تازيون خبرون

Daily Archives: March 2, 2017

ڪهاڻي ڪرپشن جي، ۽ لاهور ۾ ٿيندڙ پي سي ايل فائنل .!!: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جي صدر منمون حسين چيو آهي ته پاڪستان اندر سڀ کان اهم مسئلو ڪرپشن جو آهي جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي.! ها اها به حيقيت آهي ته ملڪ جي ترقي جي راهه ۾ رڪاورٽ جو وڏي ۾ وڏو سبب پاڪستان اندر  وڌندڙ ڪرپشن آهي،انڪري مان نه ٿو ڀانيان ته پاڪستان ۾ خالي بيانن ۽ اخبار ۾ فرنٽ تي خبرون لڳائڻ سان ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو اچي سگهي ٿو.؟ جڏهن ته ملڪ اندر سڀني کي سڀ خبر آهي ته پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ ڪهڙي کاتي ۾ ڪرپشن آهي ۽ ڪير آهي جو ايڏي وڏي ڪرپشن ڪري رهيو آهي پر اڄ تائين ڪنهن به ڪرپٽ آفيسر يا سياسي ڪرپٽ خور  آفسير کي سندس ڪيل ڏوهه جي ڪا به سزا نه  ملي سگهي آهي  ،ملڪ جي هر شهر جو هر چوڪ اندر رشوت ۽ ڪرپشن جي بازار گرم آهي،اربين کربين رپين جي ڪرپشن ڪري ملڪ جو پسئي ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلي ڪري اتي عياشون ڪندڙ سري عام گهمي رهيا آهن،جن کي ڪو به وڃڻ وارو ناهي،سرڪاري پلاٽن تي قبضا ڪري پنهنجون بلڊنگون اڏڻ کان ويندي،پسئن تي نوڪريون وڪرو ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪمن اندر کالي ڪاغدن جو ڪم ڏسي ڪري ربين رپيا عوام جو پئسو لٽِيندڙ پاڪستان ۾ سري عام گهمي رهيا آهن،پر افسوس ته انهي ڳالهه جو آهي ته پاڪستان اندر جيترو وڌيڪ ڪرپشن ۽ ڪرپٽ عملدار يا سياسي ماڻهو ملوث هوندو آهي هوُ عوام جي سامهون تقريرون به وڌيڪ ڪندو آهي،۽ اجائي ڄاڙهي هڻي ڪري هن پاڪستاني ابوڄ قوم کي ويٺو گهرام ڪندو آهي،پاڪستان اندر ڪرپشن ڪري اريبن رپيا جي ماليت گڏ ڪري ملڪ کان ٻاهر وڃِي پنهنجي زندگي گذارڻ به آسان آهي،ڇو ته پاڪستان جي تاريخ اهڙن ماڻهن سان ڀري پئي آهي جن پاڪستاني عوام جو پئسو لٽِي ڪري ان عوام جو رت چوسي کين هڏائون پنجرو بڻائي ڪري پوءِ پاڪستان کان ٻاهر وڃِي ڪري زندگي گذارڻ جو هنر سکي ورتو آهي.

