تازيون خبرون

Daily Archives: March 2, 2017

سنڌ جي وڏي وزير جي آصف علي زرداري سان ملاقات، سياسي ۽ صوبي جي انتظامي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع تي بلاول هائوس ڪراچيءَ ۾ پ پ پارليامينٽ جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ صوبي جي انتظامي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيد مراد علي شاهه آصف علي زرداري کي سنڌ ڪابينا جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ به ڏني. ذريعن موجب آصف علي زرداري آفيسن ۾ نه ويهڻ وارن سنڌ ڪابينا جي ميمبرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪابينا جا ميمبر سڄي صوبي جا نمائندا آهن انهن کي آفيسن ۾ ويهي عوام جي خدمت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عام چونڊن ۾ فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي چونديل نمائندا عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪن. آصف علي زرداي سنڌ جي وڏي وزير کي ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي متحرڪ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا جي ميمبرن کي وقت جو قدر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي صوبي ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. منهنجي ڪوشش آهي ته سمورا منصوبا مقرر مدي اندر مڪمل ٿين ان لاءِ سمورن ترقياتي منصوبن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان 2018 تائين ڪيترائي ميگا پروجيڪٽس مڪمل ٿي ويندا. وڏي وزير چيو ته ٿرڪول تي تيزي سان ڪم هلندڙ آهي سي پيڪ منصوبي جي حوالي سان گذريل ڏينهن چين جي قونصليٽ جنرل سان به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

 

بجيٽ تيار ڪرڻ وقت اقتصادي ماهرن، چيمبرز سان مشاورت ڪبي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ بجيٽ تياري بابت اجلاس ٿيو آهي، اجلاس دوران ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته سمورن لاڳاپيل شعبن سان مشاورت ڪري بجيٽ تيار ڪيو ويندو، هن چيو ته بجيٽ تيار ڪرڻ وقت اقتصادي ماهرن، چيمبرز سان مشاورت ڪئي وڃي، اسحاق ڊار چيو ته بجيٽ تياري ۾ سمورن کاتن کان به صلاح ورتي وڃي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار هدايت ڪندي چيو ته وفاقي بجيٽ کي مقرر وقت اندر تيار ڪيو وڃي.

 

پي ايس ايل لاءِ سمورا سيڪيورٽي ادارا هڪ پيج تي آهن: چوڌري نثار

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته اسان جي نيت صاف آهي نه پهريان ڪنهن آزمائش کان گهٻرايو ۽ نه ئي وري آئنده گهٻرائينداسين. پاڪستاني عوام جي ضرورت امن امان ۽ ترقي آهي. افراتفري ناهي. سياست دليل ۽ عوامي خدمت سان ڪئي ويندي آهي. گار گند سان نه، پارٽيون تبديل ڪندڙ سٺا سياسي ۽ جمهوري اصولن جي لاءِ خراب عمل آهي هيٺين سطح تي ڪرپشن جو عوام جي تعاون ۽ مدد سان ئي ختم ڪري سگهجي ٿي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ هوندي ته ان سان پاڪستان جي تعريف ٿيندي هر شيءِ تي سياست ۽ پوائنٽ اسڪور ڪرڻ مناسب ناهي اربع تي پنهنجي تڪ جي دوري دوران عوام ۽ چونڊيل نمائندن سان ڳالهائيندي چوڌري نثار علي چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، جتي هڪ طرف ته مسئلن جا ڍڳ آهن ته ٻئي طرف عوامي اميدون آهن پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان مسلم ليگ (ن) عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪري رهي آهي هن چيو ته 2017 جي پاڪستان ۽ ماضي جي پاڪستان ۾ چٽو فرق آهي ۽ ان ۾ اڃا به وڌيڪ بهتري ايندي جن هن ملڪ ۽ عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو انهن پنهنجي حڪومتي دور ۾ نااهلي جا مثال قائم ڪيا. گهرو وزير چيو ته اهي سياست کي بطور واپار يا پنهنجي ذاتي ٽجوڙيون ڀرڻ لاءِ نه پر عوامي خدمت سمجهي ڪن ٿا. علائقي ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان گهرو وزير چيو ته سڄي علائقي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي ۽ هر قدم تي پنهنجن قدمن جا نشان ڇڏيا آهن.

