تازيون خبرون

Daily Archives: February 22, 2017

پي ايس ايل حوالي سان وهاب رياض ۽ سندس گهر واريءَ جي ٽوئيٽ تي دلچسپ ڳالهه ٻولهه

شارجه(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جو ٻيو سيزن اڳتي وڌڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ سخت ۽ دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن 4 ٽيمون ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ هليون وينديون. ان سان گڏوگڏ رانديگر ۽ انهن جي عزيزن کي پنهنجي پنهنجي ٽيم جو فڪر ٿيڻ لڳو آهي. سومر تي کيڏيل واحد ميچ ۾ لاهور قلندرز، اسلام آباد يونائيٽيڊ کي سنسني خيز مقابلي کانپوءِ شڪست ڏني ته پشاور زلمي طرفان کيڏندڙ فاسٽ بالر وهاب رياض جي گهر واري ٽوئيٽر تي هڪ پيغام جاري ڪيو ته: ”ڇا ته دلچسپ مقابلو هو، لاهور قلندرز مبارڪ هجي، هاڻي پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪابه ٽيم اڳتي وڌي سگهي ٿي ۽ فائينل تائين پهچي سگهي ٿي.“ وهاب رياض به گهر واريءَ جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ چپ نه رهي سگهيو ۽ جواب ڏيندي ان چيو ته ”جان“ باقي ٽيمن جو فڪر ڇڏيو پشاور زلمي جو فڪر ڪيو، توهان کي پشاور زلمي کي سپورٽ ڪرڻو پوندو نه ته لاهور صرف ٽن ڪلاڪن جي سفر تي آهي.“ وهاب رياض جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ ان جي گهر واري به دلچسپ جواب ڏنو ته: ”مان پشاور زلمي کي ئي سپورٽ ڪري رهي آهيان، آخر ۾ سوڀ ته پاڪستان جي ئي ٿيڻي آهي ۽ هونئن به ”جان!“ توهان منهنجي فڪر نه ڪيو بس آخري ٻن ميچن ۾ سوڀ کي يقيني بڻايو نه ته توهان کي لاهور مونکان پهريون ئي وڃڻو پوندو.“

 

ڇا سڄي سنڌ سهولتڪار آهي؟: عاجز جمالي

قلندر لعل شهباز جي نگريءَ ۾ ماڻهپي جون چٿڙيون اڏائيندڙ بارود جي باهه کانپوءِ ٽئين ڏينهن شهيدن جي ٽيجهي تي قلندر جي آڳنڌ تي دهشت ۽ وحشت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ ماڻهن گڏجي نغارن تي ڌمال هنئي. هي شعور ۽ ساڃاهه جي ڌمال هئي. هي رڳو مزار تي حاضري نه هئي پر تنگ نظر، انتهاپرست دهشتگردن جي وحشي چهرن تي ٿُڪ اڇلائڻ لاءِ سنڌ جو شعور جوڳيءَ رتا ڪپڙا پائي ڌمال ڪري رهيو هو. مڃون ٿا ته هڪ سئو کان مٿي ماڻهن جي خونن جو ازالو ڌمال ۾ ناهي. مڃون ٿا ته زخمين جو علاج به ڌمال ۾ ناهي. اهو به مڃون ٿا ته قلندر  جي نگريءَ ۾ ٿيل ڌماڪي جو مطلب صرف ڌمال کي روڪڻ نه هو، پر سنڌ جي صوفياڻي سرزمين جي دل تي بم ڦاڙي دهشتگردن اهو پيغام ڏنو ته سنڌ سڄي سوڳ ۽ خوف ۾ ٻڏي ويندي. سنڌ جا ماڻهو ڊڄي ويندا پر هزارين ماڻهن ٽيجهي تي گڏ ٿي نينهن جي نغارن تي ڌمال هڻڻ شروع ڪئي ته ڏک ۽ خوف زوردار جواب ۾ بدلجي ويو. عام طور تي اسين مزارن تي ٿيندڙ ڌمالن ۽ ان قسم جي سرگرمين جا مخالف هوندا آهيون. ڪجهه دوستن سوشل ميڊيا تي اها تنقيد به ڪئي آهي ته ”سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن هاڻي مزارن ۽ جهالت جي حمايت ڪرڻ شروع ڪئي آهي.“ پر  اهو سچ ناهي. سنڌ ۾ مزارون ڪيترن ئي قسمن جون آهن. مزارون صوفين  جي پوئلڳن ٺاهيون، اهو درست آهي ته مزارون گادي نشينن لاءِ ڪمائي جو ذريعو هونديون. اهو به ٺيڪ آهي ته سنڌ جي مزارن تي پانڌيئڙن لاءِ گهربل سهولتون نه هونديون پر سنڌ ۾ صوفين جون مزارون ماڻهن لاءِ اُتساهه جو رستو به آهن ته بنيادپرستيءَ خلاف امن ۽ آشتيءَ جو پيغام پکيڙڻ جو ذريعو به آهن. سنڌ  جي سڄاڻ ماڻهن مزارن جي رڳو هڪ پهلوءَ تي سوچيو آهي. مزارن جي ٻين پهلوئن تي ڀلا ڪير سوچيندو؟ سڄاڻ ماڻهو نه سوچيندا ته پوءِ  درگاهون گادي نشينن، مزاورن ۽ پانڌيئڙن حوالي ئي هونديون. ڀلا مزارن ڏانهن ماڻهن جي ايڏي پهچ ۽انبوهه نه هجن ها ته دهشتگردن مزارن کي ئي نشانو ڇو بڻائين ها. هاڻي ته اهڙا اشارا مليا آهن ته سيوهڻ ڌماڪي ۾ ملوث ماڻهن جا ”داعش“ تائين رابطا آهن يا انهن لاءِ ڪم ڪن ٿا، اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته ”داعش“ جهڙي دهشتگرد تنظيم سڄي دنيا ۾ مزارن سان گڏ تاريخي ماڳن کي بمبار ۽ بارود سان تباهه ڪر ڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. داعش هُجي، طالبان هجن يا ڪهڙا به دهشتگرد گروپ هُجن سڀ جو سڀ ماڻهپي جا ويري آهن. مون کي حيرت آهي ته ميڊيا  ۾ سرڪار تي تنقيد ڪندڙ هنن دهشتگردن جو نالو نه ٿا کڻن. پر قلندر جي مزار تي ڌمال انهن دهشتگردن جي منهن تي موچڙو هنيو آهي. سرڪار خراب هوندي، سهولتن جي اڻاٺ به آهي، نااهلي به هوندي پر دهشتگردن جو نالو ئي نه کڻجي رڳو سرڪار خلاف هاءِ  گهوڙا ڪجي، ماتم ڪجي، واويلا ڪجي ۽ عوام دشمن دهشتگردن لاءِ هڪ اکر به نه ڳالهائي ته اها ڀلا ڪهڙي سنڌ دوستي ٿي. ان کي ڪهڙي سڄڻپائي چئجي، سمجهه ۾ نٿو اچي. قلندر شهباز جي مزار تي ٿيل وحشانيت کي علامت بڻائي سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن کي وحشي درندن خلاف بغاوت جو علم کڻڻ گهرجي. رڳو احتجاج، رڳو سوڳ، رڳو ماتم ۽ نوحا خواني، هن سڄي صورتحال جو حل ناهي. ٻه قدم اڳتي وڌي سنڌ  جي سڄاڻ طبقي کي وحشانيت جو سڌي ريت مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ سنڌ جي سونهن کي اجاڙيندڙ، نينهن کي نهوڙيندڙ سنڌ جي عشق ۽ عاشق جي ڌمال ۾ رخنو وجهي معصوم ماڻهن کي بارود سان رت ۾ وهنجاريندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ ”رقص قلندري“ جو جاري رکڻ ضروري آهي.

صوفين حق ۽ سچ جي پيغام کي هميشه موسيقي ۽ رقص ذريعي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان کي روڪڻ لاءِ مُلان وٽ هميشه فتوا جو رستو هو. وقت جو حاڪم، ملان ۽ قاضي هر دور ۾ هڪ رهيا. اهو دور يزيديت جو هجي، ابن قاسم جو هُجي، ارغونن جو هجي، ترخانن جو هجي، افغانين جو هُجي، مغلن جو هجي، سنڌ جي ماڻهن مزاحمت جاري رکي. ان مزاحمت جا ڪيترائي روپ هئا. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، مخدوم بلاول، صوفي شاهه عنايت شهيد ان جا وڏا مثال آهن. هنن سمورن صوفي شاعرن جو محور ته بغاوت ئي آهي. ڀلا شاهه لطيف جڏهن سسئي کي پنهل پويان پنڌ ڪرڻ جي صلاح ڏيئي ٿو ته مُلان کي ان ۾ ڪفر ئي نظر اچي ٿو يا هو شادي شده عورت سهڻيءَ کي جڏهن گهڙي تي چڙهي ميهار سان ملڻ جي صلاح ڏيئي ٿو ته مُلان ان کي مذهب جي ساهميءَ ۾ توري ٿو، پر شاهه سائين ته سهڻيءَ کي وفا، سچ، سونهن ۽ عشق جي علامت سڏي ٿو. صوفي شاهه عنايت جڏهن چوي ٿو ته ”جيڪو کيڙي سو کائي“ تڏهن به ملان سندس مخالف ٿئي ٿو. حاڪم کيس مارڻ چاهي ٿو.

هي ٻئي بغاوتن جا الڳ الڳ انداز آهن، پر تڏهوڪي سماج ۾ ٻئي بغاوت جو درس ڏين ٿا. هاڻي جڏهن دهشتگرد ڌمال ڪندڙن تي آپگهاتي حملو ڪيو ته انهن کي جواب ڌمال سان ئي ڏيڻ گهرجي. جڏهن دهشتگرد مزارن تي حملو ڪن ٿا ته مزارن تي پهچي سنڌي ماڻهن کي دهشتگردن خلاف ايڪتا جو رنگ ڏيکارڻ گهرجي.

قلندر لعل شهباز تي بم ڌماڪي کانپوءِ منظرنامو هن ريت آهي جو سڄي سنڌ مان گرفتاريون ٿي رهيون آهن. سنڌ جي مختلف شهرن مان سوين ماڻهن کي ڳجهن ادارن ۽ پوليس گرفتار ڪيو آهي ۽ گرفتارين جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. سوال اهو آهي ته افغانستان مان ايندڙ دهشتگردن لاءِ سوين سنڌي نوجوانن ته سهولت ڪاري نه ڪئي هوندي. ممڪن آهي ته هڪ اڌ سهولت ڪار هُجي، جن جو انتهاپرست دهشتگردن سان واسطو هجي، جهڙي ريت شڪارپور جي ”بروهي“ جو نالو ورتو پيو وڃي. هاڻي ڳجها پهلوان سنڌ ۾ اهو تاثر بهرحال ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن ته سنڌ ۾ آپگهاتي حملا ڪندڙن جا حامي سهولت ڪار موجود آهن. سنڌ ۾ هٿياربند ڪارروايون ڏسي اهو خوف اڳي ئي هو ته اڳتي هلي صوفين جي سرزمين تي اهو ئي الزام لڳڻو هو، سنڌ ۾ ٽيهن سالن کان رهندڙ افغانين جي موجودگيءَ جا اهي ئي نتيجا نڪرڻا هئا جو سنڌ پنهنجي سڃاڻپ وڃائي رهي آهي. سنڌ ۾ هزارين مدرسن جي موجودگي ۽ ڏور ڏور علائقن مان ايندڙ مولوين جي يلغار جو اهو ئي مظهر آهي جو اڄ سنڌي نوجوان دهشتگردن جا سهولت ڪار ڄاڻي گرفتار ٿين پيا ۽ اها سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته سياسي طور انهن مدرسن جي مالڪي گهڻي آهي، جيڪي هڪ مخصوص مڪتبه فڪر جا آهن، جيڪي  مزارن، اوليائن، صوفين، درويشن ۽ صوفي ازم جي پرچارن جي خلاف آهن. هڪ طرف طالباني دهشتگرد آهن ته ٻئي طرف ڳجهن پهلوانن جي پلاننگ آهي، جيڪي ٻئي هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، سندن گهرو تعلق آهي. ان ڪري اسان جي اک پٽڻ جو زمانو اچي ويو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي اصلي سڃاڻپ کي ميسارڻ وارين قوتن خلاف هڪ ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي، ڇو ته اصل سهولت ڪاريءَ جو ڪم واڳ ڌڻي ڪري رهيا آهن.

