تازيون خبرون

Daily Archives: March 1, 2017

راني مڪرجي جي فلم نگري ۾ واپسي، يش راج فلمز جي بئنر هيٺ ٺهندڙ فلم ”هچڪي“ ۾ ڪم ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا راني مکرجي ٻيهر وڏي اسڪرين تي واپسي ڪري رهي آهي. 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڀارتي فلم انڊسٽريءَ تي راڄ ڪندڙ ناليواري اداڪارا راني مکرجي ڪيترين ئي بلاڪ باسٽر فلمن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن، جيڪا شاديءَ کان پوءِ فلم نگري کان ڌار ٿي وئي هئي. راني مکرجي 2014ع ۾ آخري ڀيرو فلم ”مرداني“ ۾ ڪم ڪيو هو پر هاڻ هن هڪ ڀيرو ٻيهر فلم نگريءَ ۾ واپسي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هوءَ يش راج فلمز جي بئنر هيٺ ٺهندڙ فلم ”هچڪي“ ۾ ڪم ڪندي.27

 

شيکر سمن فلم ”رنگون“ جي ناڪاميءَ جي ذميوار ڪنگنا کي قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شيکر سمن باڪس آفيس تي فلم”رنگون“ جي ناڪاميءَ جو ذميوار بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت کي قرار ڏنو آهي. شيکر سمن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي چيو آهي ته ڪوئين اداڪارا پنهنجي غير موجود اسٽار بڻجڻ جو بار کنيو ويٺي آهي، فلم ”رنگون“ جي ناڪامي ساڻس انصاف آهي. واضح رهي ته بالي ووڊ اداڪار شيکر سمن جي پٽ اڌيايان ۽ ڪنگنا رناوت وچ ۾ گذريل سال سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي. اڌيايان موجب ڪنگنا رناوت مٿس الزام هنيو ته هو منشيات جو عادي آهي.27

 

آفريدي نه، حفيظ کي قابو ڪرڻ ڏکيو آهي: ڊيرن سيمي

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم پشاور زلمي جي ڪپتان ۽ ويسٽ انڊين اسٽار ڊيرن سيمي چيو آهي ته گرائونڊ ۾ شاهد آفريدي جي ڀيٽ ۾ محمد حفيظ کي قانو ۾ ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو آهي. هڪ انٽرويو دوران جڏهن ويسٽ انڊين آل رائونڊر ڊيرن سيمي کان سوال ڪيو ويو ته شاهد آفريدي کي ميدان ۾ قانو ڪرڻ توهان لاءِ ڪيترو ڏکيو آهي، جنهن تي هن حيران ڪندڙ جواب ڏيندي چيو ته صفا نه،  شاهد آفريدي منهنجو بهترين دوست آهي. ان دوران ئي هن کلڻ واري انداز ۾ چيو ته محمد حفيظ کي قابو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، مان ان جو نالو کنيو آهي، هو ته مون کي ماري ئي ڇڏيندو.27

 

نجم سيٺي ۽ پي ايس ايل سيڪريٽريٽ جون ڪوششون رنگ ڏيارڻ واريون آهن: شهريار خان

لاهور (اسپورٽس نيوز)  پي سي بي جي چيئرمين شيريارخان چيو آهي ته پي ايس ايل جي فائينل جو لاهور ۾ انعقاد پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي جو سڀ کان وڏو موقعو آهي فائينلسٽ ٽيمن ۾ 8 پرڏيهي رانديگر ضرور شامل هوندا 500 رپين وارين ٽڪيٽن جو انگ 10 هزارن تائين ڪيو ويو آهي اهڙنخ يالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن قذافي اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل فائينل لاءِ تيار ڪيل انڪلوزر جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي شيريارخان چيو ته پي ايس ايل جو فائينل لاهور ۾ انعقاد پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي جو سڀ کان وڏو موقعو آهي. ان موقعي تي نجم سيٺي چيو ته شناختي ڪارڊ کان سواءِ ڪنهن جي به انٽري نه ٿيندي چاهي هن وٽ 500 واري ٽڪيٽ هجي يا 14 هزار واري.

