تازيون خبرون

Daily Archives: February 16, 2017

نيشنل ايڪشن پلان جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، عمران اليڪشن ڪميشن ۾ پيشيءَ کان ڇوٽ پيو گھري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ پيشي کان رعايت گهري رهيو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ روز حاضر ٿئي ٿو، دهشتگردي واري مسئلي تي سياست نه ڪئي وڃي، اربع تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جا سٺا نتيجا اچي رهيا آهن، ساڍن 3 سالن کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، هڪ به دهشتگردي جي واقعي تائين جنگ جاري رهندي، بزدل دهشتگرد اسان جي حوصلن کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس ۾ اهڙو هڪ به ڪاغذ نه ڏنو جيڪو شريف خاندان خلاف شاهدي جي طور تي پيش ڪري سگهجي، ن ليگ جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته لاهور واقعي کانپوءِ شهيدن جي تدفين به نه ٿي هئي ته عمران خان تنقيد جو سلسلو شروع ڪيو، هن چيو ته عمران خان 130 ڏينهن واري ڌرڻي ۽ سول نافرماني جي عمل سان ملڪ جي ترقي جو رستو نه روڪي ها ته اڄ اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جتي بيٺا آهيون ان کان اڳتي هجون ها، سي پيڪ منصوبي تي تيزي آيل هجي ها، توانائي بحران ۾ تيزي سان ڪمي ۽ نوجوانن کي روزگار ملي ها.

 

پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هڪ هڪ رپئي جو اضافو ڪيو ويو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): تيل شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هڪ هڪ رپئي جو اضافو ڪيو ويو آهي، نيون قيمتون اڄ رات ٻارهين وڳي کان لاڳو ٿينديون، اسحاق ڊار چيو آهي ته لائٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمت ساڳي برقرار رکي وئي آهي.

 

پاڪستان پيپلز پارٽي دهشتگردي خلاف آواز اٿاريندي رهندي ۽ دهشتگردي جي متاثرن سان گڏ بيٺل رهندي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشاور ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۽ آزاد ڪشمير جي علائقي نيلم وادي ۾ مجلس وحدت المسلمين جي جنرل سيڪريٽري علامه تصور حسين نقوي الجوادي تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعن کي دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا قرار ڏنو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پي پي پي چيئرمين وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جا ظالماڻا ۽ وحشياڻا واقعا وڌي رهيا آهن پر نواز حڪومت اڻڄاتل ڪارڻن جي ڪري قومي ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. سٺا ۽ خراب دهشتگرد واري ٻولي انهن ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي، جن کي جڏهن چاهيو ويو، تڏهن نشانو بڻايو ويو، نه ته دهشتگرد سڄي قوم کي هيسائڻ چاهين ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد پنهنجي مرضي تحت نه ٿو ٿي سگهي، جهڙي ريت هن وقت تائين حڪومت ڪندي رهي آهي. هن عزم ورجائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي دهشتگردي خلاف آواز اٿاريندي رهندي ۽ دهشتگردي جي متاثرن سان گڏ بيٺل رهندي. پي پي پي چيئرمين چيو ته ايم ڊبليو ايم جي جنرل سيڪريٽري علامه تصور حسين نقوي الجوادي تي قاتلاڻو حملو به دهشتگردي آهي. هن پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته لڳي ٿو ته دهشتگردي جي مصيبت هاڻي وادي طرف  وڌيرهي آهي. هن دهشتگردي جي واقعن دوران پنهنجا  پيارا وڃائيندڙ خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

 

 

جهانگير ترين ٽيڪس گوشوارن ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ڌار ڌار ڪهاڻيون ٻڌايون: دانيال عزيز

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته عمران خان جا ڀڃڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن، اسان ان کي پڪڙي عدالت ۾ پيش ڪنداسين، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستان جي واحد پارٽي آهي جنهن جو چيئرمين عمران خان ۽ جنرل سيڪريٽري جهانگير ترين ڪرپشن جو اعتراف ڪري چڪو آهي، جهانگير ترين پنهنجي اثاثن کي لڪائڻ ٽيڪس رٽرن جي حوالي سان 3 مختلف ڪهاڻيون بيان ڪري چڪو آهي پنهنجي ڊرائيور جي نالي تي ڪاروبار ۽ جعل سازي جو اعتراف ڪرڻ کانپوءِ ڏنڊ سان گڏ ادائگي به ڪري چڪو آهي، عمران خان ۽ جهانگير ترين پاڻ ڪرپشن ۽ ٻين کي انصاف جو سبق ڏين ٿا، جڏهن ته ن ليگ جي قيادت مٿو جهڪائي پاڻ کي عدالت اڳيان احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي، عمران خان 2012 جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، ن ليگ گذريل 50 سالن جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته وقت اچي ويو ته هاڻ حق ۽ سچ جو فيصلو ٿيڻو آهي، عمران خان کي حساب ڏيڻو پوندو.

