تازيون خبرون

Daily Archives: February 22, 2017

رنبير ڪپور 90 جي ڏهاڪي وارو سنجي دت بڻجي ويو

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ جو اداڪار سنجي دت جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ رنبير ڪپور جي پهرين تصوير منطرعام تي اچي ويئي جنهن ۾ هن سنجي دت جو 90 واري ڏهاڪي جو وڏن وارن وارو انداز اختيار ڪيو آهي ڀارتي ميڊيا رپورٽ مطابق سنجي دت جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو اداڪار رنبير ڪپور فلم ۾ حقيقت جو رنگ ڀرڻ لاءِ وڏي محنت ڪري رهيو آهي جڏهن ته هن فلم ۾ پنهنجي ڪردار کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ سنجي دت سان گڏجي وقت گذاريو آهي فلم جي شوٽنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو رنبير ڪپور جي شوٽنگ دوران تصوير منظرعام تي اچي ويئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته رنبير سنجي دت جو 90 واري ڏهاڪي جي وڏن وارن وارو انداز اختيار ڪيو آهي جنهن تي سنجي دت جا مداح ان جا ديوانا هئا. جڏهن ته رنبير لباس به اهڙو ئي پهريو آهي جيڪو سنجي دت عام طور تي فلمن ۾ پائيندو هو فلم ۾ رنبير سان گڏ سونم ڪپور نظر ايندي جڏهن ته منيشا ڪورالا سنجي دت جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي ۽ انوشڪا شرما به فلم ۾ مختصر ڪردار ۾ نظر ايندي.

 

ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ انجلينا جولي ٽي وي ڊرامي ۾ گڏ ڪم ڪندا

لاس اينجلس (شوبز نيوز) جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو هاڻ هالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا انجلينا جوليءَ سان گڏ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندو. ڪرسٽيانو  رونالڊو کي دنيا جي بهترين فٽبالرن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، جيڪو هاڻ هالي ووڊ اداڪارا 41 ورهين جي انجلينا جوليءَ سان گڏ فن جو مظاهرو ڪندو. رپورٽن موجب آمريڪي ٽي چئنل طرفان هڪ ڊرامو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻنهي شخصيتن کي گڏ ڏيکاريو ويندو.27

 

نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏيئي مهمان ٽيم جي لڳاتار 12 ڪاميابين جو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو

ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ روس ٽيلر جي عمده سينچري جي بدولت ڏکڻ آفريڪا کي ٻئي هڪ ڏينهن واري مئچ ۾ وڏي مقابلي کان پوءِ 6 رنسن تان شڪست ڏيئي مهمان ٽيم جي لڳاتار 12 ڪاميابين جو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو تفصيل موجب نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ان کي شروع ۾ ئي ڪاميابي ملي جڏهن ته اسڪور 53 تائين پهتو ته ٻئي اوپنر بين برائونلي به آئوٽ ٿي ويو چئن وڪيٽن ڪرڻ کان پوءِ ٽيلر سان جمي نيشام آيو ۽ ٻنهي 123 رنس ٺاهي نيوزيلينڊ کي 289 رنسن تائين پهچايو. روس ٽيلر بهترين راند پيش ڪندي 102 رنسن جي شڪست نه جوڳي اننگس کيڏي ان جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم شروع ئي هاشم عامله جي وڪيٽ ڪرڻ کان پوءِ مسلسل ڏکيائي درپيش رهي ڏکڻ آفريڪا جون 8 وڪيٽون 214 رنسن تي ڪري پيون ڏکڻ آفريڪا کي آخري ٻن اوورن ۾ ڪاميابي لاءِ صرف 20 رنسن جي ضرورت هئي جڏهن ته ٽرينڊ بولٽ عمده 49 اوور کيڏيندي 6 بال ياڪر ڪيرائي ۽ اوور جي آخري بال تي پريٽوريس 50 رنسن تي ختم ڪري ڇڏيو  مئچ ۾ 6 رنسن تان فتح کان پوءِ ڏکڻ آفريڪا جي لڳاتار 12 ڪاميابين جو سلسلو به ختم ٿي ويو ۽ سيريز به هڪ هڪ کان برابر ڪري ڇڏي.

