تازيون خبرون

Daily Archives: February 13, 2017

برطانوي ڳائڻي ايڊيل گريمي سميت 5 ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊ کٽي ورتا

لاس اينجلس (شوبز نيوز) لاس اينجلس ۾ 59 هين سالياني گريمي ايوارڊز جي تقريب ۾ موسيقي جي دنيا جي ناليوارن فنڪارن شرڪت ڪئي. ڊيوڊ بوئي جي البم بليڪ اسٽار پنج نامزد ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊ کٽي ورتا، جڏهن ته برطانوي ڳائڻي ايڊيل”هيلو“ تي بهترين گيت جي گريمي ايوارڊ سميت پنج ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا. ان کان سواءِ سڀ کان وڌيڪ نامزدگيون حاصل ڪندڙ بيونسي رڳو ٻه ايوارڊ کٽي سگهي. تقريب ۾ پاپ ڳائڻي پرنس جارج کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.27

 

سوارا ڀاسڪر بهترين اداڪارا آهي: سونم ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سونم ڪپور کي اداڪارا سوارا ڀاسڪر جي فلم ”انارڪلي آف آرا“ ڏاڍي پسند آئي آهي. رپورٽن موجب سونم ڪپور خاص اسڪريننگ ذريعي فلم ”انارڪلي آف آرا“ ڏٺي ۽ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته سوارا ڀاسڪر فلم ۾ عورتن جي خود مختياري جي موضوع کي بهترين تفريحي انداز ۾ اجاڳر ڪيو آهي. هن چيو ته سوارا ڀاسڪر حقيقت ۾ صلاحيتن جي مالڪ اداڪارا آهي، سندس دوست هجڻ تي مان فخر محسوس ڪيان ٿي.27

 

شرجيل خان ۽ خالد لطيف کي شوڪاز نوٽيس ڏنا پيا وڃن، محمد عرفان کان جاچ جاري آهي: پي سي بي چيئرمين

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين شهريارخان چيو آهي ته محمد عرفان کان هن وقت تائين جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ ان کي شوڪاز جاري ڪيو ويندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي سي بي چيئرمين شهريار خان چيو ته شرجيل خان ۽ خالد لطيف کي شوڪاز نوٽيس ڏنا پيا وڃن. انهن کي به صفائي ڏيڻ جو موقعو ڏنو ويندو ۽ قانون موجب ئي سموري ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته ذوالفقار بابر ۽ شاهزيب حسن کي به ڪليئر قرار چڪا آهيون البت محمد عرفان کان جاچ جاري آهي پر هن وقت تائين انهن کي شوڪاز نوٽيس ناهن جاري ڪيا ويا. پي ايس ايل جي جنهن ميچ ۾ فڪسنگ ٿي ان ميچ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ سي سي آءِ جي اينٽي ڪرپشن يونٽ رانديگرن کي ميچ فڪسنگ ۽ ڪرپشن خلاف ليڪچر ڏنو هو. هن وڌيڪ چيو ته ميچ فڪسنگ جي معاملي تي ڏاڍو ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. ٽيم کي ليڪچر ڏيڻ دوران کين ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن ڪو شڪي ماڻهو توهان سان رابطو ڪري ٿو ته فوري طور سيڪيورٽي کي ٻڌايو ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته توهان به ڏوهاري هوندا.

 

اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث خالد لطيف پاڻ کي بي گناهه قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اسٽاپ فڪسنگ جي اسڪيندل ۾ ملوث رانديگر خالد لطيف پنهنجي پاڻ کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پي ايس ايل اسلام آباد يونائٽيڊ جي رانديگر خالد لطيف کان معطلي کان پوءِ ميڊيا طرفان سوال ڪيا ويا جنهن جو جواب خالد لطيف نه ڏئي سگهيو پر هن چيو ته الله گواهه آهي مون ڪجهه ناهي ڪيو ۽ مان بيگناهه آهيان. فيڪسنگ ۾ ملوث خالد لطيف کان سندس گهر ٻاهران موجود نمائندن سوال ڪيا ته هو ڪڏهن يوسف سان مليو آهي ۽ جيڪا آڇ ڪئي وئي اها هن قبول ڪئي يا نه؟ جنهن جو جواب خالد لطيف نو ڪمنٽس نوڪمنٽس ۾ ڏنو، پر جڏهن هو گاڏي ۾ ويٺو ته هن چيو ته الله گواهه آهي مان ڪجهه ناهي ڪيو آهي مان بيگناهه آهيان.

