تازيون خبرون

Daily Archives: February 19, 2017

اداڪار سونم ڪپور آسٽريا ۾ پنهنجيون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور آسٽريا ۾ پنهنجيون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق سونم ڪپور پنهنجي ڀيڻ ريما ڪپور سان گڏ آسٽريا ۾ موڪلون گذارڻ وئي هئي، جتي هن برفباري ۽ خوبصورت قدرتي منظرن جون تصويرون مداحن لاءِ سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيون آهن. اداڪار چيو آهي ته هتي جا قدرتي منظر پرسڪون ۽ تمام گهڻا لطف اندوز آهن. واضح رهي ته سونم جي نئين ايندڙ فلم ”ويردي ويڊنگ“ آهي.

 

بالي ووڊ جي پهريون نمبر اداڪارائن دپيڪا پڊوڪون ۽ پريانڪا چوپڙا آڊيشن ۾ فيل ٿي ويون

ممبئي (شوبز نيوز) فلم چلڊرن آف هيومن مان دنيا ۾ شهرت حاصل ڪرڻ واري ايراني هدايتڪار ماجد مجيدي ڀارتي فلم نگري ۾ فلم ”بيونڊ دي ڪلائوڊ“ سان قدم رکي رهيو آهي، جنهن لاءِ ان بالي ووڊ جي پهريون نمبر اداڪارائن دپيڪا پڊوڪون ۽ پريانڪا چوپڙا کان آڊيشن ورتو ويو، جنهن بعد کين رد ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق هدايتڪار ماجد مجيدي بالي ووڊ ۾ پنهنجي پروجيڪٽ ”بيونڊ دي ڪلائوڊ“ جي لاءِ پهرين صف جي اداڪارائن دپيڪا پڊوڪون ۽ پريانڪا چوپڙا، کنگنا رناوت، شرڌا ڪپور، جيڪولين فرنينڊس ۽ عاليه بٽ کي آڊيشن لاءِ گهرايو پر اهي تمام اداڪارائون پنهنجي ادائن سان کيس متاثر ڪرڻ ۾ ناڪام ويون ۽ هدايتڪار انهن کي پنهنجي فلم لاءِ فيل قرار ڏئي ڇڏيو.

 

قومي ٽيم جي رانديگرن جو ويسٽ ايشيا بيس بال ڪپ جي تياري جي سلسلي ۾ تربيتي ڪيمپ جاري

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان بيس بال فيڊريشن جي انتظام هيٺ پاڪستان اسپورٽس بورڊ قومي ٽيم جي رانديگرن جو ويسٽ ايشيا بيس بال جي تياري جي سلسلي ۾ تربيتي ڪيمپ پاڪستان اسپورٽس ڪلب ۾ جاري آهي. قومي ٽيم جي مئنيجر ۽ هيڊ ڪيمپ ڪمانڊنٽ سيد فخر علي شاهه ٻڌايو ته تربيتي ڪيمپ ۾ سڄي ملڪ مان 35 رانديگر حصو وٺي رهيا آهن. انهن رانديگرن کي ڪوچز مصدق حنيف، سرفراز احمد، باسط مرتضيٰ، سيد در حسين جديد ۽ اعليٰ تربيت ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ويسٽ ايشيا بيس بال ڪپ 25 فيبروري کان هڪ مارچ تائين پاڪستان اسپورٽس ڪلب اسلام آباد ۾ کيڏي ويندي جنهن م 6 ملڪن جون ٽيمون شرڪت ڪنديون جن ۾ ميزبان ٽيم پاڪستان سميت ايران، عراق، سريلنڪا، نيپال ۽ هندستان شامل آهن. ا

 

ثقافت کاتي پاران ڪرايل موهن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس جو اکين ڏٺو احوال : عبدالجبار ميمڻ ڏوڪري

سنڌ جي عظيم تهذيب موهن جو دڙو تي سياحت ۽ ثقافت کاتي طرفان  ڪرايل سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي  ٽي ڏينهن عالمي ڪانفرنس منقعد ڪئي وئي،  جنهن ۾  پرڏيهي ۽ ڏيهي سماجي اديبي اسڪالرن آرڪيالاجسٽن صحافين اديبن شاعرن سياسي ماڻهن ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي، ٽي ڏينهن هلندڙ ڪانفرنس موهن جو دڙو کي ڪنوار جيئان سينگاريو ويو، جڏهن ته  ميوزم ڀرسان عالمي سيمينار جي هڪ وڏي اسٽيج ٺاهي ويئي، جنهن ۾ ٽي ڏينهن لاڳيتو سيمينار هليو، جيڪو بعد ۾ پڄاڻي تي پهتو، عالمي ڪانفرنس ۾ هن تاريخي  ماڳ کي  بچائڻ لاءِ مختلف حصن جي کوٽائي ڪرائي ته موهن جو دڙو جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ڪهڙي هئي، ۽ انهن جو رنگ نسل ڪيئن هوندو هو، هيءَ ڪانفرنس ٽيون دفعو منقعد ڪئي وئي آهي، هن کان اڳ  وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، ۽ هاڻي وري ٽين عالمي ڪانفرنس جو سڄو ڪريڊٽ سنڌ جي ثقافت کاتي جو وزير سيد سردار علي شاهه تي وڃي ٿو، جنهن تاريخي عالمي ڪانفرنس ڪرائي ڏيهي پرڏيهي اسڪالر اديب دانش ور گڏ ڪيا، سنڌجي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آرڪيالاجي شعبي جي ماهرن تي زور ڀريو آهي ته هو سنڌو تهذيب ۾ موجود ٻين قديمي آثارن ۽ ماڳن، جيڪي اڃان تائين دريافت نه ٿي سگهيون آهن، کي تلاش ڪرڻ لاءِ کوجنا ۽ کوٽائي جا جديد طريقا اختيار ڪن ۽ کين يقين ڏياريو آهي ته سنڌ حڪومت ان مقصد لاءِ هر ممڪن مالي وسيلا فراهم ڪندي ۽ ان حوالي سان ماهرن جي تجويزن ۽ سفارشن تي مڪمل طور عمل ڪيو ويندو. اڄ هتي موهن جودڙو تي ثقافت، سياحت ۽ آرڪيالاجي کاتي پاران موهن جودڙو بابت منعقد ڪيل عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اڄ کان 40 سال اڳ موهن جودڙو بابت ماهرن جي عالمي ڪانفرنس ڪوٺرائي پهريون ڀيرو سموري عالمي برادري جو ڌيان موهن جودڙو جي ورثي ۽ ان جي تحفظ جي اهميت ڏانهن ڇڪرايو. سيد مراد علي شاهه عالمي اداري يونيسڪو پاران موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ ڪوششون ڪرڻ کي ساراهيندي اميد ڏيکاري ته يونيسڪو مستقبل ۾ به سنڌ حڪومت سان ان ڏس ۾ مڪمل سهڪار جاري رکندو. هن اميد ڏيکاري ته 3 ڏينهن واري هن عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ اسڪالر سنڌو تهذيب جي تاريخ ۽ تمدن جي رهيل ۽ تحقيق طلب پاسن بابت تحقيقي مقالا پيش ڪندا جن سان اسان جي قوم ۽ نئين نسل کي ڀرپور رهنمائي حاصل ٿي سگهندي. هن ثقافت، سياحت ۽ آرڪيالاجي کاتي کي هي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي مبارڪباد ڏني. ان کان اڳ يونيسڪو جي ڊائريڪٽر خطاب ڪندي چيو ته موهن جودڙو سموري دنيا لاءِ ورثي جي حيثيت رکي ٿو ان ڪري ان جو تحفظ به عالمي برادري جي ذميواري آهي.

موهن جودڙو کي هڪ وڏو خطرو ٻوڏ کان آهي جنهن کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو. هن موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان ورتل اپائن جي ساراهه ڪندي يقين ظاهر ڪيو ته ان قسم جي جٽادار ڪوششن سان هن عالمي ورثي کي بچائڻ ۾ مدد ملي سگهندي. هن چيو ته هن شعبي ۾ وڌيڪ ماهر تيار ڪرڻ، انهن جي صلاحيت وڌائن ۽ جديد قسم جي ليباريٽري قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن لاءِ يونيسڪو پاران هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.ڏوڪري آرڪيالاجي شعبي جي ماهر ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري حڪومت ۽ يونيسڪو جو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ڇڪرايو ته موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ يونيسڪو پاران شروع ڪيل مهم بند ڪئي وئي آهي جنهن کي ٻيهر سرگرمي سان سموري عالمي برادري ۾ شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌو لکت جي ڀڃت هن شعبي جي ماهرن لاءِ اڄ به هڪ چئليج بڻيل آهي ان کانسواءِ موهن جودڙو دور جي قبرستان بابت کوجنا ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي ته جيئن ان حقيقت جو اندازو لڳائي سگهجي ته ان دور ۾ مئلن کي ڪٿي ۽ ڪيئن دفنايو ويندو هو. هن حڪومت تي زور ڀريو ته موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ نوان قانون ۽ پاليسيون تيار ڪرڻ واري معاملي جو پڻ جائزو ورتو وڃي ۽ موهن جودڙو بابت وڌيڪ ۽ تفصيلي تحقيق پڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سياحت ثقافت ۽ آرڪيالاجي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه پنهنجي آجياڻي واري تقرير ۾ ٻڌايو ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبائي حڪومت پاران موهن جودڙو جي بچاءَ لاءِ ڪيتريون ئي رٿائون شروع ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه موهن جودڙو جي بابت قائم ڪيل ويب سائيٽ جو باقاعدي افتتاح ڪيو.

موهن جودڙو جي تاريخي پسمنظر ۽ هن وقت تائين ان موضوع تي ٿيل کوجنا بابت هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. تقريب ۾ سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، سيد ناصر علي شاهه، سهيل انور سيال، سينيٽر سسئي پليجو ۽ ٻين شرڪت ڪئ:- صوبائي وزير سياحت ۽ ثقافت سنڌ سيد سردار علي شاهه ڳالهائيندي چيو آهي ته موئن جودڙو (انڊس سولائيزيشن) کي پوري دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ عالمي ڪانفرنس ڪرائي آهي جنهن ۾ آرڪيالاجي جا ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهر شرڪت ڪئي آهي اهڙي ڪانفرنس اڳ 1973ع ۾ ٿي چڪي آهي. جڏهن ته 44 سالن کانپوءِ اها ڪانفرنس ٻيهر ڪرائي ويئي آهي، دنيا ۾ 4 وڏيون تهذيبون آهن انهن منجهان موئن جودڙو به هڪ تهذيب آهي، هي ورثو صرف سنڌ جو ورثو نه آهي پر دنيا ۾ رهندڙ 7 ارب ماڻهن جو ورثو آهي. موئن جودڙو تي جن ماهرن پهريون تحقيق ڪئي آهي انهن کي گهرايو آهي جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن کان آيا آهن . هن تهذيب متعلق ٽيڪنيڪل ماهرن جا 2 سيشن تجويزن جي روشني ۾ اسين موئن جودڙو کي بچائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪتب آڻينداسين. هن چيو ته 10 فيبروري 2017ع تي رات جو سمبارا هوٽل ۾ ميوزيڪل شو پڻ منعقد ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته عمر ڪوٽ جي قلعي تي به ڪم ڪرايو ويو آهي جڏهن ته مڪلي قبرستان تي پڻ ڪم ڪرايوويو آهي. موئن جودڙو جي سائيٽس جو تعين ڪرڻ لاءِ ڪور ڊرلنگ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. آثار قديمه 1947ع کان 2010ع تائين وفاق جي ڪنٽرول ۾ هو. هن وڌيڪ چيو ته موهن جو دڙو اسان جو ساهه آهي جنهن جي ڪري اسين وڌيڪ سڃاتا وڃون ٿا هن چيو ته موهن جو دڙو تي ڪنزرويشن ۽ ٻيون ڪم ڪرڻو آهي ته جئين مو هن جو دڙو کي جرڪائي سنواري سهگون،آرڪيالاجي ماهر ڊاڪٽر عبدالحفيظ جمالي  چيو ته  ٽي ڏينهن عالمي ڪانفرنس جا انشا ءَ الله بهتر نتيجا نڪرندا ته جئين مو هن جو دڙو جي بهتري لا۽ ڪجهه فيصلا ٿي سگهن ۽ مو هن جو دڙو اڃا وڌيڪ مّبوطي سان قائم ۽ دائم رهي ڇو ته موهن جو دڙو هڪ عظيم سائيڊ آهي جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مو هن جو دڙو سڃاتو وڃي ٿو هن چيو ته عالمي ڪانفرنس هڪ سٺو ۽ بهتر عمل آهي جنهن جا بهتر نتيجا نڪرندا،موهن جو دڙو عالمي سيمينار جي ٻئي مرحلي ۾ مقررين مارڪو ميڊيلا، ڪيمرون پيٽرڪ، ڊاڪٽر جوناٿن مارڪ، ڊاڪٽر عبدالحفيظ جمالي  ۽ ٻين  چيو ته  هن عالمي ڪانفرنس جي منقعد ڪرڻ تي حڪومت سنڌ ثقافت کاتي کي مبارڪ باد ڏيان ٿو،  جن  هيڙي عظيم تهذيب  موهن دڙو تي عالمي ڪانفرنس منقعد ڪري عظيم تهذيب کي سينگاريو  ۽ سنواري آهي،  هنن چيو ته عالمي ڪانفرنس  موهن  جو دڙو  جي لاءِ هڪ سٺو سئوڻ ثابت ٿيندي،  جنهن جا نتيجا سٺا نڪرندا، هنن چيو ته موهن جو سميٽ  سنڌ جي سڀني ماڳن جي  حڪومت پاران يونيسڪو  جي سهڪار سان سار سنڀال لهڻ هڪ بهتر قدم آهي،  جنهن جي جيتري  واکاڻ ڪجي گهٽ آهي،سنڏ حڪومت ۽ ثقافت کاتي پاران سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي ٽي ڏينهن عالمي ڪانفرنس  جي موقعي تي حڪومت سنڌ ۽ ثقافت کاتي پاران موهن جو دڙو تي  مختلف هنڌن تي پينا فليڪس  گل، باغيچا، ڪتاب  هيڊي ڪراپس موهن جو دڙو مطعلق ٺهيل ٺڪر جي ٿانون ٺهيل مختلف موهن جو دڙو جي مورتون توڙي موهن جو دڙو جي سڄاڻپ جا چانهه جا ڪپ گلاس  جيڪي موهن جي دڙو  جو  مونو گرام سان سنواريل اسٽال پڻ  هنيا ويا، جنهن تي سوين تعداد ۾  ماڻهن جي رچ رهي، ۽ ماڻهن خريداري ڪندا رهيا، جڏهن ته مهمانن  ۽ صحافين جي لاءِ خاص پاسو جاري ڪيو ويو هيون، جڏهن ته  عالمي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ پوليس، رينجرس جا اهلڪار ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ  لاءِ ايندڙ ويندڙ   مهمانن جي  چڪاس بعد  داخل ٿيڻ  جي اجازت  هئي، جڏهن ته  پاس گيٽ  پڻ هنيا ويا هئا،

ٻئي طرف  ڏوڪري انتظاميا جي اسسٽنٽ ڪمشنر سيد يار علي شاهه ، مختيارڪار  ڏوڪري، ڊي ايس پي ڏوڪري پنهنجي عملي سميت موهن جو دڙو عالمي سيمينار  جي انتظامن  جي نگهه باني  ڪندا رهيا،فاريسٽ کاتي لاڙڪاڻي پاران  عالمي ڪانفرنس جي موقعي  تي وڻ ڪاري مهم  جي سلسلي ۾  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  موهن جي دڙو جي لان تي هڪ وڻ پوکڻ   جي مهم  آغاز پڻ ڪيو ويو،  ان موقعي تي صوبائي وزير سهيل انور سيال  نثار کهڙو، ايم پي اي   محمد  علي ڀٽو، ايم اين اي نظير احمد ٻگهيو ۽ ٻيا  ساڻنس گڏ هئا،  ثقافت کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري چيو ته موهن جو دڙو جي بچاءَ لا۽ هي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ مو هن جو دڙو جي وڌيڪ بچاءَ جا اپاءَ حا صل ڪرڻ آهي جيڪا انشا ءَ الله ڪامياب ٿي ويندي،موهن جو دڙوپ تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي مو قعي تي مختلف ويهن ملڪن جا اسڪالر شريڪ ٿيا جنهن ۾ آمريڪا کان رچرڊ ميڊو جوزف، شول ڊرائين،ڊاڪٽر براڊ چيس، اٽلي جو ڊنيز فرينز ، جپان جو آئيو ڪونسا ڪوا، جرمني کان مائي ڪل جانسن ۽ ٻين ملڪن جا اسڪالر عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا، عالمي ڪانفرنس موهن جو دڙو جي ٻئي ڏينهن ته  سنڌو تهذيب بابت وڌيڪ کوجنا ڪرڻ ۽ موهن جودڙو کي ايندڙ پيڙهين تائين محفوظ بڻائڻ لاءِ ثقافت ۽ آرڪيالاجي کاتي پاران منعقد ڪرايل ٽن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي 15 کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهرن سنڌو تهذيب بابت هن وقت تائين ٿيل تحقيق ۽ ان جي رهيل پاسن بابت وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت، تهذيب جي اوائلي دور ۾ شهرن جو وجود ۾ اچڻ، اوائلي دور جي لوڪن وچ ۾ سماجي ۽ معاشي ڳانڍانپن، سنڌو سڀيتا جي دور ۾ مهرون تيار ڪرڻ جي فن ۽ اهميت ۽ هٿ آيل ٺڪر جي شين کانسواءِ موهن جودڙو کي بچائڻ لاءِ ٿوري مدي واريون رٿائون تيار ڪرڻ جهڙن اهم موضوعن بابت پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا، ڪانفرنس ۾ سنڌو لکت جي هٿ آيل نشانين بابت پڻ تحقيقي رپورٽ پيش ڪئي وئي، ٻئي ڏينهن واري ويهڪن ۾ اسپين مان آيل ڊاڪٽر ڪارلا لينسلوٽي، آمريڪي ماهرن ڊاڪٽر ريٽا پئٽريڪا رائيٽ ۽ ڊاڪٽر رچرڊ ميڊو، فرانسيسي ماهر ڊاڪٽر ارور ڊيڊر، جاپاني ماهرن ڊاڪٽر ايومو ڪوناسڪاوا ۽ ڊاڪٽر اتسوشي نوگوچي پنهنجا مقالا پڙهيا. جڏهن ته فرانسيسي ماهر ڊاڪٽر مس صوفيا ميري جي نه اچڻ سبب سندس لکيل مقالو پڻ پڙهي ٻڌايوويو. ماهرن راءِ ڏيکاري ته هن وقت هڙاپا جي قديم آثارن کي بچائڻ لاءِ ڪم هلندڙ آهي جنهن مان پڻ موهن جودڙو کي بچائڻ وارين ڪوششن ۾ مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. ماهرن موهن جودڙو جي تحفظ لاءِ عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ بابت سنڌ حڪومت جي فيصلي کي وقتي ۽ انتهائي اهم قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ڪانفرنس پاران منظور ڪيل سفارشن ۽ تجويزن تي سختي سان عمل ڪيو ويندو،  اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو صبح واري ويهڪ جي صدارت ڪندي چيو ته 18هين آئيني ترميم کان اڳ ۾ وفاقي حڪومت سنڌ جي قديم آثارن جي بچاءَ ۽ بحالي لاءِ ڪي اثرائتا اپاءَ نه ورتا هئا. هن يقين ڏيکاريو ته صوبائي حڪومت کي اختيار ملڻ کانپوءِ هن ڏس ۾ انتهائي اهم اڳڀرائي ٿيندي هن چيو ته مان سنڌ گورنمينٽ کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿي، جنهن هيءَ عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي هن چيو ته سنڌ جي تهذيب صوفين سان مالا مال آهي، سنڌ پيار ۽ امن جو پيغام آهي، هن ان موقعي تي عالمي ڪانفرنس ۾ آيل سڀني ملڪن جي ماهرن راس انڊيا، آمريڪا، جپان  ۽ ٻين ملڪن شڪرگذار آهيان جو هن  عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي آهي.

……………..هلندڙ………..

مزار قلندر شهباز ڌماڪو: معاوضن جو اعلان..!

وڏي وزير سيد مراد علي وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪئي، سندس چوڻ هو ته سيوهڻ جي شهيدن جي وارثن جون آهون سسڪيون منهنجي ذهن ۾ وڄي رهيون آهن جيستائين مجرمن تائين نه پهچنداسين مون کي سڪون نه ملندو. وڏي وزير سيد مرا د علي شاهه سيوهڻ بم ڌماڪي ۾ شهيد جي وارثن ۽ زخمي ٿيلن لاءِ معاوضي جو اعلان ڪندي چيو ويو آهي ته شهيد لاءِ 15 لک جڏهن ته شديد زخمي لاءِ 10 لک ۽ گهٽ زخمي ٿيل لاءِ 5 لک  جاري ڪيل اعلان ۾ چيو ويو آهي ته شديد زخمي ان کي تصور ڪيو ويندو جنهن جو ڌماڪو ۾ عضو ضايع ٿي ويو هجي جڏهن ته بلڪل معمولي زخمي کي هڪ لک ڏنو ويندو. ڪمشنر زخمين جو تعين ڪري پئسا جاري ڪندو.سيوهڻ سانحي جي شهيدن جي وارثن جون آهون منهنجي دل ۽ دماغ تي گهمي رهيون آهن، سانحي ۾ ملوث مجرمن جي گرفتاري تائين مون کي سڪون نه ملندو،  ان موقعي تي آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجاسيوهڻ واقعي تي ٿيل جاچ بابت بريفنگ ڏني، اي ڊي خواجب ڌماڪي بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ته سيوهڻ ۾ ڌماڪو شام جو 7 وڳي ٿيو ۽ ان وقت شيڊول موجب لوڊشيڊنگ هئي، جڏهن ته حيسڪو 4 ڪروڙ رپين جي عدم ادائيگي تي درگاهه جي بجلي ڪاٽي ڇڏي هئي، جنهن تي وزيراعليٰ چيو ته حيسڪو مزار جي بجلي نٿي ڪاٽي سگهي، اسان سرڪاري ڪنيڪشنز جي سمورن بلن جو معاملو پاڻي بجلي وزارت سان حل ڪري چڪا آهيون، سيوهڻ واقعي ۾ وڏي تعداد ۾ جانيون ضايع ٿيڻ تي صدمو پهتو آهي، ان ڪيس کي هر صورت ۾ حل ٿيڻ گهرجي ۽ مون کي واقعي ۾ ملوث مجرم گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ گهرجن، ڇوته جيستائين سانحي ۾ ملوث مجرمن تائين پهچي نٿا سگهون، ان وقت تائين مون کي سڪون نه ملندو، الله جي ولين جون مزارون سمورن مذهبن ۽ فرقن کان بالاتر ٿي ڪري عوام کي جوڙين ٿيون، سمورن مزارن جي سڪيورٽي سخت ڪئي وڃي ۽ عورتن جي چيڪنگ لاءِ ليڊي سرچرز کي مقرر ڪيو وڃي. سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اڳيان آهن، هاڻي سڀ الرٽ ۽ فعال ٿي وڃن، ڇوته اسان اها جنگ کٽڻي آهي، مون کي سنڌ ۾ موجود سمورن مزارن ۽ عوامي هنڌن جو سڪيورٽي پلان گهرجي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ پوليس کي درگاهه لعل شهباز قلندر ۽ عبدالله شاهه غازي جي مزارن سميت 86 مزارن جي سڪيورٽي آڊٽ ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا، جڏهن ته چيف سيڪريٽري کي سڪيورٽي بابت فنڊن جي فراهمي جو حڪم ڏيندي چيو ته سڪيورٽي کي تعلقي ۽ ضلعي سطح تي فول پروف بڻايو وڃي ۽ جتي سيڪورٽي بابت فنڊن جي گهرج آهي، اتي پرنسپل سيڪريٽري سان رابطو ڪيو وڃي، وڏي وزير پيٽرولنگ ۽ چيڪنگ جي حڪم جاري ڪندي چيو ته چيڪنگ جو مقصد ڪنهن جي بي عزتي ڪرڻ ناهي، عوام کي به اپيل ڪندس ته هو چيڪنگ دوران پوليس سان تعاون ڪن.