تازيون خبرون

Daily Archives: February 13, 2017

پاڪستان سپر ليگ تي جوا جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا، شرجيل خان ۽ خالد لطيف کانپوءِ ٻين   رانديگرن کان به پڇا ڳاڇا

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ تي جوا جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا، شرجيل خان ۽ خالد لطيف کانپوءِ ٻين رانديگرن کان به پڇا ڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ تحت اسلام آباد يونائيٽڊ جي فاسٽ بالر محمد عرفان کي به ميچ فڪسنگ جي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته جوارين سان ملاقات ڪرڻ تي شرجيل خان ۽ خالد لطيف جا ڪانٽريڪٽ معطل ڪيا ويا آهن.

 

بين الاقوامي موئن جو دڙو ڪانفرنس ۾غور طلب عظيم اسڪالرن ۽ ماهرن جا رايا ۽ تجويزون: تحرير؛ عبدالفتاح عباسي

دنيا جي قديم ترين تاريخي ماڳ ۽ آثار قديمه موئن جو دڙو تي بين الاقوامي طور تي 1973ع کانپوءِ عالمي سطح جي ايونٽ طور بهتر انداز ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ جيڪي حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ انهيءَ جي ساٿين ۽ ٽيم هڪ اهڙو مثالي ۽ بهتر ڪم ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ورتي آهي جنهن کي يقينن صدين تائين ياد ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته هن تاريخي ماڳ طرف وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي انهيءَ سرمائي ۽ اثاثن کي بچائڻ جي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن کان آيل عظيم اسڪالرن ۽ ماهرن جي روشني ۾ مرتب ڪيل تجويزن ۽ راين جي مطابق موئن جو دڙو جي ورثي کي بچائڻ لاءِ هاڻي عملي طرح اڳتي اچڻ جي نه صرف ضرورت آهي بلڪ اشد ضرورت جي گهرج آهي ڇاڪاڻ ته دنيا جي مختلف ملڪن کان پري پري کان آيل اسڪالرن ۽ ماهرن جي تحقيقي ريسرچ مان فائدو وٺڻ حڪومت سنڌ جو ڪم آهي انهيءَ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 9 فيبروري پهرين ڏهاڙي انهي بين الاقوامي ڪانفرنس جي افتتاحي موقعي تي تقرير ڪندي چيو ته موئن جو دڙو سميت سنڌ جي سمورن تاريخي اثاثن ۽ سرمائي کي بچائڻ لاءِ ڪنهن به طرح پئسي جي ڪا به کوٽ نه آهي ته پوءِ باقي انهن تاريخي ماڳن جي ويچارگي تي اتان جو عوام ڇو ٿو روئي ۽ رڙي ضرور ڪنهن به طرح سان ڪٿي ٻنهي پاسن کان عوام جي ۽ حڪومتي ادارن جي هڪ ٻئي کان پري رهڻ يا فالو اپ وارو نظام برقرار نه ٿيڻ ڪري هيءُ سنڌ جي تاريخي ماڳن سان رڻ پٽ وارو راتاهو ٿيندو رهيو آهي پر دير آيا درست آيا وارو مثال هاڻي ضرور مناسب ٿيڻ گهرجي. مهنجي اوائلي خوشحال ۽ ترقي يافته سنڌ جي اوج جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. منهنجي سنڌ امڙ جي هر پاسي هڪ کان هڪ رنگ ڍنگ ۽ خوشبوءِ جا بيمثال نمونا نه صرف ساراهه ۽ تعارف جوڳا آهن پر انهيءَ سنڌ جو ماضي ايڏو خوبرو ۽  وڻندڙ رهيو آهي جنهن جي مصر ۽ ايران ، ترقي ۽ عراق توڙي عرب و عجم سنڌ جي بزرگن جي صوفياڻي طبعيت ۽ مهمان نوازيءَ طور ئي نه پر سنڌ علم ، دانش، شعور ۽ سگهاري سوچ جي مالڪ هجڻ تي پوري برصغير ۾ مشهور رهي آهي. سنڌ وطن جي پنهنجي هڪ انوکي سڃاڻپ ۽ شناخت رهي آهي انهيءَ سنڌ جي پنج هزار ساله تاريخ تي  موئن جو دڙو جي اهميت ۽ افاديت کي اڃان وڌيڪ اجاگر ڪرڻ لاءِ “ بين الاقوامي موئن جو دڙو ريسرچ تحقيقاتي ڪانفرنس ” حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران انٽر نيشنل 3 روزه ڪانفرنس سڏائي وئي آهي.