بلوچستان جو ريساڻي هجي يا  شرجيل ميمڻ،جنهن تي هن وقت به پاڪستاني عدالتن اندر ڪرپشن جا ڪيترائي کيس هلندڙ آهن پر شرجيل ميمڻ اڄ به ملڪ کان ٻاهر ويهي ملڪ ملڪي پئسي مان پنهنجي خواهشي زندگي گذاري رهيو آهي،پاڪستان عدالتن سندس وڪيل به ٻار ٻار اهو چئي رهي آهي ته شرجيل ميمڻ کي جيڪڏهن پاڻ تي لڳايل الزامن جي ترديد ڪرڻي آهي ته کيس پاڪستان اچڻو پوندو پر پاڪستاني جي عدالت جي ٻار ٻار ڏسڻ تي به شرجيل ميمڻ پاڪستان نه اچي رهيو آهي،ڇو ته هنُ کي خبر آهي ته هن عوام جو پئسو لٽيو آهي ۽ هاڻ جيڪڏهن هوُ پاڪستان ايندو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو،ٻئي پاسي پاڪستان جو پراڻو آرمي چيف پرويز مشرف صاحب به هنن انسانن ۾ شمار ٿئي ٿو.جنهن  پاڪستان عوام جو پسئو ٻنهي هٿن سان لٽيو،نه رڳو عوام جي پئسي پرويز مشريف لٽِيو ته پرڏيهه مان پنهنجي ويجهي دوست شوڪت عزير کي به گهرائي ورتو ۽ پاڪستان کي مال غنيمت سمجهي ڪري پاڪستاني پسئي کي لٽڻ شروع ڪيو جن جو هن وقت پاڪستان ۾ نالو نشان ئي ناهي،اڄ ته شايد ئي ڪنهن پاڪستاني کي اهو به ياد هجي ته پاڪستان جي دور اقتدار اندر ڪو شوڪت عزيز نالي وزيراعظم به رهي چڪو هجي،پر پاڪستان اندر به انهن جي خلاف ڪو قانون عمل ۾ نه  آيو ۽ به ئي ڪا ڪاروائي ٿي،پرويز مشرف تي پاڪستان اندر ڪيس ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿس ڪيس هلايا ويا هلندڙ ڪيسن اندر ايتري دير ٿي جو پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت به ملي وئي ڇو ته پرويز مشرف جي باري ۾ سندس وڪيل اهو بيان ڏنو ته سندس ڪرنگهي جي هڏي ۾ تمام گهڻي تڪليف آهي انڪري سندس اعلاج ٻاهر کان ٿي سگهي ٿو،

آخرڪار پاڪستان عدالت پرويز مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ پرويز مشرف جي ٻاهر وڃڻ کانپوءِ هڪ يا ٻه ڏينهن کانپوءِ هڪ وڊيو منظر عام تي آئي جنهن اندر پرويز مشرف سندس سال سميت ڊانس ڪندي نظر آيو،دنيا حيران رهجي وئي ته ڪرنگهي جي هڏي جي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو اچانڪ ڪئين ٺيڪ ٿي ويو ۽ ڊانس به ڪرڻ لڳو،ڪاش پاڪستان اندر اهڙِي ڪا اسپتال هجي ها جنهن ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي بيماري جو اعلاج ٿي سهگي ها ته اڄ پرويز مشرف پاڪستان جي جيل اندر هڪ قيدي واري زندگي گذاري رهيو هجي هان ته جئين کيس احساس ٿي هان ته پاڪستاني مسڪين عوام جو پسئ لٽڻ جو انجام ڇا آهي،مٿان وري ڪجهه ڏينهن پهرين پاڪستاني ڪسٽم هٿان ثبوتن سميت گرفتار ڪيل پاڪستاني ماڊل ايان علي به پاڪستان ڇڏي ڪري سري لنڪا وڃِي پهتي آهي،ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو اهڙو ته نيٽ ورڪ ٺهي ويو آهي جنهن اندر ڪو به سڌارو اچي نه پيو سگهي. هتي هر ڪو پنهنجي مرضِي جو مالڪ بڻيو ٻيٺو آهي،صدر ممنون حسين پنهنجي بيان اندر پاڪستان ۾ وڌندڙ ڪرپشن جي خرابين کي بيان ڪيو مان نه ٿو سمجهان ته اهي هڪ ڏينهن اندر پيدا ٿيون هجن،ڪرپشن ۽ رشوت جي ليڪچرن کي پرواز چڙهي سال نه پر صدريون لڳيون وينديون آهن،۽ ايتري عرصي ۾ ڪيتريون حڪومتون اينديون آهن ۽ ويندويون آهن ۽ ڪڏهن ڪو آمريت جو دور به ايندو آهي،

پر بدقسمتي چئبي هن پاڪستان قوم جي  جيڪا هن حڪمرانن مان ترقياتي جون اميدون لڳائي ويٺِي آهي جن کي پاڻ کان سواءِ ڪجهه ڏسڻ ۾ ئي نه پيو اچي..حڪومت ته هر زور اهو ئي چئي آهي ته پاڪستان ڏينهن به ترقي ڪري رهيو آهي ۽ ويچاري قوم انهي بيانن کي سچ سمجهي ڪري رڳو واهه واهه ڪرڻ ۾ پوري آهي انهي قوم تي صرف افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو،هڪ طرف ملڪ اندر اهڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي جو سياسي ماڻهو هڪ ٻئي ته نه رڳو ڪرپشن جا الزام لڳائي رهيا آهن پر انهن الزامن جا ثبوت به کڻي ڪري عدالتن اندر پيش ٿي رهيا آهن،ته ٻئي پاسي پاڪستان اندر دهشتگردي کي وٺي ڪري به وڏا سوال اٿي ويا آهن،۽ اهڙي ئي ماحول اندر پاڪستان جي شهر لاهور اندر پاڪستان سپر ليگ جو فائنل ٿيڻ وارو آهي جنهن جو ٽڪٽون به ورهاجڻ شروع ٿي ويو آهي،پر عمران خان انهي ٿيندڙ فائنل هي مخالف ڪري رهيو آهي ته اهو فائنل ايتري سڪيورٽي ۾ ڪري اسان دنيا کي اهو ٻڌائڻ ٿا چاهيو ته پاڪستان اندر امن امان جو وڏو مسئلو آهي،مان خان صاحب جي ڳالهه پنهنجي جاءِ ته درست به سمجهان ٿو پر خان صاحب کي شايد اها به ڳالهه ياد هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن پاڪستان اندر خيرت سان پاڪستان پي سي ايل جو فائنل ٿي ٿو وڃي ته پاڪستان اندر انٽرنيشل ڪرڪيٽ جا دروازا  کلي ويندا، ۽ پاڪستاني عوام بمن جو شور ٻڌي ٻڌي ٿڪي پئي آهي ۽ اها عوام به هاڻ اهو  چاهي ٿي ته انهن کي اهڙيون انٽرٽيمنٽ ڏيکاريون وڃن جن سان کين آرام اچي سهگي،ڇو ته جڏهن کان لاهور اندر پاڪستان سپر ليگ جو فائنل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ سندس ٽڪٽون به وڪرو ڪيون پيون وڃن ان ڏينهن کان وٺِي پاڪستاني قوم اندر هڪ خوشي جيڪا سمائي نه سمائجي،ننڍڙن ٻارن کان ويندي هر عمر جو شخص خوش ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي،ماڻهو هڪ ٻئي مٺايون کارائي ڪري مبارڪون ڏئي رهيا آهن،اها به حقيقت آهي ته پاڪستاني عوام گذريل ڏهه سالن کان وٺي پنهنجي سرزمين تي ڪرڪيٽ ناهي ڏٺي جنهن ۾ دنيا جا ٻيا رانديگر شامل هجن،ڪالهه پاڪستان سپرليگ جو ٽڪيٽون وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويون ته ڪالهه ٻه بجي ڌاري اهو اعلان ڪيو ويو ته آن لائين ٽڪيٽن جو وڪرو بند ڪيو ويو آهي ڇو ته هائوس فل ٿي چڪو آهي،جنهن مان اهو صاف ظاهر آهي ته دشمن ڀلي ڪيڏو به پاڪستان اندر پنهنجي بزدلاياڻي حرڪتن سان پاڪستان جي عوام کي بم جي شور سان ڊڄارڻ جي ڪوشش ڪري پر پاڪستاني عوام هڪ بهادر عوام آهي جنهن اندر حوصلو ۽ صبر موجود آهي،انڪري مان سمجهان ٿو ته حڪومت اهو بهتر قدم کنيو آهي جو پاڪستان سپر ليگ جو فائنل پاڪستان ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي،هن وقت پاڪستان جا سمورا سڪيورٽي ادار انهي لاهور اندر ٿيڻ واري پي سي ايل فائنل جي نگراني ڪري رهيا آهن ويندڙ ويندڙ گاڏين ۽ ماڻهن جي چڪاس ڪئي پئي وڃِي ۽ اسٽيڊيم لاءِ ويندڙ روڊ سيل ڪيا پيا وڃن جيڪو هڪ بهتر عمل آهي،جڏهن ته ملڪ جي وڏين وڏين سياسي جماعتن جي اڳواڻڻ پي سي ايل فائنل ڏسڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻاهرين رانديگرن کي انهي فائنل کيڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جيڪا هڪ سٺِي ڳالهه آهي پر مان سمجهان ٿو ته عمران خان صاحب کي به حڪومت مان عوام خاطر رنجشون ختم ڪري لاهور ۾ ٿيندڙ فائنل تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ انهي جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوام ۾ هڪ بهتري وارو جذبو پيدا ٿي سگهي .