 

 

چارسده ۾ ٿيل خدڪش حملو ۽ وڌندڙ دهشگردي جي لهر…!!: غلام مصطفيٰ جمالي

ڇا دهشتگرد  پاڪستان تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا، ڇا پاڪستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ حڪومت مُنجهيل آهي،.؟ آمريڪا اخبار واشنگٽن پوسٽ پاڪستان  وڌندڙ دهشتگردي جي متعلق رپورٽ لکي آهي. رپورٽ موجب پاڪ فوج اولهه جي سرحدن تي دهشتگردن جي خلاف ويڙهه ۾ رڌل آهي جڏهن ته سرڪار لاهور جهڙي وڌيڪ آبادي واري شهر ۾ وڌندڙ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهي آهي. پنجاب جي وڏن ۽ پسمانده علائقن ۾ دهشتگرد، گروه بند جماعتن تي دهشتگردن سان لاڳاپن سبب پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي پر اُهي تنظيمون حڪومت ۾ شامل ڪجهه ماڻهن جي سهڪار سان پنهنجون ڪارروايون ڪري رهيون آهن. هڪ وڏي صوبائي هستي موجب هي طبقو اقليتن جي خلاف رتوڇاڻ جي پٺڀرائي ڪندو آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردن پنجاب سنڌ ڪي پي ڪي سميت پوري ملڪ کي دهشتگردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن انهن واقعن ۾ تازو سنڌ صوبي جي شهر سيوهڻ جتي قلندر لال شهباز جي درگاهه اندر خدڪش حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 90 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ان کان پهرين لاهور مال روڊ خدڪش حملو،پشاور مهيندا ايجنسي اندر ٿيل خدڪش حملو جيڪي هن 15ڏينهن جي اندر ئي ٿيا آهن جڏهن ته تازو ڪالهه ڪي پي ڪي جي تصيل چارسدهه جي علائقي تنگي اندر ڪورٽ جي ٻاهران خد ڪش حملو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ چار ماڻهو فوت ٿي ويا هئا ۽ 30 ماڻهن کي وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا،۽ خدڪش حملي آورن جي تعداد چار ٻڌائي پئي وئي جيڪي خدڪش حملو ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿي رهيا هئا ته کين گيٽ تي ئي روڪيو ويو جنهن ڪري هڪ خدڪش حملي آور پاڻ جي بم سان اڏائي ڇڏيو ۽ ٽن دهشتگردن کي سڪيورٽِي اهڪارن گوليون هڻي ماريو ڇڏيو،جنهن جي ڪري هڪ وڏي تباهي کي رب سائين بچايو،ڇو ته چار دهشتگرد جن وٽ خدحملي لاءِ بم ۽ ٻيو اسحلو شامل هو ۽ چار سده جي شهر تنگي اندر جتي خدڪش حملي آورن جي ماري سندس منصوبي کي ناڪام ڪيو ويو آهي انهي تنگي شهر اندر هڪ ئي روڊ تي ڪورٽ،ٿاڻو،نادرا جي آفيس ۽ ٻيو سرڪاري آفيسون آهن جن تي هميشه وڏي تعداد ۾ هر روز عوام جو هڪ وڏو انگ موجود هوندو آهي ۽ دهشتگرد جيڪڏهن انهي حملي ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ها ته ملڪ کي هڪ دعفو ٻيهر وڏي  تعداد اندر پاڪستاني عوام جي بي گناهه موت ڏسڻو پوي هان،پاڪستان اندر دهشتگردي عام ٿي وئي آهي ڪالهه چار سده اندر ٿيل خدڪش حملي ۾ دهشتگرد دستي بم اڇالايا ۽ فائرنگ ڪئي،ان وقت بعدازان ضلع جي پوليس آفيسر(ڊي پي او) سهيل خالد ضلعي چيئرمين ناطم چارسده فهد خان  ميڊيا کي بيان ڏيندي ٻڌايو ته دهشتگردن جي تعداد ٽوٽل چار هئي جنهن مان هڪ پاڻ ۾ ڌماڪي سان اڏائي ماري ڇڏيو ۽ ٽن ڄڻن کي پوليس گوليون هڻِي ماري ڇڏيو،جڏهن ته ان وقت ٻڌايو پئي ويو ته اهو چوڻ مشڪل آهي ته ٽنهي دهشتگردن خدڪش جئيڪٽ پاتل هئا پر انهن مان هڪ کي خدڪش جئيٽ پاتل هوُ جنهن پنهنجو پاڻ کي ڪورٽ جي ڪيس تي سڪيورٽِي سخت هجڻ ڪري اندر وڃي نه سگهيو ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو،

جڏهن ته واقعي جو اطلاع ملندي سيڪورٽِي اهڪار ۽ ريسڪيو واريون ٽيمون پهچي ويون جنهن سموري علائقي کي پنهنجي گهيري هيٺ آڻي ۽ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو ۽ زخمين کي ضلع جي مختلف اسپتالن اندر منتق ڪرڻ جو پڻ سلسلو جاري ڪري ڇڏيو،ٻئي پاسي چارسده خدڪش حملي کي وٺِي ڪري پشاور اندر ليڊي ريڊنگ اسپتال اندر ايمرجسني لاڳو ڪئي وئي هئي،چارسده خدڪش حملي جي زميواري آخري وقت تائين ڪنهن به دهشتگرد تنظيم نه قبولي هئي،چارسده خدڪش حملو ڪو پهريون حملو نه هو جنهن جي باري ۾ سيڪورٽِي تي ويهي بحث ڪجن ته ٿيل خدڪش حملا کان پهرين سڪيورٽِي جي سمورن انتظامن کي ڇو ڪون سخت ڪيو ويو هو،جڏهن ته انکان پهرين به چار اندر ڪيترائي خدڪش حملا ٿي چڪا آهن،2106ع ۾ به چارسده جي سيشن ڪورٽ اندر هڪ خدڪش حملو ٿيو هوجنهن اندر 17ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا،جن ۾ عورتون ٻار ۽ مرد شامل هئا،۽ حملي اندر 30کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا ۽ واقعي جي زميواري هڪ دهشتگرد تنظيم جماعت الاحرام قبولي هئي ۽ هن وقت چارسده ۾ ان وقت هي خدڪش حملو ٿيو آهي جڏهن ته هن ميهني اندر پوري ملڪ اندر ٿيڻ واري خدڪش حملي ۾ 100 کان وڌيڪ شهري شهيد ٿي چڪا آهن،هن ميهني اندر 13فيبروي 2017ع تي لاهور جي مال روڊ پنجاب اسمبيلي جي سامهون دهشگرن هڪ خدڪش حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جي سينئير آفيسرن سميت 13ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا،جنهن واقعي جي زميواري ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان (ٽي ٽي پي)گروپ قبولي هئي،جڏهن ته 13فيبوري 2017ع انهي ڏينهن تي ڪوئيٽا اندر سرياب روڊ تي واقع هڪ پل ۾ نصب ڪيل بارودي مادي جي ناڪاره ڪندي(بي ڊي ايس)ڪمانڊر سميت 2 ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا25فيبروي 2017ع پشارو شهر اندر ججن جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو جنهن اندر گاڏي جو ڊرائيو شيهد ٿي ويو هو جنهن واقعي جي زميواري به تحريڪ طالبان جي ٽي ٽي پي گروپ قبولي هئي،وري ٻئي ڏينهن 16فيبوري 2017ع جي سنڌ جي شهر سيوهڻ اندر قلندر لال شهباز جي درگاهه تي خدڪش حملو ٿيو جيڪو سنڌ جي تاريخ جو هڪ وڏو خدڪش حملو هو جنهن جي نتجي ۾ 90 ماڻهو شيهد ٿي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا،جنهن واقعي جي زميواري خطرناڪ دهشتگرد تنظِيم داعش قبولي ورتي هئي،ان واقعي کي وٺي ڪري پوري ملڪ اندر سرچ آپريشن ڪري سيڪورٽي اهڪارن ڪيترن دهشتگردن خلاف ڪاروايون ڪري کين جهنم حوالي ڪيو ۽ ڪيترون اهم گرفتياريون عمل ۾ آيون،انڪري مان سمجهان ٿو ته چارسده وارو ٿيل خدڪش حملو انهن ئي حملن کي هڪ ڪڙِي آهي جيڪا سڪيورٽِي اهڪارن جي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي،ڇو ته اها سڀني کي خبر آهي ته پاڪستان اندر وڌندڙ دهشتگردي جو مين مزڪر افغانستان آهي جتان جا اتنهاپسند دهشتگرد پاڪستان اچي ڪري خدڪش حملا ڪن ٿا پر هاڻ اچڻ وارا سمورا رستا سيل ڪيا ويا آهن ۽ افغانستان جي بارڊ واري پاڪستاني سرحدن اندر به انهن دهشتگردن کي ٺڪاڻن کي تباه ڪيو پيو وڃي ۽ کين ماريو پيو وڃي ان آپريشن اندر پاڪستاني فوج کي تمام گهڻي ڪاميابي ملي آهي،انڪري دهشتگردن جا سمورا رستا بند ٿي ويا آهن ۽ کين بڄڻ ۽ بچڻ جي جاءِ به پئي ملي اندر ڪري هوُ وائيڙا ٿي ويا آهن،۽ اهڙيون بزدلاڻيون حرڪيون ڪري رهيا آهن.جن حرڪتن مان کين ناڪامي ئي نصيب ٿيندي ٻيو ڪجهه به نه .

