تازيون خبرون

Daily Archives: March 1, 2017

دهشتگردي جو اسلام سان ڪو تعلق ناهي، ڪنهن سان زيادتي ٿئي پئي ته ايڪشن کڻنداسين: اسحاق ڊار

اسلام آباد(م.ڊ) فوجي عدالتن ۾2 سال   توسيع جي لاءِ پارلياماني پارٽين ۾ اتفاق ٿي ويو، اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جو ڪئي ميمبر شريڪ نه ٿيو، خزاني واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتن ۾ توسيع متعلق متفقه فيصلو ٿيو آهي، اميد اهي ته پيپلز پارٽي به هن قومي ضرورت ۾ شريڪ ٿيندي. اسلام آباد ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق جي صدارت ۾ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن جي بعد پارلياماني اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهايون، خزاني واري وزير اسحاق ڊار چيو ته فوجي عدالتن ۾ توسيع متعلق متفقه فيصلو ٿيو آهي، اميد آهي ته 4 مارچ تي پيپلز پارتي به هن قومي ضرورت ۾ شريڪ ٿيندي. 6 مارچ تي قومي اسميمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي تجويز آهي ۽ 3 مارچ تي سينيٽ جو اجلاس گهرايو پيو وڃي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس ۾ ٻئي مسودا پيش ڪيا ويندا، دهشتگردي جو اسلام سان ڪوئي تعلق ناهي، ڪنهن سان زيادتي ٿي رهيو آهي ته ايڪشن کڻنداسين، تمام سياسي جماعتن قومي ضرورت جي تحت ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، هن مسئلي تي ڪا به سياست نه ٿيندي، سڀني سياست کي هڪ طرف رکي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽  پارليامينٽ جي ذريعي هن فيصلي تي عمل ڪرائيندون.

 

ذوالفقار مرزا جي پارٽي ۾ واپسي ڏکيو فيصلو قرار، ميان صاحب جي سوچ ننڍي آهي: آصف زرداري

حب (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف جڏهن کان حڪومت ۾ آيو آهي سندس سوچ ننڍي ٿي وئي آهي ۽ ننڍي سوچ رکڻ وارن کان وڏيون غلطيون ٿينديون آهن. اسان جي وڃڻ سان بلوچستان ۾ ڪا خاص تبديلي نه آئي. ماڻهن کي ورهائي ملڪ مضبوط نه ٿو ڪري سگهجي. سڀني کي ڄاڻ آهي ته ڀارت افغانستان ۾ ويٺل آهي حڪومت ڀارتي مداخلت جي خلاف عالمي فورمز تي رابطو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ڪرڪيٽ منهنجي پسنديده راند ناهي پي ايس ايل فائنل لاهور ۾ ٿيڻ خطري کان خالي نه آهي. بلوچستان جي علائقي حب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته سي پيڪ جو بنياد اسان رکيو ۽ پ پ جو سي پيڪ منصوبو وڌيڪ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي لاءِ هيو اسان جو پروگرام هو ته جنگ سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ ڪم ڪيو وڃي. پر افسوس سان چوڻ پوي ٿو ته اسان جي وڃڻ کانپوءِ بلوچستان ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. صوبي جي لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو پر ڪجهه به نظر نه اچي رهيو آهي. اسان هن صوبي کي جتي ڇڏيو هو اتي ئي بيٺل آهي بلوچستان جي زخمن کي هاڻي به ڀرڻ جي ضرورت آهي. آصف علي زرداري چيو ته تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو ته ڪنهن رضاڪاراڻي طور تي صدارت جو عهدو ڇڏيو هجي مان اهو سڀ ڪري ڏيکاريو ۽ پنهنجي دور ۾ به سمورا اختيار پارليامينٽ جي حوالي ڪيا. ڪجهه دوستن کي مصيبت ۾ آزمايو ويندو آهي. هڪ سوال تي آصف علي زرداري چيو ته اڳوڻي صوبائي وزير عرفان الله مروت سان اسان جي ملاقات ٿيندي رهندي آهي جڏهن ته سندس پارٽيءَ ۾ شموليت جو اختيار سندس وٽ ناهي پارٽي ۾ ڪنهن جي شموليت جو اختيار صرف بورڊ وٽ هوندو آهي.

 

سي پيڪ گيم چينجر آهي، ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي ايندي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته چينجر آهي ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي ايندي. وزير اعظم نواز شريف چين جي ايگزيڪٽو نائب پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزير اعظم جو چوڻ هو ته پاڪ چين دوستي لازوال آهي ۽ سي پيڪ گيم چينجر آهي. وزير اعظم چيو ته ايس ايس جي جي لاءِ چين جي حمايت جا ٿورائتا آهيون، چين سان دوستي هر گذرندڙ ڏينهن سان مضبوط ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته چين سان گڏ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد جزو آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ چين جي حمايت قدر جوڳي آهي، وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ چين جي ايگزيڪيوٽو نائب پرڏيهي وزير لسيا ڙانگ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي خطي جي صورتحال، پاڪ چين لاڳاپا ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم نواز شريف چين جي ايگزيڪيوٽو نائب پرڏيهي وزير جي اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کي ڀليڪار چوندي چيو ته اي پي او سربراه اجلاس جو موضوع مضبوط رابطن جي ذريعي علائقائي خوشحالي، اجلاس ۾ اي سي او جي خطي لاءِ سي پيڪ جي فائدن کان آگاهي ۾ به مدد ملندي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته هلندڙ سال مئي ۾ چين جي دوري جا منتظر آهيون جنهن ۾ هو صدر سي چن پنگ جي دعوت تي خطي ۽ رستي جي موضوع تي ٿيندڙ فورم ۾ شرڪت ڪندو. چين جي هڪ خطي لاءِ هڪ رستي واري سوچ ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل قدمن جي عزم جو سبب آهي. پاڪ چين لاڳاپن تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي لازوال آهي.

 

”ردالفساد“ سان دهشتگردن جي همدردن کي ختم ڪرڻو آهي: پاڪ فوج

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته نئين آپريشن ۾ ئي هڪ پيغام آهي، اسان کي ان فساد کي رد ڪرڻو آهي، پاڪستان جي استحڪام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته وڌيڪ آپريشن رياست جي رٽ کي بحال ڪرڻ جي لاءِ ڪيا ويا، آپريشن ردالفساد سان سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جي همدردن کي ختم ڪرڻو آهي، اسان کي ان فساد کي پاڪستان مان ختم ڪرڻو آهي، هن چيو ته آپريشن ذريعي رياست جي رٽ کي بحال ڪيو آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي سمورا ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب اڪثر دهشتگرد مارجي ويا يا افغانستان هليا ويا، دهشتگرد افغانستان ۾ ويٺل آهن، دهشتگردن کي ”را“ سميت ٻين دشمن ايجنسين جي مدد حاصل آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب افغانستان سان فوجي سهڪار آهي، افغانستان سان بارڊر مڪينزم بهتر ڪرڻ يج ضرورت آهي، هن چيو ته بارڊر کولڻ لاءِ افغانستان کي بارڊر تي ڪجهه قدم کڻڻا پوندا، افغانستان پاڻ مسئلن مان گذري رهيو آهي، ان به قربانيون ڏنيون آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو آهي ته اسان جي سرزمين افغانستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال نه پئي ٿئي.

 

روس سان عسڪري لاڳاپن سبب خطي تي مثبت اثر پوندا: آرمي چيف جي روسي سفير سان ملاقات

راولپنڊي (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيو اهي ته پاڪستان ۽ روس جي فوج ۾ تعاون وڌائڻ سان علائقائي سيڪيورٽي تي سٺا اثر پوندا آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف سان پاڪستان ۾ روسي سفير اليڪسي يوريوچ ٽيڊوف اڱاري تي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي ملاقات دوران خطي جي صورتحال بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي روسي سفير پاڪستان ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي پنهنجي ملڪ پاران دلي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن جيڪو ساراهه جوڳو آهي.

 

پاڪستان سعودي عرب جو گڏيل تعاون پنهنجي عوام ۽ مسلمانن جي مفاد ۾ جاري رهندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جو گڏيل تعاون پنهنجي عوام ۽ مسلمانن جي مفاد ۾ جاري رهندو. اڱاري تي مريم اورنگزيب سان سعودي جي سفير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير چيو ته اطلاع ۽ ثقافت واري وزارت ڪنهن به ملڪ جي اميج کي اجاگر ڪرڻ ۾ بهترين ڪردار ۽ مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت محبت، امن ۽ ڀائيچاري سميت قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ٿي هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هميشه هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي پاڪستان سعودي عرب جو گڏيل تعاون پنهنجي عوام ۽ مسلمانن جي فائدي ۾ جاري رهندو. سعودي سفير مريم اورنگزيب کي سعودي عرب جي دوري جي پڻ دعوت ڏني.

 

پختونن کي نشانو بڻائڻ ۾ حڪومت جي سرپرستي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پنجاب ۾ پشتون قوم کي نشانو بنائڻ وفاق لاءِ خطرو آهي. ڪنهن جي انفرادي فعل تي سڄي قوم کي نشانو بنائڻ ناانصافي آهي. بلوچستان ۾ دهشتگردي تي سڀني بلوچن کي دهشتگرد نه ٿو چئي سگهجي. ملڪ ۾ آئين جي بالادستي يقيني بنائڻ گهرجي. فوجي عدالتن تي اسان جا خدشا آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي. اڱاري تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي هميشه وفاق کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هو قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ وفاق جو حامي به آهي. جڏهن ته هن وقت وفاق واضح طور تي قوميتن جي بنياد تي نظر رکي رهيو آهي. پختونن جو پاڪستان ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي، جڏهن ته هاڻي چيو وڃي ٿو ته جيڪو پختون آهي اهو شڪي آهي. جيڪڏهن  سڀاڻي پنجاب ۾ دهشتگردي ٿئي ۽ چيو وڃي ته پنجابي ملوث آهن ته اهو سراسر غلط هوندو. هن چيو ته پنجاب ۾ حڪومت جي سرپرستي ۾ پشتونن جي خلاف مهم هلي رهي آهي. هڪ پوليس آفيسر پمفليٽ ورهايا پشتونن خلاف اهڙو آپريشن مذمت جوڳو عمل آهي.

 

گهرو وزير براهمداغ بگٽيءَ جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزير ايف آءِ اي کي براهمداغ بگٽي جا ريڊ وارنٽس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نجي ٽي وي جيو نيوز مطابق براهمداغ بگٽي سان گڏوگڏ بلوچ لبريشن آرمي جي شير محمد عرف شيرا جا ريڊ وارنٽ به جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ايف آءِ طرفان موڪليل درخواست ۾ چيو ويو هو ته ڏوهاريءَ خلاف بلوچستان ۾ دهشتگردي، قتل و غارت جي مقدما داخل آهن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڏوهارين خلاف مستقل وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن، ٻئي فرار ٿيل ۽ گهربل ڏوهاري آهن.

 

عمران خان جو پ پ جي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪنداسين سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پيغام ۾ پي ٽي آءِ جي سربراهه چيو آهي ته سياسي پارٽيون فوجي عدالتن جي قيام تي متفق ٿي ويون آهن ان لاءِ پي ٽي آءِ پيپلزپارٽي جي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪندي هن وڌيڪ چيو ته آئيني ترميم جي منظوري لاءِ بل 6 مارچ تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو واضح رهي ته فوجي عدالتن جي واڌ واري حوالي سان پيپلزپارٽي اي پي سي طلب ڪئي آهي جڏهن ته عدالتن ۾ ٻن سالن جي واڌ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

 

لاڙڪاڻو ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگرد احمد مشوري جو آمريڪا ۾ آپريشن ڪامياب، 72 ڪلاڪ اهم قرار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻو ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگرد محمد احمد مشوري جو آمريڪا ۾ آپريشن ڪامياب ٿي ويو آهي. آپريشن کان پوءِ احمد کي انتهائي حساس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. آپريشن 6 ڪلاڪن تائين جاري رهيو. ڊاڪٽرن موجب ايندڙ 72 ڪلاڪ احمد جي زندگي جي لاءِ انتهائي اهم آهن جڏهن ته هن کي ٻه هفتن تائين آءِ سي يو ۾ رکيو ويندو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ساهه جي نالي ڪم شروع نه ته هڪ ٻيو آپريشن ڪيو ويندو.