جنهن ۾ لنڊن، آمريڪا، اسپين، فرانس، جرمني، جاپان ، چين سميت 40 ملڪن جي پرڏيهي ماهرن شرڪت ڪئي. انهيءَ عالمي موئن جو دڙو ڪانفرنس ۾ حڪومت سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه،  صوبائي وزير ثقافت سردار علي شاهه ،سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو،صوبائي وزير سهيل انور سيال، پ پ پ ايم پي اي محمد علي ڀٽو، اقليتي ايم اين اي رميش لعل ، پ پ پ لاڙڪاڻو جو سينيئر ترين اڳواڻ عبدالرزاق سومرو،پاڪستان آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو جو فائونڊر اڳواڻ عبدالستار کهاوڙ،سنڌ جي اديبن ۽ قلم ڪارن ۾ رئوف عباسي محمد علي پٺاڻ، پروفيسر ڄام جمالي،ڪراچيءَ کان اسپيشل طور تي آيل سينيئر ليکڪ اديبن ۾ مدد علي سنڌي،رکيل مورائي، سنڌ دوست ۽ ساڃاه وند ڌرين ۾ ڊاڪٽر ڪريم راڄپر، ذوالفقار راڄپر،ڪراچيءَ جي جاکوڙي ۽ محنتي صحافين ۾ مجاهد شاهه،شيخ اسرار،اسلام آباد کان زاهد کوکر،حيدرآباد مان ناز سهتو، لاڙڪاڻي مان ظفر ابڙو، سرڪش سڌايو،مشتاق تنيو، حنيف سولنگي، اعجاز چانڊيو، شيراز محمود پٺاڻ،نثار لهر، منظور مغيري، غلام نبي چانڊيو، شفيق کهاوڙ، سيد شفقت علي شاهه،خان راجا مگسي،وقار علي مگسي،عامر لاڙڪ،احمد رضا عباسي، حنيف سهاڳ، محمد نصير کهاوڙ،رياض ابڙو، ڏوڪري مان زاهد ڪٽپر،اصغر علي ميمڻ، باقراڻي کان لاله برڪت بلوچ، ياسين مشوري،  رتوديرو کان نياز ابڙو سميت ٻين دوستن ۽ پرڏيهي ميڊيا جي ساٿين جا نالا وساري نٿا سگهجن جن ٽي روزه انٽر نيشنل موئن جو دڙو ڪانفرنس ۾ ڀرپور انداز ۾ ڪوششون وٺندي ڪوريج لاءِ مصروف عمل ڏٺا ويا. هن تاريخي ماڳ جي حفاظت لاءِ 9 ، 10 ۽ 11 فيبروري 2017ع  خميس ، جمعي ۽ ڇنڇر ڏهاڙي تي ڇا ته موئن جو دڙو جي تي عالمي اسڪالرن جي پنهنجي قيمتي اثاثن ۽ سرمائي کي بچائڻ لاءِ مقالا پڙهڻ کان ويندي انهن جي تحقيقاتي ريسرچ تي تجزيه پيش ڪرڻ ۽ انهن تي بحث مباحثا ڪرن ڪيڏو نه اڻانگو سفر آهي اهو انهن پرڏيهي اسڪالرن جي هڪ ڏينهن جي محنت ۽ ڪوششين جو نتيجو ناهي بلڪ انهن پرڏيهي مشهور اسڪالرن هتي موئن جو دڙو تي اچي پنهنجي تاثراتن ۾ تحريري طور تي لکيو آهي ته اسان کي هن دنيا جي قديم ترين ماڳ آثار قديمه تي پهچي وڏي خوشي ٿي آهي ۽ نئون ساهه پيو آهي آهي ته اسان ڪيڏي پراڻي تهذيب تي ريسرچ ڪرڻ لاءِ پهتا آهيون جنهن جي پوري هسٽري هڪ تاريخ تي مبني آهي .انهيءَ بين الاقوامي موئن جو دڙو ڪانفرنس ۾  حيرت انگيز تحقيق سامهون ايندي ٻڌايو ويو ته موئن جو دڙو جي اڻ کوٽيل ايراضي سان گڏ هاڻ لڌل آثارن جي هيٺان به جديد ٽيڪنالاجي ذريعي کوٽائي سگهجي .ڪانفرنس ۾ تحقيقن ۽ تجويزن ڪيترن ئي ماڻهن جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ موئن جو دڙو جي تباهيءَ جي سببن تي توجهه نه ڏيڻ تي به ٽي روز ه عالمي سيمينار ۾ وڏو بحث ڊسڪس ٿيندو رهيو. جنهن ۾ عالمي اسڪالرن ۽ ماهرن ۾ مارڪ ڪينوئير ٻڌايو ته اسٽوپا ۽ گريٽ باٿ جي هيٺان کوٽائي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ممڪن آهي جيڪا لازمي ٿيڻ گهرجي.