 

ٺاڪرن جي ٻولي ڳالهائيندڙ عمران خان کي ڀارت موڪلڻ گهرجي: عابد شيرعلي

ملتان (اين اين آءِ)پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شيرعلي چيو آهي ته پاڪستان ۾ بال ٺاڪري جي ٻولي ڳالهائيندڙ عمران خان کي ڀارت موڪلڻ گهرجي ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شِرعلي چيو ته پنجاب ۾ پختونن سان ظلم جي بيان تي عمران خان کي شرم اچڻ گهرجي عمران خان نه صرف دهشتگردن جو سڀ کان وڏو سهولتڪار آهي پر اهو اسلام آباد ۾ دهشتگردن جي آفيس به قائم ڪرڻ چاهي ٿو هن چيو ته پاڪستان کي ٽوڙڻ جي سازش ڪئي ۽ نفرت جو ٻج پوليو جڏهن ته جيڪو ڪم ڀارت نه ڪري سگهيو اهو عمران ڪري ڇڏيو هن چيو ته عمران خان بال ٺاڪري جو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ ان کي ڀارت موڪلڻ گهرجي. هن چيو ته شاهه محمود ٻڌائي ته درٻار مان ملندڙ ڪروڙين رپين سان ڪيترن بيواهن جي مٿي تي هٿ رکيو. مخدومن جي ڊبل شاهه کي به هاڻي حساب ڏيڻو پوندو.

 

حڪمرانن ملڪ جي احتساب وارن ادارن کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي: سراج الحق

بونير(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته دهشت گردي پوري قوم جو مسئلو آهي ۽ هر پاڪستاني چاهي ٿو ته ملڪ مان دهشتگردي ۽ بدامني جو خاتمو اچي ۽ امن قائم ٿئي ۽ سڀني کي برابر جي حق ملن پر حڪمران عوام کي گهٽ تر ۽ پاڻ کي شهنشاهه سمجهن ٿا. هن چيو ته هاڻي ته ملڪ جو صدر به چئي ويٺو آهي ته ڪرپشن ملڪ جي آماجگاهه بڻجي چڪي آهي، جماعت اسلامي جي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪمرانن ملڪ جي احتساب وارن ادارن کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ هو ته نيب ۽ ايف آءِ اي ڪرپشن خلاف ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته جيستائين وسيلن جي منصفاڻي تقسيم ۽ عدل اجتماعي کي يقيني نه بڻايو ويندو، ملڪ مان دهشت گردي ختم نه ٿيندي.  سراج الحق چيو ته حڪمران جيڪڏهن دهشتگردي جو خاتمو چاهين ٿا ته پاڻ کي ٺيڪ ڪن، هن چيو ته ماڻهن جا حق ڦٻائڻ ۽ سڀ ڪجهه ميڙي پنهنجو گهر ڀري ڇڏڻ سان ماڻهن ۾ محرومي ۽ مايوسي جنم وٺندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ اشتعال جنم وٺندو آهي.

 

مسلم ليگي آهيان ۽ مسلم ليگ جي جهنڊي ۾ ئي دفن ٿيندس: جاويد هاشمي

ملتان (اين اين آءِ) سينئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته ڪنهن کي به شڪ نه ڪرڻ گهرجي مسلم ليگي آهيان ۽ مسلم ليگ جي جهنڊي ۾ ئي دفن ٿيندس، هو پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي چيف آرگنائيزر قمر قطب الدين خان ۽ مرڪزي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد اشرف قريشي سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهم دور مان گذري رهيو آهي سمورا سياستدان ۽ قوتن کي ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي سميت عوام جي خوشحالي لاءِ اهم فيصلا ڪرڻا پوندا. هن وقت عوام ۽ عام سياسي ڪارڪن پريشان آهن. سياسي ڪارڪنن جون نرسريون ختم ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته عمران خان سٺو ليڊر هجي ها ته اڄ ملڪ ۾ وڏي تبديلي اچي چڪي هجي ها. منهنجو نئون ڪتاب تمام جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ وارو آهي، جنهن ۾ تمام گهڻا اهم انڪشاف هوندا.

 

ڪنگنا سان ڪم ڪرڻ کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو: شاهه رخ

ممبئي (شوبز نيوز) جيڪڏهن بالي ووڊ جو ڪنگ خان شاهه رخ خان آهي ته ڪنگنا رناوت کي به ٽائون دي ڪوئن چيو وڃي ٿو پر ان کي اتفاق چيو وڃي يا ڪجهه ٻيو ته بادشاهه ۽ ملڪه ڪڏهن به گڏجي پردي تي پنهنجو رنگ نه ڄمايو انهي ڪري چيو وڃي ٿو ته شاهه رخ خان هڪ فلم ۾ ڪنگنا سان ڪم جي پيشڪش ٺڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته ڪنگ خان ان جي ترديد ڪري ٿو ڪجهه عرصو اڳ بالي ووڊ ۾ اهي خبرون هيون ته شاهه رخ خان مشهور هدايتڪار سنجي ليليٰ بنسالي جي هڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان ان لاءِ انڪار ڪيو ڇو ته ان ۾ ان سان ڪنگنا رناوت اهم ڪردار ادا ڪري رهي هئي جڏهن ته هاڻي ڪنگ خان ان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ممبئي ۾ هڪ ايوارڊ تقريب دوران جڏهن شاهه رخ خان سان اداڪاره ڪنگنا رناوت سان سنجي ليلي بنسالي جي فلم ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب پڇيو ويو ته ان جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جي خبر ۾ ڪابه سچائي نه آهي ۽ هو ان جي ترديد ڪري ٿو. ان جا مداح به ان قسم جي ڳالهه تي بلڪل ڀروسو نه ڪندا.

