تازيون خبرون

Daily Archives: February 16, 2017

جنهن سان دوستي ختم ٿي ويندي آهي ان سان ملاقات ناهيان ڪندي: ڪنگنا رناوت

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره ڪنگنا رناوت چيو آهي ته کيس پوئتي مُڙي ڏسڻ جي عادت ناهي، هن لاءِ جنهن سان هڪ ڀيرو دوستي ختم ٿي ويندي ان سان ٻيهر ملاقات به ناهيان ڪندي. ڪنگنا هڪ ڀارتي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته هاڻي سندس سمورا اڳوڻا بواءِ فرينڊز دوستي رکڻ جا خواهشمند آهن پر هاڻي هوءَ ٻيهر انهن مان ڪنهن جو به هٿ نه پڪڙيندي. هن چيو ته هڪ ڀيرو جنهن سان دوستي ختم ٿيندي اهي سندس اصول آهي ته ٻيهر ان سان ناتو ناهيان رکندي.

 

منهنجو پٽ بلڪل پٺاڻن جهڙو آهي: ڪرينه ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪرينه ڪپور چيو آهي ته سندس پٽ بلڪل پٺاڻن جهڙو آهي ۽ انهن وانگر ئي خوبصورت آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بالي ووڊ اداڪاره ڪرينه ڪپور پٽ جي پيدائش کان پهريون انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن هميشه وانگر پنهنجن خيالن ۽ مستقل جي منصوبا بندي جي حوالي سان ٻُڌايو. اداڪاره جو چوڻ هو ته هو ۽ سندس مڙس سيف علي خان پٽ تيمور کي ڪڏهن به اڪيلو ناهن ڇڏيندا ۽ ضرورت پئي ته هو تيمور کي پاڻ سان شوٽنگ تي پڻ وٺي وڃي سگهي ٿي. اداڪاره چيو ته ان انٽرويو لاءِ آئون هتي آئي آهيان ان ڪري ته سيف گهر آهي، اسان ٻنهي مان هڪ ضرور تيمور وٽ هوندو آهي ڇو جو تيمور اسان جي زندگيءَ جو اهم ترين حصو آهي. اداڪاره جو پٽ تيمور جي حوالي سان چوڻ هو ته منهنجو پٽ خوبصورت ترين ۽ تمام گهڻو پيارو آهي جيڪو پٺاڻن جهڙو آهي.  واضح رهي ته ڪرينه ڪپور ۽ سيف علي خان 2012ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ هنن وٽ 20 ڊسمبر 2016ع تي پٽ تيمور علي خان جي پيدائش ٿي هئي.

 

ڪرپشن بابت جاچ جاري آهي، معاملو سامهون آڻڻ لاءِ وقت گھرجي: شهريار خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته رانديگرن جي ڪرپشن بابت جاچ جاري آهي پر معاملو واضح ٿيڻ ۾ ٿورڙو وقت لڳندو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين شهريار خان جو چيو ته ليگل ٽيم رانديگرن جي ڪرپشن بابت جاچ ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري رهي آهي ۽ تمام وڏي احتياط سان قانوني تقاضا پورا ڪري رهيا آهيون، شهريار خان وڌيڪ چيو ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ شرجيل خان ۽ خالد لطيف کي پي سي بيءَ پاران نوٽيس جاري ڪيا ويندا.36

 

مصباح الحق سپر فٽ ڪرڪيٽر آهي: ڪرس گيل

دبئي (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم جي جارحاڻي اوپننگ بيٽسمين ۽ پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ ڪرس گيل پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جي تعريف ڪندي نٿو ٿڪجي، چئي ٿو ته مصباح الحق پوڙهو نه پر سپر فٽ ڪرڪيٽر آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جڳ مشهور بيٽسمين ڪرس گيل جو چوڻ هو ته مصباح الحق 42 ورهين جو ٿي ويو آهي پر ان باوجود بهترين ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، هو سپر فٽ آهي. هن چيو ته مان به اڃا 37 سالن جو ٿيو آهيان، وڌيڪ 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي سگهان ٿو.

