تازيون خبرون

Daily Archives: February 22, 2017

ايف بي آر ڪلاڪن جي ڪم ۾ هڪ سال لڳائي ڇڏيو : سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پانامه پيپر ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته ايف بي آر ڪلاڪن جي ڪم ۾ هڪ سال لڳائي ڇڏيو لڳي ٿو ته پانامه ليڪس ۾ نالن جي تصديق لاءِ انهن کي 30 سال گهرجن اڱاري تي سپريم ڪورٽ ۾ پانامه ليڪس بابت آئيني درخواست جي ٻڌني جسٽس آصف سعيد کوسي جي سربراهي ۾ 5 رڪني وڏي بئنچ ڪئي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان پاران هڪ درخواست جمع ڪرائي ويئي آهي جنهن ۾ چيو ويو ته اضافي دستاويزن کي رڪارڊ جو حصو ڪرڻو آهي ته 8 هفتن جو وقت ڏنو وڃي اضافي دستاويز اسان جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ جمع ڪرايا ويا دليل ختم ٿيڻ کان پوءِ انهن دستاويزن تي جواب جمع ڪرائڻ جو موقعو نه ملندو جسٽس آصف سعيد کوسي پڇا ڪئي ته آفشور ڪمپنين بابت ايف بي آر جو ڪهڙو ڪردار آهي آفشور ڪمپني ٺاهڻ ڪو غلط ڪم نه آهي اهو ته طئي آهي ڇا مريم نواز ٽرسٽي هجڻ جو ذڪر ڪيو ايف بي آر چيئرمين چيو ته مريم پنهنجي جواب ۾ ٽرسٽي هجڻ بابت ڪجهه نه چيو 12 ماڻهو دنيا ۾ نه رهيا آهن 59 آف شور ڪمپنين کان انڪار ڪيو 92 ماڻهن آف شور ڪپنين کي تسليم ڪيو جسٽس عظمت سعيد چيو ته 7 ڪلاڪن جي ڪم ۾ ايف بي آر جي چيئرمين هڪ سال لڳائي ڇڏيو جسٽس عظمت پڇا ڪئي ته ايف بي آر پانامه جي معاملي تي ڪڏهن پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪيو ايف بي آر جي آفيس پرڏيهي وزارت کان 200 گز جي مفاصلي تي آهي ايف بي آر کي پرڏيهي وزارت سان رابطو پرڏيهي ڪرڻ ۾ 6 مهينا لڳي ويا ايف بي آر آف شور ڪپنين کي نوٽيس ڪڏهن جاري ڪيا ايف بي آر چيئرمين چيو ته پانامه معاملو سامهون اچڻ تائين فوري طور تي پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪيو ايڪشن وٺڻ لاءِ صرف آف شور ڪمپني جو نالو ۽ ڊائريڪٽرن جي خبر هجڻ ڪافي نه آهي ايف بي آر جو ڪردار ڪيس رٽرن فائينل ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿيندو آهي پانامه سان ٽيڪس ڄاڻ جي ڏي وٺ جو ڪوبه معاهدو نه آهي پانامه ٽيڪس جي معاملن جي حوالي سان جنت آهي.

 

چارسده ۾ دهشتگرديءَ جو افسوسناڪ واقعو ٿيو ، دهشتگرد بزدلاڻن وارن باوجود قوم جا حوصلا بلند آهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءُ واري مملڪتي وير مريم اورنگزيب چارسده ۾ ٿيل ڌماڪن جي مذمت ڪندي چيو اهي ته آخري دهشتگرد جي ختم ٿيڻ تائين وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت سمورن صوبائي حڪومتن پاڪ فوج قانون نافذ ڪندڙ ادارا ۽ سڄي قوم سک سان نه ويهندي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چارسده ۾ ٿيل ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ارادي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر دهشتگردن جا سمورا بزدلاڻه وار ناڪام ٿي ويا. هن چيو ته دهشتگردي جي تازن واقعن سان سيڪيورٽي ادارا ۽ عوام وڌيڪ مضبوط ۽ حوصلي مند ٿي آهي هن واضح ڪيوو ته آخري دهشتگرد جي ختم ٿيڻ تائين وزيراعطم جي قيادت ۾ حڪومت سمورن صوبائي حڪومتن پاڪ فوج قانون نافذ ڪندڙ ادارا ۽ سڄي قوم سک جو ساهه کڻندي. دهشتگردن جو ڪوبه مذهب نه آهي اهڙي طرح جي هر واقعي کان پوءِ اسان جو حوصلو ۽ ارادو وڌيڪ مضبوط ٿيندو آهي هن چيو ته اسان عوام کي خاطري ڪرايون ٿا ته حڪومت پاڪ فوج ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا توهان کي مايوس نه ٿيڻ ڏيندا. هن چيو ته وقت جي ضرورت آهي ته اسان سڀ گڏ ٿي دهشتگردن جو مقابلو ڪيون دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن جي وارثن سان گڏ آهيون.