 

ڊاڪٽر حميده کهڙو جي ياد ۾ ميڙاڪو ۽ آدمشماري بابت سياسي اڳواڻن ۽ وزيرن ويچار: دودو ديشي

سنڌ جي نامياري سياستدان ۽ تاريخدان ميڊم حميده کهڙو جي ياد ۾ کهڙا اپارٽمينٽ ڪراچي ۾تعزيتي ميڙاڪوٿي گذريو. ميڙاڪي ۾صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جو چيئرمين ايڊووڪيٽ قمر ڀٽي عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي چيئرمين قاضي اسد عابد، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر سيد جلال محمود شاهه، عوامي آواز جي  ايڊيٽر ڊاڪٽر ايوب شيخ، ريجنل ٽائيمز جي چيف ايڊيٽر قاضي سعيد اڪبر، اڳوڻي وڏي وزير اي ڪيو هاليپوٽو،ايم پي اي امتياز احمد شيخ، کهڙا جو گادي نشين مخدوم نديم احمد هاشمي،عبرت نيوز جي ڊائريڪٽر نيوز قاضي مصطفيٰ اسد، مير نادر مگسي، گل محمد جکراڻي، سجاد احمد جوکيو، محمد پريل پنهور، هلچل جي چيف ايڊيٽر يونس مهر، محمد کوکر،  سيد غلام شاهه، دودو ديشي، پروفيسر اعجاز قريشي، مخدوم مظفر هاشمي، اديب منصور قادر جوڻيجو، مدد علي سنڌي، سگا جي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، مسعود احمد کهڙو،زمان کهڙو، اسد کهڙو، محمود کهڙو، زاهد ڀٽي، مختيار عاقل، خادم سومرو، نور محمد ميمڻ، خالد حسين کوکر، محمد خان ڀٽي، آصف لاشاري، الاهي بخش بڪڪٽ، سرفراز راڄڙ، وسيم اختر، سليمان جتوئي، شڪيل احمد پيرزادو، نجم الدين جوڻيجو، ضيا قريشي ۽ ٻين سياسي،سماجي،اديبن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ همدردن جي شرڪت. ان موقعي تي سياستدانن، اديبن، قومپرستن، ميڊم حميده کهڙو کي سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عظيم عورت ۽ تاريخدان قرار ڏيندي چيو ته مرحومه سنڌ دوست هئي. هن يونيورسٽي گرانڊ ڪميشن 21گريڊ جو اهم عهدو ڇڏي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو. سنڌ جي حقن لاءِ ثابت قدم رهندڙن ميڊم حميده کهڙو جو نالو ڳڻيون ويندو، هن جي تعليم لاءِ پڻ وڏيون خدمتون آهن. تعليم بابت ڪيل جدوجهد ۾ به نالو نمايا رهندو.ميڙاڪي ۾ آدمشماري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ نثار کهڙي جو چيو ته آدمشماري سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي.آدمشماري ۾ سنڌ ۾ رهندڙ تمام قومن کي گهرجي ته اهي آدمشماري ۾ وڌ ۾ وڌ کان حصو وٺن، اسان پيپلز پارٽي طرفان مختلف ڪاميٽيون ٺاهي ماڻهن کي ڄاڻ ڏيون ٿا. قومپرست اڳواڻن سائين جلال محمود شاهه، قمر ڀٽي ايڊووڪيٽ ڳالهائيندي چيو ته اسان آدمشماري جاگرتا مهم جي سلسلي ۾ ڪراچي کان شروع ڪيو آهي،

ملير کان وٺي لياري تائين ۽ سنڌي ماڻهن کي جاگرتار مهم جي سلسلي ۾ ڄاڻ  ڏيون ٿا، مارچ مهيني ۾ آدمشماري مائيٽنگ ڪاميٽي پاران پنج لک هيند بل ورهايا ويندا. هن وقت سنڌ هڪ ڀيرو وري سنڌ ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. ان لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿي سنڌ کي بچائڻ جي سلسلي ۾ آدمشماري مائيٽنگ ڪاميٽي ٺهي وئي آهي، ان تي گڏيل نموني جوريت مندي سان سنڌ کي درپيش مسئلن  کي پاسيرو رکي فقط مارچ کان ايندڙ آدمشماري  واري چئلينجز  ذڪر ڪنداسين. ان موقعي تي اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن جو چوڻ هو ته اسان آدمشماري جي مسئلي تي سنجيدگي سان قومپرستن ۽ ٻين جماعتن سان گڏجي  گهر گهر وڃي سنڌي ماڻهن کي اپيل ڪنداسين ته آدمشماري جي سانحي ۾ سنڌي لکرائين. ڇاڪاڻ ته اسان تي فرض ٿو ٿئي ته آدمشماري ۾ حصو ڀرپور وٺئون، انهن دوستن  کي هن آدمشماري ۾ شامل نه ڪيو وڃي، جيڪي سنڌ سان سچا ناهن. هن رپورٽ ۾ گهر ڪئي وئي ته چاليهه لک ڌارين کي آدمشماري  ۾ شامل نه ڪيو وڃي، انهن کي پنهجن ملڪن ڏانهن نيڪالي ڏني وڃي. ميڙاڪي ۾ جڏهن ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کان آدمشماري بابت سوال ڪيو ويو ته  جواب ڏيڻ کان لوائي ويو. ان موقعي تي مير نادر مگسي، نور محمد ميمڻ، سينيئر صحافي قاضي اسد عابد، محمد نديم هاشمي، يونس مهر، دودي ديشي کي  جس ڏيندي چيو ته اوهان نوجوان اڄ هن ميڙاڪي ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو کي ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي حساس مسئلي  آدمشماري تي مختلف ماڻهن سان پنهنج  ويچار ونڊي انهن جا خيال نوٽ ڪري هڪ سٺو عمل ڪيو آهي، اسان سنڌي ماڻهن کي اپيل ٿا ڪيون ته هو آدمشماري  جي حساس مسئلي تي آدمشماري سنڌ جي هن وقت آبادي ڇهه ڪروڙ چاليهه لک کان مٿي آهي.سنڌي ماڻهن کي  خاص  ڪري ڪراچي ۾ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا وڃن. اسان  قومپرست سنڌ جي مسئلي تي  هر وقت  ان سياسي ڌر سان گڏ آهيون جيڪا سنڌ جا مسئلا کڻندي. هن وقت سنڌ جي صورتحال  انهائي خطرناڪ آهي، سنڌ سرڪار ڪوششون وٺي وفاقي سرڪار کي ڪاهل ڪري ته سڄاڻپ ڪارڊ ٺهرائيندڙ غير ملڪين کي نه ڳڻيون وڃي. ٻيو جن ماڻهن جا  ٻهراڙي واري علائقن ۾ ڪارڊ ٺهيل ناهن، تن جي ڳڻپ يقيني بڻائڻ لاءِ اتان جي چونڊيل نمائيندن ۽ قومپرست اڳواڻن جي تصديق کي قابلي قبول سمجهيو وڃي. سنڌ جي راڄ ڌڻي ڪراچي ۾ جيڪي گجراتي، ڪاٺواڙي، ميمڻ ۽ ڪڇي رهن ٿا، ان لاءِ ٻولي جو ڪو به خانو ناهي رکيل، سنڌ سرڪار کي سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ قومپرستن کي  اهي ٻولي ڳالهائيندڙ جي اڳواڻن سان مسلسل ملاقاتن جو بندوبست ڪري  کين قائل ڪرڻ گهرجي ته ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکرائن ڇو ته  جيڪا ٻولي ڳالهائن ٿا سي سنڌي ۾ ڳالهائين ٿا. ان موقعي تي ڊاڪٽر حميده کهڙو جي لاءِ دعا مفرد گهري وئي. آخر ۾ هن بيت سان ڀيٽا  پيش ڪئي وئي.

اڄ نه اوطاقن ۾ ٿا طالب تنوارين آ دي سي،

اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي  جيءَ کي جيئارين سي لاهوتي لڏي ويا.

Dododeshi1@gmail.com

 

 

مارچ ۾ ٿيندڙ ڇهين ملڪي آدمشماري ان جي اهميت ۽ سنڌ جا خدشا….!: منصور خاصخيلي

اقوام متحده جي عالمي قانون ۽ ملڪي آئين موجب آدمشماري هڪ آئيني گهرج آهي، جيڪا اصولي طور هر ڏهين سال ٿيڻ لازمي آهي ڇاڪاڻ ته آدمشماري جي بنياد تي ئي پارليامينٽ قومي صوبائي ۽ سينٽ جي سيٽن، تڪبندين ۽ وفاق ۾ وسيلن جي ورڇ جو تعين ٿيندو رهيو آهي، پر ملڪ ۾ گذريل 18 سالن کان مختلف بهانا ڪري آدمشماري کي ملتوي ڪيو ويندو رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هتي وفاق ۾ طاقت جو توازن هميشه ئي وڏي صوبي پنجاب جي حق ۾ رکڻ لاءِ آدمشماري کي سياسي حربي ۽ چال طور استعمال پئي ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ ائين تقريبن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وفاق مسلسل آدمشماري ملتوي ڪري سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختون خواهه جو سياسي، معاشي استحصال پئي ڪيو آهي. ياد رهي ته ملڪ ۾ پهرين آدمشماري 1951ع ۾ ڪئي وئي هئي، جنهن موجب ملڪي مجموعي آبادي پنجهتر ملين هئي، جنهن ۾ 42 ملين مشرقي پاڪستان بنگال جي آبادي هئي ۽ 33.7ملين مغربي پاڪستان سنڌ، سرحد، بلوچستان ۽ پنجاب جي گڏيل آبادي هئي، جنهن کانپوءِ ٻي ملڪي آدمشماري 1961ع ۾ ڪئي وئي، جنهن موجب ملڪي آبادي 93 ملين هئي، جنهن ۾ 42.8 ملين مغربي ۽ 50 ملين مشرقي پاڪستان جي آبادي هئي، جنهن بعد ملڪي ٽي آدمشماري هڪ سال جي تاخير بعد 1972ع ۾ ملڪ ٽٽڻ، بنگال جو پاڪستان کان الڳ ٿيڻ بعد ٿي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي آبادي 65.3 ملين هئي. جنهن بعد ملڪي چوٿين آدمشماري 1981ع ۾ ٿي جنهن موجب ملڪي آبادي 83.82ملين هئي ۽ جنهن بعد آخري آدمشماري ستن سالن جي تاخير بعد 1998ع ۾ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ آئيني ۽ اصولي طور 2008ع ۾ آدمشماري ٿيڻ گهرجي ها جيڪا نه ٿي جنهن بعد وفاق مسلسل بهانا بڻائي آدمشماري ملتوي ڪندو رهيو، جڏهن ته ماضي ۾ به آدمشماري جي مرحلن دوران انجنيئرڊ طريقي سان نتيجا مٽائي وفاق محڪوم قومن جي حقن تي ڌاڙو هڻندو رهيو آهي. آدمشماري کي پنهنجي مقرر وقت تي نه ڪرائڻ، ملتوي ڪرڻ ۽ پراڻن انگن اکرن تحت آدمشماري ڄاڻائي وسيلن جي ورڇ ڪري محڪوم قومن سنڌين ۽ بلوچن کي پنهنجي حقن کان محروم پئي رکيو ويو آهي. پر نيٺ آدمشماري جي ڊگهي تاخير جو سنجيده نوٽيس وٺندي سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد وفاقي سرڪار 18 سالن بعد 15 مارچ 2017ع تي ملڪي ڇهين آدمشماري ڪرائي پئي، جنهن تي ٽئي وفاقي وحدتون، سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ته متفق آهن پر بلوچستان ان تي پنهنجا سخت خدشا ڏيکاريندي چيو آهي ته بلوچستان مان ڌاريا ڪڍڻ کانپوءِ ئي آدمشماري ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته بلوچستان ۾ غيرقانوني ترسيل ڌارين خصوصن افغانين کي جيڪڏهن آدمشماري ۾ شامل ڪيو ويو ته پوءِ اصل ڌرتي ڌڻي بلوچ پنهجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ شمار ٿي پنهنجو قومي وجود وڃائي ويهندا. توڙي جو اها به حقيقت آهي ته ڌاريا رڳو بلوچستان جو ئي مسئلو ناهن پر اوترو ئي يا اڃان ان کان به وڌيڪ سنڌ لاءِ اهو اهم ۽ حساس مسئلو آهي، تاريخ گواهه آهي ته ورهاڱي کان وٺي سنڌي  هميشه ڌارين جي غير قانوني سنڌ ۾ آبادڪاري جي خلاف جدوجهد ڪندا رهيا آهن. 1947ع کان وٺي هن وقت تائين سنڌ ۾ ڌارين آباد ڪاري جاري آهي، جنهن سان ڌرتي ڌڻين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آهي پر انهن خدشن، احتجاجن ۽ اعتراضن کي اسلام آباد  هميشه اڻ ٻڌو ڪري مسلسل نظرانداز پئي ڪيو آهي، سنڌ ۾ ورهاڱي کان وٺي مسلسل ٿيندڙ ڌارين آباد ڪاري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ڊيموگرافي ۽ امن امان کي سخت متاثر ڪيو آهي،

