديوگن سان گڏ گهاريل وقت ۽ سفر يادگار رهيو. واضح رهي ته پهرين سيٽمبر تي رليز ٿيندي.27

 

ڪيترن ئي اداڪارن ۽ پروڊيوسرن سان جڙيل ريکا جا سوشل ميڊيا تي سنجي دت سان شادي جون افواهون

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ جي سپر اسٽار ريکا وڏي عمر کان پوءِ سوشل ميڊيا تي اهي افواهون هلي رهيون آهن ته سدابهار حسن جي مالڪ اداڪاره ڪيترن ئي سالن کان سنجي دت کي پنهنجو گهروارو مڃي ٿي ۽ هندو عقيدي موجب هو پنهنجي مانگ ۾ سنجو بابا جي نالي جو سندور لڳائيندي آهي ميڊيا رپورٽ مطابق بالي ووڊ اداڪاره ريکا سوشل ميڊيا تي اهي افواهون گرم آهن ته 1984 ۾ ريکا ۽ سنجي دت شادي ڪئي هئي ۽ هن وقت تائين ان کي پنهنجو مڙس مڃي ٿي. ياسر عثمان ان جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙي طرح جون افواهون ڦهلائيندڙ ڪتاب کي صحيح طريقي سان پڙهيو ئي نه آهي اهڙي ڪابه ڳالهه ڪتاب ۾ لکيل ئي نه آهي. ياسر عثمان چيو ته اهو اهو وقت هو جڏهن ريکا جو نالو ڪيترن ئي اداڪارن پروڊيوسرن سان به جڙيل رهيو هو انهن ۾ ڪمل حاسن، شيلندرا سنگهه ۽ راجيو ڪمار به شامل هئا.

 

پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل: پي سي بي شرجيل خان ۽ خالد لطيف خلاف ٽه رڪني ٽربيونل قائم ڪري ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث ڪرڪيٽر شرجيل خان ۽ خالد لطيف جي خلاف جاچ لاءِ ٽه رڪني ٽربيونل قائم ڪري ڇڏي تفصيل مطابق پي سي بي پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايڊيشن جي شروعات تي سٽي بازن کان رابطي جي الزام ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي بيٽسمين شرجيل خان ۽ خالد لطيف کي معطل ڪري دبئي کان وطن واپس موڪليو ويو ٻنهي جي خلاف جاچ جي لاءِ ٽربيونل جي بناوت جو فيصلو سومر تي ٿيو ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي رانديگرن الزامن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي جنهن کان پوءِ پي سي بي اصغر حيدر توقير ضياءَ ۽ وسيم باري تي ٻڌل ٽه رڪني ٽربيونل جوڙي ڇڏيو آهي جيڪا ان معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندو.

 

(عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان): عمر بند رکبيون نه، نياڻيون سياڻيون: مرينا شيرباز

اٺين مارچ،  انساني سماج جي خوبصورتي لاءِ، عورت جي ڪومل خوبين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. برصغير واري پراڻي دور جي ماتا سيتا جهڙي نارين جي قرباني کان ڪير اڻڄاڻ آهي. سائنسي دور ۾ ڪلپنا چاولا جهڙي بهادر سائنسدان، جنهن پنهنجي حياتي جي پرواهه ڪونه ڪئي هئي، جنهن جي بهادري هر ڏينهن نوا ن جذبا پيدا ڪندي.

اڄ عورتن جي عالمي ڏينهن تي اسانکي 8 مارچ 1857 جو ڏينهن ياد اچي ٿو، جڏهن نيويارڪ شهر ۾ ڪپڙي جي ملن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن پاران ڌرڻو هنيو ويو، هو عورتون پگهار ۾ اضافو ۽ مردن جي غير انساني سلوڪ جي خلاف مظاهرو ڪري رهيون هيون. هن ڌرڻي تي پوليس پاران لاٺي چارج ڪئي وئي. هن جاکوڙ ۾ هڪ چڻگ ڀڙڪي. عورت جو مقام ته اصل کان عبد تائين بلند رهڻو آهي،اها جنت ۾عورتن جي سردار بيبي فاطمه رضي الله تعاليٰ عنه،هندو عورت مڌر ٽريسا هجي،مسيح عورت هيلن ڪيلر هجي،اها يهودي عورت ارينا سينڊلر هجي،يا سياسي ميدان ۾ پاڻ مڃرائي هميشه لاءِ امر ٿي ويندڙ بينظير ڀٽو هجي.عورتن هميشه هر ڏک ۽ سک ۾ مردن جو ساٿ ڏنو آهي،پر موٽ ۾ سندن ڏک، طعنا،زلتون، رسوايون،جبر ۽ اڻبرابري ئي ملي آهي.

بقول سنڌ جي ڀلوڙ شاعر علي عباس ڀٽي موجب؛

ٻُڌ مُنهنجي جِيجل مٺڙي اَمان

هِت مان قيدَ ۾ آهيان

توکي منهنجي خَبَرَ امڙ ڪانهي

هِت مان قَيدَ ۾ آهيان

ڌُوڙ مِٽي ميرا لٽڙا

ڦٽجي پِيا مُنهنجا ٻَئي هٿڙا

رُوليان پيرَ ڪنڊن ۾ رَتَ ڳاڙيان

هِت مان قَيدَ ۾ آهيان

سنڌ جو ڪو اهڙو هنڌ بچيل نه هوندو جتي عورتن تي تشدد يا انصافي  ٿيندي هجي، ڪيترين ئي عورتن کي ته بي رحم ماڻهن تيزاب اڇلايو جن جا ڪيترائي ڪيس سنڌ ۾ رپورٽ ٿي چڪا آهن پر افسوس جو عورتن جي چهرن تي تيزاب اڇلائيندڙن کي ڪا سزا ناهي ملي سگهي. جيڪڏهن اهڙن بي رحم ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿئي ها ته  ماروي جي ديس ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن ها ۽ نه ئي ڪنهن  ماڻهو کي اها همت ٿئي ها ته اهو ڪنهن عورت جي  چهري تي تيزاب اڇلائي ها.  ماروي جي ديس ۾ ته ڪيتريون اهڙيون ناريون آهن ، جن  جون اغوا بعد مذهب  مٽرائي شاديون ڪرايون ويون آهن ۽ عدالتن به انهن  خلاف ڪو به قدم ناهي کنيو. رينڪل ڪماري کان ويندي هزارين ناريون سنڌ ۾ اغوا ٿي چڪيون  آهن، جن کي هن وقت تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي. جن جا و ارث هن وقت تائين سراپا احتجاج آهن. ڪيترائي اهڙا ڳوٺ به آهن جن ۾ بااثر وڏيرن نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ اسڪول بند ڪري پنهنجيون اوطاقون بڻائي ڇڏيو ن آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم داءُ تي لڳل آهي. عورتن جي حقن  لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون يا گهٽ آهن يا وري جيڪي آهن اهي ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي  به ڪوششون نه ڪري رهيون آهن. هڪڙي ڏينهن جي اخبار جي ٽاپ اسٽوري تي نظر وجهنداسين ته اسان کي نه ڄاڻ ڪيتريون ئي اهڙيون خبرون ملنديون، جيڪي صرف عورتن تي تشدد ۽ انهن کي بيگناهه اغوا ڪرڻ بعد انهن کي قتل ڪرڻ جون خبرون هونديون، اهڙن چند خبرن تي نظر وجهجي ٿي.مٺي ۾ ڳورهاري عورت جي لڄ لُٽي بيهوشي واري حالت ۾ جوابدار سندس لاش ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. مائي سوڍي ميگهواڙ کي جوابدار لڇمڻ ساٿين سميت گهر ۾ گهڙي يرغمال بڻائي مَن ۾ ويٺل شيطان کي راضي ڪرڻ بعد ڦٽو ڪري ويا. خبرن تي نظر وجهڻ کانپوءِ توهان پاڻ بخوبي اندازو لڳائي ويا هوندو ته عورتن سان ڪيڏو ظلم ڪيو پيو وڃي؟ جنهن تي اسين سوچي به نٿا سگهون.اسين هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي عورتن کي ٿوري به آزادي جو حق حاصل نه آهي، اهي سدائين عذاب ۽ عتاب سهندي زندگي گذارين ٿيون.شادي کان اڳ عورت پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر ۾ انهن دڙڪن، داٻن، تشدد ۽ ڏاڍ هيٺ رهي ٿي، جڏهن ته شادي بعد پنهنجي مڙس جي گهر پهچڻ بعد به ساڳيو سلسلو مڙس طرفان برقرار رهي ٿو، اهڙي معاشري ۾ آخر ”عورت ڪنهن در دانهن ڏي؟“ عورت هڪ گونگي جي مثل آهي، جيڪا زبان مان آواز/ ٻاڦ ٻاهر نٿي ڪڍي سگهي. ڏٺو وڃي ته اسلام ۾ عورت کي مرد جي برابري جيترو حق حاصل آهي. عورت جو رتبو ايترو ته اهميت وارو آهي جو ان نگاهه سان عورت کي ڏٺو وڃي ته عورت خدا تعاليٰ جي اهڙي تخليق آهي، جنهن سان ڪائنات کي سونهن ۽ سوڀيا ملي آهي. ٿورو ويهي سوچجي ته جيڪڏهن عورت نه هجي ها ته هي دنيا به خوبصورت نه هجي ها. ڄمڻ کان وٺي جواني تائين هڪ عورت ئي آهي، جيڪا ممتا جي روپ ۾ ظاهر ٿي هڪ مرد کي پالي ٿي.

قديم قبيلن ۾ عورتن کي دوستي يا جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ونيون به مٽاسٽا ڪندا هئا جيئن لاڳاپا بهتر ٿي سگهن. ان سڄي عمل ۾ عورت جي مرضي جي ڪا به گنجائش نه هئي، جيئن قبائلي مرد چاهيندا هئا ايئن ٿيندو هو. مڙس يا سردار جو حڪم مڃڻ عورت تي فرض هو. ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي ته قديم دور کان عورت کي دل وندرائڻ جو ذريعو سمجهي کيڏيو ويو، ڪڏهن جنگ بندي لاٰءِ ڪڏهن تخت بچائڻ لاءِ ڪڏهن انا جي تسڪين لاءِ ۽ عورت تي لازم هيو ته هو سڀ چپ چاپ سهندي رهي.

8 مارچ 1908 جي ڏينهن 15 هزار عورتن پاران جلوس ڪڍيو ويو جن جو نعرو هيو ته بريڊ ايند روزز (روٽي ۽ گلاب جا گُل) ۽ جنهن شئين جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، ڊيوٽي جي وقت ۾ گهٽتائي، پگهارن ۾ اضافو، ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ معصوم ٻارڙن جي مزدوري تي پابندي، هوريان هوريان اها لهر سڄي دنيا تائين پهچي وئي ۽ 8 مارچ 1910 کان اهو ڏينهن عورتن جو عالمي ڏينهن جي طور تي ملهايو وڃي ٿو. اسين عورت جي شعوري حالت کي طاقتور ٺاهڻ لاءِ تيار رهندا آهيون، اسانجي وراثت ۽ ڪلچر سان منسلڪ ٿيندا آهيون، اسانجي خوبين خامين جي جاچ ڪندا آهيون ۽ ياد ڪندا آهيون ته عورت ڪيئن پراڻي دور ۾ پنهنجي حقن کان محروم هئي، پير جي جُتي، بيوقوف، بيوفا، بي حم چيو ويندو هو، عورت کي آزادي جي رستي ۾ پابندي سمجهيو ويندو هو. دروپدي جي روپ ۾ هن پنجن پانڊون جي غلامي ڪئي ۽ کيس جوئا ۾ هارايو ويو. هن مهل اسانکي گورو نانڪ پاران عورت جي آڌر ۽ تقاضا جي بحالي لاءِ ڪيل انقلابي اعلان ياد اچي ٿو.

اڄ جي هن جديد دوُر ۾ به عورتن سان اڻ برابري جو رويو رکيو وڃي ٿو.اهو سلوڪ گهر کان ئي شروع ٿيندو آهي،اسان جون مائرون يا ڀينريون گهر جي هر ڳالهه ۾ مرد کي وڌيڪ اهميت ڏينديون آهن، پر حقيتيت اها آهي ته عورت ۽ مرد ٻئي برابر آهن انهن جون سماجي ذميواريون الڳ ضرور آهن پر حق جي ڳالهه ڪجي ته برابر جا حقدار آهن ڇو ته ٻئي انسان آهن ۽ الله پاڪ سڀني انسانن کي برابر جو درجو عطا ڪيو آهي، پر هتي شايد عورت کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي ڇو ته انجي زندگي جي هر فيصلي کي مرد طئي ڪري ٿو،اپر ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس ۾ اڃا ڪجهه فيصلن ۾ يا مرحلن ۾ عورت کي شامل ڪيو وڃي ٿو پر اسانجي ٻهراڙي طبقي جي 98 فيصد عورتن جا حق ماريا وڃن ٿا.

جيجي تُنهنجو شان مٿي

تو جهڙو انسان ڪٿي

توکان پوءِ بَصَر ڪڙا مِرچ ڪاڙهيان

هِت مان قَيدَ ۾ آهيان

يو ايس ايڊ ۽ عورت فائونڊيشن  جهڙين تنظيمن جي سهڪار سان عورتن جي حقن لا۽ پاڻ پتوڙيو ته وڃي پيو پر انهن تنظيمن کي به هتان جو مرد معاشرو تسليم ڪرڻ کان انڪاري ٿئي پيو. ايتري حد تائين جو انهن جي سرگرمين کي ناڪام ڪرڻ لا۽ مختلف وقتن ۾ سازشون به سٽيون ويون.

چيو وڃي ٿو ته هڪ مرد پڙهيو ته هڪ فرد پڙهيو پر جي هڪ عورت پڙهي ته سڄو گهر پڙهيو. ڏينهون ڏينهن ڪارو ڪاري جهڙن مسئلن جو وڌڻ ڪيترن ئي نياڻين کان تعليمي زيور کسي وٺي ٿو ۽ پاڪستان ۾ جڏهن عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اڪثر ان تي اسان جو معاشرو ڪن لاٽاري وارو رويو اختيار ڪري ٿو. شاهه جي سورمين ۽ هن ظالم سماج جي اٻوجهه عورتن سان آخر انصاف ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. اها اميد به ڪري سگهجي ٿي يا نه. نيٺ ته هڪ صبح ضرور ايندو جو پاڪستان جي ماڻهن ۾ روشن خيالي جاڳندي ۽ اهي عورتن کي حق ڏيندا.  پاڪستان ۾ اهڙا ڪي ئي عالمي ڏهاڙا ملهايا ويا پر انهن ۾ ڪيل ڳالهين مان عمل ڪنهن تي به نه ٿو ٿئي. رڳو تهوار ملهائڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو آهي. عورتن جا حق ماضي ۾ به ماريا ويا ته حال ۾ به عورتن جا حق کسيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ ان ڏينهن جي ملهائڻ سان اسان جي عورتن جي عملي زندگيءِ ۾ ڪا بهتري آئي آهي يا نه…….؟؟؟؟ان جو جواب اڃا مونکي ڪو نه ملي سگھيو آهي.

 

 

 

فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ۽ پ پ پاران ڪوٺايل اي پي سي..!!!:

پاڪستان پيپلزپارٽي پاران فوجي عدالتن جي واڌ واري معاملي تي آل پارٽي ڪانفرنس(اي پ سي) ڪوٺائي وئي جيڪا بنا ڪنهن نتجي ختم ٿي،پاڪستان پيپلزپارٽِي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هوُ فوجي عدالتن جي خلاف ۾ آهي ۽ جيڪڏهن انهي فوجي عدالتن جي مدي واري واڌ کي جيڪڏهن ملڪي حالتن کي سامهون رکي ڪري ضروري سمجهيو ويو ته پارٽي پنهنجو بيان بدلائي سگهي ٿي،جڏهن ته ان حوالي سان (اي پي سي) جلاس اندر جيڪي ٻيون پارٽِيون شريڪ ٿيون هنيون انهن پارٽِين کي به ساڳئي بيان جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو ويو هو،اجلاس اندر ٽوٽل تيرهن سياسي جماعتن حصو ورتو جڏهن ته ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف انهي اجلاس اندر شرڪت نه ڪئي.۽ پاڪستاني حڪومت واري سياسي پارٽي مسلم ن ليگ کي دعوت ئي نه ڏني وئي هئي.فوجي عدالتن کي ڪم ڪندي ٻه سال گذري چڪا آهن ۽ جڏهن فوجي عدالتن جو قيام وڌو ويو ته انهي قيام کي پاڪستاني اندر هڪ آئيني شڪل ڏئي ڪري انهي بل کي منظور ڪيو ويو هو. ۽ ان وقت فوجي عدالتن جي قيام جي منظور ڪيل بل ۾ پ پ جي شامل هئي جيڪا پارٽي فوجي عدالتن واري قيام جي منظوري مان خوش هئي.۽ ان وقت پيپلزپارٽي جي سياسي ماحول اندر ڪجهه اهڙا به سياسي اڳواڻ هئا جيڪي انهي فوجي عدالتن واري قيام مان خوش ڪون هئا ۽ کين ان وقت به فوجي عدالتن واري قيام تي اعتراض هو.پر پوءِ به اهي سياسي اڳواڻ پارٽي جي ڪيل فيصلي جي خلاف ڪون ويا ۽ فوجي قيام واري ووٽن ۾ سندس ووٽ فوجي عدالتن جي حق وارو فيصلو شڪل اختيار ڪري ويو،۽ پوءِ پاڪستان اندر فوجي عدالتن جو قيام عمل ۾ آيو. جيڪو ست فيبروي تي پنهنجي ٻه سالن جي مدي کانپوءِ پڄاڻي تي پهتو،۽ جڏهن هڪ دفعو ٻيهر ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي کي ڏسندي انهي فوجي عدالتن جي قيام جي ضرورت پئي ته حڪومت پاران پارليامينٽ جماعتن سان رابطي جو سلسلو جاري ٿي ويو.جنهن جو مقصد هو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ ڪئي وڃي يا نه.جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ ن انهي فوجي قيام جي مدي واري واڌ ۾ سورهن آنا راِضي هئي ۽ ٻيون ته ڪيتريون پارليامينٽي پارٽيون انهي ن ليگ جي ڪيل فيصلي تي راضي هنيون،حڪومت پاران انهي فوجي عدالتن جي مدي واري واڌ ۾ ڪيترائي اجلاس ڪرايا پر جڏهن حڪومت پاران فوجي عدالتن جي مدي واري واڌ ۾ ٽي سال جي عرصو ختم ڪري ٻه سال جو عرصو رکيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم حڪومت جي انهي فيصلي جي حمايت ڪئي،جنهن وقت حڪومت پاران فوجي عدالتن جي واڌ واري اجلاس ٿيو ۽ حڪومت جي ڪيترين ئي سياسي جماعتن جي حمايت حاصل ٿي ته ان وقت پاڪستان پيپلزپارٽي پاران فوجي عدالتن جي مدي واري واڌ جي خلاف هي(اي پي سي) اجلاس ڪوٺايو ويو هو جيڪو بنا ڪنهن تنيجي جي ختم ٿي ويو.ڇو ته اها ڳالهه ظاهر هئي ته پپيلزپارٽي کان سواءِ ئي حڪومت فوجي عدالتن جي مدي واڌ ۾ سياسي جماعتن جي اڪثريت حاصل ڪري ورتي ته پ پ پاران ڪوٺايل اجلاس بي معنيٰ رهجي ويو.
پر پيپلزپارٽي پاران سياسي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙو اجلاس ڪوٺائڻ ضروري سمجهيو.پر فوجي عدالتن جي واڌ ۾ حڪومت کي جنهن آئيني ترميم جي ضرورت آهي حڪومت اها اڃان به پارليامنٽ مان حاصل نه ڪري سگهي آهي،پر حزب اختلاف جي جماعتن جو اتحاد جي تعاون سان فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي.انڪري ٿي به سگهي ٿوته پاڪستان پيپلزپارٽي اهڙي جڙندڙ ماحول کي ڏسي ڪري فوجي عدالتن جي مدي واري واڌ جي منظوري جي حمايت ڪري ڇڏي.!پر جيڪڏهن پاڪستان پيپلزپارٽي انهي فوجي عدالتن جي مخالف جاري به رکي ته مان سمجهان ٿو ته حڪومت حزب اختلاف واري جماعتن کي پنهنجي اعتماد ۾ وٺندي اهو فوجي عدالتن وارو بل منظور ڪرائي وٺندي.!!فوجي عدالتن جي ڇو ضرورت آئي جڏهن ته ملڪ اندر سيول عدالتي نظام ته هلندڙ آهي ۽ عدالتون پنهنجو ڪم به سرانجام ڏئي رهيون آهن پر جيڪڏهن اسانکي فوجي عدالتن جي ملڪ اندر ضروتن جي ڄاڻ وٺڻي آهي ته پوءِ اسانکي ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي جي پهرِين ڇيڙي کان آخري ڇيڙي تائين پهچڻو پوندو.ڇو ته دهشتگردن نه رڳو وڪيلن پر ججن کي به مختلف قسمن جي ڌمڪيون ڏنيون آهن.جڏهن ته ڌمڪين جو سلسلو نه کٽندڙ نظر پيو لڳي.ڪوئٽا اندر ٿيندڙ حملي ۾ ڪيترائي جج ۾ وڪيل انهن دهشتگردن جو نشانو بڻجي چڪا آهن.جڏهن ته انهي حملي اندر نه رڳو وڪيل ۽ قابل جج صاحبان نشانو بڻيا پر ائين نه ڇوڻ ڪجهه غلط نه ٿيندو ته انهي حملي اندر ججن ۽ وڪيلن جي هڪ مڪمل جماعت ختم ٿي وئي.جنهن سان ملڪ جي عدالتن جي هڪ وڏو ڌچڪو لڳو.انڪري انهن ڪيس کي فوجي عدالتن اندر آندو ويو ۽ انهن دهشتگردن خلاف ڪيس هلايا ويا ۽ انهن کي سزائون ڏنيون ويون ۽ ڪنهن به قسم جي ڌمڪي جي پراوهه نه ڪئي وئي.جڏهن ته اڃان ٿورو ئي عرصو ٿيو آهي جو پشاور اندر ججن ۽ وڪيلن جي گاڏين تي حملو ڪيو ويو.جنهن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته عدالتن ججن کي نه رڳو ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر انهن کي دهشتگردي جو نشانو به بڻايو پيو وڃي.۽ انکان علاو ملڪ جي عوام کي به دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي،انڪري اهڙي ماحول فوجي عدالتن جي قيام کي حڪومت ضروري سمجهيو.جڏهن ته فوجي عدالتن جي قيام مان اهو به ثابت ٿيو ته آپريشن ضرب عضب شروع ٿيڻ کانپوءِ فوجي عدالتن اندر ملندڙ سزائن جي ڪري دهشتگردي اندر چڱي خاصي ماٺار ڏسڻ ۾ آئي.انڪري حڪومت پاران فوجي عدالتن جي قيام جي مدي ۾ ٻه سال جي واڌ جي منظوري ڏني آهي جنهن مان ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون خوش به ته ڪيتريون ناخوش به آهن،جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي انهي فوجي عدالتن جي مدي واري واڌ جي مخالف ڪري رهي آهي انڪري حڪومت جي گهرجي ته جيڪڏهن ملڪ لاءِ فوجي عدالتن جو قيام ضروري آهي ته حڪومت کي سموري جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ۽ سڀني جماعتن کي اعتماد ۾ وٺِي جيڪڏهن ڪو فيصلو ڪيو وڃي ته اهو بهتر فيصلو ٿيندو ملڪ لاءِ به ۽ ملڪ جي قوم لاءِ به…!

راندي وسيلي دهشتگردي کي شڪست…..!

پشاور زلمي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي هارائي پي ايس ايل ٽو جو چيمپئن بڻجي ويو آهي. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پاڪستان سپر ليگ جي پشاور زخمي پهريان کيڏندي مقرر ڪيل 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 148 رنسون اهيون جڏهن ته جوان ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز رڳو 90 رنسن تائين محدود رهي ۽ 58 رنسن تان هارائي وئي. پاڪستان سپر ليگ جي فائنل مئچ لاءِ پشاور زلميءَ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 149 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، گليڊي ايٽرز جي سموري ٽيم 16.3 اوورن ۾ 90 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز  طرفان سڀ کان وڌيڪ سين ايروين اسڪور ڪيو، هو 19 بالن تي 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان سرفراز احمد 22 ۽ انور علي 20 رنسون ٺاهيون، پشاور زلمي طرفان محمد اصغر 4 اوورن ۾ 16 رنسون ڏئي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته وهاب رياض ۽ حسن علي 2،2 وڪيٽون ورتيون.  جورڊن ۽ محمد حفيظ هڪ هڪ شڪار ڪيو، ان کان اڳ پشاور زلمي مقرر 20 اوورن  ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 148 رنسو ٺاهيون، پشاور زلمي طرفان ڪامران اڪمل هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 40 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته مارلن سيموئلز 19، ڊيوڊ ملان 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. محمد حفيظ 12، افتخار احمد 14، خوش دل شاهه هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڪپتان ڊيرن سيمي ٽن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 28 جڏهن ته ڪرس جارڊن 8 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. رياد ايمرٽ 3، حسن خان 2 ۽ محمد نواز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي ٽن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 28 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، ڪامران اڪمل مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۾ ڪپتان سرفراز احمد، احمد شهزاد، مورني وين وِڪ، انعام الحق، سين اَيروِن، سعد نسيم، انور علي، ذوالفقار بابر، رياد ايمرت، محمد نواز ۽ حسن خان شامل هئا. پشاور زلمي ۾ ڊيوڊ ملان، ڪامران اڪمل، مارلن سيموئلز، محمد حفيظ، افتخار احمد، خوش دل شاهه، ڪپتان ڊيرن سيمي، ڪرس جارڊن، وهاب رياض، حسن علي ۽ محمد اصغر شامل هئا.

وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته اڄ دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته پاڪستان لاءِ اڪيلائي جا ڏينهن ختم ٿي ويا آهن، جڏهن ته پي ايس ايل جو فائنل پاڪستاني ميدانن کي آباد ڪرڻ طرف پهريون قدم آهي، پاڪستان سپر ليگ جي فائنل مئچ جي موقعي تي وزيراعظم نوازشريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته گذريل چئن سالن دوران اسان مضبوط ۽ مستحڪم ٿيا آهيون، پاڪستان کي اسان ترقي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون، سمورين مشڪلاتن، رڪاوٽن، خوف ۽ تقسيم جي باوجود اسان اڳتي وڌيا آهيون، اسان قومي اميدن موجب سازگار ماحول پيدا ڪيو آهي. ڪرڪيٽ اسان جي دلين جي تمام ويجهو آهي، پي ايس ايل فائنل مئچ پاڪستان ۾ ڪرائڻ سان اسان وڌيڪ مضبوط ۽ متحد ٿي ويا آهيون، پي ايس ايل فائنل مستقبل لاءِ سٺو سنئوڻ آهي ۽ خوشي ٿي آهي ته موثر قدمن سان عوام کي پسنديده راند ڪرڪيٽ پنهنجي سرزمين تي ڏسڻ جو موقعو مليو. ملڪ ۾ پي ايس ايل ۽ اهڙي قسم جون ٻيون رانديون ڪرائڻ سان دنيا کي پاڪستان جو مثبت پيغام ملندو، وڏي عرصي کان خواهش هئي ته عوام کي تفريحي ماحول ملي.

 

وزير اعظم پي ايس ايل فائنل کي عالمي راند جي واپسي ڏانهن پهريون قدم قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته خوش آهيان ته عوام کي انهن جي پسنديده راند جي لاءِ خوشيءَ جو ماحول فراهم ڪري سگهياسين، پنهنجي پيغام ۾ نواز شريف چيو آهي ته پي ايس ايل فائنل پاڪستان کي راند جي منظرنامي جي نقشي تي آڻڻ جو پهريون قدم آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پي ايس ايل جو فائنل مستقبل لاءِ مثبت اشارو آهي. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڄوڪي مئچ سان پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحالي ٿي سگهي ٿي، پي ايس ايل فائنل ڪرڻ تي پنجاب حڪومت مبارڪون لهڻي، هن چيو ته عالمي رانديگرن جو پاڪستان اچڻ سٺو سنئوڻ آهي، اميد ڪري سگهجي ٿي ته پي ايس ايل جو فائينل ڪاميابيءَ سان ٿي وڃڻ کانپوءِ مستقبل ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا در پاڪستان لاءِ کلي وڃن ۽ ٻيهر عالمي راند جي بحالي ممڪن ٿي سگهي.

 

سنڌ حڪومت مڪاني ايڪٽ 2013 ۾ چوٿين ترميم لاءِ بل تيار ڪري ورتو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت ڪماني ايڪٽ 2013 ۾ چوٿين ترميم لاءِ بل تيار ڪيو آهي بل سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ سيشن ۾ پاڪ ڪرايو ويندو. نئين ترميم جي تحت مڪاني ايوانن مان تحريڪ گهٽ اعتماد جو حق واپس ورتو ويندو اطلاع موجب سنڌ حڪومت ڪماني ايڪٽ 2013 ۾ ترميم ڪرائڻ لاءِ بل تيار ڪيو آهي جيڪو سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ سيشن ۾ اسيمبلي مان پاس ڪرايو وڃي. جنهن جي منظوري جي نتيجي ۾ ڪائونسلرن کان چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کي هٽائڻ جو اختيار واپس ورتو ويندو. بل موجب يونين ڪائونسل يونين ڪميٽي جي چيئرمين کي تحريڪ عدم اعتماد کان هٽائي نٿو سگهجي ياد رهي ته 2013 مڪاني ايڪٽ جي سيشن 27 جي تحت ڪائونسل کي اهو اختيار حاصل هو ته هو ناقص ڪارڪردگي يا پينل سان وفاداري نه ڪرڻ تي ڪائونسلر پنهنجي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد جو اظهار ڪندي قرارداد منظور ڪرائي ان کي معطل ڪري سگهن پيا.

 

اسان ڪراچي کي پ پ جو ڳڙهه بڻائي بلاول ڀٽو جي خواهش پوري ڪنداسين: نثارکهڙو

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهرو چيو آهي ته اسان ڪراچي کي پ پ پ جو ڳڙهه بڻائي بلاول ڀٽو جي خواهش پوري ڪنداسين هن وقت پ پ پ ۾ صرف اڳوڻا ميمبر اسيمبلي ۾ نه پر وڏي انگ ۾ سياسي پارٽين جا عهديدار ۽ ڪارڪن به شامل ٿي رهيا آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن اچر تي پ پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي ۽ ڪراچي ڊويزن جي وقتي صدر سينيٽر سعيد غني سان گڏ چنيسر ڳوٺ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبر صابر حسين گولا يو سي اعظم بستي جي چيئرمين عبدالخالق يوسي منظور ڪالوني جو وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نديم، ناصر انصاري ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي يونٽ انچارج محمود شيخ سردار حميد شهزاد مرزا سميت مختلف برادرين ۽ پارٽين جي ڪارڪنن پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جوا علان ڪيو نثار کهڙو چيو ته پ پ پ کان سواءِ ٻين سياسي پارٽين عوام ۾ اعتماد وڃائي رهيون آهن پاڪستان ۾ صرف بلاول ڀٽو زرداري جو سياسي مستقبل روشن آهي. سينيٽر سعيد غني چيو ته پ پ پ سڄي ملڪ جي عوام خاص طور تي ڪراچي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. پ پ پ کي ڪراچي جي عوام جي شموليت پ پ پ کي ڪراچي جي مقبول پارٽي بڻائي رهي آهي.

 

فيبروري ۾ 24 دهشتگرد ۽ 2 ڦورن سميت 84 ڏوهاري ماريا وياۡ: پوليس رپورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ)سنڌ پوليس جي ترجمان موجب اي آءِ جي آپريشنز شيراز نذير سنڌ پوليس جي هلندڙ سال 28 فيبروري تائين ٻڌل ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته آپريشنل ۽ انويسٽيگيشن پوليس جي ڏوهن جي خلاف موثر قدمن سبب سڄي سنڌ ۾ مختلف ٿاڻن جي حد ۾ ڏوهارين دهشتگردن ڌاڙيلن سان گڏيل طور تي 143 پوليس مقابلا ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ 1861 ڏوهاري گرفتار جڏهن ته 24 دهشتگرد 2 ڦورو سميت گڏيل طور تي 84 ڏوهاري ماريا ويا اهڙي طرح 38 دهشتگرد 2 اغوا ڪندڙ 24 ٽارگيٽ ڪلر 9 ڀتا خور 167 ڦورن جي گرفتاري سان گڏوگڏ هٿيارن جي ايڪٽ تحت 787 ۽ منشيات جي ايڪٽ تحت 834 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو رپورٽ موجب فوت ٿيندڙ ۽ گرفتار جوابدار جي قبضي مان 39 ايس ايم جيز ڪلاشنڪوف 12 شارٽ گن، 24 رائفلون، 1005 پسٽل جڏهن ته 51 هيند گرنيڊ هٿ ڪيا هن ٻڌايو ته هلندڙ سال 28 فيبروري تائين نيشنل ايڪشن پلان تي سڄي صوبي ۾ عملدرآمد تحت 3717 غير قانوني پرڏيهين کي گڏيل طور تي 2080 ڪيسن جي تحت گرفتار ڪيو ويو آهي هٿيار ايڪٽ جي 21787 ڪيسن ۾ 20541، وال چاڪنگ جي 347 ڪيسن ۾ 130 جڏهن ته ٽيمپلري ريزيڊنٽس ايڪٽ ۾ 1136 ڪيسن ۾ خلاف ورزيون ڪندڙ 1846 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هن ٻڌايو ته هلندڙ سال 28 فيبروري تائين نيشنل ايڪشن پلان تي ڪراچي جي ٽنهي پوليس زونز ۾ عملدرآمد تحت 2759 پرڏيهين کي گڏيل طور تي 1647 ڪيسن جي تحت گرفتار ڪيو. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ڪارڪردگي رپورٽ جو جائزو وٺندي پوليس کي هدايت جاري ڪئي ته سال 2017 جي حوالي سان تيار ڪيل گڏيل ۽ مضبوط قدمن تي ٻڌل سيڪيورٽِ پلان تحت خاص طور تي ڏوهن جي خلاف پوليس حڪمت عملي ۽ لائحه عمل کي وڌيڪ موثر ۽ فول پروف بڻايو وڃي ته جيئن عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي غير معمولي بڻائي سگهجي.