 

لنڪا شائر ڪائونٽيءَ ٽي ٽوئنٽي چيمپين شپ لاءِ جنيد خان سان معاهدو ڪري ورتو

لنڊن(اسپورٽس نيوز) لنڪا شائر ڪائونٽي ٽي ٽئنٽي چيمپين شپ جي لاءِ پاڪستان فاسٽ بالر جنيد خان سان معاهدو ڪري ورتو آهي. جنيد خان معاهدي تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو به ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ تمام ڪجهه سکي ورتو آهي ۽ هاڻي به بهترين پرفارمنس لاءِ پراميد آهي. ٽي ٽوئنٽي چيمپين شپ جي لاءِ پاڪستاني فاسٽ بالر جنيد خان سان معاهدو ڪري ورتو آهي. جنيد خان ان کان اڳ ۾ به 2 ڀيرا 2011 ۽ 2014ع ۾ به انگلش ڪائونٽي لنڪا شائر جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. قومي فاسٽ بالر جنيد خان انهن ڏينهن ۾ پاڪستان سپر ليگ ۾ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽ سٺي فارم ۾ نظر نٿو اچي پر ان جو چوڻ آهي ته هو بهترين پرفارمنس ڏيڻ لاءِ پراميد آهي.

 

ٽرمپ انتظاميه جون جاري ڪيل نيون هدايتون: صاحب خان ڀٽي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاجن جو سلسلو هلندڙ آهي، هڪ طرف آمريڪي صدر مختلف اڳواڻن سان رابطو ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري ڪجهه ملڪن خلاف سخت جملا به استعمال ڪري رهيو آهي، جن ۾ ايران ۽ اترڪوريا به شامل آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته کيس پنهنجي ملڪ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جيڪي قدم کڻڻا پيا اهي ضرور کڻندو، ان حوالي سان هن سرحدن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ميڪسيڪو سرحد وٽ ڀت تعمير ڪرڻ جو به اعلان ڪيو هو ۽ ان جي تعمير جو خرچ ميڪسيڪو کان وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ميڪسيڪو ڊونلڊ ٽرمپ کي ڀت جي اڏاوت لاءِ پيسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي آمريڪي صدر ڪاوڙجي به پيو هو  پر ان باوجود هن همت نه هاري هئي ۽ ٽرمپ ميڪسيڪو کان ايندڙ سمورين شين تي ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ چيو هو ته ان ٽيڪس مان ئي هو ميڪسيڪو سرحد وٽ ڀت تعمير ڪرائيندو، هن وقت به ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ ميڊيا کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي،

جڏهن  ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي عهدي جو  حلف کنيو هو ته ان وقت هن ميڊيا بابت گٿا لفظ ڳالهايا هئا اهو سلسلو هو هن وقت جاري رکندو پيو اچي، آمريڪي صدر ويجهڙ ۾ ٻيهر صحافين بابت غلط لفظ ڳالهايا هئا،جنهن تي صحافين کيس تنقيد جو نشانو به بڻايو هو. بهرحال ڊونلڊ ٽرمپ ڪهڙن سببن جي ڪري صحافين کان ڪاوڙيل آهي، ان بابت کيس وڌيڪ خبر هوندي، پر دونلڊ ٽرمپ صرف صحافين تي نه پر هاڻ آمريڪا جي ججن تي به ڪاوڙيل نظر اچي رهيو آهي، جن ججن سندس تڪراري اميگريشن پاليسي کي معطل ڪري ڇڏيو هو، ان بابت  به هن گهٽ وڌ ڳالهايو هو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت آمريڪا ۾ تڪراري اميگريشن پاليسي تي تمام گهڻا احتجاج به ٿي رهيا آهن  ۽ هن وقت تائين ڪنهن به آمريڪا جي شهر ۾ احتجاج ڪندڙن تي ڪو به ادارن طرفان تشدد ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي وري انهن کي احتجاج کان روڪڻ جي لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن آمريڪي صدر حلف کڻي رهيو هو ته ان وقت آمريڪي شهرين پر امن احتجاج ڪيو هو ۽ انهن خلاف سڪيورٽي ادارن ڪا به ڪارروائي نه ڪئي هئي پر جيڪي ڀڃ ڊاهه ڪري رهيا هئا انهن کي حراست ۾ ورتو ويو هو، هن وقت به جيڪي پر امن احتجاج ٿي رهيا آهن، انهن کي روڪڻ لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ ڪي به حڪم جاري نه ڪيا آهن ۽ نه ئي وري هن وقت تائين ڊونلڊ ٽرمپ طاقت جو استعمال ڪيو  آهي، جهڙي ريت اسان جي ملڪ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي،

هن وقت جيڪي به ماڻهو آمريڪا ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن جو صرف هڪ ئي مطالبو آهي ته تڪراري اميگريشن پاليسي ختم ڪئي وڃي، جيتوڻيڪ ڊونلڊٽرمپ جي اميگريش کي آمريڪي ججن معطل ڪري ڇڏيو هو پر ان باوجود ڊونلڊ ٽرمپ نظرثاني واري اميگريشن پاليسي آندي آهي، جنهن بابت سندس چوڻ آهي ته هو ان تي هر حال ۾ عمل ڪرائيندو، هن نظرثاني اميگريشن ۾ اهي سمورا 7 ئي ملڪ شامل آهن جن تي ڪجهه ڏينهن اڳ پابندي لڳائي وئي هئي ۽ هاڻ به انهن ست ئي ملڪن جي شهرين تي آمريڪا ۾ داخلا ٿيڻ تي پابندي لاڳو هوندي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انتظاميه کي نيون هدايتون به جاري ڪري ڇڏيون آهن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪي نيون هدايتون جاري ڪيون آهن، انهن هدايت تحت جن غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن ۽ پناهگيرن وٽ دستاويز نه هوندا ۽ انهن جو ڏوهي رڪارڊ به هوندو، انهن خلاف به ساڳيو ورتاءُ ڪيو ويندو، جڏهن ته گهٽ عمر وارا نوجوان جن کي آمريڪا غيرقانوني طور آندو ويو، انهن کي آمريڪا ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ويندي،

آمريڪي صدر جي غيرقانوني طور آندل نوجوانن کي نه ڪڍڻ واري کي ساراهيو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته اهڙي فيصلي سان هزارين نوجوانن کي فائدو ٿيندو، وائيٽ هائوس ترجمان شون اسپائسر به پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي صدر کين نيون هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ هو نظرثاني واري اميگريشن پاليسي تي هر حال ۾ عملدرآمد ڪرائيندا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تڪراري اميگريشن کي جن ججن معطل ڪيو هو انهن جي به سڪيورٽي وڌائي وئي آهي،  هن وقت آمريڪي صدر  جهڙي ريت ميڊيا تي ڪاوڙ ڏيکاري رهيو آهي، جنهن مان لڳي پيو ته هو پنهنجي پاليسي تي عمل ڪرائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندو، پوءِ ڀلي کيس تڪرار ڇو نه بڻڻو پئي، ڪجهه ڏينهن آمريڪي صدر قومي سلامتي بابت صلاحڪار تي الزام به لڳايا هئا، جنهن کي عهدي تان هٽايو به ويو هو پر هاڻ  قومي سلامتي بابت صلاحڪار جي نامزدگي جو به اعلان ڪيو ويو آهي، پر ان باوجود آمريڪي پنهنجي بيانن ۾ هن وقت تائين تبديلي نه آڻي سگهي ٿو، جنهن سبب آمريڪا ۾ هزارين ماڻهو پر امن احتجاج  ڪري رهيا آهن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جن به ملڪن تي پابندي لڳائي آهي، انهن تي هن وقت به هن پنهنجي نين هدايتن تحت پابندي لڳائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت آمريڪا صدرآمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ تڪراري بڻجي چڪو آهي پر ان باوجود هو مسلمانن خلاف بيان ڏيڻ کان پاسو نه ڪري رهيو آهي،