 

 

پرڏيهين جي نيڪالي وقت جي ضرورت!!

گذريل ڏينهن  وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان بابت اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير سڪندر منڌرو،منظور وساڻ، ناصر شاهه، آءِ جي سنڌ، گهرو سيڪريٽري، ڪراچي پوليس چيف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ وڏي وزير ڪو چيئرمين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پوليس جون صلاحيتون وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، پوليس بهتر ڪم ڪري رهي آهي پر اڃا گھڻو ڪجھه ڪرڻو آهي، سنڌ حڪومت 94 مدرسن جي فهرست وفاق کي موڪلي هئي، هيءَ فهرست انٽيلي جنس ايجنسين جي اطلاعن جي بنياد تي ٺاهي وئي هئي، پر اسان کي ڪا خاص مدد نه ملي، اسان چاهيون ٿا ته انهن تي نظر رکي وڃي، ان موقعي تي اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته سرحد کان هي دهشتگرد داخل ٿي رهيا آهن، اسان کي خبر آهي ته اسان جي ڪهڙن شهرن ۾ ڪير سهولتڪار آهي، جيڪڏهن اسان قدم کنيا ته دهشتگردن جو ڪم ڏکيو ڪري سگھون ٿا، اسان کي پنهنجي حڪمت عملي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جي وڏن به هڪ مدرسو ٺاهيو هو جنهن قائد اعظم تعليم حاصل ڪئي، ڪجھه مدرسا اسان جي ٻارن کي ڀٽڪائڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن، ڪجھه طاقتون پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون، هي اسان جو ملڪ آهي، اسان پنهنجي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪنهن اجازت نه ڏني ويندي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته افغانين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. ۽ غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ وفاق سان به ڳالهايو وڃي.

اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سيوهڻ ڌماڪي جي جاچ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.  چيو ته سيوهڻ سانحي ۾ 90 ماڻهو شهيد ۽ 153 زخمي ٿيا، پوليس بهتر انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي سنڌ ۾ 700 صوفين جو درگاهون آهن، اتي ڪجھه مسئلا آهن، ڪجھه درگاهن کي چؤديواري به ناهي جيڪڏهن آهي ته ننڍيون آهن، ڪجھه درگاهن جي چوڌاري حد دخليون به آهن، جڏهن ته ڪجھه مدرسن کي اندريون ۽ ٻاهريون ڀتيون به نه آهن، اتي ڪي نظر رکندڙ ٽاور به نه آهن، عورتن جي جھڙتي وٺندڙ به نه آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ جا ماڻهو پرامن آهن، دهشتگردن کي هتي ڪو آپگھاتي حملو ڪندڙ نه مليو، اهو ئي سبب آهي جو دهشتگرد آپگھاتي بمبار ٻين علائقن مان ٿا آڻين، باقي اها ڳالهه آهي ته هتي سهولتڪار موجود آهن، اسان سهولتڪارن کي انجام تائين پهچنداسين،