 

پرڏيهه جا ڪاغذ نٿا ٺاهي سگھجن ان لاءِ سامهون نه پيا اچن، لاهور ڌماڪي تي رانا ثناءُ الله جو بيان شرمناڪ آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نوازشريف ۽ ان جي ٻارڙن جيڪي بيان ڏنا ويا ۽ عدالت ۾ جيڪي دستاويز پيش ڪيا ويا آهن انهن ۾ وڏو تضاد آهي سپريم ڪورٽ کان ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نوازشريف ۽ ان جي ٻارڙن جيڪي بيان ڏنا هئا ۽ عدالت ۾ جيڪي دستاويز پيش ڪيا ويا انهن ۾ وڏو فرق آهي ۽ اهي ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. سواءِ انهن دستاويزن جي جيڪي پاڪستان ۾ ٺهي سگهن ٿا. جيڪي ڪاغذ ٻاهر وارا آهن اهي هي عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهيا هن چيو ته منهنجي سڄي ملڪيت جي تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ موجود آهي 20 سال اڳ جي به مني ٽرائيل جا دستاويز آهن پر اليڪشن ڪميشن فيصلو نه ڪري رهي آهي اهي ماڻهو 2016  جا به دستاويز نه ڏيکاري رهيا آهن جنهن تي جج صاحبان چيو آهي ته توهان اسان سان مذاق ڪري رهيا آهيو عمران خان چيو ته عدالت ۾ 9 مهينن کان ڪوبه دستاويز پيش نه ڪيو ويو جڏهن ته مريم نواز وٽ ڪوبه پئسو نه هو سڀ ڪجهه نوازشريف جو هو ان ڪري مريم نواز کي ان لاءِ بچايو پيو وڃي ڇو ته اهو نوازشريف جو پئسو هو ۽ هو ان ڪيس ۾ ڦاسي رهيو آهي. عدالت ۾ نوازشريف جي وڪيل سڀ ڪجهه مريم نواز تي مڙهي ڇڏيو آهي ۽ مريم نواز جي وڪيل حسين نواز تي هاڻي عدالت ۾ سليم الله ۽ ڪليم الله جي راند هلي رهي آهي ۽ سڀ ڪجهه هيڏانهن هوڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ پوءِ اهي چون ٿا ته اسان جا 3 نسل احتساب لاءِ تيار آهن جڏهن ته اڃا تائين هڪ به احتساب لاءِ تيار نه آهي هن چيو ته جيستائين وزيراعظم نوازشريف آهي پانامه ڪيس جي جاچ نٿي ٿي سگهي ڇو ته سمورا ادارا ان کي بچائي رهيا آهن ۽ سمورا ادارا ان جي هيٺان ڪم ڪري رهيا آهن.

 

قطري شهزادن جا خط حڪومت لاءِ نوح واري ٻيڙي نه پر ڪاغذ جي ٻيڙي بڻجي چُڪا آهن: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته قطري خط ڪاغذ جي ٻيڙي وانگر آهي، جيڪا ڪنهن ٻڏندڙ نٿي بچائي سگهي، پاناما ڪيس هڪ ڳالهه چٽي ڪري ڇڏي آهي ته حڪمرانن پنهنجي سرڪاري حيثيت کي ذاتي ڪاروبار وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي ۽ هاڻ به سرڪاري وزير حڪمران خاندان کي بچائڻ ۾ مصروف آهن، پاناما صرف حڪمران خاندان جو به پر انهن سمورن ماڻهن جي خلاف آهي جن قوم جي دولت لٽي آهي ۽ پرڏيهه منتقل ڪئي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي جماعت اسلامي جو نائب امير اسد الله ڀٽو، جماعت اسلامي جو وڪيل آصف توفيق بٽ به ساڻس گڏ هئا، سراج الحق ان يقين جو اظهار ڪيو ته قطري خط ڪاغذ جي ٻيڙي آهي جنهن تي ڀروسو ڪرڻ وارن تي آخر ٻڏڻو پوندو، پاناما جو معاملو عدالت ۾ آهي ان تي ويڙهه واري ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي پر اهو قانوني معاملو آهي، اسان کي عدالت تي يقين آهي، اسان چاهيون ٿا ته اهڙو فيصلو ٿئي جنهن ۾ ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي ٿئي.

 

بلوچستان واسي لڏ پلاڻ پيا ڪن، آدمشماري معطل ڪئي وڃي:اختر مينگل/ سي پيڪ ۽ آدمشماري تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي: جلال شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بلوچستان اڳوڻي جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته بلوچستان ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان جاري آپريشن جي ڪري ماڻهن جو وڏو انگ گهر ٻار ڇڏي ٻين هنڌن ڏانهن هليو ويو آهي ان ڪري هتي مردمشماري معطل ڪئي وڃي. ڪراچي ۾ حيدر منزل تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه جلال محمود شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته بلوچستان ۾ گذريل 15 سالن کان دهشتگردن خلاف جاري آپريشن جي رهواسين جو وڏو انگ لڏ پلاڻ ڪري چڪو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ اهڙا علائقا به موجود آهن جتي ڪير به ناهي رهندو، مردمشماري ذريعي ماڻهن جو اصل انگ ڄاڻڻ ضروري آهي، ان ڪري جيسيتائين بلوچستان جون سڌرن نٿيون تيسيتائين مردمشماري  نه ڪئي وڃي. ان موقعي تي نيشنل پارٽي جي سربراهه جلال محمود شاهه چيو ته سي پيڪ ۽ مردمشماري تي ڪنهن کي به اعتراف ناهي تنهن هوندي مردمشماري ذريعي ماڻهن جو اصل انگ ۽ زميني حقيقتون ڄاڻڻ ضروري آهي. هن چيو ته 57 ارب مان رڳو هڪ ارب رپيا بلوچستان ۾ خرچ ڪيا پيا وڃن جڏهن ته هاڻ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ توانائي، گيس ۽ صاف پاڻي ڏنو پيو وڃي.

 

”عاشقي ٽو“ منهنجي زندگيءَ جي يادگار فلم آهي: شرڌا ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز) اداڪارا شرڌا ڪپور فلم ”عاشقي ٽو“ جي حوالي سان تمام گهڻي جذباتي آهي. ان چيو ته عاشقي ٽو ماڻهن جي دلين کي ڇُهي ڇڏيو هو. عاشقي ٽو منهنجي زندگيءَ جي يادگار فلم آهي جنهن سان مان هميشه ڳنڍيل رهنديس. ان پنهنجي ٽوئٽ ۾ فلم جي ڪهاڻيڪار شگفته رفيق جي تمام گهڻي تعريف ڪندي لکيو ته ڇا ته بهترين ڪهاڻي لکي هئي جنهن ماڻهن جي دلين ۾ خاص مقام ٺاهي ڇڏيو.

 

”ايڪٽر ان لا“ فهد مصطفيٰ جا ڀاڳ کولي ڇڏيا، 4 نيون فلمون ٺاهڻ جي رٿابندي

لاهور(شوبز نيوز) فلم ”ايڪٽر ان لا“ جي ڪامياب نمائش کانپوءِ اداڪار فهد مصطفيٰ چار نيون فلمون ٺاهڻ جي رٿابندي ڪري ڇڏي، هو هنن ڏينهن ۾ فلمن جي اسڪرپٽ ۽ ٻين تيارين ۾ مصروف آهي، فهد مصطفيٰ هن وقت ٽي وي ڊرامن سان گڏوگڏ ڪيترين ئي فلمن جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، هو هاڻي پنهنجي پروڊڪشن هائوس تحت نيون فلمون ٺاهي فلم انڊسٽريءَ ۾ پنهنجو حصو وجهڻ چاهي ٿو، فلم ۾ ناليوارا اداڪارن سان گڏوگڏ نون فنڪارن کي به موقعو فراهم ڪيو ويندو.

 

ملوثن کي سخت سزا ڏبي جيئن ڪير اڳتي ائين نه ڪري، پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ٿيندو: شهريار خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته شرجيل ۽ خالد کي موقعو ڏنو پيو وڃي ته هو پنهنجو موقف پيش ڪن، اسان وٽ جيڪي ثبوت آهن اهي ٻنهي ڪرڪيٽرن جي سامهون رکنداسين، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار خان جو چوڻ هو ته شرجيل ۽ خالد کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويندو، فڪسنگ ۾ ملوث رانديگرن کي وڌ کان وڌ سزا ڏني ويندي، ٻنهي رانديگرن تي الزام جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهي ويندي، ڪرنل (ر) اعظم ٻنهي رانديگرن سان ملندو، جيڪڏهن ٻنهي ڪرڪيٽرن ڏوهه جو اعتراف ڪيو ته ڪميشن بڻائڻ جي ضرورت نه پوندي، اسان طرفان سخت کان سخت سزا ڏني ويندي، نرمي نه ڪئي ويندي، اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن کي اهڙي سزا ڏني ويندي، جيئن اڳتي ڪو رانديگر اهڙي غلطي نه ڪري، اسان چاهيون ٿا ته پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ئي ٿيندو، حڪومت کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائي رهيا آهيون، دهشتگردن اڳيان گوڏا نه کوڙبا، موجودا حالتن ۾ دٻاءُ هئو ته گول ميز ڪانفرنس نه سڏائي وڃي، جيڪا ملتوي ڪئي وئي آهي، چاهيون ٿا ته پي ايس ايل جي فائنل لاهور ۾ ئي ٿئي، لاهور ۾ سڪيورٽي انتظام ڏسڻ جي لاءِ پرڏيهن جو وفدن سڪيورٽي انتظام ڏسڻ لاءِ اچي رهيو آهي، ناصر جمشيد خلاف به پڪا ثبوت موجود آهن، جيڪي برطانيا کي ڏنا جن ان خلاف ڪارروائي ڪئي، سڄي معاملي ۾ ناصر جمشيد جو ڪردار اهم نظر اچي رهيو آهي.36