 

چوڌري نثار پاران شهيد اهلڪار عبدالرزاق لاءِ ميڊل ۽ خاندان لاءِ مالي مدد جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ڪوئيٽا بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي شهيد ٿيندڙ اهلڪار عدبالرزاق لاءِ ميڊل ۽ مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي اڱاري تي گهرو زوير چوڌري نثارعلي خان گذريل ڏينهن ڪوئيٽا بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي شهيد ٿيندڙ اهلڪار عبدالرزاق لاءِ ميڊل ۽ ان جي خاندان لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پوليس جا اهڙا بهادر پاڪستان جي پوليس اهلڪارن لاءِ فخر جو سبب آهن. هن چيو ته ڪوئي ميڊل يا مالي امداد ڪنهن جي زندگي کي واپس ته نٿو آڻي سگهي پر پاڪستان جي ملڪ تي اهو لازم آهي ته هو اهڙي بهادر جوان جي قرباني جو اعتراف ڪري.

 

بلاول ڀٽو زرداري سان گريس ڊبليو شيلٽن جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

ڪراچي(م.ڊ)  ڪراچي ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل گريس ڊبليو شيلٽن اڄ بلاول هائوس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران آمريڪي سفارتڪار پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

 

اسحاق ڊار وزير اعظم جي لاءِ مني لانڊرنگ ڪندو هو، هو مني لانڊر آهي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسحاق ڊار وزير اعظم جي لاءِ مني لانڊرنگ ڪندو هو، ڇا  وزير اعظم مغل اعظم آهي ان جو احتساب نٿو ٿي سگهي؟ اسحاق ڊار مني لانڊر آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسان اڄ چارسده ۾ ٿيل ڌماڪن جي مذمت ڪيون ٿا. وزير اعظم جي چوري لڪائڻ جي لاءِ ادارن جا سربراهه بهانا ڪري رهيا آهن، اٺ ثابت ٿي ويو ته ايف بي آر جو چيئرمين به ڪرپٽ آهي. هن چيو ته نيب ۽ ايف بي آر عدالت ۾ سهڪار نه ڪيو انهن جي چئن وڪيلن جي ڳالهيون مان ائين پيو لڳي ته وزير اعظم قانون مان مٿانهون آهي، وزير اعظم کي مثالي هئڻ گهرجي گذريل 8 سالن دوران 14 هزار ارب جا قرض ورتا ويا، مون کي لڳي ٿو ته طوفان اچڻ وارو آهي. هن چيو ته  اسحاق ڊار جنهن لاءِ ڪرپشن ڪئي اهو اڄ وزير اعظم بڻيو ويٺو آهي. ڪي پي پوليس جي ڪارڪردگي تي فخر آهي، وزير اعظم جي  ڪرپشن ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ن ليگ جي پراڻي عادت آهي هو جڏهن هارائڻ لڳندا آهن ته ڏنڊا کڻندا آهن.

 

آءِ سي آءِ جي جي خبر ۾ غلطيون هيون، ويب سائٽ تان وزير اعظم جو نالو هٽايو ويو آهي : دانيال عزيز

اسلام آباد (اين اين آءِ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته اسان احتساب تي منازري لاءِ تيار آهيون ڪي پي ڪي ۾ احتساب ڪميشن قائم نه ڪندڙ نيب ۽ ايف بي آر جي الزام مڙهي رهيا آهيون عالمي ادارن جي جازن ۾ ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي اڱاري تي پانامه ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايف بي آر ۽ نيب تي الزام مڙهڻ صحيح عمل نه آهي هو حڪومت جي اشارن تي ڪم نٿي ڪري نيب جي چيئرمين کي حڪومت نه پر ججن جي ڪميشن تبديل ڪري ٿي دانيال عزيز چيو ته نيب ۽ ايف بي آر تي الزام هڻي عدالت جي چهري تي داغ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي هن چيو ته جڏهن به مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اقتدار ۾ ايندي آهي ته ان تي ڪيس قائم ڪيا ويندا آهن ۽ هاڻي به سپريم ڪورٽ ۾ اهي ڪيس ٻيهر کولڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي جنهن تي پهريان کان ئي عدالتي فيصلا اچي چڪا آهن انهن ڪيسن جي حوالي سان نيب چئي چڪي آهي ته ان ۾ ڪجهه به نه آهي جڏهن ته ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ان ڪيس جي حوالي سان نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪوبه جواب ايندو ته ڪيس اڳتي وڌندو هن چيو ته جسٽس انور جمالي جي دور ۾ جڏهن عمران خان پٽيشن کڻي آيو هو ته جسٽس صاحب چيو آهي ته ڪميشن قائم ڪئي وڃي جنهن تي اعمران خان انڪار ڪيو هو جڏهن ته سڀ کان پهريان وزيراعظم نوازشريف عدالت کي درخواست ڏني ته ڪيس کي هلايو وڃي ۽ پاڻ کي عدالت اڳيان پيش ڪري ڇڏيو. عمران خان صرف الزام مڙهي رهيو آهي ان وٽ ثبوت نه آهن ۽ هو اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي هن چيو ته عمران خان کي چئلينج ڪندي چيو ته اسان احتساب لاءِ تيار آهيون. جنهن کي به منازرو ڪرڻو آهي اهو اچي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. مائزه حميد چيو ته عمران خان ڪنٽينر تي بيهي ادارن جو احترام نٿو ڪري ۽ ان تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو هاڻي ادارن تي دٻاءُ وجهڻ سان ڪم نه بڻيو ته هاڻي ان کي ثبوت پيش ڪرڻا پوندا.

 

سرڪاري ادارا رڳو غريبن جي احتساب لاءِ ٺاهيا ويا آهن: سراج الحق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڇا سرڪاري ادارا رڳو عريبن جي احتساب جي لاءِ ٺاهيا ويا آهن، احتساب ادان ڪڏهن به ڪنهن طاقتور شخص جو احتساب ناهي ڪيو، اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ميڊي سان ڳالهائيندي سراج الحق جو چوڻ هو ته احتساب ادارن ڪڏهن به ذميواريون پوريون ناهن ڪيون، نئب، ايف بي آر عوام جي حقن بدران درٻار جي حقن جي حفاظت ڪري رهي آهي36

 

خطرناڪ سيلفيون ڪڍرائيندڙ ماڊل کي پوليس گهرائي ورتو

دبئي (شوبز نيوز) سيلفيءَ جو شوق ڪجهه ماڻهن کي چريائپ جي حد تائين هوندو آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو خطرن کي منهن ڏيندي موت جي ور چڙهي ويندا آهن. اهڙو ئي ڪجهه هڪ رشين ماڊل به ڪيو آهي، جنهن کي اهڙي حرڪت تي پوليس پاڻ وٽ گهرائي ورتو آهي. رپورٽن موجب گذريل ڏينهن دبئي ۾ هڪ فيشن ماڊل ويڪٽوريا ايڊنٽڪوا پنهنجون سيلفيون ۽ ويڊيوز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيون هيون. هن اهي تصويرون دبئي جي وڏي ٽاور جي ڇت تي لڙڪي تيار ڪرايون هيون، هن جنهن انداز ۾ اهي تصويرون شوٽ ڪرايون، ان سان سندس حياتي به خطري ۾ پئجي سگهي پئي. هاڻ دبئي پوليس ويڪٽوريا ايڊنٽڪوا کي اهڙي حرڪت تي طلب ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اسان ماڊل کي ان لاءِ گهرايو آهي ته هوءَ خاطري ڪرائي ته اڳتي ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪندي.27

 

گهڻو ڪجهه ٿيو آهي، چوڻ نه ٿي چاهيان: ڪرن جوهر سان اختلافن تي ڪاجول به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي (شوبز نويز) بالي ووڊ اداڪارا ڪاجول هدايتڪار ڪرن جوهر سان 25 ورهين جي دوستي ختم ٿيڻ بابت پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي چيو آهي ته اسان جي وچ ۾ گهڻو ڪجهه ٿيو آهي، جنهن بابت ڪجهه نٿي چوڻ چاهيان. بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ڪاجول ۽ هدايتڪار ڪرن جوهر بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ کي ڪيتريون ئي سپر هٽ فلمون ڏئي چڪا آهن ۽ ٻنهي وچ ۾ 25 سالن جي گهري دوستي پڻ هئي پر گذريل سال فلم ”اي دل هي مشڪل“ جي رليز ٿيڻ جي موقعي تي ٻنهي وچ ۾ 25 سال پراڻي دوستي اوچتو ختم ٿي وئي، جنهن تي ڪرن جوهر ته افسوس جو اظهار ڪيو هو پر هاڻ ڪاجول به ميدان ۾ اچي وئي آهي. ان حوالي سان ڪاجول هڪ تقريب ۾ پهتي، جتي کانئس ڪرن جوهر سان دوستي ختم ٿيڻ بابت سوال پڇيو ويو، جنهن تي هن جواب ۾ چيو ته رشتا سچ ۾ سنڀالڻ تمام ڏکيا هوندا آهن، جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. منهنجي ۽ ڪرن جوهر جي وچ ۾ گهڻو ڪجهه ٿيو، جنهن بابت ڪجهه چوڻ نٿي چاهيان.27

 

فائينل لاهور ۾ ئي ٿيندو، دهشت گردن هٿان بليڪ ميل نه ٿينداسين: شهريار خان

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته دهشت گردن جي هٿان بليڪ ميل نه ٿينداسين، پي ايس ايل جو فائينل لاهور ۾ ئي ٿيندو. شهريان خان جو چوڻ هو ته پي ايس ايل جو فائينل لاهور ۾ ئي ٿيندو ۽ جيڪڏهن ۽ جيڪڏهن اهو ٿي ويو ته دنيا ۾ پاڪستان جي سٺي تصوير ويندي. ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان پريميئر ليگ جي فائينل لاهور ۾ ٿيڻ تمام گهڻو اهم قدم آهي ۽ ان سان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحاليءَ ۾ مدد ملندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو ته ڪافي پرڏيهي رانديگر لاهور ۾ ايندا، سيڪيورٽي ادارن تي يقين آهي ته بهتر انتظام ڪندا ۽ ان مقصد جي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي حڪومت، پوليس، رينجرز، انٽيلي جنس سڀني جو تعاون حاصل آهي.