تازيون خبرون

Daily Archives: March 3, 2017

وفاقي ڪابينا فاٽا سڌارن جي سفارشن جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ڪابينه فاٽا بابت سڌارن واري ڪميٽي جون سفارشن واري اصولي منظوري ڏيئي ڇڏي خميس تي وفاقي ڪابينه جو اجلاس وزيراعظم نوازشريف جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ فاٽا بابت سڌارن سميت وڌيڪ معاملن تي غور ڪيو ويو اجلاس ۾ فاٽا بابت سڌارن واري ڪميٽي جي سفارشن جي اصولي منظوري ڏني ويئي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته پاڪستان هر شهري جو آهي ۽ هر شهري کي ڪنهن فرق کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هئڻ گهرجن هن فاٽا جي عوام جي حب الوطني ۽ قومي جذبي کي ساراهيندي چيو ته ان جي تاريخ پاڪستان سان محبت جي مثالن سان بريل آهي وزيراعظم چيو ته فاٽا جي عوام پاڪستان جي خودمختياري سالميت ۽ بچاءُ جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته فاٽا جي عوام کي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان جي محرومين جو خاتمو ڪيو وڃي وزيراعظم چيو ته فاٽا گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۽ عوام جو قومي وسيلن تي اهڙي طرح برابر وارو حق آهي جهڙي طرح باقي صوبن ۾ رهندڙ عوام جون هن چيو ته فاٽا جي عوام کي ان جي جائز حق مطابق قومي وسيلن ۾ ان جو حصو ڏيڻ جي حمايت ڪئي هن ملڪ جي يڪجهتي لاءِ قومي جذبي کي هٿي ڏيڻ ۽ ملڪ جي سمورن حصن ۾ رهندڙ عوام کي ترقي جي ثمر مان فائدو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو زويراعظم چيو ته اسان تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته ترقي ۾ پوئتي رهندڙ علائقن تي وڌيڪ ڌيان ڏيون ۽ انهن علائقن جي عوام کي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ترقي جا موقعا فراهم ڪيون وزيراعظم چيو ته قومي يڪجهتي ۽ مضبوطي لاءِ ضروري آهي ته پاڪستانيت جي جذبي کي هٿي وٺرائي وڃي ۽ هر قسم ي تعصب کان بي نياز ٿي ملڪ جي هر حصي کي ترقي جي ثمر ۾ شريڪ ڪيو وڃي اسان جو فرض آهي ته اسان گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل علائقن تي وڌيڪ ڌيان ڏيون ته جيئن اتان جي عوام جي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ترقي ڪري سگهي هن چيو ته اسان جو مقصد اهو هجڻ گهرجي ته ڪنهن به تميز کان سواءِ هر پاڪستاني ک اڳتي وڌڻ جا هڪجهڙا موقعا ڏنا وڃن ان مقصد لاءِ اسان کي پوئتي رهندڙ علائقن ۽ عوام تي خاص ڌياڻ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته قبائلي عوام محب الوطني جي جذبي سان ڀريل آهن ان جي تاريخ پاڪستان جي محبت سان ڀريل آهي هن چيو ته پاڪستان جي بچاءُ ۽ سلامتي لاءِ وڏيون خدمتون