تازيون خبرون

Daily Archives: February 18, 2017

ايمي جيڪسن جي موبائل هيڪ، ذاتي تصويرون وائرل

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ايمي جيڪسن جي موبائيل فون هيڪ ڪري سندس ذاتي تصويرن انٽرنيٽ تي جاري ڪيون ويون آهن. رپورٽن موجب آءِ ڪلائونڊ اڪائونٽ تائين نه پهچڻ سبب ايمي جيڪسن لنڊن ۾ هڪ موبائيل اسٽور تي وئي هئي پر جڏهن هوءَ ممبئي پهتي ته کيس محسوس ٿيو ته سندس موبائيل فون هيڪ ٿي چڪي آهي. بالي ووڊ سندري پنهنجي هڪ دوست سان گڏ ڊنر دوران ورتل تصويرون جڏهن سوشل ميڊيا تي ڏٺيون ته دنگ رهجي وئي. اهڙي ريت موبائيل فون ٻي ڊيٽا به هيڪرن جي هٿ چڙهي وئي. ذاتي تصويرون سوشل ميڊيا تي پکڙجڻ کانپوءِ ايمي جيڪسن اهو معاملو لنڊن، ممبئي ۽ پنهنجي علائقي ۾ سائبر سيل کي شڪايت جي صورت ۾ ٻڌايو.27

 

بالي ووڊ بگ بي اميتاڀ بچن کي فلم انڊسٽريءَ ۾ 48 سال مڪمل ٿي ويا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ بگ بي اميتاڀ بچن کي فلم انڊسٽريءَ ۾ 48 سال مڪمل ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ 74 ورهين جي سينيئر اداڪارا اميتاڀ بچن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي فلم ”سات هندستاني“جون ڪجهه تصويرون جاري ڪيون آهن. اميتاڀ بچن پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1969ع ۾ ڪئي ۽ 5 ڏهاڪن جي ڪيريئر ۾ 190 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. سندس ڪامياب فلمن ۾ پيڪو، زنجير، ديوار، ڊان، پينڪ، شعلي، سلسلي، سرڪار، شرابي، باغ بان، نمڪ حلال، اگني پٿ، محبتين، ڪڀي خوشي ڪڀي غم، ڪانٽي“ ۽ ٻيون فلمون شامل آهن.27

 

ثانيا مرزا قطر اوپن ٽينس ويمز ڊبلز جي سيمي فائينل ۾ پهچي وئي

دوحه(اسپورٽس نيوز) اسٽار ڀارتي رانديگرياڻي ثانيا مرزا فتح جو سلسلو برقرار رکندي قطر اون ٽينس ٽورنامينٽ ويمنز ڊبلز سيمي فائنل ۾ پهچي وئي. ثانيا ۽ اسٽرائيڪووا ڪوارٽر فائينل ۾ ڊبروسڪي ۽ جيورڪ کي شڪست ڏني. قطر ۾ جاري ايونٽ ۾ کيڏيل ويمنز ڊبلز ايونٽ جي ڪوارٽر فائينل ۾ ثانيا مرزا ۽ اسٽرائيڪووا تمام بهترين ڪارڪردگي مظاهرو ڪندي جيورڪ ۽ ڊبروسڪي کي اسٽريٽ سيٽس ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ 6-4 ۽ 6-3 تان شڪست ڏئي سيمي فائينل ۾ پهچڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. سيمي فائنل ۾ ثانيه ۽ اسٽرائيڪووا جو مقابلو اسپيئرز ۽ سريبوٽنڪ سان ٿيندو.

 

فنچ ٽي ٽوئنٽي ۾ تيز ترين هزار رنز ڪندڙ دنيا جو ٻيو نمبر بيٽسمين بڻجي ويو

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي موجوده ڪپتان ۽ جارحاڻي انداز سان اوپننگ ڪندڙ بيٽسمين ايرون فنچ ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر جون هڪ هزار رنز مڪمل ڪري ورتيون. فنچ تيز ترين هڪ هزار رنز ڪندڙ دنيا جو ٻيو نمبر بيٽسمين پڻ بڻجي ويو. فنچ 29 ميچن ۾ هزار رنز مڪمل ڪري ورتيون آهن، تيز ترين هزار رنز مڪمل ڪرڻ جو عالمي اعزاز ويرات ڪوهلي  وٽ آهي، ان سان گڏ ئي فنج هزار رنز مڪمل ڪرڻ وارو ٽيون آسٽريلوي بيٽسمين پڻ بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ ڊيوڊ وارنر ۽ شين واٽسن به اهو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن، وارنر 1686 ۽ واٽسن 1462 رنز ٺاهيون آهن.

 

قلندر جي نگري ۾ رتوڇاڻ : تشڪيل حيدر سنديلو

گذريل ڏينهن سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي درگاهه جي  احاطي ۾ هڪ ڌماڪو ٿيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 80 ماڻهن جي شهادت واقع ٿي، جڏهن ته 250 کان وڌيڪ درگاهه تي زائرين زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ايس ايڇ او سيوهڻ موجب ته ڌماڪي بعد درگاهه مان 100 لاش ڪڍيا ويا آهن پرسيوهڻ اسپتال جي ايم ايس پاران ايس ايڇ او سيوهڻ جي 100 لاش ڪڍڻ واري دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، خير 80 ماڻهن جي شهادت هجي يا وري سئو جي اسان هتي اهي ڳڻڻ جي ڳالهه ناهيون ڪري رهيا، سو ايڏي وڏي سانحي جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، آءُ سمجهان ٿو ته هي واقعو نه رڳو سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس، گهرو کاتي پر وفاقي سرڪار جي سيڪيورٽي تي به هڪ سواليه نشان آهي، ڳالهه اها ٿي پيدا ٿئي ته درگاهه تي هزارن جي تعداد ۾ ملڪ توڙي پرڏيهه مان ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن، پر وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته حڪومت پاران سيڪيورٽي جا ڪي به خاص انتظام ناهن ڪيا ويا، نه ئي وري درگاهه ۾ اچڻ وڃڻ ڪو ”گيٽ ٿرو“ جو اهتمام ڪيو ويو آهي.

دهشتگردي ته پوري ملڪ ۾ ٿي رهي آهي، گذريل 5 ڏينهن ۾ رڳو لاهور، ڪوئيٽا، پشاور ۽ سيوهڻ ۾ پڻ 5 ڌماڪا ڪيا ويا جن ۾ به ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي ويا، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومت انهن ڌماڪن کان پوءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن، صوبائي توڙي وفاقي سرڪار رڳو مذمتي بيان ڏيڻ ۽ واقعي بابت جاچ ڪميٽي جوڙڻ جي اعلانن تائين محدود ٿيل آهي ۽ ان بعد ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهي مذمتي بيان ۽ جوڙيل جاچ ڪميٽيون پاڻ ئي دم ٽوڙي ڇڏينديون آهن، انهن واقعن بابت جوڙيل ڪميٽين جي رپورٽ نه عوام سامهون آندي ويندي آهي ۽ نه ئي وري اها ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌائي ويندي آهي، هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي واقعا ٿيڻ جو ڪارڻ ڇا آهي، آءِ ايس پي آر جي رپورٽ موجب ته ملڪ ۾ ٿيل تازي دهشتگردي جي واقعن جي منصوبابندي افغانستان ۾ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ايجنسين کي ان بابت ڪا ڄاڻ آهي ته اها گهرو وزارت سان ونڊڻ گهرجي ۽ گهرو کاتي جو ڪم آهي ته انهن تي صحيح طريقي سان عملدرآمد يقيني بڻائي، پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته وفاقي گهرو کاتي جي بهتر حڪمت عملي نه هئڻ جي ڪري دهشتگرد جن کي اسان جي فورسز ضرب عضب سميت ٻين آپريشنز ۾ پوئتي ڌڪي ڇڏيو هو اهي وري ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن ۽ هڪ دفعو ٻيهر بيگناهه شهرين جو قتلام شروع ٿي ويو آهي.

دهشتگردي جي واقعي دوران درگاهه ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود هئا جن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته خميس جو ڏهاڙو هجڻ جي ڪري ڌمال جي وقت گهڻي تعداد ۾ ماڻهو درگاهه جي احاطي ۾ موجود هئا، حڪمران ته واقعي جي مذمت ڪري هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ ان سانحي کي وساري ڇڏيندا پر جنهن گهر جو ڪو فرد سانحي جو شڪار ٿيندو آهي ان جي گهر ۾ ڪهڙو ماتم برپا هوندو آهي اهو اهي ئي سمجهي سگهن ٿا.

سيوهڻ سنڌ جو اهو شهر جنهن کان شايد ئي ڪو ماڻهو اڻواقف هجي ۽ جتي انتهائي سخت سيڪيورٽي جي ضرورت هجڻ گهرجي ها پر اتي نالي ماتر سيڪيورٽي انتظام هجڻ جي ڪري ايڏو وڏو سانحو پيش آيو، قلندر جي نگري ۾ ايڏو ڪهر ٿي سگهي ٿو ته پوءِ صوبي جا ٻيا شهر ڪيئن محفوظ ٿي سگهن ٿا؟ ڇو جو سنڌ نگري جيڪا آهي اها اوليائن سان ڀريل آهي، قلندر جي مزار جيان صوبي جي ٻين مزارن تي سيڪيورٽي جا انتظام نه هجڻ جي برابر آهن، جتي پڻ ڪنهن به وقت ڪا به دهشتگرد ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، ان کان اڳ اسان شاهه نوراني واقعو پڻ ڏٺو جنهن ۾ به ڪيترائي بيگناهه ماڻهو مارجي ويا، اسان کي اهڙن واقعن مان سبق سکڻ گهرجي ها پر افسوس ته اسان ان جي باوجود سيڪيورٽي جا ڪي به صحيح انتظام نه ڪيا، ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگرد ڪاررواين کي ڏسندي ائين لڳي رهيو آهي ته حڪومت ادهشتگرد جي تازي لهر کي روڪڻ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، ملڪ سميت سڄي سنڌ ۾ طالبان ڏينهون ڏينهن پکڙجي رهيا آهن، جڏهن ته صوبي ۾ انهن جي حمايتين جي انگ ۾ به اضافو نظر اچي رهيو آهي جنهن مان ظاهر طور ته اهو ئي لڳي رهيو آهي ته سياسي جماعتون انتهائي سخت ٻڏ تر جو شڪار ٿي ويون آهن، جڏهن ته اهي اهڙي دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ انهن وٽ ڪا خاص پاليسي نظر نه اچي رهي آهي

لعل شهباز قلندر جي نگري ۾ ٿيل ڌماڪي جي ذميواري ڪير به قبول ڪري پر آءُ سمجهان ٿو ته پر مان سمجهان ٿو اهڙين ڪاررواين جي پويان اهي ئي قوتون آهن جيڪي نه ٿيو چاهين ته اسان جي ملڪ ۾ امن بحال ٿئي اهي نه ٿيون چاهين ته پاڪستان ترقي ڪري، ان کان پوءِ انهن قوتن جو هڪ ئي ڪم آهي رڳو معصوم ماڻهن جي رت سان کيڏڻ ۽ انهن جون پاليسيون رڳو ظلم ۽ بربريت آهي، حڪومت طرفان دهشتگردن خلاف ڪيل ڪارروايون ايتريون خاص ناهن جن کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي دهشتگردن خلاف ايڪشن وٺڻ واري پاليسي ۾ تمام گهڻي تبديلي جي ضرورت آهي جنهن سان نه رڳو پاڪستاني جي شهرين ۽ پر ملڪ جي بين الاقوامي ساک کي بهتر ڪري سگهبو.

هتي هڪ ڳالهه انتهائي اهم آهي ته ملڪ جي سپهه سالار دهشتگردن کي چٿڻ ۽ انهن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا انتهائي اهميت واري آهي، آرمي چيف کي نه رڳو ملڪ جي بارڊر جي حفاظت يقيني بڻائڻ گهرجي پر جتي جتي دهشتگرد ڪارروايون ٿين ٿي اتي ان کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ پاڪ فوج کان علاوه ملڪ جي سياسي توڙي سماجي تنظيمن جو به فرض بڻجي ٿو ملڪ جي موجوده صورتحال بابت پنهنجون تجويزون حڪومت کي ڏين ته جيئن دهشتگردي جي اهڙين ڪاررواين کي روڪي شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.

 

قلندرشهباز جي مزار تي به خودڪش ڌماڪو …….!!: حسن ناز سومرو

پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ڪر کڻي نه فقط انساني جانين سان کيڏي رهي آهي پر پاڪستان جي حساس جائين کي به نشانو بڻايو پيو وڃي، پوءِ ڀلجان اتي ڪهڙي به فرقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو موجود هجن پر دهشتگرد پنهنجون قهري ڪاروايون ڪري ظلم جي انتها ڪري رهيا آهن.

هڪ پاسي پاڪستان حڪومت اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته اسان پاڪستان مان دهشتگردي جي چيله چٻي ڪري ڇڏي آهي پر تازو ئي ٿيندڙ واقعن مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جي چيله چٻي ڪونه ٿي آهي پر ڪجھ وقت لاءِ دهشتگردن پنهنجون قهري ڪاروايون روڪي ڇڏيون آهن.

دهشتگردن جو تعلق ڪهڙي مذهب سان آهي يا هو ڪهڙي فرقي سان تعلق رکن ٿا ۽ هنن جا مقصد ڪهڙا آهن ان باري ۾ جڏهن اسين سوچيندا آهيون ته ته اسين حيران ٿي ويندا آهيون ته جيڪڏهن هو حڪومت کا يا ڪنهن سرڪاري نمائندي کان ڪو مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ آخر انهن بي قصور ۽ معصوم ماڻهن جو ڪهڙو قصور آهي جن کي بي ڏوهي ماريو پيو وڃي……؟؟

دادو ضلعي جي شهر سيوهڻ ۾ جتي قلندر  لال شهباز  جي مزار به آهي جتي پوري دنيا مان ظائرين اچي زيارت ڪندا آهن، قلندر لال شهباز جا پوئلڳ پوري دنيا ۾ رهن ٿا ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن موقعي سان اچي قلندر شهباز جي جي زيارت ڪندا آهن، قلندر لال شهباز جا پانڌيئڙا ۾ خاص ڪري پنجاب صوبي مان وڏي انگ ۾ ظائرين ايندا آهن قلندر لال شهباز جي ميلي تي ته لکين زائرين ايندا آهن پر ان کان علاوه هر خميس تي هتي درگاه ۾ وڏي ڌمال لڳندي آهي جتي ڪيترائي ملنگ اچي ڌمال کيڏندا آهن ۽ اهو منظر دل موهيندڙ هوندو آهي سو ڪاله شام جو به خميس جو ڏينهن هجڻ ڪري ڏمال جو وڏو انتظام ٿيل هو ۽ درگاه اندر ايترا ته زائرين موجود هئا جو هتي پير پائڻ جي جڳه به نه هئي ته اچانڪ هڪ خوفناڪ خود ڪش ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ٿڏي تي 40 ماڻهو شهيد ٿي ويا جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي حالت ۾ اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو سو اهي انگ اکر سرڪاري هئا جڏهن ته اتي موجود ماڻهن جو چوڻ هو ته ته ٿڏي تي 100 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته غير سرڪاري اطلاعن موجب 150 کان وڌيڪ ماڻهو سخت زخمي ٿيا آهن سو زخمين کي سيوهڻ . دادو، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ڏانهن موڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾ تمام گھڻيون درگاهون موجود آهن جتي اڪثر ميلا ملاکڙا لکندا رهندا آهن ۽ ڪيترين ئي درگاهن تي خودڪش حملا ٿي چڪا آهن پر پوءِ به زائرين منهنجي عقيدت ۽ احترام سان هتي اچي پنهنجا سمورا ڏک ۽ غم ڀلائي ڇڏيندا آهن پر هتي اسان وٽ آيل غير ملڪي دهشتگرد نه فقط عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي پر ملڪي سلامتي لاءِ پڻ خطرو بڻجي ويا آهن سو حڪومت پاڪستان کي گھرجي ته هو سنڌ توڙي پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي لاءِ اڃا به وڌيڪ مواثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان مان هميشه لاءِ دهشتگردن جي پاڙ پٽي سگھجي.

 

 

رت سان رڱيل قلندر جي نگري

گذريل خميس ڏينهن سنڌ جي صوفي هستي حضرت قلندر لعل شهباز جي مزار تي آپگهاتي بمبار رت سان وهنجاري ڇڏيو، حادثي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ پانڍيڙا شهيد ٿي ويا شهيدن ۾ مردن سان گڏ عورتون ۽ معصوم ٻارڙا به هئا جن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي موت جي ننڊ سمهاريو ويو. شهيدن ٿيندڙ جو تعداد تقريبن 80 هيو ۽ 250 کان وڌيڪ پانڌيئڙا زخمي ڪري موت جي ٻه واٽي تي پهچايا ويا جيڪي مختلف اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. قلندر جي نگري کي خميس ڏينهن ٽارگيٽ ڪيو ويو ڇو جو خميس ڏينهن پانڌيئڙن جو انگ تمام گهڻو هوندو آهي، بقول پوليس آفيسرن جي ڌماڪو مزار اندر ٿيو آهي جيڪڏهن اهو احاتي ۾ ڪيو وڃي ها ته شايد نقصان اڃان به وڌيڪ ٿئي، تازين رپورٽن موجب گذريل ڏينهن سيوهڻ ۾ لال شهباز قلندر جي مزار تي ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 88 ٿي ويو آهي جڏهن ته 55 لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن 15 لاش اڃا به اسپتال سيوهڻ ۾ موجود آهن جڏهن ته پنجن لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي جا ٽيسٽ ورتا ويا آهن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ 15 ڄڻا تعلقي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن جڏهن ته 41 سخت زخمي ڪراچي حيدرآباد ۽ نوابشاهه منتقل ڪيا ويا اهن حضرت لال شهباز قلندر جي مزار ۾ گذريل ڏينهن آپگهاتي ڌماڪي ۾ 80 ڄڻا شهيد ۽ 250 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. 155 زخمين کي طبي امداد ڏيئي فارغ ڪيو ويو آهي

صحت کاتي جي اختيارين تصديق ڪندي ٻڌايو ته سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 88 ٿي ويو آهي جن مان 67 جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي اختيارين موجب 75 ماڻهن جا لاش سيوهڻ جڏهن ته 5 جا لاش نوابشاهه اسپتال آندا ويا. قلندر جي پانڌيئڙن خوف ۽ دهشت جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ڌماڪي جي ڪجهه ئي ڪلاڪن کان پوءِ مزار تي روايتي چڙاءُ ۽ دولهه جا آواز گونجڻ لڳا صبح ٿيندي ئي زائرين ٻيهر حاضري ڏيڻ مزار تي پهچي ويا سيوهڻ پهچندڙ زائرين حضرت لال شهباز قلندر جي مزار کولڻ لاءِ احتجاج ڪيو. پوليس موجب زائرين رسا ٽوڙي مزار ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا گزريل ڏينهن ٿيندڙ ڌماڪي کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ اهم سرڪاري عمارتن ۽ حساس هنڌن تي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي ويئي آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ اهم مزارن کي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن سنڌ حڪومت پاران سڄي صوبي ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.