تازيون خبرون

Daily Archives: March 4, 2017

سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران ”رد الفساد“ جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد (اين اين آءِ) سياسي ۽ عسڪري قيادت واضح ڪيو آهي ته هدف حاصل ڪرڻ تائين آپريشن رد الفساد جاري رهندو، جمعي تي وزيراعطم نواز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ سلامتي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ هلندڙ آپريشن ردالفساد جي نتيجن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ناڻي جي وزير محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه کانسواءِ اعليٰ ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. ان ۾ واضح چيو ويو ته هدف حاصل ٿيڻ تائين آپريشن جاري رکيو ويندو. اجلاس ۾ چيو ويو ته آپريشن ردالفساد سڄي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندو. وزيراعظم چيو ته سمورين ڌرين ۾ وڏي بنياد تي اتفاق راءِ ۽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کان ڇوٽڪاري لاءِ عوام جا جذبا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي فتح جي چٽي نشاني آهن. هن چيو ته دهستگردي خلاف پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اجلاس جي شريڪ ٿيلن کي هر قسم جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پوري رياستي طاقت کي استعمال ڪندي ڪارروائي جاري رکڻ ۽ هڪ محفوظ ۽ پرامن پاڪستان کي يقيني بنائڻ جي گڏيل مقصد ۾ ٿيندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

 

فساد ۽ خوف جو دور پڄاڻي تي پهتو، امن لاءِ ڏنل قربانيون رنگ لائينديون: وزير اعظم

اتر وزيرستان (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته فساد ۽ خوف وارو دور ختم ٿي چڪو آهي ڪرم تنگي ڊيم جو بنياد نئين دور جي شروعات آهي. امن لاءِ ڏنل قربانين رنگ لاتو آهي بي اعتمادي ختم ۽ نئون پاڪستان شروع ٿي رهيو آهي خطي ۽ پاڪستان کي فساد کان ڇوٽڪارو ملي ويو آهي ترقياتي منصوبن سان ايندڙ نسل فائدو وٺندو. پاڪستان جي مفاد جو معاملو هجي ته اسان سڀني کي پنهنجي دائري ۾ نڪري هڪ ٻئي جو هٿ پڪڙڻ گهرجي. دهشتگردي کانپوءِ پاڪستان جي معاشي ۽ عوامي خوشحالي لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو. فاٽاک ي پاڪستان جي قومي ۽ آئيني ڌاري ۾ شامل ڪرڻ جي شروعات ۽ ايف سي آر جو خاتمو ڪيو پيو وڃي. جمعي تي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ تمام نيڪ منصوبي جي شروعات ٿي رهي آهي ڪرم تنگي ڊيم جو بنياد وزيرستان ۾ هڪ نئين دور جي شروعات آهي اهو ان ڳالهه جو اعلان آهي ته خوف ۽ فساد جو هڪ دور پنهنجي پڄاڻي تي پهتو ۽ هڪ نئون دور شروع ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اها تبديلي اوچتو نه آئي آهي. اونداهي رات کي روشن ڏينهن ۾ تبديل ڪرڻ ڪڏهن به سولو ناهي هوندو ۽ اتر وزيرستان ۾ هڪ ترقياتي منصوبي جي شروعات هڪ نئين دور جي شروعات آهي. هن چيو ته ان دوران بيشمار ماڻهن جون جانيون ويون اڻ ڳڻپ ماڻهن کي هجرت جو عذاب ڏسڻو پيو پاڪ فوج، پوليس ۽ سلامتي جي وڌيڪ ادارن جا نوجوان شهيد ٿيا الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته انهن قربانين رنگ لاٿو ۽ نه صرف هن خطي پر سڄي پاڪستان کي ان کان ڇوٽڪارو ملي ويو. هن چيو ته ان ۾ اسان سڀني لاءِ اهو سبق آهي ته جڏهن معاملو پاڪستان جي مفاد جو هجي ته اسان سڀني کي گڏ ٿيڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي. دهشتگردي مان ڇوٽڪارو هٿ ٺوڪڻ کانپوءِ معاشي ترقي لاءِ به گڏ ٿيڻو پوندو. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته چين ۾ سمورا وڏا وزير ۽ وفاقي حڪومت جا نمائندن گڏجي معاهدن تي صحيحون ڪيون. هن چيو ته تاريخ اهو ياد رکندي ته ڪنهن مرحلي تي ڪنهن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ان منصوبي کي تيزي سان اڳتي وڌائڻو آهي ته جيئن تاريخ جي اڳيان سرخرو ٿي سگهون هن چيو ته اڄ ضرورت آهي ته اسان ڇڪتاڻ واري منفي سياست کان ٻاهر نڪرون ۽ سٺن ڪمن ۾ هڪ ٻئي جو سهارو بڻجون. فاٽا جي ترقي ۽ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. سموريون پارٽيون ۽ نمائندن کي گڏجي فاٽا ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. هن چيو ته ايف سي آر جو خاتمو ڪيو پيو وڃي فاٽا کي آئيني ڌاري ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي فاٽا جي معاشي ترقي لاءِ گڏيل سڌارا ڪيا ويندا ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ فاٽا جو حصو مقرر ڪيو ويندو. انشاءَ الله آءِ ڊي پيز کي سندن گهرن ڏانهن واپس موڪليو ويندو. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته اسان جون سموريون ڪوششون رنگ لائينديون ۽ 2018 ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي ۽ ماڻهن کي سستي بجلي فراهم ٿيندي. الله تعاليٰ پاڪستان کي وڏن قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي. اسان جيڪڏهن وسيلن جو صحيح استعمال ڪيو ۽ انهن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو ته هن قوم جي حالت ۾ انقلابي تبديليون اچي سگهن ٿيون. هن چيو ته چشما رائيٽ بئنڪ تي به ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ اهو منصوبو به خطي ۾ انقلاب آڻيندو جنهن سان زمينون آباد ٿينديون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٿر جي ڪوئلي مان منصوبو هلائينداسين هن چيو ته نيلم جهلم منصوبو 10 سالن تائين التوا جو شڪار ٿيو جنهن سبب ان جي خرچن ۾ واڌ ٿي آهي. فبروري 2018 ۾ اهو منصوبو شروع ٿي ويندو پاڪستان کي 960 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته اسان سڀئي سياستدان ۽ سياسي جماعتون پنهنجن هٿن ۾ هٿ وجهي ڪم ڪيون ۽ ترقي ڏانهن وڌون ته اسان جون سموريون تڪليفون ۽ ڏکيائيون جلد ختم ٿي سگهن ٿيون ان لاءِ دلين کي وڏو ڪرڻو پوندو. ننڍن مفادن مان ٻاهر نڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ هزار ارب رپين جي خرچ سان روڊ رستا تعمير ٿي رهيا آهن.