 

قلندر جي نگري ۾ ٿيل قتل عام..!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

لاهور اندر ٿيل خدڪشي ڌماڪي کانپوءِ اعليٰ صطح  جو هڪ اجلاس ڪيو ويو هو،سياسي ۽ عسڪري قيادت دهشتگردن ۽ سندن نظرين کي ڪچلڻ تي ڪيل اتفاق مان سمجهان ٿو ته سٺِي ڳالهه آهي ۽ سٺو نظريو آهي. خد ملڪ جي وزيراعظم ميان نواز شريف به چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. آپريشن جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس دوارن چيو ويو آهي ته. دهشتگردن کي ٻيهر اٿڻ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردي جا بيان رد ٿي چڪا آهن، صرف امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو بيان ئي ڇانئجي چڪو آهي. دهشتگردي جا تازا واقعا حڪومت جي ڀرپور ڪارروائي جو رد عمل آهن، ڪراچي، فاٽا ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، اڃا وڌيڪ بهتري ايندي.مان نواز شريف جو اهو بيان صبح جو ڪالهه واري اخبارن ۾ ڇپيل پڙهي ته شام جو 7لڳي45منٽن تي سنڌ جي سرزمين قلندر جي نگري ۾ ڪهرام مچي ويو.جنهن ڪهرام ۾ 100کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا ۽ سوين جي تعداد ۾ زخمي هئا.

سيوڻ سنڌ جي لال قلندر  جي نگري رت سان لال تي وئي هر طرف ڪهرام متل هوُ هر طرف هٽو بچو جو هوش هو،هن ديس اندر جتي بم ڌماڪا روز جو معمول بنجي چڪا آهن اتي انهن لاشن کي ميڙڻ وارا گهٽجي ويا آهن،جڏهن قلندر جي نگري رت سان رنڱجي وئي هئي ته ان وقت پاڪستان جي ريسڪيو ادارن به ڪا ڪسر نه ڇڏي خدڪش حملي ۾ جتي سنڌ جي عوام جون معصوم 100جانيون ضايع ٿي چڪيو هنيون اتي ڪيترائي سوين ماڻهن زخمي ٿي چڪا هئا جن جي اسپتال پهچائڻ ۽ زخمن تي مرحم لڳائڻ لاءِ حڪومت سنڌ کي جهڙي ريت خدمتون ڪرڻيون هنيون اهڙي ريت سنڌ سرڪار پنهنجي ڊيوٽي سرانجام نه ڏئي سگهي،پاڪستان اندر خدڪش حملا هاڻ روز جو معمول ٿي چڪو آهي،ان ڪري پهرين ته سنڌ حڪومت کي انهن حملن کان بچڻ ۽ انهن خلاف اپاءُ وٺڻ لاءِ سرڪاري سموري ادارن سميت وڏن مرڪزي مسجدن امام بارگاهن ۽ الله جي اولياءُ ولين جي درگاهن تي سڪيورٽي کي سخت ڪرڻي گهرجي ها ته افسوس جو سنڌ حڪومت اهڙي ڪنهن به ٿيندڙ واقع کان بي خبر هئي،۽ اهو ٿيو جنهن جو سنڌ واسين کي خوف هو ڊپ هو،سيوهڻ جي سرزمين رت سان لال ٿي انهي جو ڪنهن کي ذهن گمان ئي نه هوُ پر اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته انهن کان بچاءُ سنڌ سرڪار وٽ ڪهڙا اپاءُ هئا،سنڌ صوبي جي خاص طور تي انهن شهرن جن جي آبادي ايتري وڏي ناهي انهن شهرن اندر جيڪڏهن انساني زندگيون مظبوط ناهن ته پوءِ ڪئي ٿو چئي سگهجي ته سنڌ جا اهي شهر محفوظ ٿي سگهن ٿا جن جي آباد تمام گهڻي ڪروڙن ۾ آهي،سنڌ جو شهر سيوهڻ جنهن کان ڪير واقف ناهي،پر جيڪڏهن اهو سيوهڻ رت سان لال ٿي ته پوءِ سنڌ جو ٻيو ڪهڙو شهر محفوظ ٿي سگهي ٿو،انڪري مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي ڪيترن علائقن ۾ ڏينهون ڏينهن وڏي تيزي سان طالبنائيزيشن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان هن افسوسناڪ ۽ تباه ڪُن لهر جو رُخ موڙي سگهندو؟ حالت ايتري تيزي سان خراب ٿي رهيا آهن جن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اڪستاني سرڪار هن لهر کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. پاڪستان سميت سنڌ جا سمورا علائقا، جنهن ۾ اُتر لاڙ شامل آهن جيڪي پڻ، طالبانن جي اثر هيٺ اچي ويا آهن،۽ هاڻ ته سنڌ ۾ به طالبان جا حمايتي پيدا ٿي رهيا آهن. هاڻ محسوس ٿي رهيو آهي ته ملڪ جون سياسي ۽ حڪومتي تنظيمون ٻُڏتر جو شڪار ٿي رهيون آهن ۽ هنن وٽ ڪٽڙ اسلامي ٽولن جي حملن کي روڪڻ لاءِ ڪو خاص پاليسي ناهي. پر جيڪڏهن پاڪستان هن مشڪل کي مضبوط ارادي ۽ سنجيدگي سان حل ڪرڻ چاهي ٿو ته اڃان به هن وٽ گهڻا ئي موقعا آهن،

