تازيون خبرون

Daily Archives: March 4, 2017

سوناڪشي سنها فلم”بدريناٿ ڪي دلهنيا“ جي ڪاميابي لاءِ خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (شوبز نيوز) اداڪارا سوناڪشي سنها ڌرم پروڊڪشن جي نئين فلم” بدريناٿ ڪي دلهنيا“ جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب اداڪارا سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي چيو آهي ته ورون ڌون ۽ عاليا ٻئي فلم”بدريناٿ ڪي دلهنيا“ ۾ تمام سٺا لڳن پيا، ڌرم پروڊڪشن اِن کان اڳ 2014ع ۾ ”همپٽي شرما ڪي دلهنيا“ ٺاهي هئي، جڏهن ته فلم ”بدريناٿ ڪي دلهنيا“ 10 مارچ تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

بالي ووڊ ۾ ٻيهر ڪم جو موقعو مليو ته پهرين ترجيح شاهه رخ هوندو: ماهرا خان

لاهور (شوبز نيوز)اداڪاره ماهره خان چيو آهي ته مان نالي واري ڊائريڪٽر شعيب منصور جي پيداوار آهيان جنهن مون کي پنهنجي فلم ۾ ڪاسٽ ڪيو جنهن کان پوءِ فلم ٺاهيندڙن جون نظرون مون ڏانهن واجهائڻ لڳيون ۽ مان تيزي سان سفر ڪندي بالي ووڊ تائين پهچي ويس ان سڄي سفر ۾ جتي منهنجي پنهنجي محنت شامل آهي اتي مان شعيب منصور جي ڪردار کي به ڪڏهن وساري نٿي سگهان هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته فلم رئيس جهڙي طرح ڪاميابي حاصل ڪئي اها منهنجي تصور کان ٻاهر آهي هن چيو ته فلم رئيس جي ڪاميابي سان مون کي پاڪستاني فلمسازن پاران ڪيترن ئي فلمن جي پيشڪش ٿي چڪي آهي جڏهن ته اڃا تائين مان ڪنهن فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪيو آهي جڏهن منهنجي مطلب جي اسڪرپٽ ايندي ته مان سٺي ڊائريڪٽر سان ڪم ڪرڻ پسند ڪندس. هن چيو ته اڄڪلهه منهنجي ڪراچي ۾ ڪيترن ئي ڊرامه سيريل جو رڪارڊ جو سلسلو هلندڙ آهي. ۽ ان سان گڏ منهنجي ڪمرشل به هلي رهي آهي.

 

اسان جا پنهنجا ڪرڪيٽر ئي فائنل ميچ لاهور ۾ ڪرائڻ جا مخالف آهن: معين خان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي چيف سليڪٽر ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ڪوچ معين خان چيو آهي ته اسان جا پنهنجا ڪرڪيٽر ئي پي ايس ايل فائنل ميچ لاهور ۾ ڪرائڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن، منهنجي خيال ۾ راند اندر سياسي مداخلت نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته  فائنل کيڏڻ لاءِ ايندڙ پرڏيهي رانديگرن ۾ وڏو نالو ته ناهي، پر اها ڪا ڳالهه ناهي، ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي طرف اهو قدم اهم ڳالهه آهي، جڏهن ته نئين جاري ڪيل فهرست ۾ شامل رانديگرن لاءِ به موقعو آهي، هن وڌيڪ چيو ته مان فائنل ميچ لاءِ پر اميد آهيان، انشاءالله اسان کٽنداسين.

 

ڊيرن سمي ميچ پشاور جي معذور ٻارن جي نالي ڪري ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز): پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سمي سڀني ماڻهن لاءِ وڏي مثال قائم ڪندي اڄ جو ميچ پشاور جي معذور ٻارن جي نالي ڪري ڇڏيو آهي، ويسٽ اينڊيز جي رانديگر ۽ پي ايس ايل فرنچائز پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سمي پنهنجي انسٽا گرام اڪائونٽ تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ پشاور سان تعلق رکندڙ معذور ٻار رقص ڪري رهيا آهن، ڊيرن سمي ويڊيو شيئر ڪرڻ سان گڏ ئي زبردست پيغام به لکيو، هن لکيو ته اسان جيڪو به ڪندا آهيون، اهو صرف ڪرڪيٽ ناهي، اسان متاثر ڪندا آهيون، متحرڪ ڪندا آهيون، ۽ اسان ٻين ماڻهن جي چهرن تي خوشيون مسڪراهٽون وکيريندا آهيون، اڄ جو ميچ کٽون يا هارايون پشاور جي معذور ٻارن جي نالي ڪيون ٿا.

 

خوف ۽ دهشت جي احساس جو ٻل ٿيڻو آهي..!!!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

وقت حالتن اسان جي زندگي ۾ انيڪ موڙ آڻي ڇڏيا آهن. اسان جن حالتن مان پاڻ گذري رهيا آهيون، اهي بلاشڪ تشويشناڪ آهن . شاندار ماضيءَ کي اسان پاڻ وساري ويٺا آهيون.روشن آئيندي جو وري ايترو اونو اٿئون جو زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي لاءِ پڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. امتحان ڏيون ته ڪاپي ڪري، نوڪريون وٺون ته ڏوڪڙ ڏئي. صنعت ۽ تجارت سان لڳي ئي ڪانه ، ثقافت سان فقط نعري بازي جو عشق اٿئون. پنهنجي اهڙن پرڪارن جي باهه تي حالتن وري گاسليٽ جو ڪم ڏيکاريو آهي. شهرن ۾ دهشتگرديءَ ته  ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ طرف باهه آهي ته ٻئي طرف پاڻي. ڪنهن کي ڪا واٽ ڪانه ٿي ملي. هر ڪنهن جون متيون ئي منجهي پيون آهن. سياسي ڪارڪن پنهنجي قد بت وڌائڻ ۾ مصروف آهن. ملڪ جا مدبر الائي ڪهڙي سياست ۾ مصروف آهن. دانشورن کي دنيا پنهنجو مڃڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي. اهڙين سنگين حالتن کان وڌ ۾ وڌ متاثر ٻهراڙيءَ جو معصوم، سٻاجهو ۽ سڌو سنئون اهو عوام آهي، جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان اڪثريت ۾ آهي. جنهن کي اسان پنهنجي معيشت جو ابو چئون ٿا ۽ جنهن کي اسان جا مدبر قوت جو سرچشمو چون ٿا. بلاشڪ شهرن ۾ رهندڙ عوام به آزار ۾ آهي، پر دکن ۽ دردن، سورن ۽ عذابن ۾ ٻهراڙيءَ وارا پنهنجو مٽ پاڻ آهن.منهنجو تعلق پڻ هڪ ٻهراڙي جي علائقي سان آهي جتي زندگي جڏهن صبح جا ڪرڻا کڻي نئون سفر شروع ڪرڻ لاءِ رواني ٿيندي آهي ته انهن ٻهراڙي ۾  انيڪ انساني زندگيون خواهشن جون اڌوريون اڻپوريون مرڪون کڻي پنهنجي پنهنجي ڪمن ڪارن ڏانهن زندگي جو سفر تي روانييون ٿي وينديون آهن   جيڪڏهن اڄ جي حالتن ۾ عوام پنهنجي ئي رنگ نسل بلڪ پنهنجن ئي ڌاڙيلن جي ڏاڍ ڏمر جو نشانو بڻيو آهي ته اها تڪليف ڏيندڙ هئڻ باوجود نئين ڳالهه ڪانهي.ڇو ته عوام ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ساڳئي صورتحال کي صدين کان وٺي منهن ڏيندو آيو آهي، مٿس ڪنهن ڪنهن ڌاڙا نه هنيا آهن.

سياستدانن جي اڪثريت سندس ويساهه ۽ عقيدت تي ڌاڙا هنيا، عملدارن رعيت آزارن سندس حقن تي ڌاڙا هنيا، واپاري هن جو رت چوسيو، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن هن جا کيسا خالي ڪيا،ملان کيس نفرت جي نگاهه سان ڏٺو. سندس چڱي مڙس کيس پنهنجي کٽ تي ويهارڻ به پسند نه ڪيو. هو عزت جي زندگي گذارڻ لاءِ صدين کان آتو آهي. نه کيس تعليم ملي، نه کيس تربيت ملي. هو صدين کان وٺي اڪيلو ۽ ڇورو ڇنو آهي، بي وس ۽ مجبور آهي. انهيءَ عوام تي جڏهن آزارن مٿان آزار ٿين ٿا، ۽ عذابن مٿان عذاب اچن ٿا ته ڏک وچان سندس اکيون ڀرجي اچن ٿيون. ۽ جڏهن به اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن، تڏهن ڪابه شئي چٽي ۽ صاف نظر نه ايندي آهي.

ڳوڙهن سان ڀريل اکين واري انسان جي هٿ ۾ جڏهن لٺ، باٺو، بندوق يا ڪلاشنڪوف اچي وڃي ٿي ته پوءِ ايئن ئي ٿئي ٿو ، جيئن هاڻي ٿي رهيو آهي. هاڻي ڇا ٿي رهيو آهي؟ مختصر جواب اهو آهي ته مظلوم ، مظلوم کي نشانو بڻائي رهيو آهي. نشاني بڻائڻ جي شدت ظالمن جي ظلم کان به وڌيڪ گهري ٿيندي  آهي هنن حالتن ۾ عوام کي فقط اهو احساس ڏيڻو آهي ته انسان اٽل ۽ اڏول ٿئي ٿو . حالتون ۽ حادثا، زلزلا ۽ طوفان، وبائون ۽ جنگيون، ڌاڙا ۽ اغوائون اسان جي تاريخ جو بدقسمتيءَ سان اڻمٽ رنگ بڻجي چڪيون آهن. ڪنهن دور ۾ عوام تي قهر نه ٿيا؟ ڪن اسان جي وڏڙن کي جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ وڌو ته ڪن سندس کلون لهرايون، ڪن کين گهاڻن ۾ پهرايو ته ڪن تتل ڪڙاهن ۾ اڇليو ، پوءِ به اسان جو نسل ختم ڪونه ٿيو، پوءِ به اسان جا وڏڙا حياتيءَ کان مايوس نه ٿيا. بلڪ هنن موت جي بازار ۾ زندگيءَ جو رقص ڪري ڏيکاريو. ڏکن جا ڏونگر ڏاري ڏيکاريا. تڪليفن جا آسمان سر تي کڻي پنهنجي منزل طرف وڌي ڏيکاريو، ان ڪري مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪانهي. ليڪن تدبر ۽ تحمل سان ، بردباري ۽ بهادريءَ سان حالتن کي بدلائڻو آهي. جيڪڏهن عوام ڪجهه به نه ڪري ته به زندهه رهي سگهي ٿو ۽ دنيا جي ڪابه قوت کيس ختم ڪري نٿي سگهي. پر جيڪڏهن هن ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو، هنن حالتن جي پس منظر ۽ پيش منظر کي پرکيو، ڌاڙيلن پيدا ٿيڻ ۽ ڌاڙيلن پيدا ڪرڻ جون حالتون بدلائي ورتيون، رٺلن کي پرچائي ورتو ۽ پرتلن کي پنهنجو ڪري ورتو ته اسان جا هي ڏکيا ڏينهن ختم ٿي سگهن ٿا. ٻنهي صورتن ۾ عوام اڳرو ٿيندو ۽ اڳرو آهي. نه فقط ايترو پر عوام اڏول آهي  ۽ عظيم آهي. کيس نه ته مايوس ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ نه وري خوف ۽ دهشت جي احساس جو ٻل ٿيڻو آهي.

 

4مارچ جي شاگرد جدوجهد ۽ اڄ جو شاگرد: وقاص کوسو

آئون هميشه سوچيندو آهيان ته ڪيئن نه وحشياڻي نموني 4 مارچ 1967ع تي سنڌ جي پرامن شاگردن تي راجپوٽا اسپتال جي جي ون گولين جو مينهن وٺو هوندو ڪيئن نه انهن اهو تشدد برداشت ڪيو هوندو،ها هنن جو ڏوهه ڇا هيو رڳو اهو ته هو پر امن احتجاج ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻولي جي بقاء لاءِ حيدرآباد اچي رهيا هئا يا اڃان سندن ڏوهه ڪجهه ٻيو هو؟ مون کي هميشه ان سوال تنگ ڪيو هو مان ان سوال جي جواب جي ڳولا ڪندو رهيس ۽ اڃا اهو ڪم جاري آهي ته آخر اهو ڪهڙو ڪم انتظاميا کي ايڏو مڇرائي  ڇڏيو هو جو  هڪ ڪمشنر جي حڪم تي سنڌ جي مستقبل جي معمارن کي گولين جو بک بڻائي انسانيت جا ليکا لٽاڙيا ويا هئا ڪنهن انهن امڙن کن پڇيو هوندو جن جي جگر جا ٽڪر هتي بيگناهه ڳولين جو بک بڻيا ويا هئا،جڏهن شاگردن مٿان گولين جو مينهن  وسايو ويو ۽ ريڪارڊ ٽوڙ تشدد ڪيو ويو هو شايد ان  ڪارروائي پويان آمر جو اهو خوف لڪل هو سنڌ جا شاگرد باشعور ٿي رهيا هئا، پر اهو رڳو منهنجو خيال آهي پر ان باوجود  سوال جي جواب جي ڳولا ۾ رهندس

وڪيپيڊيا هن المناڪ واقعي کي ڪجهه هجن ريت ٻڌائي ٿي ته “فيلڊ مارشل ايوب خان طرفان مڙهيل ون يونٽ خلاف هزارين سنڌي شاگردن احتجاج شروع ڪيو. 4 مارچ 1967ع تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کان حيدرآباد تائين شاگردن احتجاجي ريلي ڪڍي. جڏهن ريلي حيدرآباد طرف وڃي رهئي هئي ته مارشل لا اختيارن طرفان هدايتن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تشدد شروع ڪيو جنهن ۾ 17 شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ 200 کان وڌيڪ شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ تان ئي سنڌي قوم پرستي سان گڏ جساف جو پڻ بنياد پيو. جساف جا ڪيترائي ڌڙا اڄ ڏينهن تائين ان کي شاگرد جدوجهد جي ڏينهن طور ملهائين ٿا.

ويڪيپيڊيا پڙهڻ کان پوءِ هڪ آمر جي حڪمن تي ڪيل وحشتناڪ تشدد تي سوچجي تڏهن به هن لڱ ڪانڊرائجي وڃڻ ٿا ته آخر هنن شاگردن جو ڏوهه ڇا  هو اهو جيڪو وڪيپيڊيا ٻڌائي رهي آهي نه ائين نه هو سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد سنڌي ۾ ووٽر لسٽون چپارائڻ جا نعرا هڻندا يونيورسٽي مان نڪتا ان وقت جي دادو جي اسسٽنٽ ڪمشنر روڪڻ لاءِ  چيو هو ۽ کين ڌمڪايو پڻ هو تہ رڳو پل ڪراس ڪريو پوءِ  خبر پوندي ۽ ٿيو بہ ائين جڏهن سنڌي شاگرن جو هي قافلو راجپوٽا اسپتال وٽ پهتو جتي هن وقت باءِ پاس واري   پل موجود آهي ته اتي کين روڪڻ لاءِ هٿياربند ونگاري موجود هئا، انهن طرفان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻايو ويو، آمر دور ۾ ٿيل  پوليس گردي ۾  200 کان وڌيڪ شاگردن کي زخمي ۽ گرفتار ڪري ورتو. پوليس طاقت جي زور تي بظاهر ته اُهو جلوس منتشر ٿي ويو، پر اهو سنڌي شاگرد تحريڪ جو وڏي ۾ وڏو ڏينهن هو ۽ به ظاهر ته پوليس تشدد ڪري شاگردن ۽ اڳواڻن  کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي پر انهن  جي جدوجهد ۽ تحريڪ سامهون اُن وقت ون يونٽ ۽ ايوبي آمريت خلاف، سنڌ اندر هلندڙ قومي ۽ جمهوري جدوجهد ۾ وڏو اُڀار پيدا ڪيو ۽ آمر جو امر به هنن جوڌن جي جدوجهد جي آڏو بيهي نه سگهي.انهن شاگردن ۾ يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، ڄام ساقي ۽ مسعود نوراني ۽ ٻيا موجود هئا، هن تحريڪ ۾ ڪڏهن به بک هڙتال ڪندڙ اختر بلوچ جو به ڪردار نه وسارڻ جو آهي

پر اڄ  کان 50 سال اڳ سنڌي شاگردن جي ٿيل تشدد  جي ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هي اهي شاگرد هئا جن وطن جي حقن جي حاصلات ۽ پنهنجي ٻولي لاءِ گهر ويهڻ کان انڪار ڪندي رستن تي نڪرڻ کي پنهنجو فرض ڄاتو هو،هنن اها پهرين چڻنگ ٻاري هئي جيڪا وطن ۽ ٻولي جي بقا لاءِ پهرين وک هئي، 4 مارچ جي شاگرد جدوجهد “ نه رڳو شاگردن مٿان گولين جو مينهن وسايو ويو هو پر مٿن وحشيانه تشدد ڪري  حقن جي حاصالات ۽ سنڌي ٻولي جي تحفظ لاءِ سندن زبان بند ڪرڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي وئي هئي.جيڪي به نوجوان ۽ اسانجون انقلابي ڀينرون انوقت اهڙي تشدد جو شڪار ٿيون ۽ قيد و بند جو صعوبتون سٺيون ۽ مصبيتن کي منهن ڏنو ان جو احوال ته اهي شاگرد ۽ شاگردياڻين ئي ٻڌائي سگهن پيون جيڪي ان ڏکي پر پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ٻاريل پهرين چڻنگ کي ڊکائڻ وقت موجود هئا انهن نياڻين ۽ جوڌن جي قربانين جي نتيجن ۾ شروع ٿيل بک هڙتال سبب وقت جي آمر حڪمرانن کي سندن آڏو گوڏا کوڻڻا پيا هئا،هن بک هڙتالي تحريڪ ۾  سنڌي ۾ ووٽر فهرستن جي تياري بابت جدوجهد جو آغاز ڪيو ويو  ۽ ان مطالبي کي  ايتري ته موٽ ملي جو آمر کي سنڌي نوجوانن جي مطالبن کي تسليم ڪندي ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ سنڌي ٻولي ۾ چونڊ فهرستن جي تياري جو اعلان ڪرڻو پيو هو، اهو ئي شاگرد تحريڪ آهي جو اڄ به ووٽر لسٽون سنڌي ۾ موجود آهن جيتوڻيڪ  سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي واري حيثيت اڃا ناهي ملي سگهي ڇو ته اها شاگرد تحريڪ هئي جنهن آڏو وقت جو بيهي نہ سگهيو

50 سال اڳ جي شاگرد تحريڪ کي پڙهڻ کانپوءِ جڏهن اڄ جي شاگردن  کي ڏسون ٿا ته ٻنهي ۾ زمين ۽ آسمان ۾ فرق آهي،ماضي جي شاگرد تحريڪ جنهن وقت جي آمرن کي گوڏا کوڙايا ۽ وڏي جدوجهد ذريعي ووٽر لسٽن ۾ سنڌي  شامل ڪرايو جيڪو ڪم شايد ان دور جا پارلياماني اڳواڻ به ڪرائي نه سگهن ها ڇو ته هو ايوب شاهي جي ڇپڙڇانوءَ مان نڪرڻ يا کيس ڇڏڻ نه پيا چاهين،پر ان باوجود هي شاگرد هٿين خالي اهو ڪم ڪرائي ويا جيڪو ڪم وڏا ماڻهو پارٽيون ڪرائي نه سگهيون، شاگردن سياست جي شاندار ماضي باوجود اڄڪلهه جي شاگردن سياست اهڙي ته موتمار بڻجي چڪي آهي جيڪا رڳو پنهنجا ئي ٻچا کائي رهي آهي، هن ڪجهه شاگرد تنظيمون نه کپي نه کپي جي کولڻ نعرا جي دلفريب جي درياءُ ۾ لڙهي رهي آهي، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شاگرد سياست جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪناري تي لڳايو وڃي ۽ شاگرد سياست جي نئين سر تنظيم سازي ڪري 1967 واري دور ڏانهن وٺي وڃجي جو هٿين خالي شاگرد آمر حڪومت کان طاقت هئا.

 

داعش خلاف عالمي سطح تي ٿيندڙ ڪارروايون: صاحب خان ڀٽي

دهشتگردي سبب سڄي دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، شام، عراق  ۽ يمن سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون به ٿي رهيون آهن، انهن ڪاررواين ۾ عام شهري جو به نقصان ٿي رهيو آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو جن علائقن ۾ دهشتگردن ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو پيو وڃي انهن حملن ۾ عام ماڻهو اجل جو شڪار ٿي رهيا آهن، اهڙي رپورٽ گڏيل قومن جو ادارو به جاري ڪري چڪو آهي، بهرحال هن وقت دنيا کي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيندڙ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ تنظيم داعش آهي جنهن خلاف ڪارروايون به ٿي رهيون آهن، اڳوڻو آمريڪي صدر بارڪ اوباما به دهشتگرد تنظيم کي سڄي دنيا لاءِ خطرو قرار ڏنو هو، هن وقت اتحادي فوج طرفان شام، عراق ۽ يمن ۾ ڪاررووايون به ٿي رهيون آهن، آمريڪا طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ چيو ويو هو ته داعش افغانستان ۾ پاڻ کي مضبوط ڪري رهي آهي ۽ اهو به چيو ويو هو ته افغانستان جي ڪنڙ واري علائقي ۾ انتهاپسند داعش کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سڀ کان اڳ عراق ۾ داعش پنهنجيون ڪارروايون شروع ڪيون هيون بعد ۾ شام سميت ٻين ملڪن ۾ پنهنجين دهشتگردن ڪاررواين سان موجودگي جو احساس ڏياريندي رهي آهي، داعش تنظيم ئي ڪيترين ئي دهشتگردي جي ڪاررواين جي ذميواري به قبول ڪئي آهي،

ڪجهه عرصو اڳ جڏهن پاڪستان ۾ دهشتگرد تنظيم داعش جي چاڪنگ ٿي هئي ته ان وقت وفاقي حڪومت اهڙين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي هئي پر هاڻ جڏهن کان  ملڪ اندر ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن تنهن ڏينهن کان ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي ۽ انهن مارجي ويل دهشتگردن بابت ٻڌايو ويو آهي ته انهن مان ڪجهه دهشتگردن جو تعلق داعش سان به هو، هن وقت سڄي دنيا ۾ داعش جو خوف ڇائنجي رهيو آهي، جنهن به ملڪ ۾ داعش جي موجودگي جو ٿورو به اشارو مليو آهي انهن ملڪن کي ته تباهي ڏانهن ڌڪيو ويو آهي، ماضي ۾ طالبان ۽ القاعده جي نالي تي مختلف ملڪن تي حملا ڪيا ويا هئا پر هاڻ خطرناڪ دهشتگرد تنظيم داعش به اچي وئي آهي جنهن بابت آمريڪا چئي رهيو آهي ته اها سڄي دنيا لاءِ وڏو خطرو آهي، جيڪڏهن دنيا ۾ امن قائم ڪرائڻو آهي ته پوءِ ان دهشتگرد تنظيم  کي چٿڻو پوندو.  پر هن وقت تائين سڄي دنيا جي فوج ان دهشتگرد تنظيم کي ختم نه ڪري سگهي آهي پر هان ان دهشتگرد جي تنظيم جي موجودگي بابت ڪجهه نشان پاڪستان ۽ افغانستان مان به ملي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا ۾ خبرون هلي رهيون آهن ته پاڪستان  ۽ افغانستان ۾ موجود  انتهاپسند داعش جي مدد ڪري سگهن ٿا، هاڻ خبر ناهي ته ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي ، اهو ته آمريڪا ڄاڻي ۽ انتهاپسند ئي ڄاڻين پر جيڪڏهن اها ڳالهه درست آهي ته پوءِ هتي به امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي ويندي. هونءَ ته هن ملڪ ۾ اهي دهشتگرد تنظيمون درگاهن ۽عبادتگاهن تي حملا ڪنديون هيون  اهي اڳتي هلي هن ملڪ لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار ثابت ٿينديون، تنهن جي لاءِ ضروري آهي ته وفاقي حڪومت کي اکيون پٽڻ گهرجن ۽ جلد کان جلد داعش جي سهولتڪارن ۽ داعش جي دهشتگردن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪن پوءِ ڀلي اهي  هن ملڪ جا انتهاپسند ڇو نه هجن، جيڪڏهن هن وقت دهشتگردن خلاف حڪمت عملي نه جوڙي وئي ته اها دهشتگرد اڃان وڌيڪ مضبوط ٿي ويندا .

،،،هلندڙ….

 

 

 

 

 

 

فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جو حتمي فيصلو….!!

وفاقي ڪابينا فاٽا کي پنجن سالن اندر خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ، 20 هزار ليويز اهلڪار ڀرتي ڪرڻ، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جون بينچون قائم ڪرڻ، اين ايف سي ۾ 3 سيڪڙو حصو رکڻ، پارٽي بنيادن تي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل ذميداري آهي ته هو وفاق جي انتظامن وارن علائقن جي ترقي ۽ انهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اڳتي اچن، پاڪستان هر شهري جو آهي ۽ ملڪ جي سمورن علائقن جي عوام جو قومي وسيلن تي هڪجهڙو حق آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فاٽا سڌارن واري ڪميٽي جي سفارشن جي اصولي منظوري ڏني وئي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ فاٽا جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ رهندڙن جي طرح سهولتن ۽ خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته فاٽا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ گهربل تعاون تي راضي نه ٿيڻ وارا دراصل صوبائيت کي فروغ ڏئي رهيا آهن، فاٽا جي ترقي سڄي قوم ۽ ملڪ جي ذميداري آهي، هن چيو ته ان گهٽ ترقي يافته علائقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ ترقي ڏيڻ صرف اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهن جي ذميداري نه آهي پر هر پاڪستاني کي ان عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم فاٽا جي عوام جي حب الوطني ۽ قومي جذبي کي ساراهيندي چيو ته ان جي تاريخ پاڪستان سان محبت جي مثالن سان ڀريل آهي، فاٽا جي عوام پاڪستان جي خودمختياري، سالميت ۽ دفاع جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، وقت اچي ويو آهي ته فاٽا جي عوام کي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان جي محرومين جو خاتمو ڪيو وڃي، هن ملڪي يڪجهتي جي لاءِ قومي جذبي کي فروغ ڏيڻ ۽ ملڪ جي سڀني حصن ۾ رهندڙ عوام کي ترقي جي ثمرن مان فائدو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، اسان تي هي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته ترقي ۾ پوئتي رهجي ويندڙ علائقن تي وڌيڪ ڌيان ڏيون ۽ انهن علائقن جي عوام کي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ترقي جا موقعا فراهم ڪريون. فاٽا بابت دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته فاٽا جي عوام گذريل 30 سالن ۾ جنگ ۽ بحران کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏٺو، ان جي لا هتان جي عوام هاڻي سهولتن جي گهرجائو آهي، سفارشن ۾ ايف سي آر کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آئيني سڌارا ڪرڻ ۽ سڀني ڌرين سان مشاورت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، فاٽا کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ لاءِ 5 سال گهربل هوندا ۽ فوج کي ڪڍڻ لاءِ ليويز ۾ 20 هزار مقامي ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا، اين ايف سي ۾ فاٽا لاءِ 3 سيڪڙو مخصوص ڪيو ويندو، فاٽا ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جون بينچون قائم ڪيون وينديون جڏهن ته قبائلي علائقن ۾ پارٽي بنيادن تي بلدياتي چونڊون ڪرايون وينديون، جڏهن ته فاٽا جو ترقياتي بجيٽ 20 ڪروڙ کان وڌائي هڪ ارب روپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ آڊيٽر جنرل فاٽا جي ترقياتي فنڊن جي آڊٽ جو ذميدار هوندو. جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان فاٽا کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ جي منظوري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وفاقي ڪابينا فاٽا بابت تڪڙ ۾ فيصلو ڪيو آهي ۽ اهو فيصلو مشاورت کانسواءِ ڪيو ويو آهي، اسان ان حوالي سان پنهنجو موقف ڏينداسين.