 

آسڪر ايوارڊ ۾ اوم پوري جي خدمتن جو اعتراف بالي ووڊ جي منهن تي چماٽ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي آسڪر ايوارڊ شو ۾ ڀارت جي مشهور اداڪاره اوم پوري جي فني خدمتن تي اعتراف ڪيو ويو جنهن سان ڀارتي فلم انڊسٽري جي منهن تي چماٽ قرار ڏنو پيو وڃي. ڇو ته ڀارتين پنهنجي ڪنهن تقريب ۾ اوم پوري جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو لاس ايجنلس ۾ ٿيندڙ 89هين آسڪر ايوارڊ شو ۾ بالي ووڊ اداڪار اوم پوري لاءِ هڪ خاص وقت مقرر ڪيو ويو جنهن ۾ ان جي فني خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو جنهن تي اوم پوري جي خاندان وارن سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته اوم پوري مسلسل 25 سالن نه صرف ڀارتي فلم انڊسٽري پر هالي ووڊ ۽ برٽس فلم انڊسٽري ۾ به پنهنجي اداڪاري سان پاڻ کي مڃرايو. جنهن پروموشن پڪچرز اڪيڊمي ان جي خدمتن کي ساراهيو ان جا ٿورائتا آهيون نوازالدين صديقي چيو ته انتهائي افسوس ۽ شرم جهڙي ڳالهه آهي ته هالي ووڊ ۾ اوم پوري جي خدمتن کي سارائڻ لاءِ هڪ خاص وقت مقرر ڪيو ويو پر بالي ووڊ جي ڪنهن به تقريب ۾ ان جو ذڪر به نه ڪيو ويو.

 

نيوزيلينڊ چوٿين ون ڊي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ورتي

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم چوٿين ون ڊي ميچ ۾ مارٽن گپٽل جي 180 رنسن جي شاندار اننگ عيوض ڏکڻ آفريڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 2-2 تان برابر ڪري ورتي. هيملٽن ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي پروٽيز مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 279 رنسون ٺاهيون. ڪپتان اي بي ڊويليئرز 72 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڊوپليسي 67 ۽ هاشم آملا 40 رنسون ٺاهي اڳڀرو رهيو. جواب ۾ ميزبان ٽيم اوپننگ بيٽسمين مارٽن گپٽل جي جارحاڻي اننگ عيوض 45 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. گپٽل 11 ڇڪن ۽ 15 چوڪن جي مدد سان 180 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ٻين رانديگرن ۾ روز ٽيلر 66 ۽ ڪين وليمسن 21 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.27

 

سپر ليگ فائينل جون ٽڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي لاهور جي بئنڪن جي ٻاهر لائينون لڳل

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جو 5 مارچ تي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ فائينل مئچ جون ٽڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ سڄو لاهور بئنڪن جي ٻاهران قطارون هڻي بيٺا آهن ڏسندڙ ڪرڪيٽ صبح ستين وڳي ئي چونڊيل بئنڪن جي برانچن جي ٻاهر قطارون هڻي ڇڏيون برانچن کي ٽڪيٽن جي فراهمي ۾ دير ۽ خاص طور تي 500 وارين ٽڪيٽن جي مبينه طور تي اعلان ڪيل انگن کان گهٽ دستيابي سبب شديد بدنظمي ڏسڻ ۾ آئي جنهن سبب رينجرز ۽ پوليس کي نظم ضبط قائم ڪرڻ لاءِ ذميواريون سنڀالڻيون پيون 500 واريون ٽڪيٽون نه ملڻ خلاف ڪرڪيٽ ڏسندڙن پي سي بي ۽ پي ايس ايل انتظاميه جي خلاف سخت احتجاج ڪيو جڏهن ته ڪيترن ئي الزام لڳايو ته بئنڪن ۾ به ٽڪيٽون بليڪ ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن تفصيل موجب پي ايس ايل انتظاميه پاران اربع تي پاڪستان سپر ليگ جي فائينل مئچ جي ٽڪيٽن جي آن لائن ۽ پنجاب بئنڪ جي برانچن ۾ وڪرو جو اعلان ڪيو ويو هو ٽڪيٽن جي آن لائين وڪرو جو اعلان ٿيندي ئي سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا ۽ ٿورن ئي ڪلاڪن ۾ سڄي اسٽيڊيم جون ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون.