تازيون خبرون

Monthly Archives: February 2017

ميچ فڪنسگ پوري دنيا ۾ ٿيندي آهي، شرجيل ۽ خالد اعتراف ڪري ورتو آهي: شهريار خان

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته ميچ فڪسنگ پوري دنيا ۾ ٿيندي آهي، هندوستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا سميت جتي به ٽي ٽوئنٽي ميچون ٿينديون آهن اتي بڪي اچي ويندا آهن. شرجيل خان ۽ خالد لطيف بڪي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو آهي، ٻنهي رانديگرن جي بيان ۾ فرق آهي، فاست بالر محمد عرفان خلاف تحقيق جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي قائمه ڪميٽي برائي بين الصوبائي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. ڪميٽي جي اجلاس چيئرمين سينيٽر مشاهد الله خان جي صدارت هيٺ ٿيو. مشاهد الله خان چيئرمين پي سي بي کان پڇا ڪئي ته ٻڌايو آءِ سي سي سان توهان رابطو ڪيو يا انهن توهان سان رابطو ڪيو، جيڪڏهن توهان آءِ سي سي سان رابطو ڪيو ته توهان کي خبرن جي ترديد ڪرڻ گهربي هئي. پي سي بي جي چيئرمين شهريار خان ٻڌايو ته اسان وٽ اهي اطلاع هيا ته اهڙو واقعو ٿيڻ وارو آهي ان لاءِ تيار هئاسين، پهريون پي ايس ايل ڪامياب ٿيو ته ٻئي ۾ بڪي اچي ويا، جيڪي رانديگرن سان سڌو سنئون نه بلڪ رشتيدارن يا اڳوڻن رانديگرن ذريعي رابطو ڪندا آهن. ان چيو ته يوسف جو ناصر جمشيد سان رابطو ٿيو، ٻئي لنڊن مان دبئي آيا، ناصر جمشيد رانديگرن کي چيو ته هي ماڻهو توهان سان ملڻ ٿو چاهي، ناصر جمشيد ٽن رانديگرن خالد لطيف، شرجيل ۽ عرفان کي يوسف سان ملرايو. شهريار خان وڌيڪ ٻڌايو ته رانديگرن کي مستقل طور تي اردو ۽ انگريزي زبان ۾ بريفنگ ڏني ويندي آهي جڏهن ته انهن قبول ڪيو آهي ته رانديگرن بورڊ کي نه ٻڌايو ته بڪي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اهو انهن جو آفيشل بيان آهي، جيڪو پهرين بيان کان ٿورو مختلف هو. ان چيو ته جيڪي شاهديون مليون، ان مان لڳو ته شرجيل بڪي سان ڳالهه تي ميچ ۾ اڳڀرائي ڪئي، خالد ان ڏينهن ميچ نه کيڏي هئي، پر ان رضامنديءَ جو اظهار ڪيو هو، عرفان سان بڪي ڳالهه ٻولهه ڪئي، پر ان هڪ ڪَن مان ڳالهه ٻُڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏي، ان سيڪيورٽي آفيشل کي ان جو اطلاع نه ڪيو. ٻئي طرف پي سي بي چيئرمين ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اهو وڌيڪ کيڏڻ چاهي ٿو ته هيڏانهن هوڏانهن ڳالهيون ڪرڻ بدران سڌو سنئون مونسان ڳالهائي.

 

پوني ٽيسٽ: ڪينگروز، ڀارت کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا، 105 رنز تي پوري ٽيم ڍير

پوني(اسپورٽس نيوز) پوني ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ڪينگروز ڀارت کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا، پوري ٽيم کي 105 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب: پوني ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن شروع ٿيو ته آسٽريليا 9/254 رنز تان پنهنجي اننگز جي شروعات ڪئي ۽ صرف 6 رنز جو اضافو ڪري ڪينگروز جي ٽيم 260 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. ڀارت جي بيٽنگ آئي ته ڪينگروز جي بالرن به خوب پاڻ ملهايو ۽ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو. ڀارت جي بيٽسمينن ۾ سواءِ لوڪيش راهول جي ٻيو ڪوبه بيٽسمين ڪريز تي نه ڄمي سگهيو، لوڪيش راهول اڪيلي سر 64 رنز جي اننگ کيڏي.رهاني 13، مرلي وجي 10، انهن کان علاوه ڪوبه ڀارتي بيٽسمين ڊبل فگر ۾ به نه آيو. جڏهن ته دنيا جو بهترين بيٽسمين ويرات ڪوهلي بنا کاتو کولڻ جي ئي اسٽارڪ جي بالنگ تي هينڊڪومب جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي پويلين موٽي ويو. جڏهن ته ڪينگروز بالر اسٽيو او ڪيفي ڀارتي بيٽنگ لائين تباهه ڪرڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو. هن 13.1 اوورن ۾ 35 رنز ڏئي 6 وڪيٽون وٺي ڀارت جي بيٽنگ لائين مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏي. جڏهن ته مچل اسٽارڪ 9 اوورن ۾ 38 رنز ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته هيزل ووڊ ۽ ناٿن ليون به 1-1 وڪيٽ ورتي. اهڙي طرح ٽيسٽ رينڪنگ جي پهريون نمبر ڀارتي ٽيم کي ڪينگرون 105 رنز تي آئوٽ ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪينگرون پنهنجي ٻي اننگ جي شروعات ڪئي ته سندن ٻنهي اوپنرن وارنر کي 10 رنز تي ۽ شان مارش کي بنا کاتو کولڻ جي ايشون پويلين موٽائي ڇڏيو. جڏهن ته هانڊزڪومب کي به ايشون آئوٽ ڪيو ۽ ميٽ رينشا کي اُميش يادو پويلين موٽايو اهڙي طرح ٻئي ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي آسٽريلين ٽيم 143 رنز تي 4 وڪيٽون وڃائي ويٺي، جڏهن ته ڀارت مٿان 298 رنز جي ليڊ آهي، ڪينگروز جو ڪپتان سمٿ 59 ۽ مچل مارش 21 رنز تي ڪريز تي موجود آهن.

 

گوگل ۾ سنڌي ٻولي کي شامل ڪندڙ سنڌي نوجوان : تحرير. شير محمد سولنگي (اچيورس)

ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌي نوجوان شاگرد هر جاءِ تي پنهنجو پاڻ ملهائيندا رهندا  آهن، اهڙن نالي وارن شاگردن ۾ جاويد احمد سولنگي جو نالو به هڪ آهي هن سلڇڻي شاگرد ﷲ بخش سولنگي جي گھر ۾ 10جنوري 1979 ۾ اک کولي سندس پالنا والدين وڏي لاڏ ڪوڏ سان ڪئي جڏهن هو 5 سالن جي ڄمار جو ٿيو ته هن کي هن جي ابي ۽ امان ڄامشورو ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ داخل ڪرايو جتي هن جي هن جي استادن ڀر پور نموني تربيت ڪئي . جڏهن ته نائين ۽ ڏهين ڪلاس جو امتحان ماڊل اسڪول حيدرآباد مان پرائي .11۽ 12 هين جو امتحان هن ماڊل ڪاليج حيدر آباد مان حاصل ڪئي . پر هن شاگرد جا جذبا اڃا به جھيڻا نه ٿيا وڏي همت ۽ حوصلي سان سنڌ يونيورسٽي مان بيچلر ۽ ماسٽر جي ڊگري بزنيس ايڊمنسٽريشن ۾ حاصل ڪئي . پوسٽ گريجوئيشن سائنس ۽ مئٿ جي ڊگري پڻ سنڌ يونيورستي مان حاصل ڪئي. خير سان مارچ 2003ع ۾استاد بخاري جي شهر دادو ۾ نادرا ۾ ملازمت ملي 5 سال سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون سال 2008ع ۾ ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن ۾ عبور حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسلام آباد روانو ٿي ويو . جتي بين الااقوامي تنظيم ۾ آءِ سي ٽي ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪيو .هن نائيدر لينڊ جي ڪارڊيڊ انٽرنيشنل ۾ پڻ آئي ٽي ڪنسلٽنٽ طور زميواري سنڀالي. مانسھرا ۾ 2005ع واري زلزلي جي پراجيڪٽ ۾ سال پڻ ڪم ڪيو . سال 2009ع ۾ آمريڪا جي نيويارڪ جي اداري آمريڪن ريسرچ جي اداري ۾ بہ ڪنسلٽنٽ طور سنڌ ، بلوچستان ، فاٽا ۾ پنهنجي مهارت جا جوهر ڏيکاريا، سال 2010ع ۾ ٻوڏ جي صورتحال تحت اتر سنڌ ۾ انساني خدمت جي جذبي سان سکر ۾ يونيسيف پاران آئي ٽي ايڊمنسٽريشن آفيسر طور مقرر ڪيو ويو . ڊسمبر 2011ع ۾ يونيسيف سکر آفيس بند ڪئي وئي . هن نوجوان کي سخت محنت ۽ جفاڪشي جي ڪري ٻيهر سال 2012ع کان سال 2013 ۾ هيڊ ڪواٽر ڪراچي ۾ موقعو ڏنو ويو . هن جان هاپڪنس يونيورسٽي يوايس ايڊ جي پراجيڪٽ جپائيگو ۾ ٽي مهينا بطور آئي ٽي آفيسر ۾ ڪم ڪيو . سال 2014ع ۾ گلوبل فنڊ جي پراجيڪٽ ٽي بي، ايڊس ،مليريا ۾ ايم آئي ايس آفيسر سنڌ مقرر ٿيو سنڌ جي 23 ضعلن ۾ ڪاميابي سان هيلٿ سافٽويئر ايمپليمينٽ ۽ سرڪاري آفيسرن کي تربيت ڏني ۽ پروگرام کي ڪامياب ڪيو، ان سافٽويئر ۾ ٽي بي ڊي ايم آءِ ايس ، ڊبليو ايم ايس ٽرينگ خاص ڪري مھيا ڪئي. جنوري 21015ع ۾ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ۾ آءِ ٽي مينيجر طور ڀرتي ٿيو . جتي رهي ڪري هن سنڌي سافٽ يئر تيار ڪرڻ جون گوگل تي تيار ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون هن نوجوان اهو ڪارنامو سر انجام ڏئي سنڌي 103 ٻولين ۾ شامل ڪري ورتو اهو کيس لاءِ وڏو اعزاز آهي اهڙي ڪارنامي سر انجام ڏيڻ تي کيس گوگل ٽرانسليشن ٽيڪنالاجي جي اداري پاران ايوارڊ ڏنو ويو . هن نوجوان 38 سالن