سرد جنگ جي زماني کان وٺي افغانستان ۾ جنگ ڪارڻ افغانين جي لڏ پڏاڻ سبب لکين افغاني پناهگيرن جي سنڌ ۾ آمد سبب هڪ طرف سنڌ جي درالحڪومت ڪراچي ۾ مقامي ماڻهن جي آبادي جي توازن کي سخت متاثر ڪيو آهي، ٻي طرف ڌارين آباد ڪاري جو اهو نه بند ٿيندڙ  سلسلو جاري آهي. خصوصن پختوان خواهه ۽ ملڪ جي قبائلي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف هلندڙ عسڪري آپريشنن سبب انهن علائقن مان ڌارين جي ٿيل لڏپلاڻ سبب سنڌ ۾ ڌارين آباد ڪاري اڄ به تيزي سان جاري آهي. غير قانوني ڌارين آبادڪاري سبب سنڌ جو صدين کان قائم مذهبي رواداري وارو سيڪيولر ڪلچر سخت متاثر ٿي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته  ڌارين آباد ڪاري مذهبي انتهاپسندي دهشتگردي ۽ فرقي واريت جي عنصر کي به سنڌ ۾ کڻي آئي آهي، جنهن ڪارڻ صوفين ۽ امن جي ڌرتي سنڌ جي صوفي بزرگن جي مزارن لال شهباز سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن تي ڌاريا خودڪش حملا ۽ دهشتگردي جو ڪاروايون ڪري بي گناهه معصوم ماڻهن کي قتل ڪري رهيا آهن. ڌارين آبادڪاري سبب سنڌ  ۾ مذهبي انتهاپسندي وڌي رهي آهي، ساڳي ئي وقت ان عنصر ڪارڻ سنڌ ۾ فرقيوانا دهشتگردي به ٿي رهي آهي، انتهاپسندي ۽ فرقيورايت سان گڏ ڌاريا سنڌ ۾ منشيات ڦهلائڻ ۾ به ملوث آهن ته امن امان کي به سخت متاثر ڪيو اٿن. ڌارين کي ڪڍڻ لاءِ سڄاڻ ڌرين ۽ خصوصن قومپرست تحريڪ طرفان تحريڪون هلنديون ۽ مطالبا ٿيندا رهيا آهن، پر انهن تي وفاقي سرڪار ڪو به ڪو ڌيان ناهي ڌريو. آدمشماري ۾ سنڌ ۾ ڌارين کي شامل نه ڪرڻ غيرقانوني رهندڙ ڌارين جي الڳ ڳڻپ ڪرڻ ۽ ڌارين کي ڪڍڻ ۽ ان مسئلي تي الڳ قانونسازي ڪرڻ کانسواءِ نه صحيح شفاف آدمشماري ٿيندي نه وري سنڌ سميت ملڪ مان دهشتگردي ۽ لاقانونيت جو مڪمل خاتمو اچي سگهندو.