 

 

آدمشماري، پي ايس ايل ۽ دهشتگردي: صاحب خان ڀٽي

ڪجهه عرصو اڳ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو هو ته ملڪ ۾ داعش نالي دهشتگرد تنظيم جو ڪو به وجود نه آهي پر جيڪب آباد، شڪارپور، سيوهڻ ۽ لاهور سانحن ۾ ٿيندڙ جاچ اڳڀرائن مان اهو واضع ٿي ويو  آهي ته داعش سميت ٻيون دهشتگرد تنظيمون پنهنجيون قهري ڪارروايون ڪري رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ وقت تائين معصوم شهرين سميت قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار پنهنجيون جانيون قربان ڪري چڪا آهن، جڏهن ضرب عضب آپريشن شروع ڪيو ويو هو ته ان وقت ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿي هئي پر پاڙيسري ملڪن کي اهو هضم نه ٿيو، ڪڏهن ڀارت سرحد تي فائرنگ ڪئي ته ڪڏهن وري افغانستان سرحدي ڀڃڪڙي ڪئي، ٻنهي ملڪن جي جارحيت سبب ڪيترائي پاڪ فوج جي اهلڪارن شهادت ماڻي، جنهن سبب ڀارت ۽ افغانستان جي سرحد تي ڇڪتاڻ واري صورتحال هن وقت به برقرار آهي، جيتوڻيڪ پاڪ فوج جي جوانن سرحد تي ڀرپور جواب ڏنو آهي پر ان باوجود ڀارت توڙي افغانستان طرفان اڳرائي وارو سلسلو مختلف وقتن تي ٿيندو رهيو آهي.

بهرحال دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ عسڪري ۽ سياسي قيادت هن وقت هڪ ٿي ڀرپور مقابلو ڪرڻ جو وچن ورجايو  آهي ۽ دهشتگردن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر آپريشن ۾ تيزي آندي وئي  آهي.جنهن ۾ ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، جنهن ۾ داعش جا دهشتگرد به شامل آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن کان ملڪ ۾ آدمشماري ۽ پي ايس ايل جو اعلان ٿيو  آهي تڏهن کان ملڪ ۾ بدامني جي لهر هڪ ڀيرو ٻيهر پکڙجي وئي  آهي. سيوهڻ ۾ دهشتگردن ڪيترن ئي بي گناهه ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ لاهور ۾ به ڌماڪا ڪيا ويا، ايتري قدر جو ڪي پي ۾ به عدالت تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن به شهادت ماڻي. هڪ طرف ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ته ٻي طرف وري دهشتگرد به سندرا ٻڌي ميدان تي لهي آيا آهن، جيڪي ملڪ ۾ خوف پکيڙي رهيا آهن، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چئي رهيو  آهي ته ملڪ ۾ پي ايس ايل جو فائنل ڪرائڻ چريائپ آهي، سندس موقف آهي ته ملڪ ۾ سڪيورٽي خدشا آهن جنهن سبب پي ايس ايل جو فائنل ملڪ ۾ نه ڪرائڻ گهرجي، بهرحال حڪومت اهو طئي ڪري چڪي آهي ته فائنل هر حال ۾ ملڪ اندر ئي ڪرائڻ گهرجي جنهن جي سڪيورٽي به فوج جي حوالي ڪئي ويندي، جنهن بابت آءِ ايس پي آر طرفان بيان به جاري ڪيو ويو آهي ته هو پرڏيهي رانديگرن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪندا.