جي ڄمار ۾ هي تحفو سنڌي قوم کي ڏنو آهي جيڪو اسان جي نوجوانن لاءِ هڪ مثال بڻيل آهي . ته نه ٿيڻ واري ڪابه شي نه آهي هن ڪائنات ۾ سڀ ڪجھ ممڪن آهي هن مهل سنڌي ٻولي دنيا جي 103 ملڪن جي ٻولين جي فهرست ۾ شامل ٿي ويئي آهي . ياد رهي ته هن نوجوان سان هنگورجه پريس ڪلب ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي آهي جنهن کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سندس سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ تي واڌ ويجهہ وارو مشن اڃان جاري آهي  جڏهن هو 5 سالن جي ڄمار جو ٿيو ته هن کي هن جي ابي ۽ امان ڄامشورو مڊل اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي هن جي هن جي استادن ڀر پور نموني تربيت ڪئي . جڏهن ته ناسئين ڏهين جو امتحان ماڊل اسڪول حيدرآباد مان پرائي .11۽ 12 هين جو امتحان هن ماڊل ڪاليج حيدر آباد مان حاصل ڪئي . پر هن ساگرد جا جذبا اڃا به جھيڻا نه ٿيا وڏي همت ۽ حوصلي سان سنڌ يونيورسٽي مان بيچلر ۽ ماسٽر جي ڊگري بزنيس ايڊمنسٽريشن  ۾ حاصل ڪئي . پوسٽ گريجوئيشن سائنس ۽ مئٿ جي ڊگري پڻ سنڌ يونيورستي مان حاصل ڪئي. خير سان مارچ 2003ع ۾استاد بخاري جي شهر  ادادو۾ نادرا ۾ ملازمت ملي 5 سال سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون سال 2008ع ۾ تاڪنالاجي جي  ٻين شعبن عبور حاصل ڪرڻ کام پوءِ اسلام آباد روانو ٿي ويو . بين الااقوامي تنظيم ۾آءِ سي ٽي طور  ڪم ڪيو .هن نائيدر لينڊين ۾ پهرين زميواري ڪور ڊيئيڊ طور  سنڀالي. ان کان پوءِ مانسرا ۾ زلزلي جي پراجيڪٽ ۾ سال 2005ع ۾ ڪم ڪيو . سال 2009ع ۾ آمريڪا جي نيويارڪ ۾ ريسرچ جي اداري ۾ تنظيم جي معاونت سان سنڌ ، بلوچستان ، ڦاٽا پنهنجي مهارت جا جوهر ڏيکاريا سال 2010ع ۾ٻوڏ جي صورتحال تحت اتر سنڌ ۾ انساني خدمت جي جذبي سان سکر ۾ يونيسيف پاران ايڊمنسٽريشن آفيسر طور مقرر ڪيو ويو . ڊسمبر 2011ع ۾ يونيسيف سکر افيس بند ڪئي وئي . هن نوجوان کي سخت محنت ۽ جفاڪشي جي ڪري ٻيهر سال 2012ع  کان سال 2013 ۾ هيڊ ڪواٽر ڪراچي ۾موقعو ڏنو ويو . هن جوهن يونيورستي يوايس ايد جي پراجيڪٽ جي    ايچ  پي  آءِ  اي  جي  او ٽي مهينا ۾ ڪم ڪيو . سال 2014ع ۾ ايڊس ،م ليريا ، مس پروم جڳ آفيسر مقرر ٿيو سنڌ جي 23 ضعلن ۾ ڪم ڪيو ٽي بي ڊي ايم آءِ ايس ، ڊبليو ايم ايس ٽرينگ خاص ڪري هيلٿ جي ورتي جنوري 21015ع ۾ سنڌ  بصسڪ ايجوڪيشن  پروگرام ۾ آءِ ٽي مينيجر ٿيو . هن سنڌي سافٽ يئر تيار ڪرڻ جون گوگل تي تيار ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون  هن نوجوان اهو ڪارنامو سر انجام ڏئي سنڌي 103 ٻولين ۾ شامل ڪري ورتو اهو کيس وڏو اعزاز حاصل آهي اهڙي ڪارنامي سر انجام ڏيڻ تي کيس گوگل ٽرانسليشن ٽيڪنالاجي جي داري پاران ايوارڊ ڏنو ويو . هن نوجون 38 سالن جي ڄمار هي تحفو سنڌي قوم کي ڏنو آهي جيڪو اسان جي نوجوانن لاءِ هڪ مثال بڻيل آهي . ته نه ٿيڻ واري ڪاٻه شي نه آهي هن ڪائنات ۾ سڀ ڪجھ ممڪن آهي  هن محل پاڪستان دنيا جي 103 ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي .

ياد رهي ته هن نوجوان سان هنگورجه پريس ڪلب ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي آهي جنهن ۾ کيس سهڻن  لفظن سان ڀيٽا پيش ڪئي. پر فقط اهو ئي هن جوان لاءِ  ڪافي نه آهي پر هن جوان کي نوبل ايوارڊ سان نوازيو وڃي ته بهتر ٿيندو .

 

 

نبيل گبول جي واپسي پ پ لاءِ سٺو قدم ثابت ٿيندي .؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جي سياست اندر اليڪشن جو وقت جئين جئين ويجهو اچي رهيو آهي،تئين تئين سياسي پارٽين جا ڪارڪنن جو هڪ کان ٻئي پارٽي ۾ اچڻ ۽  وڃڻ جو سلسلو به شروع ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته هن وقت پ پ اندر سياسي اڳواڻن جي اچڻ جو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي،پاڪستان پيپلز پارٽِي کي الواع ڪندي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت ڪندڙ نبيل گبول هڪ دفعو ٻيهر يوٽرن ڪندي ايم ڪيو ايم کي ڇڏي ڪري واپس پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري چڪو آهي.ايم ڪيو ايم ۾ شموليت ڪندڙ نبيل گبول کي ڪو وڏو عرصو به نه ٿيو هو جو هن پ پ کي ڇڏي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت ڪئي وئي پر آخرڪار هن جي زبان مان سچ نڪري ويو ته ايم ڪيو ايم اندر کيس جان مان خطرو آهي،پر هڪ اهو به سوال آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي پرڪارن جي نبيل گبول کي خبر به هئي ته پوءِ هنُ پ پ ڇو ڇڏي ڏني هئي ۽ انهي پارٽي ۾ ڇو شموليت ڪئي جنهن مان کيس جان کي خطرو آهي،پر خير جڏهن ڪو ڪارڪنن کان ڳواڻ پارٽي ڇڏيندو آهي ته انهي پارٽي ڇڏڻ جو ڪو ڪارڻ ضرور ٻڌائيندو آهي انڪري شايد بنيل گبول پنهنجي زبان مان سچ ٻاهر ڪڍي ڪري اصل ڪارڻ ٻڌايو ته کيس ايم ڪيو ايم مان جان جو خطرو آهي،پر خير هو ڪيتري عرصي کان ايم ڪيو ايم کان به ڪنارو ڪري چڪو هوُ،پر هاڻ اها ايم ڪيو ايم به ناهي رهي جيڪا پوري ڪراچي تي حڪمراني ڪندي هئي،جنهن جا ليڊر لکين ووٽرن جي ليڊ کان پولينگن تان اليڪشن کٽيندا هئا،۽ 25 کان 30هزار ووٽ ته هوُ گهر کان کڻي نڪرندا هئا،پر هاڻ انهي پارٽي جي عهديدارن جو چڱو خاصو حصو جن ۾ ايم پي اي ، ايم اين اي،سينٽر ۽ هاڻ بلدياتي اليڪشن اندر منتخف ٿيندڙ عهديدارن آهن، جيڪي هن وقت فاروق ستار جي قيادت ۾ ڪم ڪري رهيا آهن،پر انهن جو به اهو ئي چوڻ آهي ته اصل ايم ڪيو ايم اها ئي آهي جيڪا پاڪستان سڏرائي ٿي،جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو هڪ وڏو ڌڙو پڻ ايم ڪيو ايم کان ٽٽي ڪري پاڪ سرزمين پارٽِي ۾ شامل ٿي ويو آهي،جن نه رڳو ايم ڪيو ايم پارٽِي ڇڏي به پنهنجن عهدن تان استفي ڏني ۽ اليڪشن ۾ به حصو به ورتو شايد هوُ اڳين اچڻ واري اليڪشن جي تياري ۾ آهن،

جڏهن ته پاڪ سرزمين پارٽِي به اچڻ واري اليڪشن تي تياري ۾ آهي،جڏهن ته گذريل پاڪ سرزمين پارٽي جو اڳواڻ مصطفي ڪمال ۽ فاروق ستار ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيڻ واري اجلاس اندر گڏ اچي رهيا هئا.جڏهن ته اها گڏ آيل تصوير وڏي بحث جو مرڪز بڻي هئي،پر ائين به ناهي سياسي پارٽين جي اڳواڻن جا اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن ته هوُ ڪنهن پارٽِي يا اجلاس ۾ ملندا آهن ته سندس رنجشون شايد ختم ٿي وينديون آهن،پر مصطفي ڪمال ۽ فاروق ستار ٻئي ڄڻا هڪ ئي پارٽي سان تعلق رکندڙ هئا جنهن پارٽِي جو نالو ايم ڪيو ايم هو پر فاروق ستار اڃان به ايم ڪيو ايم مان اميدون رکيو اچي ۽ مصطفي ڪمال پنهنجي پارٽي پاڪ سرزمين پارٽي ٺاهي ڇڏي آهي، ۽ ٻنهي ڄڻن جي بلدياتي الڪيشن کٽڻ ڪري ڪراچي جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملي چڪو آهي،فاروق ستار ڪراچي جو ميئر ٿيو ته وري مصطفي ڪمال جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ڪراچي جو ناظم ٿيو،۽ اهو به وقت هو جڏهن لاهور جي ڪنهن جلسي اندر ٻنهي ڄڻن کي گڏ ويٺل ڏيکاريو ويو هو،ان وقت ايم ڪيو ايم لاهور اندر پنهنجو هڪ سينٽر کولڻ آئي هئي ۽ ان وقت لاهور اندر اهو لطيفو به عام ٿي ويو ته پنجاب اندر ايم ڪيو ايم نه هلندي وجهه اها ٻڌائي وئي ته ماڻهو پارٽِي ڇڏيندا رهندا آهن ۽ ٻين پارٽين ۾ شموليت ڪندا رهندا آهن،جڏهن ايم ڪيو ايم جو هڪ نعرو عام هو ته(جيڪو ليڊر جو غدار آهي اهو موت جو حقدار آهي،انڪري شايد ان وقت پراڻي دور اندر شايد اهڙا حالات هجن جو ليڊر جي غدار کي موت مليو هجي پر مان سمجهان ٿو ته هاڻ وقت گهڻو بدلجي چڪو آهي،جڏهن وقت بدليو ته مصطفي ڪمال لنڊن ۾ وڃِي ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن تي اڄ به هوُ قائم آهي،جنهن پريس ڪانفرنس اندر هن نه رڳو ايم ڪيو ايم کي الواع چيو ته پر پنهنجي هڪ پارٽِي به ٺاهي جنهن جو نالو هن پاڪ سرزمين پارٽِي رکيو،ان وقت ايم ڪيو ايم آفاق احمد جي سربراهي ۾ پاڪستان اندر ڪم ڪري رهي هئي،جنهن کي سموريون هدايتون لنڊن مان ملي رهيون هنيون،پر هوُ پنهنجي محنت جو دعوي به ڪري رهيو هو،برحال اها ته هاڻي اڳئين اليڪشن ۾ ئي خبر پوندي ته ڪير ڪيتري محنت ڪري رهيو هوُ،برحال هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽِي جي الوادع ڪندڙ نبيل گبول هڪ دفعو ٻيهر پ پ ۾ اچي ويو آهي،جنهن مان اها ڳالهه ته صاف ٿي وئي آهي ته ايم ڪيو ايم هاڻي ايم ڪيو ايم ناهي رهي،جيڪي مهاجرين جي نالي تي ووٽ وٺندا هئا انهن جو هاڻي مڪمل زوال اچي چڪو آهي،۽ نبيل گبول کي به اها پڪ آهي ته ايم ڪيو ايم جو زوال آهي ۽ کيس لياري مان پ پ جو ٽڪيٽ ملڻ جي اميد آهي،انهي ڪري بنيل گبول پ پ ۾ واپسي ڪئي آهي،ڇو ته نبيل گبول کي اها به خبر آهي ته پ پ کانپواءِ ڪراچي ۾ ٻئي ڪا به اهڙي جماعت ناهي جيڪا لياري مان اليشڪن کٽي سگهي،ٻئي پاسي حنارباني کر جي باري ۾ اهو ئي ٻڌايو پيو وڃِي ته هوُ پ پ ڇڏي رهي آهي،۽ تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪري رهي آهي،جڏهن ته حنا رباني کر اڃان تائين ڪو به واضع بيان نه ڏنو آهي، باقي اهو چيو وڃِي پيو ته هوُ پنهنجي چاچي غلام مصطفي کر کانپوءِ شايد پ پ ڇڏي ڪري تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪري،جڏهن ته حنا رباني کر جيڪڏهن  تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪري ٿي ته پوءِ تحريڪ انصاف اندر ٻن سابق وزير خارجه جو اضافو ٿي ويندو،انکان پهرين شاهه محمود قريشي به تحريڪ انصاف ۾ آهي ۽ خورِشيد محمود قصوري به تحڙيڪ انصاف ۾ آهي ۽ غالبائن سردار آصف احمد به تحريڪ انصاف ۾ آهي،انڪري پوءِ چار سابق وزيرخارجه تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويندا ۽ گڏ هوندا،جيڪڏهن پارٽِي ڪنهن به وقت اقتدار ۾ آئي ته کين وزيرخارجه جي چونڊ ڪرڻ ۾  ڏکائي نه ٿيندي،برحال ڳالهه نبيل گبول جي هئي انڪري هن وقت نبيل گبول ايم ڪيو ايم ڇڏي ڪري پ پ ۾ شامل ٿيو آهي جنهن مان اها ڳالهه صاف ظاهر ٿي آهي ته پ پ هاڻي جيڪو به وقت اچي رهيو آهي شايد اهو وقت پ پ لاءِ سٺو ثابت ٿي،

 

 

 

 

پانامه ڪيس جو فيصلو محفوظ ٿي ويو…

سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي جيڪو مناسب وقت تي ٻڌايو ويندو جڏهن ته لارجر بينچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته فيصلو تفصيلي ڏينداسين ۽ اهڙو فيصلو ڏينداسين جو 20 سالن کانپوءِ به ماڻهو چوندا ته فيصلو قانون موجب ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن 20 ڪروڙ ماڻهو ڪاوڙجن ٿا ته اسان جو ان سان اچي نڪو وڃي اسان صرف قانون موجب فيصلو ڪنداسين، جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته فيصلو قانون موجب ڪنداسين جنهن کي گوڙ ڪرڻو آهي ڀلي ڪري،  ٻڌڻي دوران نعيم بخاري هڪ دفعو ٻيهر گلف اسٽيل مل جي رهتن جو نقطو اٿاريو چيو ته وزيراعظم ايمانداري جو مظاهرو ناهي ڪيو ۽ موزيڪ فرانزيڪا کي ڪو به قانوني نوٽيس ناهي موڪليو اسان گيلاني ڪيس وانگر هن ڪيس ۾ به عدالت کان ڊڪليئريشن گهري رهيا آهيون، شريف خاندان طرفان پيش ڪيل ثبوتن، قطري خط ۽ قطري سيڙپڪاري تي اعتراض واريندي چيو ته ڪيترن ئي سالن تائين شريف خاندان طرفان ڪڏهن به قطري خاندان سان لاڳاپن جو ذڪر نه ڪيو ويو، قطري خاندان کي ايل اين جي جو ٺيڪو ڏيڻ جي خبر به اخبار ۾ پڙهي وئي،  قطري شهزادو چوي ٿو ته قرض جي رقم هن ادا ڪئي، پر ايڏي وڏي رقم بئنڪ کانسواءِ ڪيئن منتقل ٿي، 1980ع کان 2004ع تائين قطري شيخ بئنڪ جو ڪردار ادا ڪندا رهيا ۽ سيڙپڪاري تي منافعو ۽ وياج به وڌندو ويو.  1980ع کان 1999ع تائين الثاني خاندان سيڙپڪاري جي نفعي جو هڪ پئسو به نه ڏنو ۽ 1999ع کان پوءِ پئسن جي ادائيگي شروع ٿي ۽ اها ڏيتي ليتي به بئنڪ وسيلي نه ٿي، وزيراعظم 5 اپريل تي قوم کي ڪيل خطاب کانپوءِ صادق امين ناهي رهيو، هن ڪو به سچ ناهي ڳالهايو، وزيراعظم جي ڌيءَ لنڊن فليٽن جي مالڪ نڪتي جيڪڏهن پاناما پيپر غلط آهي ته وزيراعظم انهن کي نوٽيس ڇو نه موڪليا.  جنهن تي عدالت چيو ته ٻنهي ڌرين جي دستاويزن جو هڪ ئي پيماني تي جائزو وٺنداسين ۽ ٻنهي ڌرين جا دستاويز ڪنهن به تصديق ٿيل ذريعن کان ناهن آيا،  قطري ٺيڪي واري ڳالهه مفادن جي ٽڪراءُ طرف وڃي ٿي جڏهن ته اسان جي سامهون ايل اين جي ٺيڪي جو معاملو نه آهي،  دستايزن تي نه صحيحون آهن ۽ نه ئي وري ڪا تاريخ آهي جيڪڏهن عدالت غير تصديق ٿيل دستاويز رد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ته 99.99 سيڪڙو ڪاغذ فارغ ٿي ويندا ۽ اسان پراڻي سطح تي اچي وينداسين، سپريم ڪورٽ ٽرائيل ڪورٽ ناهي جو ويهي اهو ڪم ڪري،  گيلاني وارو ڪيس توهين عدالت جو ڪيس هو، قطري موجب 8 ملين ڊالر الثاني خاندان ادا ڪيا،  جسٽس کوسا چيو ته انصاف هاڻي صرف پسند جو فيصلو ٿي ويو آهي ۽ پسند جو فيصلو نه اچي ته ججن کي سفارش ۽ رشوت جو الزام هنيو وڃي ٿو ۽ نااهل به چيو وڃي ٿو،  اهو چوڻ مشڪل ٿيندو ته تقرير ڪارروائي جو حصو هئي يا نه هئي ۽ تقرير کي اسيمبلي ڪارروائي جو حصو ڏيکاريو ويو آهي  اسان ڪنهن کي اڏاريون نٿا پر فيصلو ڪريون ٿا، اڏائڻ لفظ غلط فهمي پيدا ڪري ٿو.

 

پاڪ فوج سڄي ملڪ ۾ آپريشن ردالفساد جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (اين اين آءِ) پاڪ فوج مطابق سڄي ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ رد الفساد جي نالي سان آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن رد الفساد جو مقصد بنا ڪنهن فرق جي ملڪ ۾ بچيل سچيل دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ آهي، اهو به چيو ويو آهي ته ان آپريشن سان سرحد جي سيڪيورٽي به يقيني بڻجندي، ان آپريشن ۾ هوائي فوج، نيوي، سول فورسز ۽ وڌيڪ سيڪيورٽي ادارا به حصو وٺندا، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت ۾ لاهور ۾ عسڪري قيادت جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، بيان موجب آپريشن رد الفساد نيشنل ايڪشن پلان جو حصو آهي جنهن دوران پنجاب ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رينجرز وڏي پيماني تي ڪارروائي ڪندي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ ۽ بارودي مواد کي قبضي ۾ وٺڻ آپريشن جا اهم جز آهن، آپريشن رد الفساد سان نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرڻ به آهي جنهن دوران پنجاب ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رينجرز وڏي پيماني تي ڪارروائي ڪندي.

 

 

گذريل ڏينهن نيب فوت ٿي ويو، حديبيه ڪيس ۾ الزام سچ هئا ته انهن کي دفنايو ڇو ويو؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس بابت آئيني درخواستن جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي، اٽارني جنرل پاران ٻين ڪيسز جا حوالا ڏيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن نيب عدالت جي سامهون فوت ٿي ويو آهي، حديبيه ڪ          يس ۾ الزام سچ هئا ته انهن کي دفنايو ڇو ويو؟ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ آئيني درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن الزام غلط آهن ته انهن تي ڀاڙيو ڇو پيو وڃي؟، اٽارني جنرل صاحب اوهان جي مشڪلاتن بابت ڄاڻ آهي، ڪنهن جي نمائندگي ڪرڻ بدران عدالت جي معاونت ڪريو. اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته وفاق جي نمائندگي نه پر عدالت جي مدد ڪري رهيو آهيان، منهنجو ڪم عدالت آڏو حقيقتون آڻڻ آهي. اٽارني جنرل دليلن ۾  چيو ته اسيمبلي ميمبر جي نااهلي لاءِ طريقو آئين ۾ ڏنل آهي، وزيراعظم کي عدالت نااهل قرار نه ٿي ڏئي سگهي، درخواستگذار کي پهرين اسپيڪر سان رابطو ڪرڻ گهرجي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ پاران هڪ وزيراعظم کي گهر موڪلڻ وارو فيصلو موجود آهي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ۾ چيو ته هاڻي سوال اهو آهي ته عدالت ڪهڙي حد تائين وڃي سگهي ٿي. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس م چيو ته نيب چيئرمين ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نيب چيئرمين کان سوال آهي، ڇا هو  ٽريفڪ چالان به پڪڙي سگهي ٿو؟. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته نيب چيئرمين  جي جواب تي چئي سگهون ٿا، هو به چاهڻ واور نڪتو آهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته ملڪيت ظاهر نه ڪرڻ تي افتخار ڪيس ۾ کيس نااهل قرار ڏنو ويو هو. اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته اثاثا لڪائڻ تي سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو آهي، هر چونڊيل نمائيندو اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو پابند هوندوآهي.  اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته ڪيس ۾ 3 کان 5 سالن جي سزا لڳي سگهي ٿي، وزير اعظم کي اثاثن جي تفيصلن ۾ ڇوٽ حاصل ناهي.  اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته نامزدگي ڪاغذن ۾ ڦير ڦار سبب فوجداري ڪيس ٿي سگهي ٿو.  جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته وزير اعظم جي لاءِ نيب انشورنس پاليسي آهي، وزير اعظم جو هڪ دفاع گذريل ڏينهن دفن ٿي ويو هو. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ۾ چيو ته حديبيه پيپرز ۾ رياست مدعي آهي. اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته حديبيه پيپرز ۽ پاناما ڪيس معاملي ۾ فرق آهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو ويو ته قطري وٽ سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي.

 

دهشتگرد ۽ سندن مددگار جتي به هجن ڳولي سزا ڏني ويندي: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي باقاعده منظوري ڏني وئي آهي. منظوري جو فيصلو گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر ناصر جنجوعا ۽ گهرو سيڪريٽري کان سواءِ پنجاب  جي چيف سيڪريٽري، پنجاب جي آءِ جي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. رينجرز کي اختيار دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت 60 ڏينهن جي لاءِ ڏنا ويا آهن. پنجاب ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي سفارش ايپڪس ڪميٽي طرفان ڪئي وئي هئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته حڪومت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ صوبن کي هر ممڪن مدد ڏيڻ واري پاليسي تي سختي سان ڪاربند آهي. هن چيو ته دهشتگرد ۽ انهن جا مددگار جتي به هجن، ڳوليو ويندو ۽ ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. دهشتگردن خلاف جنگ ۾ مضبوطي ۽ قومي ٻڌي جي ضرورت آهي.

 

 

ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، پابندي مڙهيل تنظيم جا 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اين اين آءِ) سيوهڻ جي واقعي کان پوءِ ڪراچي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڌرتي تنگ ڪئي ويئي آهي ملير جي علائقي ٻڪرا پڙي ۾ پوليس مقابلي دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا مارجي ويل دهشتگردن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ضلعي ٽانڪ جو امير گل زمان ۽ آپگهاتي حملي آور به شامل آهي دهشتگرد ليپ ٽاپ بم سان علائقي کي اڏائڻ چاهين پيا مقابلي ۾ مارجي ويل ممڪنه دهشتگردن جا لاش کڻڻ جي معاملي تي ريسڪيو ادارن جا اهلڪار پاڻ ۾ وڙهي پيا پوليس آفيسر به خوب ٻڌايو تفصيل موجب ملير پوليس ڳجهي اطلاع تي بڪرا پڙي ۾ ڇاپو هڻي ڪارروائي ڪئي ته پوليس کي ڏسندي ئي دهشتگردن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن کان پوءِ پوليس علائقي جو گهيرو ڪيو ۽ جوابي فائرنگ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا ڪارروائي ۾ ليپ ٽاپ ۽ دستي بم سميت هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن ان ڏس ۾ ملير جي ايس ايس پي رائو انڪوار ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن مان ٻن جي سڃاڻپ گل زمان ۽ تاج محمد جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ جندالله گروپ سان هو هن ٻڌايو ته ڇاپو گلزمان جي موجودگي جي اطلاع تي ئي هنيو ويو اطلاع هئا ته گلزمان پنهنجي ساٿين سان ڪراچي ۾ وڏي دهشتگردي جي ڪارروائي لاءِ موجود آهي پوليس مقابلي ۾ 16 سالن جو آپگهاتي بمبار به مارجي ويو. ايس ايس پي ملير دعويٰ ڪئي ته آپگهاتي بمبار کي پابندي مڙهيل جماعت الاحرار موڪليو هو جڏهن ته هڪ دهشتگرد جي سڃاڻپ لالو جي نالي سان ٿي آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ ليپ ٽاپ بم به مليا اهن ليپ ٽاپ بم جيڪڏهن ڦاٽي ها ته وڏي تباهي ٿئي ها. هن ٻڌايو ته دهشتگردن جو وڌيڪ نيٽ ورڪ افغانستان مان هلايو پيو وڃي. آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو هن چيو ته حب ۽ ساڪران جي علائقن ۾ دهشتگرد موجود آهن.

 

خورشيد شاهه، مراد علي شاهه ۽ آصف علي زرداري ۾ ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان اربع تي بلاول هائوس ۾ پ پ پ جي اڳوڻ ۽ قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ملاقات ڪئي ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال پانامه ليڪس فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي ٿيندڙ صلاح مشورو ۽ وڌيڪ معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي خورشيد شاهه آصف علي زرداري کي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان حڪومتي موقف ۽ پارلياماني پارٽين جي راءِ کان آگاهه ڪيو ذريعن موجب آصف علي زرداري چيو ته پانامه ليڪس ۽ وڌيڪ قومي معاملن تي پ پ پ سمورين پارلياماني ۽ سياسي پارٽين سان صلاح مشوري جو سلسلو جاري رکندي. آصف زرداري چيو ته پ پ پ هميشه پارليامينٽ ۽ جمهوري ادارن جي بالادستي ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ جڙيل پاليسي تي پارليامينٽ ۽ پارليماني پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي ۽ جيڪا به پاليسي جڙي اها قومي اتفاق راءِ سان جڙڻ گهرجي ذريعن چيو ته ان اهم صلاح مشوري ۾ پ پ پ جي قيادت طئي ڪيو ته فوجي عدالتن واري مدي ۾ واڌ واري معاملي تي پارليامان ۽ پارليماني پارٽين جي گڏيل موقف جي حمايت ڪئي ويندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اتفاق راءِ سان جيڪا به پاليسي جوڙي ويندي پيپلزپارٽي ان پاليسي جو ساٿ ڏيندي. ذريعن چيو ته پ پ پ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي کي اڄ خميس تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ ٿيندڙ پارلياماني پارٽين جي اجلاس ۾ پنهنجي پاليسي کي واضح ڪندي ۽ پ پ پ تجويز ڏيندي ته قومي سلامتي جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي تڪڙي جوڙي وڃي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جوڙيل قومي ايشن پلان تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ۽ عدالتي نظام ۾ سڌارن جي لاءِ قانونسازي پارلياماني پارٽين جي صلاح مشوري سان ڪئي وڃي ۽ حڪومت ان حوالي سان پنهنجي گائيڊ لائين ڏي.