جڏهن اڳوڻو صدر بارڪ اوباما هوندو هو ته ان وقت به آمريڪا ۾ ڪو خاص امن نه هوندو، جنهن سبب ڪڏهن معذورن جي سينٽرن تي حملا ٿيندا هئا ته ڪڏهن وري پوليس اهلڪارن کي ماريو ويندو هو، هن وقت آمريڪا ۾ ته اهڙو ڪو وڏو سانحو پيش نه آيو آهي پر آمريڪي صدر ڊونلڊ  جي بيانن سان هزارين مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي، بهرحال آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تڪراري اميگريشن پاليسي ڪينيڊين جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته هو آمريڪا مان بي دخل ٿيندڙ پناهگيرن کي ڪينيڊا ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪيندا. بهرحال هن وقت آمريڪا ۾ پرڏيهين ۽ غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن خلاف وٺ پڪڙ جو سلسلو تيز ڪيو ويوآهي، جنهن جا حڪم به آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي نين هدايتن ۾ جاري ڪيا آهن، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف آمريڪا ۾ احتجاجن جي سلسلي ۾ ڪيتري شدت اچي ٿي يا وري اهي احتجاج بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويندا، هڪ طرف آمريڪي صدر جي اميگريشن پاليسي خلاف جيڪي احتجاج ٿي رهيا آهن، اهي به ختم ٿيڻ جو نالو نه وٺي رهيا ته ٻي طرف وري گرفتارين سبب آمريڪا ۾ خوف واري لهر به  پکڙيل آهي، آمريڪا ۾ جيڪي اميگريشن پاليسي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن ۾ اڪثريت به انهن ماڻهن جي ئي آهي جيڪي اتان جا رهواسي نه آهن، جن کي اهو خدشو آهي ته سندن به شهريت رد نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڊونلڊ ٽرمپ ڪڏهن ڪڏهن صرف مذهب کي به نشانو بڻائندو آهي، هاڻ ڏسڻو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ڪهڙي ريت پنهنجي نين جاري ڪيل هدايتن تي عمل ٿو ڪرائي ۽ سندس رستي آڏو ڪير ٿو اچو.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

 

آمريڪي جرنل جي پاڪستان جي حق ۾ ڏنل گواهي..!!: غلام مصطفيٰ جمالي

افغانستان اندر موجود نيٽو فورس جي آمريڪي ڪمانڊر جنرل (جان نڪسن)چيو آهي ته پاڪ افغانستان سرحد ويجهو پاڪستان پاران دهشتگردن مٿان حملا ڪيا آهن پر انهن حملن ۾ افغانستان جي عوام کي ڪو به جاني توڙي مالي نقصان ناهي پهتو،پاڪستان آرمي صرف دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي حملا ڪيا آهن.جڏهن ته جان نڪسن وڌيڪ اهو به چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪرڻ کان پهرين آمريڪا کي پنهنجي اعتماد ۾ ورتو هو،تنهن کانپوءِ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا هئا.جڏهن ته نيٽو فورس جي جنرل جان نڪسن افغانستان پاران ڏنل بيان کي رد ڪيو. .افغانستان حملن کانپوءِ اجائي واويلا مچائي هئي ته پاڪستان افغانستان اندر وسنڌين تي بمن سان حملا ڪري افغانستان جي عوام کي ماري رهيو آهي.جڏهن اهو به بيان واضع سامهون آيو آهي ته نيٽو جي جنرل اهڙي بيان کانپوءِ افغانستان جي صدر اشرف الغني کي سندس بيان کانپوءِ جواب ۾ اهو به چيو آهي ته پاڪستان جي حملن ۾ ڪو به عوام جو جاني توڙِي مالي نقصان ناهي ٿيو،جڏهن ته پاڪستان حملو ڪرڻ کان پهرين آمريڪا کي پنهنجي اعتماد ۾ ورتو هو،۽ حملن جي آگاهي ڏني هئي.جڏهن ته آمريڪي ڪمانڊر اهو به چيو ته پاڪستان اندر افغانستان جا دهشتگرد حملا ڪري پاڪستان جي عوام کي جاني توڙي مالي نقصان پهچائي رهيا آهن انڪري پاڪستان اهو پورو پورو حق رکي ٿو ته هوُ پنهنجي ملڪي شهرين جي قاتلن تي حملا ڪري کين ماري،آمريڪي ڪمانڊر اهو به چيو ته پاڪستان پاران اها به آگاهي ڏني وئي هئي ته هو افغانستان اندر نگرهار جي علائقن اندر دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪندو جتي جماعت الاحرام ۽ ڪالعدم تنظِيم تحريڪ طالبان جا دهشتگرد لڪل آهن،جڏهن ته پاڪستان هميشه پنهنجي موقف ۾ اهو ئي چيو آهي ته پاڪستان اندر ٿيندڙ دهشتگردي ۾ هٿ صرف ۽ صرف افغانستان اندر موجود ڪالعدم تنظمين جي دهشتگردن جو هٿ آهي. جيڪي نه صرف پاڪستان پر افغانستان کي به نقصان پهچائي رهيا آهن.امن امان جي صورتحال خراب ڪري بدنامي ڦهلائي رهيا آهن.پاڪستان پاران اهڙو نه بيان ڏنو ويو آهي ته پاڪستان اندر اهڙا ڪيترائي دهشتگردي جا واقعا ٿي گذريا آهن جن واقعن لاءِ افغانستان جي سرزمين کي استعمال ڪيو ويو آهي،۽ پاڪستان وٽ انهي جا ٺوس ثبوت موجود آهن،جڏهن ته پاڪستان پاران هر دفعي افغانستان کي اهڙي آگاهي ڏيندو آيو آهي ته پاڪستان اندر ٿيندڙ دهشتگردي لاءِ سندس سرزمين استعمال ٿي رهي آهي،۽ پاڪستان سان ملندڙ سرحدن ۾ موجود دهشتگردن جا مظبوط ٺڪاڻا موجود آهن،جتي هوُ دهشتگردي کي پکيڙڻ لاءِ دهشتگردي کي ٽرينگ ڏئي رهيا آهن،جتي هو خدڪش بمبارن کي تربيت ڏئي ڪري پاڪستان موڪلين ٿا ۽ اهي تربيت يافته دهشتگردن پاڪستان اچي ڪري پنهنجي سهولت ڪارن جي مدد سان دهشتگردي ڪري خد ڪش حملا ڪن ٿا،