 

صحافي ٻيهر دهشتگردن جي نشاني تي…!: صاحب خان ڀٽي

مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي جو آواز ايوانن تائين پهچائيندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي نشاني تي اچي ويا آهن، سال 2017 جي پهرين مهيني ۾ ئي دهشتگردن بلوچستان ۾ فائرنگ ڪري هڪ صحافي کي شهيد ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو سلسلو هن وقت به جاري آهي، ڪراچي ۾ به دهشتگردن هڪ خانگي ٽي وي چينل جي گاڏي تي فائرنگ ڪري هڪ اسسٽنٽ ڪيميرامين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن جو آءِ جي سنڌ نوٽيس به ورتو آهي، ايتري قدر جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ ٻين کوڙ سياستدانن واقعي جي مذمت به ڪئي آهي، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪمران جيڪي امن امان بحال ڪرائڻ واريون دعوائون ڪري رهيا هئا اهي صحافين جي قتل بعد سواليه نشان بڻجي ويون آهن، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار به هر پريس ڪانفرنس ۾ اهو بيان ڏيندو رهيو آهي ته سندن حڪومت جي اچڻ بعد امن امان جي صورتحال ڪافي حد تائين بحال ٿي وئي آهي،

جيڪڏهن سنڌ ۽ بلوچستان جي امن امان جي صورتحال تي نظر ڦيرائنداسين ته اتي به مختلف وقتن تي دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪندا رهيا آهن، ان جو اندازو نئين جي سال جي پهرين مهيني ۾ صحافي جي شهادت مان به لڳائي سگهجي ٿو، بهرحال هن وقت ڪراچي ۾ سڪيورٽي ادارن تي حملا ۽ صحافين کي شهيد ڪرڻ وارن واقعن مان لڳي رهيو آهي ته دهشتگرد چونڊن کان اڳ پنهنجي ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا آهن، جيڪي ڪراچي آپريشن دوران ڪڻو ڪڻو ٿي ويا هئا، انهن هڪ ڀيرو ٻيهر هٿ ملائي پنهنجيون دهشتگرد ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن.آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا به چيو آهي ته هو انگريزن جي قانون تي هلي 21 هين صديءَ جي چئلنجن کي منهن نه ٿا ڏئي سگهن.2017ع ۾ به 1861ع وارو قانون هلي رهيو پراڻو قانون ڏئي 21 هين صدي جي حالتن جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهجي،

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ته پوليس کي به سياست کان پاڪ ڪرڻ کان ويندي پوليس کاتي ۾ بهتري جو مسودو به تيار ڪري ورتو آهي، سندس چوڻ آهي ته جيستائين پوليس کي سياست کان پاڪ نه ڪيو ويندو تيستائن امن ڪرائڻ ڏکيو آهي، بهرحال هن وقت صرف ڪراچي نه پر سڄي ملڪ جون حالتون بهتر ناهن، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد جهڙي شهر مان به ماڻهو گم ٿيڻ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن ته ٻي طرف وري سنڌ مان به کوڙ سارا ماڻهو گم ٿي ويا آهن، ايتري قدر جو عدالت ۾ به گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس هلي رهيو آهي، هڪ طرف سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيا آهن تي ٻي طرف وري عوام جو آواز ايوانن تائين پهچائندڙن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪجهه عرصو اڳ صحافتي عالمي تنظيم چيو هو ته پاڪستان صحافتي ادارن سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي، صحافين کي ڪو به تحفظ فراهم نه پيو ڪيو وڃي، ملڪ اندر ڪيترن ئي ادارن تي حملا به ٿي چڪا آهن، ڪڏهن انتهاپسندن  مختلف صحافتي ادارن تي حملا ڪيا آهن ته ڪڏهن وري ڪنهن بااثر خلاف خبر هلائڻ تي آواز دٻائڻ لاءِ حملا ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪجهه عرصو اڳ به ٿيا هئا،