ڏنيون آهن وقت اچي ويو آهي ته هاڻي انهن کي به پاڪستانيت جي ڌارا ۾ آڻي سالن کان هلندڙ محرومين جو خاتمو ڪيو وڃي وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ سيڪريٽري سفيران ارباب شهزاد فاٽا سڌارن جي ڪميٽي جي صفارشن بابت ڪابينه کي بريفنگ ڏني ڪي پي ڪي جي گورنر اقبال ظفر جڳهڙا خاص دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ياد رهي ته سڌارن واري ڪميٽي فاٽا کي ڪي پي ڪي صوبي ۾ ضم ڪرڻ لاءِ سياسي انتطامي عدالتي ۽ سيڪيورٽي سڌارن سميت نئين سر تعمير ۽ بحالي پروگرام جون سفارشون پيش ڪيون هيون اهڙين سفارشن جي ڊرافٽ موجب پاڪستان جي قبائلي علائقي فاٽا کي پنجن سالن لاءِ ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪيو وڃي. ڊرافٽ ۾ لکيو ويو ته فاٽا جي عوام گذريل 30 سالن ۾ جنگ ۽ بحران کان سواءِ ڪجهه به نه ڏٺو آحي ان ڪري فاٽا جي عوام هاڻي امن خوشحالي ۽ شهري حق جا حقدار آهن. ڪميٽي جي سفارشن موجب فرٽيئر ڪرائيم ريگوليشن جو نالو مٽائي فاٽا ريگيوليشن ايڪٽ 2016 جو نالو رکيو وڃي. جنهن ۾ جرڳو سسٽم سول ۽ ڪرمنل مسئلن جي سمورن سيشن کي ختم ڪيو ويندو ته جيئن عدالت پاران قانون جي نفاذ ۽ رواج موجب انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪائونسل مقرر ڪري سگهجن عدالت جي اختيارن کي وڌائڻ جو مقصد آرٽيڪل 247 ۾ ترميم ڪرڻ آهي ته جيئن فاٽا جي عوام کي بنيادي ۽ شهري حق حاصل ٿي سگهن ڪميٽي قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن پوليس جي لاءِ يونيفارم متعارف ڪرائڻ 10 هزار نوجوان ڀرتي ڪرڻ ۽ پاڪ افغان بارڊر مئنجمينٽ سيڪيورٽي لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڀريو. ڪميٽِ فاٽا ۾ ترجيحي بنيادن تي سول لا ۽ سيڙپڪاري لاءِ جائداد جي خريد ۽ وڪرو جو رڪارڊ رکڻ جي تجويز پيش ڪئي ڪميٽي انهن سڌارن تي نظر رکڻ لاءِ ڪي پي ڪي صوبي جي گورنر سلامتي ڪائونسل جي صلاحڪار وزير سيفران قانون واري وزير ۽ هڪ پاڪ فوج جي نمائندي تي ٻڌل سڌارن واري ڪميٽي ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي ته جيئن ڪميٽي وزيراعظم سان گڏجي انهن سڌارن جو 6 مهينن جو جائزو وٺي سگهي. وزيراعظم نوازشريف 2015 ۾ فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن ۾ قومي سلامتي واري صلاحڪار ناصر جنجوعا قانون واري وزير زاهد حامد عبدالقادر بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن ڪميٽي جي ميمبرن فاٽا جو دورو ڪرڻ کان پوءِ قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ قبائلي ۽ حڪومتي نمائندن مستقبل ۾ فاٽا ۾ نون سڌارن کي شامل ڪرڻ جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار جنرل هيڊڪوارٽرن مان ڄاڻ به فراهم ڪئي هئي.

 

وفاق کي پورٽ قاسم ٽيسڪٽائل سٽي پروجيڪٽ ختم ڪرڻ نه ڏينداسين: سنڌ سرڪار

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هُو وفاقي حڪومت کي پورٽ قاسم وٽان ٽيڪسٽائل سٽي پروجيڪٽ ختم ڪرڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندو. هن چيو ته اهو سنڌ حڪومت جي معيشت ۽ روزگار جي حوالي سان تمام اهميت وارو منصوبو آهي. هن اها ڳالهه اڄ پاڪستان ٽيڪسٽائل سٽي لميٽڊ (پي ٽي سي ايل) سان وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ڪيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي صنعت وارو وزير منظور وساڻ، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، سيڪريٽري صنعت رحيم سومرو ۽ ٻيا شريڪ هئا. صوبائي صنعت وارو وزير منظور وساڻ بريفنگ ڏيندي وڏي وزير کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت کانپوءِ سنڌ ان ڪمپنيءَ جو سڀ کان وڏو شيئر هولڊر آهي ۽ ڪمپنيءَ ۾ 16 سيڪڙو شيئرز آهن پر ان جو رڳو هڪ ڊائريڪٽر بورڊ آهي جيڪا پڻ ناانصافي آهي. واضح رهي ته وفاقي حڪومت جا 40 سيڪڙو شيئرز آهن، پورٽ قاسم ۽ پاڪستان انڊسٽريل ڪارپوريشن جا ترتيبوارو 8 ۽ 7 سيڪڙو ۽ ٻين ڪمپنين جا 4 سيڪڙو شيئرز آهن. سنڌ صوبي ٽيڪسٽائل سٽي جي ترقيءَ لاءِ پنهنجي حصي جا 200 بلين رپيا ادا ڪري چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڪستان ٽيڪسٽائل سٽي لميٽڊ کي زمين جي الاٽمينٽ لاءِ پي ڪيو اي کي 1250 ايڪڙ زمين فراهم ڪئي آهي، پي ڪيو اي 27 آگسٽ 2006ع کي پاڪستان ٽيڪسٽائل سٽي لميٽڊ کي الاٽمينٽ ليٽر جاري ڪيا جنهن ۾ لاڳت جو تخمينو هڪ ملين رپيا في ايڪڙ آهي، زمين جو قبضو 2005ع ۾ حوالي ڪيو ويو هو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته زمين جو تعلق سنڌ حڪومت سان آهي ۽ پي ڪيو اي پي ٽي سي ايل کي بند ڪرڻ بعد زمين پاڻ وٽ نه ٿي رکي سگهي. هن وزير صنعت کي چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت (پي ٽي سي ايل پروجيڪٽ کي ختم ڪرڻ) جهڙو قدم کڻي ٿي ته سندس زمين جي واپسيءَ جي حوالي سان سمورا ضروري قدم کنيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ زمين ۽ ٻين معاملن لاءِ عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ به تيار رهي. سيڪريٽري صنعت رحيم سومري هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جو خيال آهي ته پي ٽي سي ايل پروجيڪٽ فزيبل نه آهي، ان تي وڏي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ سٽي آهي ۽ سنڌ ۾ ڪپهه پوکي ويندي آهي، جيڪڏهن ٽيڪسٽائل سٽي فيصل آباد ۽ گجرانوالا ۾ فزيبل آهي ته اها ڪراچي ۾ به فزيبل آهي. صوبائي وزير صنعت چيو ته پي ٽي سي ايل تي ٽي بلين رپين جا قرض آهن ۽ پي ٽي سي ايل تي نيشنل بينڪ جو قرض ۽ وياڄ، پي ڪيو اي جو گرائونڊ رينٽ، بلڊرز جي روڪيل رقم ۽ نيسپاڪ جي پروفيشنل فيس جي ادائيگي ۾ ناڪام رهي آهي. منظور وساڻ منصوبي بابت ٻڌائيندي چيو ته پروجيڪٽ جو ماسٽر پلان منظور ٿي چڪو آهي ۽ گندي پاڻيءَ جي ٽريٽمينٽ پلانٽ جو ڊزائين به اين اِي سي منظور ڪيو آهي، ايس ايس جي سي پاران گيس جي ايلوڪيشن اڃا به التويٰ ۾ آهي، ٻاهرين پاڻيءَ واري پائپ لائين جو ڪم 19 سيڪڙو ٿي چڪو آهي ۽ بعد ان کي بند ڪيو ويو، زمين جي سطح کي هموار ڪرڻ ۽ گريڊنگ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ڪارپيٽنگ وارو ڪم 9 سيڪڙو ٿي چڪو آهي، ايڊمنسٽريشن بلاڪ لاءِ عمارت مڪمل ٿي چڪي آهي، ريزرووائر جو 50 سيڪڙو ڪم پورو ٿي چڪو آهي، ڪي-اليڪٽرڪ هڪ ميگاواٽ بجلي فراهم ڪئي آهي. وڏي وزير وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي سمورا قرض واپس ڪري ۽ منصوبي تحت پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪري. هن چيو ته ان منصوبي سان 150000 ملازمتون پيدا ٿينديون ۽ ان منصوبي جي اهميت کي ڏسندي ان کي ختم نٿو ڪري سگهجي. هن صوبائي وزير منظور وساڻ کي هدايت ڪئي ته هُو وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل وزارت سان ڳالهائي ۽ ان کي يقيني بڻائي، نه ته ٻين آپشنز تي غور ويچار ڪيو ويندو.

 

عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو اهي ته ايئن لڳي ٿو ته حڪومت غير معياري اسستنٽس جو معاملو عدالت کان ختم ڪرائڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي عدليه عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪندي جڏهن ته وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن چيو آهي ته يقين ڏياريان ٿو ته جيئن ئي سمري موصول ٿيندي منظور ڪئي ويندي. خميس تي سپريم ڪورٽ ۾ غير رجسٽرڊ اسسٽنٽ پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌني جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪئي ٻڌڻي دوران اسٽنٽس جي خري ۽ وڪرو بابت لائسنس جاري ڪندڙ باڊي ڪيب پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته غير معياري اسسٽنٽس جي حوالي سان هڪ سمري منظوري لاءِ وزيراعطم ڏانهن موڪلي اهي جڏهن ته اڃا تائين ڪوبه جواب نه مليو آهي عدالت وزيراعظم پاران سمري تي اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيف جسٽس پڇا ڪئي ته وزيراعظم ڇو ڪيب جي سمري پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪيو ويندو آهي عدالت وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري کي فوري طور تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته واسطيدار ڪيس بابت سمورا رڪارڊ به عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن. چيف جسٽس چيو ته هڪ هفتي ۾ معاملي کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا پر ايئن لڳي ٿو ته حڪومت معاملو عدالت کان ختم ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

 

عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو نه ڏئي سگهياسين: پ پ جو اعتراف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه تقريب سان خطاب ڪندي چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل سان دهشتگردي سان مقابلو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان بار بار چيو پر نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڪالعدم تنظيمون پنجاب ۾ هيون. هن چيو ته ڪالعدم تنظيمن کي ٻين نالن سان ڪم ڪرڻ ڏنو ويو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت آهي. چاهيون ٿا ته اسان اٽو، لٽو ۽ اجهو ته نه ڏئي سگهياسين پر امن ته فراهم ڪيون. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ مزدور جن حالتن مان گذري رهيا آهن اها فڪر جي ڳالهه آهي. خورشيد شاهه چيو ته اسان اهو ئي ڪجهه ڪنداسين جيڪو رياست جي حق ۾ هوندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان اسٽيل خزانو ٺاهڻ لاءِ نه ڏني هئي.

 

ملڪ هن وقت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي، سياسي پارٽِين گڏجي سوچڻ جي ضرورت آهي: آصف علي زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سڀاڻي ڇنڇر تي زرداري هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت سياسي پارٽين جي قيادت کي موڪلي ڇڏي آهي. موڪليل دعوت نامي ۾ آصف علي زرداري چيو آهي ته هن وقت ملڪ جون حالتون تمام نازڪ آهن ۽ ملڪ ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهي آهي. اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته اسان سڀني کي ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏجي سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي.

 

پاڪستان جا دشمن سول ۽ عسڪري لاڳاپن ۾ قرب نٿا ڏسڻ چاهين: وفاقي گهرو زوير

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان چيو آهي ته ڪجهه ملڪ جا دشمن سول ۽ عسڪري قيادت کي هڪ صف تي ۽ گڏجي ڪم ڪندي نٿا ڏسي سگهن ترقي حاصل ڪندڙ ميجر جنرلز کي خطاب ڪندي گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان چيو آهي ته بهترين سول ۽ ملٽري لاڳاپا وقت جي اهم ضرورت آهي سول ۽ ملٽري ادارن کي هڪ ٻولي ٿي ڪري ڳالهائڻ گهرجي ڇو ته اهو قومي ۽ ملڪ جي وفاد ۾ آهي پر ڪجهه ملڪ جا دشمن ٻنهي قيادتن کي گڏجي ۽ سٺن لاڳاپن سان هلندي نٿا ڏسي سگهن گهرو وزير چيو ته سول ۽ عسڪري قيادت کي هڪ آواز ٿي گڏيل طور تي ملڪ جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. ۽ مون کي پورو يقين آهي ته سول ۽ ملٽري ادارا راضي ٿي گڏجي ڪم ڪندا ۽ مستقبل ۾ به ملڪ جي خدمت ۾ گڏجي ڪم ڪندا.

 

شهيد شهباز ڀٽي جو قتل حقيقت ۾ اسان جي ملڪ ۽ ان کي مساوات تي ٻڌل معاشرو بنائڻ واري مشن تي حملو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شهيد شهباز ڀٽي کي سندس اڄ ڇهين ورسي جي موقعي تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي، پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته شهيد شهباز ڀٽي جو قتل حقيقت ۾ اسان جي ملڪ ۽ ان کي مساوات تي ٻڌل معاشرو بنائڻ واري مشن تي حملو آهي، قاتلن جي ناپاڪ ارادن کي پوري قوت ۽ طاقت سان ناڪام بنايو ويندو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد شهباز ڀٽي هڪ مقصد لاءِ وڙهيو ۽ ان سان وفادار رهيو ايستائين جو هن پنهنجي جان به قربان ڪئي، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي شهيد شهباز ڀٽي تي فخر آهي ۽ هر قيادت توڙي ڪارڪن کيس هميشه ياد رکندا.

 

سراج الحق جي خورشيد شاهه کي فون، سنڌ ۾ پختونن کي پڪڙڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار

صوابي /لاهور(م.ڊ/اين اين آءِ)  سراج الحق پاران خوريشيد شاهه کي ٽيليفونڪ رابطي دوران سنڌ ۾ پختونن جي پڪڙڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه کي ٽيليفونڪ ذريعي ڳالهه ٻُلهه دوران ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي سنڌ ۾ جاري پختونن جي گرفتارين تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. ان دوران ان سنڌ حڪومت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته اها به پنجاب حڪومت واري غلطي نه ڪري. جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه ان کي يقين ڏياريندي اهو چيو ته مان سنڌ حڪومت کي ان حوالي سان توجهه ڏياريندس. بئي طرف پاڪستان جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق پنجاب ۾ تازي دهشتگردي کان پوءِ اتي رهندڙ پختونن جي بيعزتي کي دراصل فيڊريشن ۽ ملڪ جي وحدت کي نقصان پهچائڻ جي برابر قرار ڏيندي واضح ڪيو ته جماعت اسلامي اڄ جمعي تي منصوره لاهور ۾ پنجاب ۾ رهندڙ پختونن جي نمائندن جرڳي ۾ نه صرف حڪومت پنجاب کي ان حوالي سان نوٽيس ڏيڻ پر مستقبل جي لاءِ لائحه عمل طئي ڪرڻ جو اعلان به ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي ضلعي آفيس جماعت اسلامي ثوابي ۾ ضلعي ۽ مقامي يونٽن جي عهديدارن جو اجلاس ۽ ان کان پوءِ عباسين يونين آف جنرلسٽس ضلعي صواٻي جي پروگرام رابطي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو هن چيو ته تعصب جي بنياد تي سياست پاڪستان جي لاءِ صحيح نه آهي ڇو ته ان سبب پاڪستان مان اولهه پاڪستان الڳ ٿي بنگلاديش بڻجي ويو پاڪستان ۾ اسان مهمان نه آيون ته ٻاهر ملڪن مان اچي هتي رهيا آهيون پر هي اسان جو ملڪ ۽ وطن آهي هتي جيڪو به خميس ۽ شلوار جي بيعزتي ڪندو اسان نه ان  جي مخالفت ڪنداسين پر بيعزتي ڪرڻ وارن کان پڇنداسين به ته پنجاب صوبي ۾ پختونن جي بيعزتي ٿي رهي آهي ان حوالي سان پنجاب ۾ رهندڙ پختونن جو هڪ نمائندو جرڳو اڄ 3 اپريل جمعي تي لاهور ۾ طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ نه صرف پنجاب حڪومت کي ان جي رويي تي نوٽيس وٺن جو فيصلو ڪنداسين پر آئينده جي لاءِ به باقاعده طور تي لائحه عمل طئي ڪيو ويندو هن چيو ته اسان افغانستان سان جنگ جي خلاف آهيون ان سان سٺا لاڳاپا ۽ دوستي چاهيون ٿا ڀارت افغانستان ۾ پنهنجو مستقل اڏو ٺاهڻ چاهي ٿو ان لاءِ پاڪستان کي افغانستان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ۽ هو اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته فوجي عدالتن جي حوالي سان اسان جو موقف چٽو آهي ان ڪري ان کي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪئي وڃي هن چيو ته پ پ پ جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي حوالي سان اڄ جمعي تي منصوره ۾ ٿيندڙ پارٽي اجلاس فيصلو ڪيو ويندو پ پ پ جي وفد تازين ملاقات ۾ اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آدمشماري ٿيڻ گهرجي اسان ان جي حق ۾ آهيون پر آدمشماري جي حوالي سان بلوچستان جي قيادت جيڪو خدشو آهي ان کي ختم ڪرڻ گهرجي هن چيو ته پاڪستان ۾ صرف دهشتگرد نه پر مالي دهشتگرد به موجود آهن معاشي دهشتگردن پاڪستان جي عوام کي تعليم صحت ۽ ٻين ضروري شين کان محروم رکيو آهي. پاڪستان ۾ ڪرپشن کان پاڪ قيادت جي ضرورت آهي سمورين پارٽين جي ڪارڪردگي سبب عوام جي بنيادي مسئلن کي حل نه پيو ڪيو وڃي. ملڪ جو مستقبل صرف جماعت اسلامي جو آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي حقن لاءِ جماعت اسلامي پهريان به جدوجهد ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ اربين رپيا بجلي جو منافعو صوبي ۾ آندو ويو اهڙي طرح سڀ مظلوم ۽ محروم طبقي جي حقن لاءِ عملي طور تي جدوجهد ڪري رهيا آهيون جماعت اسلامي هن وقت ڪي پي ڪي صوبي جي مضبوط پارٽي آهي ملڪ جي نوجوان جو مستقبل جماعت اسلامي سان جڙيل آهي.

 

وفاقي ڪابينا جو فيصلو بدنيتي تي ٻڌل آهي، حڪومت دوکو ڏنو: مولانا فضل الرحمان

ڊيرا اسماعيل خان (اين اين آءِ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وفاقي ڪابينا جي فاٽا سڌارن بابت فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪابينا جو فيصلو بدنيتي تي ٻڌل آهي. حڪومت دوکو ڏنو آهي وزيراعظم سان حتمي ڳالهه ڪندس. ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته فاٽا سڌارن بابت وفاقي ڪابينا جي فيصلي کي رد ڪيون ٿا ڪابينا جو فيصلو بدنيتي تي ٻڌل آهي. وزيراعظم سان ان بابت حتمي ڳالهه ٻولهه ڪندس ۽ اڄ جمعي تي ڪرم تنگي ڊيم جي افتتاح جي موقعي تي ان سان احتجاج به ڪندس.

 

شهدادپور لڳ مڙس هٿان معصوم پٽ جي امڙ ڪارنهن الزام ۾ قتل، گهر ۾ ڪهرام

شهدادپور :( ڊ ر) شهدادپور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ طالب چانڊيو ۾ هڪ معصوم پٽ جي امڙ ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل،مڙس صدام چانڊيو پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي زال کي ٿڏي تي قتل ڪري فرار ٿي ويو،پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم بعد امڙ حوالي ڪري ڇڏيو خبر موجب شهدادپور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ طالب چانڊيو جي رهواسي صدام چانڊيو پنهنجي سوٽ علي داد چانڊيو سان گڏجي پنهنجي 25 سالا گھر واري ،هڪ پٽ جي ماءُ ليلان چانڊيو تي پسٽل جو فائر ڪري ٿڏي تي قتل ڪري فرار ٿي ويو اهڙو اطلاع ملڻ تي شهدادپور پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سمس اسپتال شهدادپور آندو جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد امڙ جي حوالي ڪيو امڙ ڪريمان چانڊيو رڙيون ڪندي چيو ته صدام پنهنجي سوٽ علي داد سان گڏجي منهنجي ڌيءَ کي بي گناه قتل ڪيو آهي ڪارنهن جو الزام ڪوڙو هنيو آهي کيس گرفتار ڪري سري عام ڦاهي چاڙهيو وڃي قاتل جي امڙ روبينه چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته ظالم معصوم نياڻي کي بيگناه قتل ڪيو آهي کيس ٽنگيو وڃي هوڏانهن ايس ايڇ او شهدادپور رياض ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ۾ آهيون ڇاپا هنيا آهن جوابدار گھر کي تالو هڻي ڀڃي ويو آهي وارث ڪيس داخل ڪرائيندا ته وڌيڪ جانچ ڪنداسين ٻئي طرف لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو امڙ بيهوش ٿي وئي .