 

حڪومت پاڪستان اسٽيل جي 1500 ايڪڙ زمين سي پيڪ کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان اسٽيل 1500 ايڪڙ زمين سي پيڪ منصوبي کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مختص زمين تي سي پيڪ جو خاص صنعتي زون لڳايو ويندو. صنعت واري وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ يورپي برانڊ ۽ ٻيا پرڏيهي ڪارساز ادارا به اچي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ يورپي برانڊ رينو ۽ بيا ڪارساز ادارا به اچي رهيا آهن، پاڪ سوزوڪي 40 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان پلانٽ ۾ واڌ به ڪندي.  ٻئي طرف سنڌ حڪومت وفاقي صنعت واري وزارت کي اسٽيل ملز جي زمين جي حوالي سان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ بابت آگاهي ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي منظوريءَ سان چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ وفاقي صنعت واري سيڪريٽريءَ کي خط لکيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسٽيل ملز جي زمين سنڌ حڪومت جي آهي ۽ سنڌ حڪومت اسٽيل ملز کي زمين آپريشنل مقصدن لاءِ ڏني هئي. هن چيو ته قانوني طور تي جيڪڏهن اسٽيل ملز کي ڏنل زمين آپريشنل مقصدن کانسواءِ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪئي وئي ته اها زمين پاڻمرادو سنڌ حڪومت کي واپس ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اها سنڌ حڪومت جي زمين آهي ۽ سنڌ حڪومت جي ئي رهندي. هن واضح ڪيو ته ڪنهن جي اعلان يا اخباري بيان سان اسٽيل ملز جي ملڪيت سنڌ حڪومت کان تبديل نه ٿيندي.

 

اين ايف سي ايوارڊ: صوبن کي 19 سيڪڙو گهٽ رقم جي فراهمي، آمدني ۾ به خسارو

ڪراچي (اين اين آءِ) وفاقي حڪومت کي امدني ۾ گهٽائي جو منهن ڏسڻو پيو هلندڙ مالي  سال دوران صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ جي تحت بجيٽ جو اندازي کان 19 سيڪڙو گهٽ رقم فراهم ڪئي ويئي تفصيل موجب هلندڙ سال مالي سال جي پهرين 6 ماهي ۾ صوبن کي وفاق کان گڏيل طور تي 8 کرب 67 ارب 13 ڪروڙ رپيا موڪليا ويا جڏهن ته بجيٽ اندازي موجب صوبن جو حصو 10 کرب 67 ارب 94 ڪروڙ رپيا ٿئي ٿو. ناڻي واري وزارت موجب جولاءِ کان ڊسمبر تائين پنجاب کي 4 کرب 10 ارب 35 ڪروڙ رپيا مليا جيڪي بجيٽ جي اندازي کان 21.5 سيڪڙو گهٽ آهن. سنڌ کي 2 کرب 20 ارب 61 ڪروڙ رپيا مليا جيڪي ان جي ممڪنه حصي کان 19.5 سيڪڙو گهٽ آهي ڪي پي ڪي کي 33 سيڪڙو گهٽ 136 ارب 78 ڪروڙ رپيا مليا جڏهن ته بلوچستان کي 6 مهينن دوران ان جي حصي کان تقريبن هڪ سيڪڙو وڌيڪ وسيلا مليا وفاق پاران بلوچستان کي 99 ارب 38 ڪروڙ رپيا ٽرانسفر ڪيا ويا وفاقي ناڻي واري وزارت موجب صوبن کي وسيلن جي منتقلي ان عرصي دوران حاصل ٿيندڙ روينيو موجب ڪئي ويندي آهي پهرين 6 ماهي دوران حڪومت جي گڏيل آمدني 18 کرب 16 ارب رپيا رهي جيڪا بجيٽ جي اندازي کان 26 سيڪڙو گهٽ آهي.

 

شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا، اسان جي زندگي ۽ رت پاڪستان جي لاءِ آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه وطن لاءِ جان جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي واضح ڪيو آهي ته اسان جي زندگي ۽ اسان جو رت پاڪستان لاءِ آهي وطن جي بچاءَ ۾ جان قربان ڪندڙن کان وڌيڪ ڪا به قرباني ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پاران سوشل ميديا تي جاري ڪيل بيان موجب گذريل ڏينهن ايف آر بنون ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ خاور ۽ نائق شهزاد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه به شرڪت ڪئي. آرمي چيف چيو ته ملڪ جي بچاءَ لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪيان ٿو ۽ وطن جي بچاءَ ۾ جان قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا به قرباني ناهي.

 

آصف زرداري سان خورشيد شاهه جي ملاقات، اي پي سي تي ڳالهيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران پيپلز پارٽي جي اي پي سي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پيپلز پارٽي جي آل پارٽيز ڪانفرنس اڄ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندي. ملاقات دوران فاٽا سڌارن تي به ڳالهيون ڪيون وينو، آصف زرداري خورشيد شاهه کي قومي اسيمبلي ۾ جارحاڻي حڪمت عملي اپنائڻ جي هدايت ڪئي.

 

سنڌ جو ڪيس پاڻ وڙهندس، تيل ۽ گئس تي صرف صوبن جو حق آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسلام آباد ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ شرڪت رهيو آهي، ان حوالي سان هن چيو آهي ته سنڌ جو ڪيس پاڻ وڙهندس، آئين تحت ايڪنڪ ۽ اي سي سي کي آئل ۽ گئس جي ورهاست ۽ قيمتون لاڳو ڪرڻ جو اختيار ناهي. ترجمان وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه چيو ته انجنيئر سان گڏ هڪ قانوندان جو پٽ آهيان ۽ آئين کي سمجهان ٿو، آئين تحت گئس ۽ تيل تي پهريون حق صوبي جو آهي.

 

عزير جان بلوچ ۽ امين بليدي تي ڌماڪيدار مادو رکڻ جي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

ڪراچي (اين اين آءِ)دهشتگردي خاتمي واري عدالت لياري مان ڌماڪي وارو مواد هٿ ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي عذير بلوچ ۽ امين بليدي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جوابدار ڏوهه کان انڪار ڪرڻ تي عدالت شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي جمعي تي دهشتگردي خاتمي واري عدالت ۾ لياري ۾ پوليس آپريشن دوران ڌماڪي وارو مواد هٿ ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي عدالت پابندي مڙهيل امن ڪميٽي جي سربراهه عذير بلوچ ۽ امين بليدي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو جوابدارن جو عدالت ۾ ڏوهه کان انڪار ڪرڻ تي استغاثا جي گواهن ۽ جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو آهي ياد رهي ته لياري ۾ 2013 ۾ پوليس آپريشن دوران عذير بلوچ ۽ ان جي ساٿين پوليس تي ڌماڪي واري مواد ۽ هٿيارن سان حملو ڪيو هو ان کان پوءِ امين بليدي کي گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته عذير بلوچ فرار هو جوابدار جي خلاف ڌماڪي وارو مواد ۽ هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

 

گوادر پورٽ کان ٿيڻ واري آمدني جو ڪو حصو بلوچستان کي نٿو ڏئي سگهجي: مير حاصل بزنجو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ ) جهاز راني ۽ بندرگاهن واري وفاقي وزير مير حاصل بزنجو چيو آهي ته گوادر پورٽ کان ٿيڻ واري آمدني جو ڪو حصو بلوچستان کي نٿو ڏئي سگهجي، ان جي لاءِ آئين ۾ نئين ترميم آڻڻي پوندي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران اعظم سواتي جي سوال جي جواب ۾ مير حاصل بزنجو ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن دوران مرڪزي وزارت جي ڪيترن ئي آفيسرن يا اهلڪارن کي ٻيهر ملازمت ناهي ڏني وئي، وزارت جي ملازمن جون ڊگريون اڃا تائين چيڪ ناهن ڪرايون ويون. سينيٽر چوڌري تنوير جي سوال جي جواب ۾ مير حاصل بزنجو ٻڌايو ته جولاءِ ۲۰۱٦ع کان ڊسمبر ۲۰۱٦ع تائين ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ذريعي ٿيڻ واري واپار جو ماپو ۲ ڪروڙ ۵۸ لک ٽن آهي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ لاءِ ۱۰ سال جو بزنس ڊولپمينٽ پلان تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد عالمي معيار يعني مشيني ۽ پيداواري صلاحيت کي حاصل ڪرڻ آهي، سينيٽر تنوير خان جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته بندرگاهن جون اٿارٽيون بندرگاهن ويجهو سمنڊ کي گهرو ڪرڻ لاءِ بندرگاهه جي تهه کي صاف ڪري رهيون آهن، سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته وزارت ۾ ملازمتن ۾ ڪوٽا تي عملدرآمد ناهي ڪيو ويو، هاڻي اسان ان کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. سينيٽر شبلي فراز پاران سوال جي جواب ۾ مير حاصل خان بزنجو ٻڌايو ته گوادر پورٽ جي آمدني کي بلوچستان حڪومت سان شريڪ ڪرڻ لاءِ ڪا پاليسي ۽ طريقيڪار نه آهي، اهو وفاقي مضمون آهي، ان ۾ صوبن جو حصو نه آهي، ان لاءِ نئين ترميم لازمي آهي. سينيٽر احمد حسن جي سوال جي جواب ۾ شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته قومي شاهراهه اين ۴۵ نوشهره کان چترال تائين ويندي آهي، هاڻي اها شاهراهه نيشنل هاءِ وي کي ڏني وئي آهي، ان کي بهتر بڻايو پيو وڃي، سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ تي فزيبلٽي ٺهي رهي آهي.

 

قبيلائي عوام جي حقن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ وارو هر فرد ۽ ادارو جس لهڻي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سان خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته قبيلائي عوام جي حقن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ وارو هر فرد ۽ ادارو جس لهڻي، عمران خان چيو ته قبيلائي عوام جي محرومين جي خاتمي طرف اهم ۽ مثبت قدم کنيو ويو، خيبر پختونخواهه جو عوام فاٽا جي قومي وهڪري ۾ شامل ٿيڻ تي خوش آهي، رياست جي غفلت سان فاٽا ۾ جنم وٺندڙ بيمارين جو موثر علاج ممڪن ٿي سگهندو، عمران خان چيو ته اولهه سرحد پار کان دهشتگردي ۽ دراندازي جي خاتمي ۾ مدد ملندي، سمورين خوبين بواجود سڌارتي پيڪيج ۾ تضاد موجود آهن.