جڏهن ته لاهور واري ٿيندڙ خدڪش حملي کانپوءِ جيڪي به گرفتاريون عمل ۾ آيون آهن ۽ جيڪي تفصيل موجود آهن انهن ۾ به اها ڳالهه واضع سامهون آئي آهي ته ٿيندڙ حملي ۾ افغاني دهشتگردن جو هٿ آهي،۽ گرفتار ڪيل حملي آوور پڻ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي ته پنهنجي سهولت ڪارن جي نشادهي ڪئي آهي،جڏهن ته انهن کي سزائون به ٻڌايون ويون آهن ۽ انهن سزائن تي عمل به ڪيو ويو آهي،پاڪستان اندر ٿيندڙ دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ پاڪستان دهشتگردن مٿان حملي ڪري رهيو آهي جنهن جو پورو پورو حق پاڪستان رکي ٿو، ۽ انهي ڳالهه جي گواهي آمريڪي نيٽو جي جنرل جان نڪسن ڏئي چڪو آهي،نه رڳو گواهي ڏني آهي پر پاڪستان پاران دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملن جو ساٿ ڏيڻ جو به بيان ڏنو آهي ۽ اهو چيو آهي ته صرف ۽ صرف دهشتگردن کي ختم ڪيو ويندو ۽ افغانستان جي عوام کي ڪوبه جاني توڙِي مالي نقصان نه پهچايو ويندو،جڏهن ته اهو به سچ آهي ته هن وقت تائين پاڪستان جي حملن ۾ افغانستان جي عوام کي ڪوبه نقصان ناهي پهتو اهو صرف افغانستاني صدر جو پاڪستان مٿان لڳايل بي بنياد الزام آهي ٻيو ڪجهه به نه، جڏهن ته آمريڪي جنرل جان نڪسن اهو به چيو ته پاڪستان جيڪو دهشتگردن لاءِ قدم کنيو آهي اهو هڪ بهتر عمل آهي،انڪري ڀلي افغان حڪومت انهي آمريڪي نيٽو فورس جي جنرل جي بيان کي بحث جو مرڪز سمهجي پر مان سمجهان ٿو ته پاڪستان ڪڏهن به افغانستان جي عوام کي نقصان نه پهچائيندو.ڇو ته پاڪستان خد افغانستان جي عوام جو خيرخواهه آهي،جيڪا ڳالهه ماضي اندر پاڪستان ثابت ڪري چڪو آهي،انهي خير خواهي جذبي جي تحت پاڪستان پنهنجي هاٽ ايشاءُ ڪانفرنس منقد ڪرائي،جنهن اندر پڻ انهي تجويز تي غور ڪيو ويو، ۽ اها سوچ ويچار ڪئي وئي ته ڪهڙي طريقي سان افغانستان جي عوام جو تحفظ ڪري سگهجي ٿو،پر مان سمجهان ٿو ته اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن افغانستان پنهنجي دهشتگردن تي ڪنٽرول ڪري سگهي،انڪري افغانستان نه رڳو انهن دهشتگردن خلاف ڪاروايون ڪري پر افغانستان کي گهرجي ته هو پاڪستان تي الزام  لڳائي بدران پاڪستان سان سهڪار ڪري ته بهتر ٿيندو،افغانستان کي دهشتگردن جي انهن ٺڪاڻن کي پڻ تباه ڪرڻو پوندو جيڪي ٺڪاڻا دهشتگردن ٺاهي ڪري پنهنجي دهشت ڦهلائڻ لاءِ دهشتگرد پيدا ڪري رهيا آهن ۽ انهن ٺڪاڻن اندر تربيت ڏئي رهيا آهن،انڪري مان سمجهان ٿو ته ٻنهي ملڪن لاءِ انٽيلجنس معلوماتي ضروري آهي،

جيڪڏهن اهي اهڙين ڳالهين کي سامهون رکي ڪري افغانستان سوچي ته پوءِ ان  ۾ سندس ئي ڀلائي آهي،ان عمل سان پاڪستان اندر به امن ممڪن آهن، پاڪستان اندر افغاني سفير عمر زخيوال چيو آهي ته پاڪستان کي 85افغاني طالبانن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي ۽ 32 دهشتگردن تنظيمن جي ڪئمپن جي فهرست به فراهه ڪئي وئي آهي،انڪري هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان سان ڳالهين ۾ نتيجا تمام گهڻا بهتر نڪرندا،اها به هڪ حقيقت آهي ته افغانستان جي سهڪار کان سواءِ پاڪستان اندر امن بحالي ممڪن ئي ناهي،۽ اها ڳالهه افغاني حڪومت جي به معلوم آهي،پر افغانستان جي اهڙي رويي مان اهو صاف ظاهر آهي ته هو افغانستان کي ڀارت جي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي،پر پاڪستان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو. پاڪستان هن وقت دهشگردي تي قابو ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سمورن شهرن اندر سرچ آپريشن ڪري ڪيترن ئي دهشتگردن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو آهي ۽ پاڪ فوج توڙِي ٻين سڪيورٽِي ادارن جون ڪاروايون اڃان به جاري آهن،جڏهن ته سنڌ جي هيٺين علائقن ۾ به ريجنرس کي مقرر ڪيو ويو آهي،جڏهن ته اهو فيصلو به پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ آصف علي زرداري کي چوڻ مطابق ڪيو ويو آهي،جڏهن ته آصف علي زرداري اهو به چيو آهي ته پاڪستان ۾ موجود غيرملڪي افغان پناهگيرن کي به ٻاهر ڪڍيو وڃِي،جئين پاڪستان اندر امن ٿي سگهي ۽ پاڪستان عوام جو تحفظ ممڪن بڻجي سگهي،

 

 

 

چارسده حملو ۽ ائڪشن جي هدايت

گذريل ڏينهن تنگي بازار ۾ واقعي ڪچهري ٻاهران هڪ ٻئي پٺيان 3 ڌماڪا ٿيا، دهشتگردن  فائرنگ ڪري اندر داخل ٿي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهيو، ڌماڪن ۽ فائرنگ ۾ پوليس اهلڪارن سوڌو 8 ڄڻا شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا، سڄي ضلعي جي نفري واقعي واري جاءِ تي طلب ڪئي وئي، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. دهشتگردن وڏي ڪارروائي ڪرڻ چاهي پئي، دشتگردي کي نظر ۾ رکندي پوليس اڳ ئي الرٽ هئي جنهن ڪري گهڻو جاني نقصان نه ٿيو. ڊي پي او سهيل خالد موجب ته دهشتگردن وڏي ڪارروائي ڪرڻ چاهي پئي. ٽئي آپگهاتي بمبار مارجي ويا، پوليس دهشتگردي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، هڪ دهشتگرد پاڻ کي بم سان اڏائي ڇڏيو.

چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چارسدا ۾ آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته چارسدا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي تعريف جوڳي آهي.  پوليس جي بروقت رسپانس سان قيمتي جانيون بچايون ويون، چارسدا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي تعريف جوڳي آهي. پوليس چارسدا ۾ دهشتگردن جي حملي جو وقت سر جواب ڏئي قيمتي جانيون بچايون، پوليس اهلڪارن مردانگي سان دهشتگردن کي سندن حدف تائين پهچڻ نه ڏنو. جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي چارسدا ضلعي ۾ موجود سيشن ڪورٽ تي دهشتگردن جي حملي ۽ آپگهاتي ڌماڪي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الاحرار قبولي ورتي آهي. لاهور ۾ پنجاب اسيمبلي ٻاهران آپگهاتي حملو ڪندڙ پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الاحرار ” آپريشن غازي“ جي نالي سان دهشتگردي جي نئين لهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا لائين آف ڪنٽرول جي دوري دوران نوجوانن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ڀارتي ارادن کان مڪمل طور آگاهه آهيون، ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشڻ ياديو ڀارتي ارادن جو ثبوت آهي، ڪلڀوشڻ ياديو جي گرفتاري ڀارتي دهشتگردي جي ڪوششن جو ثبوت آهي، ان معاملي کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. والاريل ڪشمير جي عوام سان اسان جي ايڪتا جاري رهندي،  ڪشمير جي عوام پنهنجي حق خوداراديت جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، آرمي چيف هدايت ڪئي ته ڀارتي بنا جواز سيز فائر ڀڃڪڙين جو ڀرپور جواب ڏنو وڃي، پاڪ فوج پاڪستاني ۽ ڪشميري عوام جي تحفظ جي پنهنجي ذميداري ادا ڪندي، پاڪ فوج جا جوان پنهنجي پيشيوراڻي مهارت، جذبي سبب سڃاتا ويندا آهن، پاڪ فوج جا جوان پاڪ فوج جي ڪرنگهي جي هڏي آهن.

 

چارسده ۾ سيشن ڪورٽ جي گيٽ تي ڌماڪا، 7 ڄڻا مارجي ويا، 15 زخمي

چارسده (اين اين آءِ) ڪي پي ڪي جي ضلعي چارسده جي تعلقي تنگي ۾ ڪچهري دروازي ويجو آپگهاتي حملا ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ وڪيل سميت 7 ڄڻا فوت پوليس اهلڪارن سميت 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هڪ آپگهاتي حملي آور پاڻ کي اڏائي ڇڏيو سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائي جي نتيجي ۾ ٻه حملي آور مارجي ويا اڱاري تي ڊي پي او چارسده سهيل خالد ٻڌايو ته ٽن دهشتگردن ڪچهري ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هڪ دهشتگرد پاڻ ڪچهري دروازي تي ئي اڏائي ڇڏيو هن ٻڌايو ته ٻين دهشتگردن ڪچهري ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سمورن دهشتگردن کي ماريو ويو ڌماڪن ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪچهري ۾ موجود هڪ وڪيل سميت 7 شهري فوت ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا زخمين ۾ پوليس اهلڪار به شامل آهن جن کي فوري طور تي تعلقي جي هيڊڪوارٽر اسپتال تنگي پهچايو ويو آهي ميڊيا رپورٽ موجب حملي کان اڳ حملي آورن فائرنگ ڪئي ۽ دستي بم اڇلايو ضلعي ناظم به تصديق ڪئي ته حملي آور 3 ڄڻا هئا جن کي ماريو ويو آهي ۽ ٻه حملي آور پوليس جي فائرنگ سان مارجي ويا چٽن شاهدن ٻڌايو ته انهن حملي آورن جون لاشون بارودي مواد ۽ هٿيار رستي جي ڪناري تي پيل ڏٺا محمد شهباز نالي هڪ رواسي ٻڌايو ته هو ڪچهري اندر موجود هو جڏهن هن آپگهاتي بمبارن کي اندر داخل ٿيندي ڏٺو ان ٻڌايو ته مان ڪينٽين طرف ڀڳس ۽ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀت تان ٽپو ڏنس.

 

حملن کان نٿا ڊڄون، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪامياب ٿينداسين: نواز شريف

راولپنڊي/اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف چارسده ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته قوم جا حوصلا بلند آهن، حملن کان ڊڄڻ وارو ناهيون. الله جي فضل سان اسان دهشتگرد خلاف جنگ ۾ ڪامياب ٿينداسين. چارسده آپگهاتي ڌماڪن ۾ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي وزير اعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومت دهشتگردن خلاف ڪارروائي جاري رکندي. سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون فخر جوڳيون آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادان حملي کي ناڪام بڻائي وڏي نقصان کان بچايو. ٻئي طرف چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چارسده ۾ آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته چارسده ۾ سيڪيورٽي فورز جي ڪارروائي تعريف جوڳي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چارسده ڌماڪي ۽ دهشتگردن جي حملي ۾ قيمتي جانيون جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پوليس جي بروقت رسپانس سان قيمتي جانيون بچايون ويون، چارسده ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي تعريف جوڳي آهي.

 

ڀارتي سيز فائر جي ڀڃڪڙين جو ڀرپور جواب ڏنو وڃي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائين آف ڪنٽرول  جو دورو ڪيو آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نوجوانن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ڀارتي ارادن کان مڪمل طور آگاهه آهيون، هن چيو ته ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو ڀارتي ارادن جو ثبوت آهي، آرمي چيف چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام سان اسان جي ايڪتا جاري رهندي،  ڪشمير جي عوام پنهنجي حق خوداراديت جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، آرمي چيف هدايت ڪئي ته ڀارتي بنا جواز سيز فائر ڀڃڪڙين جو ڀرپور جواب ڏنو وڃي، آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج پاڪستاني ۽ ڪشميري عوام جي تحفظ جي پنهنجي ذميداري ادا ڪندي، پاڪ فوج جا جوان پنهنجي پيشيوراڻي مهارت، جذبي سبب سڃاتا ويندا آهن، جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ فوج جا جوان پاڪ فوج جي ڪرنگهي جي هڏي آهن. آءِ ايس پي آر موجب دوري دوران آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي.