تازيون خبرون

Daily Archives: February 13, 2017

رضا رباني عالمي پارليامينٽري يونين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو)  سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ايندڙ هفتي گڏيل قومن جي سربراهي ۾ ٿيندڙ عالمي پارليامينٽري يونين (آئي پي يو) جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ٿيل بيان مطابق چيئرمين سينيٽ هي اعلان آمريڪا طرفان سينيٽ جي ڊپٽي مولانا عبدالغفور حيدري کي پاڪستان جي نمائندگي جي لاءِ ويزا جاري نه ڪرڻ تي ڪيو. هن هدايت ڪئي ته جيستائين آمريڪي حڪومت يا پاڪستان ۾ موجود آمريڪي سفارتخانو ان جا سبب نه ٻڌائيندو تيستائين سينيٽ جو ڪو به وفد آمريڪا جو دورو نه ڪندو.  سينيٽ جو چيئرمين رضا رباني سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفوري حيدري کي ويزا جاري ڪرڻ ۾ غير ضروري دير جو سختي سان نوٽيس وٺندي پاڪستاني وفد جو آمرڪي دورو رد ڪري ڇڏيو آهي. هنن آمريڪا اختيارن جي وضاحت تائين سينيٽ جا آمريڪا سان سفارتي لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا آهن. سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته جيستائين آمريڪا وضاحت نه ڪندو سينيٽ جو ڪو به اڳواڻ نيويارڪ نه ويندو. ۱۴ فيبروري تائين نيويارڪ ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي پارلياماني بحث ۾ شرڪت جي لاءِ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مولانا عبدالغفوري حيدري ۱۰ فيبروري تي آمريڪا وڃڻو هو. گذريل هفتي مولانا غفور حيدري ۽ سينيٽر صلاح الدين ترمذي اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارت خاني کي ويزا لاءِ درخواست ڏني هئي. آمريڪي سفارخاني سينيٽر صلاح الدين ترمزي کي ويزا جاري ڪري ڇڏيو هو، پر ڊپٽي چيئرمين کي ويزا ڏيڻ ۾ غير ضروري دير ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين کي وقت تي آمريڪي ويزا جاري نه ٿيو ته سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني سخت نوٽيس ورتو. هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيستائين آمريڪا حڪومت وضاحت نه ٿي ڪري سينيٽ جو ڪو به وفد آمريڪا جو دورو نه ڪندو نه ئي آمريڪا مان ڪو وفد پاڪستان ايندو.

 

اسان عمران خان صاحب کي سياست سيکارينداسين: سعد رفيق

لاهور (اين اين آءِ) ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ملڪ بگڙي وڃي ته ان کي ٺيڪ ڪرڻ ٻارڙن جي راند نه آهي، عمران خان سياست ۾ ٻار آهي ۽ اسان ان کي سيکارينداسين، جڏهن ته عوام ووٽ نواز شريف کي ڏنو ۽ فيصلو عمران خان ڪري ائين ٿي نٿو سگهي، ڪراچي ۾ قتل عام ختم ٿي چڪو آهي، ڀتي خورن ۽ ٽارگيٽ ڪلرن جون رڙيون نڪريون ويون آهن، اڄ بلوچستان ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي، غوثيا ڪالوني لاهور ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته سڄي خطي ۾ نواز شريف کان وڌيڪ  باشعور ۽ تجربيڪار سياستدان ڪو به نه آهي پر عمران خان هر فورم تي ڪوڙ ڳالهايو ۽ اهو پاناما معاملي تي به ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، جڏهن ته ثبوت هڪ به پيش نه ڪيو آهي، ڪڏهن ڌرڻا هڻي ٿو، ڪڏهن ڪفن پائي ٿو، سڄي دنيا ۾ نواز شريف جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي، هن چيو ته عمران خان اسان کان استعيفيٰ گهري ٿو ۽ جڏهن ڊي آءِ خان جو جيل ٽٽو ته ڪنهن به استعيفيٰ نه ڏني، اسان ڪنهن سازش نه پر ووٽ ذريعي آيا آهيون ۽ ووٽ سان ئي وينداسين، ملڪ ۾ بجلي جا ڪارخانا ۽ ڊيم ٺهي رهيا آهن، لوڊشيڊنگ گهٽ ٿي چڪي آهي، ملڪ ۾ سي پيڪ آندو، پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان ۾ دلچسپي وي رهيا آهن، اڄ بلوچستان ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي.

 

پاڪستان جي معشيت سٺي راهه تي هلندڙ آهي، ايندڙ سال تائين لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي: اسحاق ڊار

لاهور (اين اين آءِ) ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ٺوس اقتصادي سڌارن جي نتيجي ۾ مالياتي خساري کي ڪيتري حد تائين گهٽ ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ 2 سالن ۾ ان کي 4 سيڪڙو کان به گهٽ ڪنداسين، موجوده حڪومت 2013 ۾ جڏهن اقتدار سنڀاليو ته اسان کي توانائي بحران سميت ميڪرو اڪنامڪ جي شعبي ۾ عدم استحڪام گهٽ جي ڊي پي جي شرح درپيش جڏهن ته مالي خسارو 8.8 سيڪڙو هو ۽ ناڻي جا ذخيرا ملڪ جي تاريخ جي گهٽ ترين سطح 8 ارب ڊالر تي هئا جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ڪابل قبول ٺوس اقتصادي پاليسيون متعارف ڪرايون ۽ اڄ انهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ترقي پذير ۽ مسلم ملڪن ۾ ترقي ڪندڙ پنجين وڏي معيشت آهي، مارچ 2018 تائين 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي ۽ ايندڙ سال ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي، هو آچر تي گورنر هائوس لاهور ۾ ينگ پريزيڊنٽس آرگنائيزيشن جي احتمام هيٺ ڪلرز آف انڊس پروگرام 2017 جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، هن چيو ته دنيا جا 22 گريڊ ايبل ملٽي ڊونر ۽ ٻين اهم ادارن اسان جي معاشي سڌارن کي تسليم ڪيو آهي، هن چيو ته 2013 ۾ جي ڊي پي جي شرح صرف 3 سيڪڙو هئي ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ملڪ جي تاريخ جي گهٽ ترين سطح يعني 8 ارب ڊالر تائين پهچي ويا هئا، 2016 ۾ جي ڊي پي 4.71 سيڪڙو رهي جيڪا 8 سالن جي سڀ کان بلند ترين سطح آهي، 2017 ۾ اها شرح 5.5 سيڪڙو رهي، 2019 ۾ اها شرح 7 سيڪڙو تائين اچي ويندي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڪاٿو 2013 ۾ 43 ارب هو جيڪو 2017 ۾ وڌائي هڪ سئو 15 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، عالمي بينڪ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ۽ هارورڊ يونيورسٽي انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ جي جي ڊي پي جي شرح جون 2017 تائين 5 سيڪڙو تائين ٿي ويندي، جڏهن ته ڪجهه عالمي ادارن اها شرح 5.4 تائين اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي، هن چيو ته انٽرنيشنل بانڊ سڪوڪ ۽ ايڪيوٽي مارڪيٽ ۾ پاڪستان گذريل 10 سالن ۾ ڪافي پوئتي هليو ويو هو جنهن تي اسان ڪم ڪيو ۽ هاڻ غربت جي شرح ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، هن چيو ته ايڪسپورٽرن لاءِ 180 بلين جي پيڪيج سان ملڪ جي برآمد ۾ واڌ ٿيندي، هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ايڪشن پلان تحت آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، ڪراچي آپريشن کانپوءِ شهر ۾ امن ۽ روشني موٽي آئي آهي، معيشت ۾ بهتري، تعليم ۽ صحت ۾ بهتري انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ن ليگ جي منشور جو حصو هو، ان موقعي تي ينگ پريزيڊنٽس جي صدر پڻ خطاب ڪيو.

 

متحده جي باني جا ريڊ وارنٽ: ايف آءِ اي اڄ انٽرپول کي خط لکندي

اسلام آباد (اين اين آءِ) ايم ڪيوا يم جي باني الطاف حسين جا ريڊ وارنٽ جي جاري ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي اڄ سومر کي انٽرپول کي خط لکندو ان جي خلاف سنڌ جي گهرو خاتي جو ريفرنس به انٽر پول ڏانهن موڪليو ويندو، ميڊيا رپورٽ مطابق الطاف حسين جي پرڏيهه مان گرفتاري لاءِ ايف آءِ اي سڀاڻي سومر تي جوابدار جي ريڊ وارنٽ جي جاري ڪرڻ لاءِ انٽر پول کي خط لکندو، ايم ڪيو ايم جي سربراهه خلاف سنڌ جي گهرو کاتي جو ريفرنس به انٽرپول ڏانهن موڪليو ويندو، ريڊ وارنٽ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي حڪم تي جاري ڪيا ويا آهن، عدالت جوابدار کي انٽرپول ذريعي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، متحده جي باني گذريل سال 22 آگسٽ تي ڪراچي ۾ وڳوڙن جي ڪيس جو مک جوابدار آهي، جوابدار جي گرفتاري کانپوءِ سنڌ پوليس ۽ ايف آءِ اي جي ٽيمون متحده جي باني حوالگي لاءِ برطانيا ويندي.

 

پاڪستان ۽ ايران ۾ پراڻي برادر لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ پراڻا برادر لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان ايران گيس پائيپ لائين جو منصوبو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪوششن سان شروع ٿيو هو،ا يران پاڪستان جو سچو پاڙيسري برادر ملڪ آهي، هو ايراني سفارتخاني ۾ انقلاب ايران جي 38 هين سالگره جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي ايران جي قونصل جنرل به خطاب ڪيو، تقريب ۾ اڳوڻي وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، سيد ناصر حسين شاهه، مختلف ملڪن جا سفير، مذهبي ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ قونصل جنرل سالگره جو ڪيڪ به ڪاٽيو، وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول خوشگوار آهي ان مان ايراني سيڙپڪار ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن ٿان، ان موقعي قونصل جنرل احمد محمدي چيو ته پاڪستان ۽ ايران خطا جا 2 اهم ملڪ آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا عوامي سطح تي به بهترين لاڳاپا آهن، ايران پاڪستان گيس پائيپ لائين مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان ۾ سستي اگهه ۾ قدرتي گيس حاصل ٿي سگهي ٿي، ايران پاڪستان جي بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي هڪ هزار ميگاواٽ تائين بجلي فراهم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ايران سنڌ جي شهرن ۾ هڪ درجن جي لڳ ڀڳ اسڪول ۽ ميڊيڪل سينٽر قائم ڪيا آهن ۽ مستقبل ۾ به هو تعاون جاري رکندو، ايران هر قسم جي دهشتگردي خلاف ۽ هو اهو چاهي ٿو ته دنيا پرامن رهي ته جيئن عوام حقيقي ترقي جو سفر طئه ڪري سگهي.

 

سپريم ڪورٽ روڊ ميپ ٺاهي سڀني جو احتساب ڪري: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، پاڪستان جي پرڏيهي ۽ اندروني پاليسي ناڪام آهي، پاڪستان اڪيلو ٿي رهيو آهي ۽ آمريڪا جي ايتري گهڻي غلامي ڪرڻ باوجود پوءِ به ڪشمير بابت آمريڪا ڀارت سان گڏ آهي، اڄ اسان جي سرڪاري وفد کي به آمريڪا جي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، موجوده حڪمرانن مشرف واري پاليسي جاري رکي آهي، موجوده حڪمرانن جي پاليسين اڄ عوام کي غربت جي کڏ ۾ ڦٽو ڪيو آهي، پاڪستان جي پاسپورٽ ان ئي سبب بدنام ٿي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي تربيت گاهه ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، تربيت گاهه ۾ سڄي ملڪ مان تقريبن هڪ هزار ڪارڪنن شرڪت ڪئي، سينيٽر سراج الحق چيو ته اسان جي حڪومت اڄ ڪرپشن ڇڏڻ ۽ قوم جي لٽيل دولت سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪري ته اسان جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، حڪمرانن سبب ملڪ جي معيشت تباهه آهي، پاڪستان ۽ ڪرپشن گڏ گڏ نٿا هلي سگهن، اسان سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي ته وزيراعظم کان پڇيو وڃي ته ان وٽ ايتري دولت ڪٿان آئي، عوام ان کي مينڊينٽ ڏنو آهي ۽ ان کان پڇي سگهي ٿو ته دولت ڪٿان آيو آهي، حڪمرانن جو احتساب ضروري آهي، جيڪڏهن اڄ احتساب نه ٿيو ته ڪڏهن به نه ٿيندو، حڪمران ٻاهر وڃي پاڪستان ۾سيڙپڪاري جون اپيلون ڪن ٿا پر انهن جا پنهنجا ڪاروبار پرڏيهه ۾ آهن، عام ۽ غريب ماڻهو به ٽيڪس ڏئي ٿو ۽ پيلي بتي جو احترام به ڪري ٿو پر وي آءِ پي نه ٽيڪس ڏين ٿا ۽ نه ئي ان بتي جو احترام ڪن ٿا، ڪرپٽ مافيا ۽ عوام جي وچ ۾ ويڙهه آهي ۽ انشاالله ان ۾ ڪرپشن جي هار ٿيندي ۽ قوم سوڀ حاصل ڪندي. هن چيو ته مان تابوتن جي سياست يقين نٿو رکان ۽ جيڪي تابوتن جون ڳالهيون ڪن ٿا اهي صحيح نه آهن، جج پنهنجي ڪمنٽس ۾ به اسان جي ساراهه ڪئي آهي ۽ اها بينچ فيصلو ڪري، ڪمنٽس ۾ چيو آهي ته هو پاڻ ان ڪيس جو فيصلو ڪندي، اسان هر پيشي تي ڪورٽ ويندا آهيون ۽ ڪورٽ مان اميد آهي ته اها جلد فيصلو ڪندي.

 

مورو لڳ ٽريڪٽر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ۲ نينگر فوت، هڪ زخمي

مورو(رپورٽر)  مورو ڀرسان نوان جتوئي لنڪ روڊ ڳوٺ درس وٽ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ۲ معصوم ننيگر ۷ ور هين جو ثاقب يوسفزئي پٺاڻ ۽ ۱۰ ورهين جو اويس ملڪ موقعي تي فوت ٿي ويا. جڏھن ته شاهد يوسفزئي پٺاڻ زخمي ٿي پيو. جڏهن ته فوت ٿي ويلٻنهي ٻارڙن جا لاش ۽ زخمي کي مورو اسپتال آندو ويو خبر پوڻ تي ٻنهي معصوم نينگرن جا وارث ۽ شھري وڏي تعداد ۾ مورو اسپتال پھتا ۽ وارث ٻنهي نينگرن جا لاش ڏسي روئڻ لڳا. جڏهن ته زخمي استاد شاھد نياز يوسفزئي جي حالت نازڪ ھئڻ سبب نوابشاھ اسپتال موڪليو ويو، هوڏانهن فوتي جو نينگرن لاش مورو شھر جي پير رحمت اللھ ڪالوني ۽ ڳوٺ درس ۾ گھر پھتا ته روڄ راڙو پئجي ويو. جڏهن ته درس ٿاڻي جي پوليس ٽريڪٽر ٽرالي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آھي. ابتدائي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي. جڏھن ته ايف آءِ آر هن وقت تائين داخل نه ٿي سگھي آھي. ياد رهي ته فوتي معصوم نينگر ثاقب يوسفزئي ۽ سندس والد شاهد يوسفزئي ڪنهن دعوت تقريب مان مورو اچي رھيا ھئا ته اھڙو حادثو پيش آيو.

 

باڪسر عامر خان جي گهرواري فريال مخدوم کي رئيلٽي شو “بگ برادر” ۾ شرڪت جي دعوت

لنڊن (شوبز نيوز) پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان جي گهرواري فريال مخدوم کي مشهور برطانوي رئيلٽي شو “بگ برادر” ۾ شرڪت جي دعوت ملي آهي، جنهن ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو هن چاهيندڙن تي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ باڪسر عامر خان جي گهرواري فريال مخدوم پنهنجي سهري ۽ سسُ تي تشدد جو الزام لڳايو هو، جنهن کان پوءِ ٻنهي پاسن کان هڪ ٻئي مٿان الزامن جو سلسلو جاري آهي.

 

اداڪاري کان پوءِ ڪترينا ڪيف به فلمون ٺاهڻ جي خواهش ظاهري ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ باربي ڊول ڪترينا ڪيف پروڊيڪشن جي ميدان ۾ اچڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. بالي ووڊ ۾ ڪيترئن ئي فلمن ۾ پنهنجي خوبصورت اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندڙ ڪترينا ڪيف هاڻي پروڊيڪشن جي ميدان ۾ قدم رکڻ لاءِ پر عزم نظر اچي رهي آهي. ميڊيا موجب ڪترينا ڪيف پنهنجي پراڻي دوست دبنگ خان کان پنهنجي ڀينرن سونيا ڪيف ۽ ازابيل ڪيف کي فلمن ۾ آڻڻ لاءِ مدد گهري ورتي آهي، جڏهن ته دبنگ خان ان کي مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، پر اڃا دبنگ خان انهن کي ڪنهن به فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو ناهي سوچيو.

 

بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سڀ ميچون کٽيندڙ پاڪستاني ٽيم کي فائنل ۾ ڀارت هٿان شڪست

بينگلور (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي بلائينڊ ورلڊ ڪپ جي فيصلائتي ميچ ۾ ميزبان ڀارتي ٽيم ايونٽ جي سڀني ميچن ۾ ڪامياب رهندڙ پاڪستاني ٽيم کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. بينگلور جي چنا سوامي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ گرين شرٽس ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 197 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ بدر منير 57 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. جواب ۾ ڀارتي ٽيم هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. پرڪاشا جيارامايا بهترين بيٽنگ ڪندي 99 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو.27