هڪ طرف پي ايس ايل وارو معاملو آهي ته ٻي طرف وري آدمشماري وارو عمل به شروع ٿيڻ وارو آهي، ان بابت به اهو ئي چيو ويو هو ته آدمشماري فوج جي نگراني ۾ ڪرائي ويندي، جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت هميشه اها دعويٰ ڪندي رهندي آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿي وئي آهي پر اها دعويٰ ان وقت دعويٰ ئي رهجي ويندي آهي جڏهن دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. جڏهن دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ ضرب عضب آپريشن شروع ڪيو ويو هو ته ان وقت ان جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي وئي هئي پر جڏهن دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي نه آئي ته ڪجهه سياسي اڳواڻن حڪومت تي الزام لڳايو ته وفاقي حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ اهو به چيو ويو ته وفاقي حڪومت خراب ۽ سٺي دهشتگرد وارو تاثر ختم ڪري دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪري، جڏهن لاهور ۽ سيوهڻ ۾ آپگهاتي ڌماڪا ٿيا تڏهن به وفاقي گهرو وزير اهو ڪو خاص بيان نه ڏئي سگهيو جنهن سان قوم مطئمن ٿئي ها، بهرحال عسڪري قيادت ضرب عضب کانپوءِ ردالفساد آپريشن جو اعلان ڪيو، جنهن بعد دهشتگردن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو ۽ ان ڪريڪ ڊائون ۾ ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو ويو، ايتري قدر جو پاڪ فوج طرفان دهشتگردن جي ٿاڪن تي به بمباري ڪئي وئي، ايتري قدر جو افغان سرحد وٽ به ڪڙي نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سرحد وٽ هر چر پر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي هو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ جيڪي به وڏيون دهشتگرد ڪارروايون ٿيون آهن انهن ۾ملوث دهشتگردن جو تعلق  به افغانستان سان به رهيو آهي،

سيوهڻ سانحي ۾ به آپگهاتي حملي آور جو تعلق افغانستان سان ٻڌايو ويو آهي. جيتوڻيڪ افغانستان جي آرمي چيف اها خاطري به ڪرائي وئي آهي ته جيڪڏهن کين ثبوت فراهم ڪيا ويا ته اهي پنهنجي ملڪ اندر انهن خلاف ڪارروائي ضرور ڪندا. جيتوڻيڪ ملڪ ۾ ردالفساد آپريشن شروع ڪيو ويو آهي پر ان باوجود به هن وقت ملڪ ۾ لاهور ۽ سيوهڻ سانحي تي ڏک جي لهر پکڙيل آهي. ڪجهه سياسي اڳواڻ چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن ردالنثار ٿي ها ته اڄ ملڪ ۾ رد الفساد آپريشن جي ضرورت نه پئي ها، اهو صرف ان ڪري چيو پيو و ڃي ته جڏهن به ملڪ ۾ ڪو دهشتگردي جو واقعو پيش ايندو آهي ته وفاقي گهرو وزير اهو ئي چوندو آهي ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ ملڪ ۾ داعش جو ڪو به وجود نه آهي، پر قانون ڪندڙ ادارن سان پنجاب توڙي سنڌ ۾ جڏهن به دهشتگردن سان مقابلي ٿيو آهي ته ان دوران مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق داعش سان ئي ٻڌايو ويو آهي، بهرحهال هن وقت داعش هجڻ يا نه هجڻ وارو بحث اهميت نه ٿو رکي، دهشتگرد، دهشتگرد آهي، جنهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين هزارين معصوم ٻارڙن ۽ شهرين کي دهشتگردن شهيد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به شامل آهي، اهڙي صورتحال ۾ مذهبي انتهاپسند دهشتگرد تنظيمن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته انهن دهشتگردن جو ڪو به دين ۽ ايمان نه هوندو آهي، جنهن سبب اهي ڪڏهن مسجدن ۾ ڌماڪا ڪندا آهن ته ڪڏهن وري امام بارگاهن کي نشانو بڻائندا آهن ۽ اهي ئي دهشتگرد ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪري رهيا آهن، جنهن سبب اهي ملڪ ۾ خوف پکيڙڻ لاءِ آپگهاتي بم ڌماڪا ڪندا آهن،

هن وقت به جڏهن ملڪ ۾ پي ايس ايل ۽ آدمشماري جو اعلان ڪيو ويو آهي ته تڏهن به دهشتگردن معصوم شهرين کي خوف پکيڙڻ نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته دهشتگرد نه ٿا چاهين ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي بحلي ٿئي ۽ اهو به نه ٿا چاهين ته ملڪ اندر آدمشماري ٿئي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي آهي ته دهشتگردي مذهب جي نالي تي دهشتگردي ڪري ملڪ ۾ تباهي پکيڙي چاهين ٿا ۽ اهي نه ٿا چاهين ته دنيا ۾ پاڪستان اندر امن امان جي صورتحال وارو تاثر بحال ٿي سگهي ۽ اهي انتهاپسند دهشتگرد نه ٿا چاهين ته ملڪ ۾ آدمشماري درست نموني ٿئي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن آدمشماري ٿئي ته پرڏيهه مان آيل دهشتگرد وائکا ٿي ويندا ۽ انهن جي ٺڪاڻن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي سڃاڻپ ٿي ويندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ڪيترن ئي ماڻهن کي هتان جا سڃاڻپ ڪارڊ آهن، جيڪي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ آهن، جن ۾ افغاني، بنگالي، برمي ۽ ٻيا کوڙ اهڙا پرڏيهي آهن جيڪي هن ملڪ ۾ غيرقانوني طور ترسيل آهن، هاڻ جڏهن کان انهن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿيو آهي ته ڪيترن ئي کي حراست ۾ به ورتو ويو آهي پر افسوس جو اڃا تائين انهن کي هتان ڊي پورٽ ڪرڻ لاءِ ڪي به ڪوششون نه ڪيون ويون آهن جيڪڏهن غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن کي هتان ڪڍيو وڃي ته ڪافي حد تائين ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿي سگهي ٿي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ تي پ پ کان علاوه سڀ پارٽيون متفق…!

فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي پارلياماني پارٽين اتفاق راءِ ڪري ورتو آهي. فوجي عدالتون ٻن سالن لاءِ قائم ٿينديون ۽ انهن جي منظوري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان ورتي ويندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرن شرڪت نه ڪئي. اجلاس دوران فوجي عدالتن جو مدو 3 بدران 2 سال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته پارلياماني اڳواڻن فوجي عدالتن جي ٻين نقطن تي به اتفاق ڪيو. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته فوجي عدالتن بابت سڀني پارٽين جو اجلاس ٿيو پر پيپلزپارٽي شرڪت نه ڪئي. اجلاس ۾ متفقه طور تي فوجي عدالتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته پيپلزپارٽي 4 مارچ تي ٿيندڙ پنهنجي اي پي سي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪندي ۽ فوجي عدالتن جي حمايت ڪندي. فوجي عدالتن ۾ واڌ جي لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت آهي ان لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويندو ۽ اتي معاملي تي غور ڪيو ويندو.

شاهه محمود قريشي، جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله، عوامي نيشنل پارٽي جي حاجي غلام احمد بلور ، قومي وطن پارٽي جي آفتاب احمد شيرپائو، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار  چيو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي غور جي لاءِ 8 اجلاس گهرايا آهن جن ۾ سڀني پارٽين پنهنجو موقف پيش ڪيو، دنيا ۾ دهشتگردن سان مقابلي جي لاءِ فورس جي صلاحيت وڌي وئي آهي، سڀني اتفاق ڪيو آهي ته فوجي عدالتون ڪو سٺو رستو نه آهي پر مجبوري آهي جنهن جي ڪري انهن جو مدو 2 سالن لاءِ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن کانپوءِ اهي ڪيس دهشتگردي جي خاتمي وارين عدالتن ڏانهن منتقل ٿي ويندا. فوجي عدالتن جو قيام 7 جنوري 2017ع کان تصور ڪيو ويندو. دهشتگرد دهشتگرد هوندو آهي ان کي مذهب سان نه ڳنڍيو وڃي، رياست جي خلاف بندوق کڻندڙن جي خلاف ڪارروائي ڀلي ڪئي وڃي. اسان سمجهون ٿا ته هي معاملو بنيادي انساني حقن جي خلاف آهي پر مجبوري ۽ ضرورت تحت فوجي عدالتن جي حمايت ڪئي آهي.  هاڻي هي فوجي عدالتون آخري ڀيرو ڪم ڪنديون. اسان فوجي عدالتن جي معاملي تي حڪومت سان گڏ آهيون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو. اسان فوجي عدالتن جي خدشن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪنداسين، حڪومت عدالتون بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا، اسان وزيراعظم جي حمايت کانپوءِ فوجي عدالتن جي بل جي حمايت ڪئي هئي.