گذريل سال به هڪ سياسي پارٽي جي اڳواڻ ڪارڪنن کي ڀڙڪايو هو، جنهن به هڪ خانگي ٽي وي چينل تي حملو ڪيو ويو هو ۽ جن عورتن ان خانگي ٽي وي چينل تي حملو ڪيو هو اهي سي سي ٽي وي ڪيميئرا ذريعي گرفتار به ٿيون هيون بعد انهن کي ٽي وي چينل معاف ڪري ڇڏيو هو. 12مئي واري واقعي ۾ هڪ خانگي ٽي وي چينل کي هٿياربندن نشانو بڻايو هو.ڪجهه عرصو اڳ صحافت جي آزادي لاءِ ڪم ڪندڙ گروپ رپورٽرزود آئوٽ بارڊرز طرفان ٻڌايو ويو هو ته سال 2016 ۾ شام اندر سڀ کان وڌيڪ صحافين کي ماريو ويو هو، ٻئي نمبر تي سڀني کان وڌيڪ 10 صحافي افغانستان ۾ ماريا ويا هئا، جڏهن ته ميڪسيڪو ۾ 9 صحافين کي ماريو ويو هو، جنهن سبب ميڪسيڪو ٽئين نمبر تي رهيو. بهرحال 2015 ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ ڪراچي اندر سينيئر صحافي کي شهيد ڪيو ويو هو، جيڪو سلسلو هن وقت تائين ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيو آهي،

جيتوڻيڪ ملڪ اندر صحافتي تنظيمون حڪومت کان اهو مطالبو ڪنديون رهيون آهن ته صحافين جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن پر افسوس جو حڪومت انهن جي مطالبن تي ڌيان نه ڏئي رهي آهي، هن وقت به ڪراچي اندر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب نظر اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته سنڌ اندر آدمشماري ويجهو اچي رهي آهي مٿان وري صحافين تي حملن وارا وقعا اهو خوف پکيڙي رهيا آهن ته دهشتگردن جو پٽو کوليو ويو آهي جيڪي بنا خوف جي شهرين ۽ صحافين کي ماري رهيا آهن، آدمشماري کان اڳ ڪراچي اندر صحافين ۽ سڪيورٽي ادارن تي حملا انتهائي افسوس جوڳا آهن ڇاڪاڻ ته ڪجهه دهشتگرد پوليو مهم دوران خوف پکيڙڻ لاءِ ڪارروايون ڪند آهن ته ڪجهه وري چونڊن کان اڳ اهڙو ڪڌو عمل ڪندا آهن، هن ڀيري به آدمشماري کان اڳ ڪراچي جو امن امان تباهه ڪندڙ دهشتگرد ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا آهن، جيڪي پوليس سان گڏ صحافين کي به نشانو بڻائي رهيا آهن.

ڪجهه عرصو اڳ عالمي اڳواڻن چيو هو ته پاڪستان اندر سٺي ۽ خراب دهشتگرد جو تصور هلي رهيو آهي، جيڪو ختم ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي سٺي ۽ خراب دهشتگرد واري تاثر کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ ڪراچي کان ويندي لاهور تان بنا فرق جي دهشتگردن جي ڳچي ۾ پٽو وجهڻو پوندو ته جئين بيگناهه شهرين ۽ صحافين جون حياتيون بچي سگهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به جڏهن آمريڪا ۾ هو، هن بيان ڏنو هو ته وفاقي حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ پنجاب حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي کان لنوائي رهي آهي، اهڙي بيان باوجود پنجاب حڪومت توڙي وفاقي حڪومت بلاول ڀٽي زرداري جي ان بيان جو جواب نه ڏنو آهي، بهرحال هن وقت ملڪ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي جون انتهائي خراب آهن، ڪجهه عرصو اڳ جڏهن ڪراچي ۾ آپريشن شروع ٿيو ته  ان وقت ڪجهه سياستدانن رڙيون شروع ڪيون ته آپريشن صرف ڪراچي نه پر سڄي صوبي ٿيڻ گهرجي ۽ اهڙي ريت ڪراچي ۾ به آپريشن تڪراري بڻجڻ طرف وڌي ويو هو،

جيڪڏهن ان وقت سياسي پارٽيون خاموشي اختيار ڪن ها ته دهشتگرد جيڪي ٻرن ۾ لڪي ويا هئا اهي اڄ ڪڻو ڪڻو ٿي گڏ نه ٿين ها ۽ نه ئي وري روشنين جو شهر اونداهي ڏانهن وڃي ها، هن وقت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي اها ذميواري آهي جيڪي ماڻهو آدمشماري کان اڳ ڪراچي اندر حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿا انهن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪن ته جئين آدمشماري ملتوي ڪرائڻ واريون سازشون ناڪام ٿي وڃن ۽ جلد کان جلد پرڏيهين کي هن ملڪ مان بي دخل ڪيو وڃي جئين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ قدم کڻي رهيو آهي، جيڪڏهن هن وقت ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بحال نه ڪئي وئي ته دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي اندر رت جي راند کيڏڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا، ڪراچي آپريشن کان پوءِ سمورن شهرين اهو سوچيو هو ته جهڙي ريت امن امان بحال ٿيو آهي اهو اڳتي هلي به قائم رهندو پر اهو ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. چونڊن ۾ به اچي سال رهجي ويو آهي، ان کان اڳ آدمشماري به ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪا به وڏي عرصي کان پوءِ ٿي رهي آهي، ان کان اڳ ڪراچي ۾ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

اچو ته پيار ڪندڙ جوڙن کي گلن جون گفٽو ڏيون: عبدالجبار ميمڻ

14 فيبروري جو ڏهاڙو سڄي دنيا ۾ محبتن  جي عالمي ڏهاڙي  طور ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن تي عاشقن پنهنجي محبوبن کي  محبت جا گل آڇيندا آهن ۽ پنهنجون جوانيون پرين لاءِ ارپي ڇڏيندا آهن گڏ رهڻ جا وڇن واعدا ڪري سڄو جيون گڏ نڀائڻ جا ازم ورجائيندا آهن، ان جو مقصد اهو هوندو آهي، ته  ويلنٽائين ڊي  تي رنجشون وساري محبتون ورهائجن ۽ پيار جي دشمن کي شڪسست ڇو ته نفانفسي جهڙي ڌجالي دور م اسان کان خوشيون، مرڪون ٽهڪ محبتون زوري رسائي ڇنائي الوداع ڪنديون وڃن ٿيون،  پر اڄ جي هن جديد دور ۾ سڀ نفرتون وساري  اڄ اسان  هڪ ٻئي کان جدا ناهيون هميشن محبت جو اظهار  لکيل  ڪري سگهون ٿا،  ۽  محبتي  ماڻهن کي شڪست ناهي ايندي، نفرتون  ختم ڪري هميشه لاءِ هڪ ي وڃبو، هڪٻئي کي جيون ارپي چڏبو، ڇو ته  نه نفرتون ئي ايٽم بم کان وڌيڪ  خطرناڪ آهن، ڇو ته محبت کانسواءِ  دنيا خالي  کوکو آهي، اسان جي سماج ۾  پيار سان سلهاڙيل جوڙو هڪ ئي کي گلن جا تحفا، عيد ڪارڊ، خط، ميسيج جي  پرفيوم ۽ ٻيون کوڙ ساريون پيار ڀريون گفٽون موڪليندا آهيون، هن حسين ڪائنات جي انتهائي ۽ اهم اڄوڪي ڏينهن تي پيار ڪندڙ ڪيترائي اهڙا جوڙا به موجود هوندا جيڪي پنهنجي پرين کي چاهيندي  به ظاهري طور ڪجهه ڏئي  ناهن سگهندا، ڇو ته سماجي ته سماجي طرف ڊگهين ديوارن توڙي  رڪاوٽن سب خواهشن جي باوجود به اهي پيار ڪندڙ جوڙآ ملي ناهن سگهندا، خاص ڪري اسان جي سماج  ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي  جڏهن ته محبت عظيم رشتو آهي ۽ عشق جو تلق حسن سان آهي، پر حسن جي ڪا به وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي،ته حسن عشق کي ۽ عشق  کي دريافت ڪري ٿو، ڪائنات  جي تخليق جو سڀ عشق آهي، جئين انسان جن پرست توڙي پيار  جو پوڄاري آهي، تنهن ڪري سونهن ڏانهن سندس ڇڪجڻ به فطري عمل آهي، ناڪاره  رستن جو اسان  جي سماج ۾ عشق ناڪاره رستن رسمن جي ور چڙهي ويو آهي، ۽ پيار ڪندڙن کي غيرت جو نالو ڏئي هميشه ڪارو ڪاري جو الزام مڙهي تشدد ذريعي ڌار ڪيو ويو آهي، پوءِ  اهي دليون يا نه ڪاري قرار ڏنل مڙهه مقام ۾ پيل آهن، يا ته ڀور ڀور دلڙيون کڻي جئين جا وس ