تازيون خبرون

Daily Archives: March 5, 2017

بالي ووڊ فلم ”ڪمانڊو ٽو“ پهرين ڏينهن 5 ڪروڙ رپيا ڪمايا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي تازو رليز ٿيل ايڪشن فلم ”ڪمانڊو ٽو“ پهرين ڏينهن ئي 5 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري ورتو آهي. رپورٽن موجب ايڪشن اسٽار وديت جموال جي فلم ”ڪمانڊو ٽو“ 3 مارچ تي سئنيما گهرن جي زينت بڻي، جيڪا پهرين ڏينهن 5 ڪروڙ رپيا ڪمائي سگهي. فلم ۾ وديت جموال کانسواءِ ادا شرما، ٺاڪر انوپ سنگهه ۽ ايشا شرما اهم ڪردار نڀايو آهي، جنهن جي هدايتڪاري ديوان ڀوجاني ڏني آهي.

 

سلمان خان سان ڪنهن به قسم جا اختلاف ناهن: سنجي دت

آگرا (اسپورٽس نيوز) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار سنجي دت چيو آهي ته سلمان خان سان ڪنهن به قسم جا اختلاف ناهن. رپورٽن موجب ٻنهي اداڪارن وچ ۾ اڳ سٺي دوستي هوندي هئي پر سنجي دت هڪ انٽرويو ۾ سلمان خان کي ”مغرور“ قرار ڏنو هو، جنهن کان پوءِ ٻنهي اداڪارن وچ ۾ اختلافن جون خبرون منظر تي آيون هيون پر هاڻ سنجي دت اهڙين خبرن جي  ترديد ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان 57 ورهين جي سنجي دت جو چوڻ هو ته مان سلمان خان جو بچاءُ ڪندي چيو ته مغرور ٿيڻ ڪا غلط ڳالهه ناهي.27

 

عمران خان اسٽيڊيم ۾ اچي پي ايس ايل جو فائنل ڏسي: جاويد آفريدي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريديءَ به عمران کي اسٽيڊيم ۾ ويهي پي ايس ايل جو فائنل ڏسڻ جي درخواست ڪئي آهي، جاويد آفريديءَ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ٽيمن جي ملاڪن کي ”کليل دل“ سان دعوت ڏيڻ کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي به اسٽيڊيم ۾ اچي ميچ ڏسڻ جي دعوت ڏني آهي. جاويد آفريديءَ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ٽوئٽر“ تي جاري هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته عمران خان کي درخواست ٿو ڪيان ته هو هر صورت ۾ پي ايس ايل جو فائنل ميچ اسٽيڊيم ۾ ڏسي، اهو قوم جو فخر آهي، عمران خان جاويد آفريديءَ جي درخواست قبول ڪري ٿو يا نه، ان جو جواب ته پاڻ عمران خان ئي ڏئي سگھي ٿو پر پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريديءَ پرڏيهي رانديگرن کي لاهور اچڻ تي راضي ڪرڻ سميت ڀارتين کي دعوت ڏيڻ تائين ڪوششون ڪيون جيڪي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحاليءَ جون ڪوششون ئي آهن.36

 

سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ٽيمن کي پاڪستاني دوري جي دعوت ڏني آهي: نجم سيٺي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل چيئرمين نجم سيٺيءَ چيو آهي ته سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي، قوم سان واعدو آهي ته جيڪڏهن سڀ ٺيڪ رهيو ته هڪ انٽرنيشنل ٽيم کي پاڪستان ضرور سڏائينداسين، نجم سيٺيءَ چيو ته اڄ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بهاليءَ جي لاءِ اهم ترين ڏينهن آهي ۽ دنيا ڏسندي ته اسان پرامن ماڻهو آهيون، پاڪستان سپر ليگ جو فائنل ڏسڻ جي لاءِ پرڏيهي رانديگر اچي چڪا آهن، الله جي ڪرم سان فائنل ميچ ڪامياب ٿيندو، قذافي اسٽيڊيم جي انتظامن مان مطمئن آهيون، سندس چوڻ هو ته سري لنڪا ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي ۽ قوم سان اهو واعدو آهي ته جيڪڏهن سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿيو ته هن سال هڪ انٽرنيشنل ٽيم کي پاڪستان ضرور آڻينداسين.36

 

خالي جهول ۽ چند سڪا..!!!.: غلام مصطفيٰ جمالي

آئون بازار اڪثر ڪري  گهٽ ويندو آهيان. ڪالهه هڪ دوست مجبور ڪيو ته  هل ته هلي بازار مان  ڪپڙا وٺي اچون مون گهڻو انڪار ڪيو ته ادا ڪپڙن کي وٺي ڇا ڪنداسين پراڻا پيل آهن هي سال ويندو نڪري، پر هن زور ڀريو ته آئون به دوست جي دوستي اڳيان مجبور ٿي پيس  ۽ هن دوست سان گڏ بازار هليو ويس، بازار پهنچندي جو جيڪو مون ڏٺو .۽ ان ڏسڻ کانپوءِ  سمورو سور سچ اوهان سان سلهڻ ضروري ٿو سمجهان..هو جيڪا  بازار ۾ هٿ کڻيو بيٺي هئي هن جي چهري ته مايوسي جو اٿاءُ سُمونڊ هو، پر سندس پر حوصلا جبلن کان به وڌيڪ مظبوط ها..ها هو هڪ سنڌ ڄائي نياڻي هئي جيڪا جواني جي سفرن کان ويندي وار چاندي ٿيڻ واري مرحلي اندر پنهنجي جواني جو سمورو جوبن وڪڻي چڪي هئي.مان ڪڏهن ڪڏهن کيس بازار ۾ ڏسندو هيس ته ميرڙي پوتي اڻبا وار ۽ سنڌ جي سحرا جيان سندس سڪل چپ..! ڄڻ ته هڪ سنڌ ڄائي جو درد هجڻ ڪري اندر جي ساهه  کي ساڻو ڪري رهيا هئا.. مونکي لڳو ته اڄ هن صبح کان شام تائين ڌڪا به کاڌا ۽ کيس ڌڙڪا به مليا،، مهڻا به سٺائين ۽ شام ٿئي ته هو شهر جي آخري ڇيڙي تي ڪنهن جهوپڙي جي ويجهو وڃي سڪا ڳڻڻ لڳي. ته سڄي ڏينهن جي جمع پونجي ڪيتري آهي جڏهن ان ميري هٿن سان سڪا ڳڻيا ته کيس سوچ ۽ لوڇ تمام گهڻي ٿئي وئي. شاهد انهن چند سڪن مان کيس گهر جو پورو سامان وٺڻو هو،اٽو،انهن معصوم ٻارن لاءِ جيڪي هو صبح سورير بکئي پيٽ ڇڏي آئي هئي،، اڄ هن دور ۾ چند سڪن مان ڇا ٿو ملي..؟ پيٽ جي بک اجهائڻ ته پري جي ڳالهه آ…..پر مرڻ لاءِ زهر به مهاڳو آهي..،جنهن ملڪ ۾ فون ڪارڊ کان ويندي هڪ رپين واري بسڪٽ جي پڙي ته به ٽيڪس هجي انهي دور ۾ چند سڪن مان ڇا منلدو ڇا.؟ هن جي چلهه ٻرندي؟ ڇا هو ٻارن کي کارائڻ لاءِ چلهه تي چاڙهيندي؟ جنهن ملڪ ۾ ٽيهه جي بيلنس رپين تي ست رپيا ٽيڪس، هڪ سئو رپين واري ڪارڊ تي ويهه رپيا ٽيڪس هليپ لائين تي ڳالهائڻ تي ٽيڪس،بيلنس چيڪ ڪرڻ تي ٽڪيس رات جو موبائيل رک ته صبح جو بيلنس غائب.. ٽيهه رپين وارو شي تي پنج رپيا ٽيڪس ..ٽيڪس ڀري ڀري اسان جا لاهه نڪري ويا آهن. پر جڏهن اميرن جي ڳالهه ڪجي ته ڇا ڳالهه ڪجي ..

ڪجهه ڏينهن پهرين پڙهيم ته پاڪستان جي ليڊر جي ور جا ٽيهه اعليٰ نسل جا گهوڙا پالين۽ انهن تي ڪروڙين رپيا زخرچ ڪن..توهان اندازو لڳايو جنهن ليڊرن جا  اعليٰ نسل جا گهوڙا هجن ان تي روزانو ڪتيرو خرچو ايندو هو، جنهن جي سنڀال لاءِ ڪيترا نوڪر هوندا لڳي ٿو ته اهي نوڪر به سرڪاري پگهارن وارا هوندا ڪي سترهن گريڊ جا ڪي اڙهن گريڊ جا ڇو ته انهن گهوڙن جو نسل اعليٰ آهي انهن جي سار سنڀال لاءِ به اعليِٰ ماڻهو گهرجن.. ٻڌو آ ته انهن گهوڙن کي ٽي مڻ کان وڌيڪ روزانو صوف کارايو ويندو آهي ڇو ته هو ڇٻر وارا گهوڙا ٿورئي آهن اعليٰ نسل جا آهن،انهن گهوڙن کي ناشتي ۾  صوف،اکروٽ.بادام،سچو گيهه،ٻيو ته الائي ڇا ڇا جن جا اسان کي نالا ئي نه ٿا اچن. پر حيرت جي ڳالهه آهي جنهن ملڪ  جي حڪمرانن کي عوام کان وڌيڪ گهوڙا مٺا هجن. عوام تي ٽڪو به خرچ نه ٿي ۽ گهوڙا ٽي مڻ کان وڌيڪ جا روزانا صوف کائين ته پوءِ اوهان اندازو لڳايو انهن مان سٺائي جي ڪهڙي ّاميد رکجي.. اسان ته هون به ٽن هزارن ۾ پنهنجو ايمان وڃايو ڇڏيو ننڍڙي ٻار کي ماءُ جيڪي ستي ايندي آهي سا هو مرڻ  تائين ياد رکندو آهي . اسان سنڌين کي ستي ۾ هڪ نعرو سيکارو ويو آهي بس اهو ئي نارو اهو ئي نارو. اسان ڳجهي ۾ تعويز جيان ٻڌي ڇڏيو.. اسان کي سمجهائي ته سمجهائي ڪير اسان جن جي نعرن جا تعويز ڳچي ۾ ٻڌا جن لاءِ نچاسين… ڄڻ ڪو پٽ پرڻائي رهيا هجون.. نچي.. نچي.. ناچو ٿي وياسين پر انهن اسان کي ڏنو ڇا.؟ناچو نچندو آهي تب کيس گهر هلائڻ لاءِ گذاري جيترا پئسا مليو وڃن پر اسان تاڙيون تبلا وڄائي وڄائي فنڪار ٿي ويا سين…. پر اهو ڪجهه ڏينهن جو ميلو اسان وري اتي جا اتي…. اقتدار جي ڪرسي وري به انهن گهوڙن جي شوقينن وٽ……. ڇا سنڌي عوام سان  مذاق تي رهيو آهي يا انهن کان انهن جي معصوميت جو فائدو ورتو پيو وڃي مان پچان ٿو سنڌ ۾ انهن ڇڏيو ڇا آهي…..؟ سنڌ انهي گوشت جي پليٽ جيان وڃي بچي آهي جنهن مان ٻوٽيون ويا کائي باقي بچيل رئي تي به الائي ڪيترا ڪونڌر ڪسرائي ڇڏيا.. ڪيترن ئي مائرن جون جهوليون خالي ٿي ويو ڳالهه سمجهه کان ئي ٻاهر آهي ..ڇا  ڪريون هاڻ ته اهي ٿو محسوس ٿئي ٿو ته کوهه جي ڏيڏر ۽ اڄ جي ليڊرن ۾ ڪوبه فرق ناهي ڇو ته کوهه جي ڏيڏر کي ڪهڙي خبر ته ٻاهر ڇا پيو ٿئي ائين انهن کي به شايد خبر ناهي ته سنڌ ۾ ڇا پيو ٿئي جتي جي عوام… راتين جون راتيون بکئي پيٽ سمهي ۽ اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل حڪمرانن جا گهوڙا گاهه بجاءِ صوف کائين انهن مان امن ۽ همدردي جي اميد ڪرڻ به منهجو مٿو ڀت ۾ هڻڻ جي برابر آهي، ڪنهن کي ڏوهه ڏجي ڪنهن تي معيار ڪجي هڪ زخم جا گهُاءُ اڃان ڀرجن ئي نٿا ته ٻيا وري ناسور جي پلي ٿا پون هڪ جوانن جا نوحا ڳائي آلين اکين جا لڙڪ قميص جي پلاند سان اگهون مس ٿا  مٿان وري ڪو ڪونڌر ڪسجو وڃي.. ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي اسان سنڌين  جي  لاش کي اڇلايو ويندو آهي.  جن جي هٿن تان اڃان مهندي جا رنگ به نه لٿا هوندا جوان ونين جا ور هن کان وڇڙي ويا آخر ڇو..؟سنڌي سان ظلم  جو نوٽيس نه پيو ورتو وڃي..ان مان ڇا مراد آهي عوام کي ڇا سوچڻ گهرجي.ڇا جياپي جي جنگ ڪرڻ ڏوهه آهي ديس ته پيغبرن کي به پيارو هو انهي ديس کي حق لاءِ آواز اٿارڻ ڏوهه آهي جي ته ڏوهه آهي ته سموري سنڌ انهي وڏي پوڙڪي پڪي هڪ ڏينهن جي معصوم کي به ماري ڇڏيو ته هڪڙو سور ٿي پوي باقي روز روز ڇو ٿا ماريو روز ڇو ٿا کڻايو سڏڪا ساهه جا..!

 

 

اقتداري بُک ۾ نظرانداز ٿيندڙ عوام!: شوڪت لوهار

آخر اِها ڪهڙي ڪشش آهي، جيڪا وڏن وڏن ڪوپ وڏيرن ۽ ڀوتارن کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪري رهي آهي؟ ڪجهه ته آهي؟ ڀلا ائين ماڻهو ڪيئن ٻيون پارٽيون ڇڏيو وتا وڏي ڀوتار سان مِلن ۽ ساڻن ملڻ لاءِ بيچين ڏيک ڏين؟

سنڌ ۾ عوامي خدمت جي حوالي سان ڪئين اهڙا دؤر رهيا آهن، جن ۾ ڳڻائي سگهجي ٿو ته هر پارٽي عوام جي مفاد ۾ ۽ عوام جي خدمت جي اوني جي ڪري پارٽيون مٽايون آهن. واقعي عوام جي فلاح ۽ بهبود ئي هِڪ اهڙي عمل جو نالو آهي، جيڪو ”عوامي ماڻهو“ کي ڪڏهن ننڊ ڪرڻ ڪو نه ٿو ڏئي.

عوام جي خدمت جي جذبي سان سرشار سنڌ جا ڇپ وڏيرا سڄو ڏينهن پجيرو ۽ وليز گاڏين تي ڊوڙون پيا پائين ته ڪٿي ڪو ٿر ۾ معصوم ٻار ته ڪو نه مُئو، ڪِٿي سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙي ۾ ماڻهن کي پيئڻ لاءِ آبِ حيات جهڙو صاف پاڻي مليو يا ڪو نه، ڪٿي ڪو غريب جو ٻار تعليم کان رهجي ته ڪو نه ويو، ڪٿي ڪا غريب عورت ڪنهن سرڪاري اسپتال جي دروازي تي گيس مارا ڪندي ٻار کي جنم ته ڪو نه ڏئي ڇڏيو؟ ڪِٿي ائين ته ڪو نه ٿيو جو سنڌ مان ملندڙ تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ڀاڻ جي ڪارخانن ۾ ڪو ڌاريو ته ڪو نه وڙي آيو. سَڀ نوڪريون پنهنجن ماڻهن کي ئي مليون يا ڪو ٻاهريون کڻي ته ڪو نه ويو!؟

سنڌي ٻولي جو ايڏو اونو جو ان کي قومي ٻولي بنائڻ لاءِ هنن پنهنجي گهرن جي چوڌاري لطيف سائين جا بيت لکرائي ڇڏيا آهن، ڪنهن به شاعر اديب جو ڪتاب ڇپجڻ کان رهجي ته ڪو نه ويو آهي. هر ليکڪ ۽ دانشور کي انهن سون جي وزن ۾ توري ڇڏيو آهي. انهي کان وڌيڪ ڀلا ٻي ڪا خدمت ٿيندي آهي، جيڪا ڪرڻ گهرجي؟ پوءِ ڀلا اهڙي اعليٰ ۽ ڪائناتي خدمت ڏِسي به ماڻهو پ پ ۾ شامل نه ٿين ته پوءِ ڀلا ڪيڏانهن وڃن.

پاءُ اٽي جو هرڪو کائي ٿو ۽ ڪو به بيوقوف ڪو نه آهي. ويجهڙائي ۾ پ پ ۾ جيڪا ڀوتارن جي ڀرتي ٿي آهي يا ٿي رهي آهي، ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ يا ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا؟ هِن وقت جڏهن عوام جي مستقل مٿي جو سور بڻيل پاناما گيٽ جو فيصلو اچڻ تي آهي ۽ ميڊيا جون قياس آرايون آسمان ڦاڙي رهيون آهن، اهڙن ڏينهن ۾ ڀلا سنڌ جا ڀوتار ڀائڙا ڇو پري رهن ۽ هُو ڇو ته اهڙيون سياسي غلطيون ڪن، جن سان سندن آرام ۾ خلل پئي. تنهن ڪري ڪجهه ته انهن جي پنهنجي ڏاهپ آهي ۽ ڪجهه پنڊي جي عقابن سندن اشارو ڪري ڇڏيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جي سنهري مستقبل جي وارث پ پ ۾ هوندي. ايندڙ چونڊ ۾ هِڪ اِها ئي پارٽي ڪامياب ٿيندي، تنهن ڪري ڀلو ائين آهي ته سَڀ هلو ۽ ان ۾ ٽڪيٽ بڪ ڪرايو. اهڙي رعايتي سيل ٻي جاءِ تي ڪٿي مِلندي. اِهو ئي سبب آهي جو نوان پراڻا گهوڙا ڊوڙ پايو وتا پ پ جي اسطبل ۾ شامل ٿين.

پهرئين لهر ۾ شڪارپور مان شيخ صاحب پلئو کاڌو ۽ فنڪشنل ليگ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيو، بعد ۾ ان جا ٻيا هم نوا به ساڻس گڏ هئا. انهي کانپوءِ هميشه اسٽيبلشمينٽ جي چئي هيٺ رهندڙ گهوٽڪي جا مَهر جيڪي اڳ ۾ ئي پ پ ۾ شامل آهن، انهن جا ڪٽر مخالف خالد لنڊ ۽ نادر اڪمل لغاري به پ پ ۾ شامل ٿي ويا آهن، گهوٽڪي سان واڳيل پتافي اڳ ئي پ پ ۾ شامل آهن. ڪراچي ۾ لياري جو گهڻ گهرو نبيل گبول به نوَ پارٽيون مٽائي نيٺ پ پ ۾ شامل ٿي ويو آهي، جڏهن ته عرفان الله مروت کي في الحال روڪيو ويو آهي جو تڪڙو ئي بلاول جي ڀيڻن جيڪو موقف ڏنو اِهو شايد پ پ جي هاضمي کان چڙهيل هو. ان ڪري ان کي في الحال ڪجهه وقت انتظار جي اذيت ڀوڳڻي پوندي.

پ پ ۾ شامل ٿيندڙن جي اِها راءِ آهي ته هُو عوامي خدمت تحت ان ۾ شامل ٿي رهيا آهن، انهن جي راءِ سان آئون سؤ سيڪڙو سهمت آهيان ته هُو واقعي حڪومت ۾ رهي ڪري اقتدار جي ڪرسي تي ويهي ڪري ئي عوام جي خدمت ڪري سگهن ٿا. هونئن شايد عوام جي خدمت سٺي نموني نه ٿي سگهي!

دنيا ۾ اهڙا کوڙ مثال موجود آهن، جڏهن ماڻهو مخالفت ۾ هوندي به عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ته سَڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، پر مسئلو اِهو آهي ته اسان وَٽ عوام جو صرف نالو استعمال ڪيو ويندو آهي. اصل ۾ عوام جي خدمت جو مطلب آهي ته ان کي روڊن، رستن، اسپتالن، اسڪولن، سيوريج، ڊرينيج، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ تحفظ جي نالي تي صِرف ۽ صِرف انهن اسمن جي بدلي مليل فنڊن جو غبن ڪرڻ، انهن جي زندگين مٿان منڌيئڙو ڦيرائڻ، انهن کي هِن ايڪيهين صدي ۾ به انڌيرن جي ور چاڙهڻ ۽ بيمارين ۾ مارائڻ جي خدمت جو پروانو هِي ڀوتار هٿ ۾ کڻي سنڌ ۾ لهن ٿا، اِها خدمت آهي. سنڌ ۾ هينئر هر حوالي سان ابتر صورتحال آهي. سنڌ جي هر اداري کي ڪرپشن جي اڏوهي کائي ناس ڪري وئي آهي. سنڌ جو هر ضلعو تعلقو سنڌ جي ڀوتار ۽ وڏيري جي ذاتي پسند ناپسند مطابق هلي ٿو، ان جي مرضي جو پوليس آفيسر لڳي ٿو، سڄي ٻڌي ڇوڙي ان جي هٿ هجي ٿي. سنڌ ۾ ڪِٿي به پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب نه آهي، ماڻهن کي خدمت ۾ پيش پيش ادارا بهشتي بڻجي گٽرن جي پاڻي سان خاص خاطر ڪري رهيا آهن، تعلقي ۽ ضلعي ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽيون صرف ۽ صرف ڪمائڻ جون مشينون بڻجي ويون آهن. ٽرانسپورٽ جو نظام ڊانوان ڊول آهي. عوامي سواري نالي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪا شيءِ نه ٿي مِلي. پنجاب ۾ ڊبنگ ڪرپشن ٿي هوندي، ان کي مڃون ٿا پر انهن ميٽرو ٺاهي، انهي کان علاوه عوام کي عام بسن جي سواري ته مهيا ڪئي آهي. اوهان ٻڌايو ته سنڌ جي ڪهڙي ضلعي ۾ ڪنهن ننڍي ڳوٺ ۾ ڪا عوامي سواري ٽرانسپورٽ جي سهولت موجود آهي، جيڪي ٽرانسپورٽ جون سهولتون هيون، اهي به هِڪ هئي ڌڪ سان ختم ٿي ويون.

سنڌ ۾ موجود تيل، گئس ۽ ڀاڻ جا ڪارخانا جيڪي سون اوڳاڇي رهيا آهن. جوهي، گولاڙچي ۽ گهوٽڪي ۾ اوهان ڪنهن چڱي عهدي تي ڪو سنڌي هجي ته ٻڌائجو. مقامي ماڻهن جي روزگار تي راتاهو هنيو ويو آهي، ائين ٿي پئي سگهيو جو هِي مقامي ڀوتار ۽ ان کان مٿي وارا سرڪار جا پيل پاوا انهن ڪمپنين کي اِهو بانور ڪرائين ها ته پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي ۽ انهن کي نوڪرين ۾ کنيو وڃي. ڪڏهن به ائين ڪو نه ٿيو آهي. اهڙين فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئرن کان وٺي سوئيپر تائين حسن ابدال ۽ چڪوال مان ٿا اچن، اتي ڀوتار جا چپ سبيا پيا آهن.

گهوٽڪي معدني وسيلن جي حوالي سان مالامال آهي. ڪراچي کانپوءِ سَڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ به، پر اُتي ڪا موچاري اسپتال ڪو نه آهي جو مقامي ماڻهو علاج ڪرائين، جيڪا اسپتال آهي، اُتي جا ڊاڪٽر، ڊاڪٽر گهٽ پر ڪنهن خوفناڪ فلم جا ڪردار وڌيڪ آهن. فيڪٽرين سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ڪامريڊ مانڌل شر پنهنجي سڄي زندگي اهڙن رت پياڪ ادارن سان وڙهندي گذاري، ان کي به مقامي ڀوتارن ٻڪري چوري جي ڪيسن ۾ جيلن ۾ وجهرايو. هُو ته انقلابي ماڻهو هو ۽ ذهني طور تي پختو هو، سو پار وڃي پيو ۽ پنهنجي علائقي ۽ ماڻهن لاءِ پوءِ به هڪ سٺي ليگسي ڇڏي ويو، پر انهي کانپوءِ ڪاري وارا ڪک آهن.

اقتدار جي حوس ڪِٿي هنن ڀوتارن کي عوام جي بددعائن جي صورت ۾ نه مِلي وڃي، جن سنڌ جي ماڻهن جي ساهن جو سودو ڪيو آهي. ٺيڪ آهي ته پاور پاليٽڪس ۾ سمجهوتا ۽ مصلحتون سڀ ڪجهه هلن ٿا، پر اوهين اهي مصلحتون عوام جي خدمت جي نالي ۾ ته نه ڪريو. اشتهارن ۾ وڏيري جو نالو ۽ ان جي ضلعي يا ”سنڌ جو باشعور عوام“ جي سٽ لکيل هوندي آهي. سنڌ کي اوهان باشعور ڇڏيو، ايئن ڪٿي آهي.

گهڻا دوست وري چونڊجي ڳالهه ڪندا آهن، چونڊون هڪ سانوڻي جي برسات جو نالو آهن، چونڊون ڪيئن کٽبيون آهن، اِهو ڀوتار برادري ڀلي ڀت ڄاڻي ٿي، ڀلي اوهين ووٽ ڏيو يا نه ڏيو، اوهان جي علائقي مان جنهن ڀوتار کي کٽڻو آهي، سو کٽي ويندو. چونڊن جي حوالي سان چيو ويندو آهي ته عوام جي اِها ئي امنگ هئي. ڇا عوام جي اِها ئي امنگ هئي ته اهي اِها سنڌ پيا چاهين، جنهن جو روپ، شام ۽ عراق کان به ابتر هجي، قطعي نه، اليڪشن هڪ سسٽم هڪ مڪينزم تحت کٽيا وڃن ٿا. هي جيڪي تبديلي تبديلي ڪونه ٿا جهلجن، انهن کان اهو پڇو ته ڪڏهن اوهين اچي ميرپور ماٿيلو، گولاڙچي، بدين ۽ لياري ۾ ڀوتارن جي سامهون فارم ته ڀرايو، ڪيئن نه اوهان جون نسلون پيون جيلن ۾ سڙنديون؟

سنڌ ۾ سگهاري ٿيندڙ حڪومتي پارٽي کي نيا جيالا مبارڪ هجن، جيالن جو جوش ۽ جذبو واقعي انهي ڳالهه جي تصديق آهي ته اِهي عوام جي خدمت لاءِ ئي پنهنجو سَڀ ڪجهه قربان ڪري هٿين خالي هِت پهتا آهن. شل انهن جون سڀ اميدون پوريون ٿين!

shoukatali.lohar@gmail.com

 

پيپلز پارٽي جي اي پي سي….!!

فوجي عدالتن جي معاملي تي پيپلزپارٽي جي گهرايل ملٽي پارٽي ڪانفرنس بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي. گهڻ پارٽي ڪانفرنس زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿي جنهن جي صدارت آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪئي جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ متحده قومي موومينٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي. مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، اسفنديار ولي، چوڌري شجاعت حسين، شيخ رشيد احمد، مير حاصل بزنجو، بي اين پي (عوامي)، جمهوري وطن پارٽي کانسواءِ پاڪستان عوامي تحريڪ، ۽ مجلس وحدت المسلمين جي وفد شرڪت ڪئي جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ڪانفرنس جي ايجنڊا ۾ فاٽا جي معاملي کي شامل ڪرڻ تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته فاٽا جو معاملو هن معاملي کان ڌار آهي، ان جي ڪري ان کي شامل ڪرڻ جي ضرورت نه هئي، جڏهن ته ملٽي پارٽيز ڪانفرنس ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ، نيشنل ايڪشن پلان، فاٽا سڌارن ۽ پنجاب ۾ پختونن خلاف حڪومتي ڪارروائي جي چار نقاطي ايجنڊا تي بحث ڪيو ويو

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته اي پي سي گهرائڻ جو مقصد فوجي عدالتن جي معاملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي اسان چاهيون ٿا ته پارليامينٽ ۾ فوجي عدالتن تي اسان سڀني جو گڏيل موقف هجي جيڪڏهن اسان پارليامينٽ ۾ جدا يا گڏيل موقف ڏيڻو آهي ته ان جو به فيصلو ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي سمورن سياسي اڳواڻن جي فيصلي جي تائيد ڪندي، فوجي عدالتن بابت حتمي فيصلو سڀني جي مشاورت سان ٿيڻ گهرجي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) چيو ته پهرين دهشتگردي واري لفظ جي تشريح ڪئي وڃي، مذهب ۽ فرقي کي ٽارگيٽ ڪرڻ بدران هٿياربند گروهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، رياست خلاف جيڪو به هٿيار کڻي ان کي دهشتگردي جي زمري ۾ آندو وڃي، فاٽا جي عوام جي فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪرڻ جي معاملي تي راءِ ورتي وڃي انهن تي فيصلا نه مڙهيا وڃن.

شيخ رشيد چيو ته پهرين ئي ملڪ جون 8 سياسي پارٽيون فوجي عدالتن جي واڌ تي متفق ٿي چڪيون آهن جڏهن ته آصف زرداري پاناما پيپرز اسڪينڊل جي معاملي تي به جلد اي پي سي گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيڪڏهن آصف زرداري نواز شريف جي خلاف رستن تي نڪري ٿو ته اسان ساڻس گڏ هونداسين.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي فوجي عدالتن جي مخالف آهي ۽ پنهنجي اصولي موقف کي اي پي سي ۾ ورجايو آهي جيڪڏهن فوجي عدالتون ضروري آهن ته پيپلزپارٽي پنهنجو بل آڻيندي ۽ ان بل تي ٻين پارٽين کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو. حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ ناڪام وئي آهي ۽ اي پي سي نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي. پنجاب ۾ پختونن خلاف ڪارروائي جي مذمت ڪريون ٿا، حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ حڪومت فوجي عدالتن جي متبادل سڌارن کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهي آهي، فرحت الله بابر موجب ته فوجي عدالتن جي آئيني ترميم تي پيپلزپارٽي ڊيڊ لاڪ پيدا ٿيڻ نه ڏيندي ڇو ته آئيني ترميم کي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان منظور ٿيڻو آهي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ بل جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ڊيڊ لاڪ پيدا ٿيو ته پيپلزپارٽي حڪومتي بل ۾ ترميمون پيش ڪندي ته جيئن اي پي سي ۾ مختلف پارٽين جي سربراهن جن خدشن جو اظهار ڪيو آهي اهي ختم ٿي سگهن.