آدمشماري جي تازن ڄاڻايل ضابطن موجب جن ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل هوندا، اهي ئي ڳڻپ ۾ شامل ٿي سگهندا ۽ جڏهن ته اها ڳالهه به وائکي ٿي چڪي آهي ته  50 لک غيرقانوني رهندڙ پرڏيهي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي چڪا آهن، تن کي به ڳڻيو ويندو، انهن پرڏيهين کي ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻ سان هڪ ته کين پاڪستان جو شهري سمجهيو ۽ تسليم ڪيو ويندو ۽ ٻيو ته اهي جيئن ته ڌاريا آهن، ٻين ملڪن کان آيل آهن، تنهنڪري اهي ٻولي خاني ۾ لازمي آهي ته ”سنڌي“ نه لکرائيندا، جيڪا سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون کي لکرائڻ گهرجي. انهن ڌارين جا جعلي ڪارڊ رد ڪرڻ ۽ ڌارين جي نيڪالي خلاف سنڌي گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان احتجاج ڪري ۽ سخت خدشن جو اظهار ڪندا رهيا آهن. جڏهن ته سرڪاري طور اهو به مڃيو پيو وڃي ته سنڌ ۾ 30 لک کان مٿي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ٺهيل ئي ڪونهن هاڻ جڏهن باقي ٿورو عرصو وڃي بچيو آهي آدمشماري ڪرائڻ ۾ ۽ سنڌ حڪومت ۽ نادرا کي گهرجي ته موبائل ٽيمون موڪلي سنڌ جي ڪچي، ڪوهستان، ٿر سميت ٻهراڙين جي  سمورن علائقن جي مقامي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ وقت سر اعلانانيل آدمشماري کان اڳ ۾ ٺاهيا وڃن ڇاڪاڻ ته آدمشماري ۾ ڳڻپ لاءِ شناختي ڪارڊ کي لازم قرار ڏنو ويو آهي ۽ جيڪڏهن 30 لک مقامي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ اعلانيل آدمشماري کان اڳ نٿا ٺهن ۽ سنڌ ۾ غيرقانوني رهندڙ ڌارين غير ملڪين جا ڪوڙا ٺهيل شناختي ڪارڊ رد نٿا ڪيا وڃن يا سنڌ ۾ غير قانوني رهندڙ ڌارين جي الڳ ڳڻپ نٿي ڪئي وڃي ته پوءِ اها سنڌ ۽ سنڌين سان تمام وڏي ناانصافي ۽ ويساهه گهاتي هوندي ۽ اهڙي آدمشماري سنڌ جي حقيقي آبادي جي ڳڻپ  ظاهر ڪرڻ کا قاصر هوندي. اهڙي ڪنهن به غير شفاف آدمشماري کي سنڌي قوم قبول نه ڪندي جنهن سان سنڌين کي پنهجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ ڏيکاريو وڃي. سنڌ ۾ لکين غير قانوني ترسيل ڌارين جي موجودگي ۾ شفاف آدمشماري نٿي ٿي سگهي. حڪومت پاران اعلانيل 15 مارچ 2017ع کان شروع ٿيندڙ آدمشماري کان اڳ سنڌ ۾ غير قانوني ترسيل ڌارين جي الڳ رجسٽريشن ڪري انهن کي آدمشماري جي دوران ڳڻپ ۾ شامل نه ڪيو وڃي. سنڌ مان جيستائين ڌارين آبادي کي نيڪالي نه ڏني ويندي، ان وقت تائين سنڌ ۾ شفاف آدمشماري ممڪن نه آهي. سنڌ ۾ ترسيل لکين غير قانوني ڌارين کي نادرا پاران رشوت وٺي ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا آهن، پر افسوس جو مقام اهو آهي ته سنڌ ۾ لکين سنڌي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ نه ٺاهي ڏنا ويا آهن. سنڌ ۾ سنڌي زبان ئي اڪثريتي ڳالهائي وڃي ٿي ان سان گڏ سنڌ جي قديم آبادي جا رهاڪو گهرن ۾ سرائيڪي، بروهڪي، ڊاٽڪي، مارواڙي، ٿري، بلوچي، اردو ۽ پنجابي ٻوليون ڳالهائين ٿا. ٿيندڙ آدمشماري ۾ انهن مختلف ٻوليون ڳالهائندڙن کي ٻولي جي خاني ۾ سنڌي ٻولي لکرائي سنڌ سان نمڪ حلالي ڪري ڌرتي سان وفاءُ جو ثبوت ڏيڻ کپي. بدقسمتي سان آمر ضيا دور جي ٺاهيل هڪ لساني تنظيم ايم ڪيو ايم مهاجر قوم جي کوکلي غير منتطي تصور تي رجعت پسند سياست ذريعي اردو ڳالهائيندڙن کي اڄ به گمراهه ڪري رهي آهي، ڪراچي ۾ سنڌين کي اقليت ۾ ظاهر ڪرائڻ ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي سنڌين ۾ ضم ٿيڻ کان روڪي رهي آهي. 70 سالن کان سنڌ ۾ آباد اردو ڳالهائيندڙ سنڌي آهن، جيڪي آدمشماري جي مرحلي دوران پاڻ کي سنڌ جو حصو سمجهي سنڌي طور ڳڻپ ۾ شامل ٿين. آدمشماري ۽ گهر شماري واري مرحلي لاءِ سنڌ ۾ رهندڙ هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ سنڌين کي پاڻ ملهائڻو پوندو. سنڌ ۾ سياسي، سماجي تنظيمون، سول سوسائٽي، اديب، دانشور، صحافي، استاد، شاگرد سميت هر باشعور سنڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سنڌي ماڻهن ۾ آدمشماري جي اهميت ۽ نتيجن بابت جاڳرتا پيدا ڪري پنهنجي قومي وجود جي حفاظت لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. گهر گهر سنڌي ماڻهن ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ آدمشماري جاڳرتا مهم کي تيز ڪرڻ سان گڏ انهن کي معلومات ڏني وڃي ته هڪ شادي شده جوڙو هڪ الڳ خاندان آهي، هڪڙي گهر ۾ جيترا شادي شده جوڙا آهن اهي جدا جدا خاندان آهن،  سنڌ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن کي آدمشماري جي مرحلي دوران ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکرائڻ لاءِ سمجهايو وڃي. سنڌ جي سمورن ساڃاهه وند ماڻهن سميت هر باشعور سنڌي تي اهو قومي فرض عائد ٿئي ٿو ته آدمشماري ۽ گهر شماري جي مرحلن دوران عوام ۾ سجاڳي ۽ آدمشماري ڪندڙ ٽيمن تي سخت نگراني رکي وڃي ته جيئن سنڌ دشمن عنصرن کي سنڌي جي قومي وجود سان هٿ چراند کان روڪي سگهجي.

khaskheli.mansoor17@gmail.com

 

جهرڪ ملاڪاتيار پل جو افتتاح ۽ پ پ چيئرمين جو خطاب

بلڙي شاهه ڪريم تعلقي ۾ واقع سنڌو درياءَ تي ساڍا چار ارب رپين جي ماليت سان تعمير ڪيل سر آغا خان جهرڪ ملاڪاتيار پل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  پاڪستان پيپلز پارٽي اڳتي وڌي رهي آهي، پ پ 2018 جي اليڪشن جي تياري ڪري پئي، آئون ۽ منهنجو والد آصف علي زرداري وچين مدي وارين چونڊن کان پوئتي نه هٽيا آهيون پر پاناما ليڪس ڪيس جي فيصلي جا منتظر آهيون، ان جي اچڻ بعد اوهان اسان ٻنهي پيءُ ۽ پٽ کي پارليامينٽ ۾ ڏسندا، سر آغآ خان پل جي تعمير سان ڪراچي، بدين، ٽنڊومحمدخان، سجاول ۽ ٺٽي ضلعن جي عوام کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، سوين ميلن جي مفاصلي جي گهٽتائي ٿيندي. نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي روح مطابق عمل ناهي ٿي رهيو، دهشتگردن خلاف جنگ ۾ اسان کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، اسان جي پهرين دفاعي لائيٽ ثقافت آهي، اسان کي پنهنجي ڪلچر کي اجاگر ڪرڻو آهي، پ پ ملڪگير پارٽي آهي، پ پ جا دروازا سڀني جي لاءِ کليل آهن. سنڌ صوفي ازم جي پرچار ڪندڙ ڌرتي آهي، هتي دهشتگردي جي ڪابه گنجائش نه آهي، سنڌ ۾ وڌيل دهشتگردي جي خاتمي لاءِ حڪومت سخت قدم کنيا آهن، نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ضروري آهي، هن وقت رڳو سنڌ جو نه پر پوري پاڪستان جو عوام تڪليف ۾ آهي، انهن جي تڪليفن کي دور ڪرڻ لاءِ اسان ٻين ترقياتي منصوبن کان علاوه هن پل جهڙا هيوي منصوبا مڪمل ڪري رهيا آهيون. هي پل سنڌ جي عوام ۽ خاص ڪري لاڙ جي عوام لاءِ تحفو آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ حڪومت جي تعريف ڪندي چيو ته انهن جي ڪوششن سان هي پل جلد مڪمل ٿي آهي. سيوهڻ سانحي جي شهيدن جي لاءِ افسوس جو اظهار ڪندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته اهو بدترين دهشتگردي جو واقعو هو، جنهن سان سوين معصوم انسانن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيون،

وڏي وزير مراد علي شاهه جوچوڻ هو ته سر آغآ خان پل حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تعاون سان مڪمل ڪيو ويو آهي. اسان جي حڪومت 2 ميگا پروجيڪٽ مڪمل ڪيا آهن، جن ۾ ٻه وڏيون پلون شامل آهن. هن روڊ کي ڪراچي سان ملائينداسين ۽ جلد حيدرآباد-ٽنڊومحمدخان روڊ جو ڪم به شروع ڪيو ويندو. جيڪو 2018 جي اليڪشن کان پهرين مڪمل ڪيو ويندو. اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته عوام کي تعليم، صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون، جن لاءِ اسان هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيون پيا. هي پروجيڪٽ ساڍا چار ارب رپين جي ماليت جو پروجيڪٽ آهي، هي پل پاڪستان جي ڊيگهه ۾ سڀني کان وڏي پل آهي، جنهن جي کلڻ سان لکين ماڻهن کي فائدو ٿيندو،