انهيءَ سان آثارن کي ڪو به نقصان نه پهچندوموئن جو دڙو جي کوٽائيءَ مان ڪٿان به قبرستان جا آثار نه مليا آهن. پرڏيهي اسڪالر جوناٿن مارڪ چيو ته موئن جو دڙو جي تاريخي ماڳ تي 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو رهندا هيا. هتان جي ٻولي تباهه ناهي ٿي پر اسڪرپٽتباهه ٿيو آهي.هڙپا جي ڀيٽ ۾ موئن جو دڙو ۾ گهڻا کوهه مليا آهن.جنهن مان ثابت ٿيو ته ان وقت سنڌو درياهه ويجهو نه هو. پرڏيهي ماهر آرڪيالاجسٽ مائيڪل جانسن چيو ته بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ جن ماهرن پيپر پڙهيا آهن انهن جي تجويز کي    گڏ ڪري وڌيڪ تحقيق ڪري سگهجي ٿيانهي سان موئن جو دڙو کي محفوظ بنائڻ ۾ گهڻي مدد ملندي، ٽيوب ويل لڳائڻ وارو ڪم کي اڌ ۾ ڇڏڻ افسوس جو جوڳو عمل آهي. وڌيڪ ٻين ماهرن مختلف سيشن ۾ چيو ته قديم ماڳ موئن جو دڙو کي ٻوڏ ۽ ماحولياتي تباهي برباد ڪيو آهي.خبر نٿي پوي ته هتان جي ماڻهن جي سياسي، سماجي ۽ معاشي زندگي ڪيئن هئي.سمورا گهر هڪ ئي انداز ۾ ٺهيل آهن.انهن مان هتان جي ماحول جي ڪا به خبر نٿي پوي انهيءَ لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.ڪانفرنس ۾ اڳوڻي ثقافتي صوبائي وزير سينيٽر سسئي پليجو چيو ته بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ ايندڙ تجويزن تي عمل ڪيو ويندو هيءُ تمام وڏو ايونٽ آهي پر چونڊيل نمائندا ايڏي وڏي تعداد ۾ نه آيا آهن تنهن هوندي به ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد شريڪ آهي.هن چيو ته ڪانفرنس ۾ اهم ملڪن مان وڏا ماهر اسڪالر آيل آهن جن جا تحقيقي پيپر تمام تفصيلي آهن ڪانفرنس ۾ اسان جي سڀني پارليامنٽرين کي هجڻ گهرجي ها. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ تحقيق سان گڏ بهتر تجويزون  سامهون آيون آهن.جن تي حڪومت عمل ڪندي ۽ 18 هين ترميم پاس نه ٿي هئي تڏهن مان وفاق کان موئن جو دڙو کسي ورتو هو ۽ مان موئن جو دڙو بابت هٿين خالي ڪم شروع ڪيو. هينئر هن کاتي ۾ صلاحيت جوڳا ماڻهو ويٺل آهن جيڪي ڪم کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.اهڙي طرح ٻئي ڏهاڙي جي مختلف سيشن بعد رات جو لاڙڪاڻي شهر جي قديم سمبار هوٽل ۾ پ پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر ، صوبائي وزير ثقافت سيد سردار شاهه، سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو،سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري، منظور قناصرو، پ پ پ اڳواڻ عبدالفتاح ڀٽو، عبدالستار کهاوڙ، پنجل خان سانگي،افسر قريشي، مظهر شاهاڻي، محمد علي ، عبدالستار ملاڻو ٻين هڪ صوفياڻي ملڪ گير ميوزيڪل شو ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . جنهن ۾ چئني صوبن جي فنڪارن سر وکيريا ۽ 11 فيبروري ڇنڇر ٽين ڏهاڙي جي آخري پڄاڻي واري تقريب ۾ عالمي اسڪالرن ۽ ماهرن جي تجويز ڪيل راين تي مبني مڪمل ڊاڪومينٽري تي ٻڌل تيار ڪيل ڪراچيءَ جي سينئير صحافي مجاهد شاهه   ڏيکاري وئي جنهن کي خوب ساراهيو ويو ۽ اهڙي طرح هيءَ ٽي روزه بين الاقوامي موئن جو دڙو ڪانفرنس پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ۽ هن تاريخي خطي جي عظيم ورثي کي فوري طور تي محفوظ رکڻ ۽ سانڍڻ لاءِ اميد افزاءَ قدم تي جلد حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ڪي تڪڙا قدم کنيا وڃن.

 

 

هي ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه آهي: تحرير: نظر علي نائچ

هي ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاه آهي ، جي ها هي الستي آواز 13 ڊسمبر 2008 تي جڏهن کان سنڌ ڌرتي جي خوبصورت فضائن ۾ گونجيو تڏهن کان اڄ تائين هي ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاه حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي جي نگري مان پنهنجي ٻڌندڙن تائين پنهنجا تمام بهترين پروگرام نشر ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي جنهن جو ثبوت اهو آهي ته هر روز سوين اداري تائين پهچندڙ خط، پروگرامن کي ساراهيندڙ فون ڪالون اچن ٿيون جنهن ۾ ٻڌندڙ پنهنجون فرمائشون، پنهنجا رايا ڏيندا رهن ٿا ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاه،اڄڪلهه جيڪي پروگرام نشر ڪري رهيو آهي انهن ۾ آغاز صبح جو 7:58 منٽن تي قرآن مجيد جي تلاوت  صرات مستقيم،شاه سائين جي سرن جو شاه جو راڳ “هي جالات لطيف جي ”  ان کان بعد سنڌ ڌرتي جي پيارن ٻڌندڙن جو مقبول ۽ مايا ناز پروگرام هيلو هي ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاه آهي جنهن ۾ ٻڌندڙن جي فرمائش کي مد نظر رکندي انهن جي پسند جا ميوزيڪل پروگرام نشر ڪري انهن جي روحن، دلين، ۽ ذهنن کي تازو ڪيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته ميوزڪ  شاعري، ڪلامن کي روح جي غذا به چيو ويندو آهي ٻڌندڙ دوستن جي تحريرن کي نشر ڪرڻ جو موقعو پڻ فراهم ڪيو آهي جنهن کي ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاه جي محبتي ڪمپيئرن جي سريلي سهڻي آواز ۾ نشر ڪيون وڃن ٿيون 3:10 منٽن تي ٻڌندڙ ساٿين جي خطن تي مشتمل پروگرام نشر ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ ٻڌندڙ دوستن جي فرمائشن کي ٽائيم ڏنو وڃي ٿو 5:05 منٽن تي آبادگار ڀائرن جو پروگرام ٻني ٻارو ڌنڌو ڌاڙي” نشر ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ آبادگار ڀائرن کي ڃاڻ ڏيڻ لاءِ اهم ۽ سينئر تجربيڪار ماهرن سان ڳاله ٻولهه نشر ڪري آبادگارن تائين صحيح معلومات پهچائڻ جون خدمتون سرانجام ڏنيون وڃن ٿيون 10:05 منٽن تي ”پروگرام خوشبوءِ جي سنگ سنگ نشر ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ عظيم شاعر حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي جي بيتن کي نشر ڪيو وڃي ٿو جيڪي پڙهندڙ پاڻ خطن ۾ لکي موڪلين ٿا اهو پروگرام هفتي ۾ ٽي راتيون نشر ٿيندو آهي ان کان علاوه مزاحيه ٽوٽڪن ، لطيفن،مزاحيه نغمن جو دلچسپ وروگرام گلدستوهر اڱاري رات 10:30 منٽن تي تي نشر ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ٻارڙن لاءِ پروگرام هر آچر تي ” گلڙا” نشر ڪيو ويندو آهي ، نوجوانن لاءِ خاص پروگرام ” روشن راهون” به نشر ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ علم، هنر، هارسينگار،کاڌي پيتي جي شين بابت ۽ کوڙ سارين دلچسپ ڳالهين سان سينگاريل پروگرام نشر ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ عورتن جون لکيل خوبصورت لکڻيون پڻ شامل ڪيون وينديون آهن ڪوئز پروگرام ” آندائون عميق ۾ ”جيڪو سنڌ جي بزرگن ،صوفي شاعرن،جي زندگي فن ذڪر ۽ شاعري جو ڪوئز پروگرام هلايو ويندو آهي جيڪو ٻڌندڙن کي تمام گھڻو پسند هوندو آهي نوجوان ان مان تمام گھڻي معلومات حاصل ڪن ٿا ان کان علاوه هڪ ٻيو پروگرام ” پڇڻا نه منجھڻا ” به نشر ڪيو وڃي ٿو جيڪو ڪرنٽ افيئر ،دنيا ليول تي سوالن ۽ جوابن تي مشتمل بهترين پروگرام نشر ڪيو ويندو آهي هر روز مقامي خبرون 5:30 منٽن تي نشر ٿينديون آهن سڄي نشريات جو جائزو وٺڻ  ۽ قيمتي رايا مشورا،ڏيڻ يا پروگرامن تي تبصرو ڪرڻ لاءِ ،سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل خطن جو پروگرام ” سڄڻن لکيو آهي ” هر اڱاري رات 10:05 منٽن تي نشر ڪيو ويندو آهي ان کانسواءِ پروگرام ”هڪ فنڪار” به ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاه تان نشر ڪيو ويندو آهي قومي نشرياتي رابطي ۽ صوبائي نشرياتي رابطي تي مشتمل هڪ پروگرام ۽ خبرون نشر ٿينديون آهن قومي اسيمبلي جا اجلاس هجن ،صوبائي اسيمبلي جا اجلاس هجن، يا سياست جا ڪي پروگرام هجن ، شاه سائين، سچل سرمست، حضيت قلندر شهباز جا عرس مبارڪ هجن يا سنڌ جي علمي ادبي شخصيت جي سالگره هجي،يا ڪي اهم معلوماتي ليڪچر هجن. ڪانفرنسون هجن پر ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاه پنهنجي ٻڌندڙن تائين ضرور پهچائيندو رهيو آهي هن اسٽيشن تي نالي وارا براڊ ڪاسٽر ڪم ڪري چڪا آهن موجوده پروڊيوسرن ۾ محمد عالم ڪلهوڙو،نوجوان پروڊيوسر سرفرازخان لغاري،نوجوان باصلاحيت براڊ ڪاسٽر اسٽيشن ڊائريڪٽر عرفان علي انصاري، انائونسرن ۾ آفتاب احمد ڀٽو، رفيق احمد، اياز شاه،عابدي اعجاز ڀٽو، عبدالله چنا، غلام حيدر خاصخيلي،ڪمپيئرس ۾ غلام محمد خاصخيلي،نظر علي نائچ،محمد خان زرداري،علي ڏنو پڃارو،معشوق علي پڃارو،ظهير شاه،شوڪت علي سنگراسي،فوزيه ميمڻ، فوزيه بلوچ،صدا جتوئي، انور سعد رنگ، انور علي،شوڪت ڪاڪا، محمد اسماعيل مير جت،انجنيئرن ۾ محمد نواز جوکيو.اميد علي هالاڻي،امتياز حسين ڦل، ٽيڪنيڪي معاون ارشاد علي چانڊيو،سيد محب شاه،براڊ ڪاسٽر شاهد حسين جلباڻي،سيد ڪاظم شاه، خالد زرداري،۽ ٻيا اسه محنتي جفا ڪشي ساٿي شامل آهن ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاه هن وقت پنهنجي تمام پروگرامن ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن پروگرامن دوران تمام ٻڌندڙ ساٿين جي راين، تجويزن تي عمل ڪندي پروگرامن ۾ ڪجھ تبديليون آڻي هر پروگرام کي ٻڌندڙن جي معيار تي پورو لهڻ جو ڪوشش سان روان دوان آهن اسان جي دعا آهي ته شال ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاه پنهنجي منزل طرف روان دوان رهي” آمين“.

 

مرڪز جو پاور صوبن ڏانهن ڪيترو منتقل ٿيو ….!

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ رٿيل “رول آف يوٿ ان نيشنل انٽيگريشن اينڊ ريجنل ڪنڪٽوٽي” سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي ترقياتي رٿائن کي تيزيءَ سان مڪمل ڪري رهي آهي ۽ چاليهن سالن بعد طارق روڊ جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ 10 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن ۽ ڪراچي کي وڌيڪ 10 ارب رپين جي ضرورت پئي ته اهي فراهم ڪيا ويندا. پوليس آرڊيننس 2002ع تحت ڊپارٽمينٽ ۾ سياسي مداخلت جي ڳالهه ٻول ڪئي وئي، امن امان ۽ پوليس ۾ سياسي اثر تي ڳالهه ٻول ٿي رهي آهي. صوبا گڏجي ملڪ کي مضبوط بڻائيندا آهن، پهرين سڀ ڪجهه اسلام آباد مان ڪيو ويندو هو. ارڙهين ترميم کان پهرين ڪجهه ماڻهو آئين کي ڪاغذ جو ٽڪڙو سمجهندا هئا. پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي اسلام آباد جو پاور گهٽائي صوبن ڏانهن منتقل ڪيو، اسان کي ڪو پاور ڏيڻ نه سيکاري اسان پاور ڏيڻ جا چيئپين آهيون. اسان پنجاهه ڪروڙ مهينو ڪراچيءَ کي ڏيندا آهيون، جنهن جو وڌيڪ بجيٽ پگهارن تي خرچ ٿيندو آهي. تعليم جي بهتري سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڊيووليشن پلان تحت تعليم کي نقصان پهچايو ويو. اسان تعليم کي بهتري ڪرڻ لاءِ قدم وڌايو آهي. 2011ع تائين 8000 اسڪول بند هئا، انهن مان ڪيترائي اسڪول کوليا ويا آهن. نوجوان ملڪ جو سرمايو آهن، پيپلز پارٽيءَ جي نوجوان قيادت ملڪ جي ترقيءَ ۾ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪري رهي آهي. تعليم جي واڌاري ۽ بهتريءَ لاءِ جيڪو به ڪرڻو پيو اهو ڪنداسين. انفرااسٽريڪچر جي بغير ترقي ممڪن نه آهي. صوبائي مالياتي ڪميشن قائم ٿي چڪو آهي ۽ صوبائي مالياتي ڪميشن تحت وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ٿيندي. چئني صوبن جي شاگردن کي هتي اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو. اوهان بنا ڪنهن خوف هراس جي شهر گهمي ڦري سگهو ٿا، مان پاڻ بنا ڪنهن پروٽوڪول جي شهر جا دورا ڪندو آهيان. ڪراچيءَ جو امن امان وڏي قربانيءَ بعد بحال ٿيو آهي. سياست کي بدنام ترين شعبو بڻايو ويو آهي، پرڏيهه ۾ اسڪول جي سطح تي سياست پڙهائي ويندي آهي. بلدياتي ادارن کي اختيار اسيمبليءَ ۾ قانونسازي ڪري ڏنا ويا، ڪو ايئن نه ٿو چئي سگهي ته اهي اختيار قانون جي خلاف آهن. شاگرد ۽ شاگردياڻيون سياست ۾ اچن، نوجوانن جي شامل ٿيڻ سان سياست ۾ بهتري ايندي، سياست ۾ نوجوانن جي ضرورت آهي. سياست جي پليٽفارم تان نوجوان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهن ٿا. اوهان اسان جو مستقبل آهيو، ملڪ جي ترقيءَ لاءِ پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيو، چين کان وڌيڪ مرڪزي نظام ڪنهن به ملڪ ۾ نه آهي. پڙهي لکي ماڻهو تعليم يافته ته ٿي سگهي ٿو پر قابل نه ٿو ٿي سگهي.