قلندر شهباز جي مزار تي ٿيل حملي جي زميواري ڀلي ڪير به قبولي پر مان سمجهان ٿو ته انهي حملي جي پٺيان ڪٿي نه ڪٿي انهي ئي دهشتگرد تنظيمن جو هٿ آهي جيڪي پاڪستاني جي سرزمين تي دهشتگردي ڪري پاڪستان جي عوام جو بي رت وهائڻ ٿا چاهين،جڏهن ته سندن انهن ظالم جون پاليسيون ئي ظالم آهن،پر حڪومت طرفان انهن جي خلاف اڃان تائين جيڪي ڪاروائيون ٿيون آهن، اهي انهن جو خاتمو آڻڻ جي ارادي سان نه پر نالي ماتر ڪيون وڃن ٿيون. فوج ۽ ڪجهه ٻين طاقتن کي ڪجهه ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن پر فوجين کي هڪ مشڪل آهي معني طالبان “ماريو ۽ فرار ٿيو“ واري گوريلا پاليسي استعمال ڪندا آهن. اُهي سرڪاري اهلڪارن جي همت ختم ڪرڻ لاءِ به ڪاروائيون ڪندا آهن جيئن سيڪيورٽي بسين کي تباه ڪرڻ، سيڪيورٽي ڪمانڊوز جي باورچي خاني تي آپگهاتي حملا ڪرڻ، فوجي جرنيلن جي گهرن آڏو آپگهاتي بم حملا ڪرڻ ۽ سندن مخالفن سان همدردي رکندڙن کي نشانو بڻائڻ،مسجدن ۽ ولين جي درگاهن تي حملا ڪرڻ ۽ پنهنجي هر ڪاروائي کي مذهبي رنگ ڏيڻ، پنهنجي مخالفن جي دلين ۾ خوف پيدا ڪرڻ جنهن مان هو اهو ظاهر ڪرڻ ٿا چاهين  ته اسين ڪڏهن به ڪٿي به حملو ڪري سگهئون ٿا ۽ ڪو به اسان کان محفوظ ناهي،سيوڻ حملي جي پيرا ڪيڏا به وڃن پر مان سمجهان ٿو ته جتي سنڌ سرڪار جو پاڪستان اندر وڌندڙ دهشتگرد جي حوالي سان روڪڻ جو سوال آهي ته سيوڻ درگاهه جي گادي نشين مهدي شاهه جو اهو به چوڻ هو ته ايڏي وڏي درگاهه تي صرف ٻه پوليس اهڪار شامل هئا جيڪا سراسر سر سنڌ حڪومت جي اناهلي جو ثبوت آهي.

 

 

دهشتگردن جو لاهور، پشاور، مهمد ايجنسي ۽ هاڻي سنڌ جي بزرگ هستي قلندر جي نگري تي وار…

غلنئي هيڊ ڪوارٽر ۾ آپگھاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ليويز اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 4 اهلڪارن سميت 8 ماڻهو زخمي ٿي پيا، مهمند ايجنسيءَ جي هيڊ ڪوارٽر غلنئي ۾ آپگھاتي حملي آورن گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي روڪڻ جي ڪوشش دوران هڪ آپگھاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، سيڪيورٽي اهلڪارن ٻئي دهشتگرد کي گيٽ تي فائرنگ ڪري ماري وڌو،  ٻئي پاسي پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ ميڊيڪل ڪامپليڪس ويجهو ججن جي وين کي آپگهاتي حملي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ هڪ ڄڻو شهيد ۽ سول جج آصف جدون کان علاوه 3 عورت ۽ هڪ مرد جج سوڌو 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا،

هاڻي وري انسانيت دشمنن آسان حدف کي ڳوليندي  سيوهڻ شريف ۾ حضرت لعل قلندر شهباز جي مزار ۾ آپگهاتي حملو ڪري 72 زائرين کي شهيد ۽ 250  کان وڌيڪ  ماڻهن کي زخمي  ڪري ڇڏيو، سيوهڻ شريف ۾ مشهور صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار ۾ آپگهاتي ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن هزارين زائرين ڌمال جي موجن ۾ مست هئا ته اوچتو آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڌماڪي کانپوءِ هر طرف قيامت صغريٰ جا منظر ڏٺا ويا ۽ هرطرف ڀاڄ پئجي وئي ڀاڄ سبب ڪيترائي ماڻهو پيرن هيٺان اچي چيڀاٽجڻ سبب زخمي به ٿيا. جڏهن ته ڌماڪي ۾ 72 زائرين شهيد ۽ 250  کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن زخمين ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪي دوران فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ڌماڪو مزار جي اڱڻ ۾ ٿيو . ڌماڪو ايترو ته زوردار هيو جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو واقعي واري هنڌ امدادي ادارن جون ايمبولنس پهچي ويون ، جن لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچائڻ شروع ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو منور مهيسر ٻڌايو ته ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿيا آهن هن تصديق ڪئي ته خميس تي زائرين جو وڏو انگ مزار تي حاضري ڀريندو آهي. پوليس موجب ڌماڪو ٿيندي ئي درگاهه کي چئني طرفن کان گهيري ۾ آندو ويو زخمين جي منتقلي جاري آهي. سنڌ جي صحت واري وزير سڪندر مينڌرو اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي ٻڌايو ته اها خطرناڪ ڳالهه آهي ته اسپتالن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. هن تصديق ڪئي ته ڌماڪو درگاهه اندر ان وقت ٿيو جڏهن ڌمال ٿي رهي هئي. حملو ڪندڙ سوني دروازي کان مزار اندر داخل ٿيو ۽ ان مزار جي اڱڻ ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ هر طرف اوندهه ٿي وئي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، رينجرز ۽ پوليس مزار کي گهيري ۾ آڻي واقعي بابت تفصيل گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. درگاهه لعل قلندر شهباز ۾ ڌماڪي جو اطلاع ملندي سول اسپتال ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون موڪلون رد ڪري انهن کي ڊيوٽين تي طلب ڪيو ويو آهي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ ۽ ڪمشنر حيدرآباد کي فون ڪري فوري طور تي امدادي ڪمن کي تيز ڪرڻ ۽ پوليس سميت ضلعي انتظاميه کي واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.

 

دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ اٿڻ نه ڏينداسين: سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ اتفاق

اسلام آباد(م.ڊ)  وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ سيڪيورٽي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت اتفاق ڪيو ته ملڪ ۾ دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، چوڌري نثار، اسحاق ڊار ۽ ناصر جنجوعا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته لاهور، ڪوئيٽا، مهمند ايجنسي ۽ پشاور ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي شديد مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي مڪمل خاتمي واري عزم جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته دهشتگردن ۽ ان جي نظرين کي چٿڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ اتفاق ڪيو ويو ته دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو. اجلاس ۾ شامل اڳواڻن جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف فورسز ۽ عوام تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ دهشتگردي خلاف قربانيون ڏيندڙ فورسز کي ائين وڃائڻ نه ڏينداسين.

 

پانامه ڪيس، ٻڌايو وڃي ته محمد بن جاسم کان حسين نواز کي فليٽ ڪئين مليا؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(م.ڊ)  سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم جي ٻارن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت کي ٻڌايو ته ۱۹۹۹ع تائين لنڊن فليٽ وزيراعظم ۽ ان جي خاندان جي ملڪيت نه هئا، ۱۹۹۳ع کان ۱۹۹٦ع ۾ الثاني خاندان اهي فليٽ خريد ڪيا ۽ جنوري ۲۰۰٦ع ۾ الثاني خاندان اهي فليٽ سرٽيفڪيٽن سميت حسين نواز کي ڏنا، جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته حسين نواز لنڊن فليٽن کي پنهنجي ملڪيت تسليم ڪيو آهي، انهيءَ ڪري ان جي ملڪيت تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي، پر ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي وڃي ته اهي فليٽ ٻارن ڪئين خريد ڪيا، ان وقت حسين نواز عمر جو ننڍو ۽ ٻار هو، جسٽس عظمت سعيد شيخ جو چوڻ هو ته توهان وٽ انهن فليٽن جو رڪارڊ موجود آهي ته اهو عدالت اڳيان پيش ڪيو، توهان پهرين ڏينهن کان وٺي هيڏي هوڏي ڊوڙي رهيا آهيو، توهان وٽ دستاويز آهن ته اهي عدالت اڳيان پيش ڪيو، هڪ نه هڪ ڏينهن ته ثبوت سامهون اچڻا آهن حسن نواز جي وڪيل سلمان اڪرم عدالت اڳيان موقف اختيار ڪندي چيو منروا سروسز فليٽن جي سار سنڀال لهندي آهي، جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي معاملو ايمانداري جو آهي، سيٽلمينٽ حماد بن جاسم سان ٿي آهي يا الثاني خاندان سان، محمد بن جاسم کان حسين نواز کي فليٽ ڪئين مليا، ان جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي.

 

هاڻ حددخليون قائم ٿيون ته لاڳاپيل آفيسر خلاف ڪارروائي دنيا ڏسندي:وڏو وزير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آهي جيڪڏهن ٻيهر شهر ۾ حددخليون قائم ٿيون ته هو لاڳاپيل آفيسرن خلاف اهڙي ڪارروائي ڪندو سڄي دنيا ڏسندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وڏي وزير کي بريفنگ ڏني ته سرڪلر ريلوي جي روٽ تي 762 ڪچا گهر آهن، 25 کان 125 گز جا 3850 کان وڌيڪ پڪا گهر آهن ۽ 125 گز کان وڌيڪ 36 ڪمرشل عمارتون قائم آهن. اجلاس دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن حددخليون قائم ڪيون پيون وڃن ان وقت ضلعي انتظاميا ۽ پوليس ننڊ پيل هئي ڇا؟ پهرين ضلعي انتظاميا ۽ پوليس حددخليون قائم ٿيڻ ڏيندي آهي جڏهن حددخليون هٽايون وينديون آهن ته حڪومت بدنام ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن شهر ۾ ٻيهر ائين حددخليون قائم ٿيون ته لاڳاپيل آفيسر خلاف اهڙي ڪارروائي ڪندس جو سڄي دنيا ڏسندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ اهو مذاق هاڻ ختم ٿي چڪو آهي. اسان حددخليون هٽائڻ ۾ شهري حڪومت جي مدد ڪري رهيا آهيون.

 

مهمند ايجنسيءَ ۾ آپگھاتي حملو، 4 ليويز اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد، 8 زخمي

راولپنڊي/ مهمند ايجنسي (ويب ڊيسڪ) غلنئي هيڊ ڪوارٽر ۾ آپگھاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ليوز اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 4 اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، مهمد ايجنسيءَ جي هيڊ ڪوارٽر غلنئي ۾ آپگھاتي حملي آور گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي روڪڻ جي ڪوشش دوران هڪ آپگھاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، سڪيورٽي اهلڪارن ٻئي دهشتگرد کي گيٽ تي فائرنگ ڪري ماري وڌو، ڳجھا اطلاع هئا ته افغانستان/ مان آپگھاتي بمبار مهمند ايجنسيءَ ۾ داخل ٿيا آهن، پوليٽيڪل انتظاميا جو چوڻ آهي ته 2 دهشتگرد موٽر سائيڪل تي سوار هئا ۽ ٻنهي مين گيٽ مان اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جنهن کي سڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ بابت شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج مهمند ايجنسيءَ ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب حملو ڪندڙن پوليٽيڪل ايجنٽ جي آفيس کي نشانو بڻايو، آپگھاتي حملو ڪندڙ بمبار افغانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيو هو، آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملي آور کي سڪيورٽي اهلڪارن مين گيٽ روڪي ورتو جنهن پاڻ کي بم سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي حملي آور کي گيٽ تي ئي گولي هڻي ماريو ويو آهي.36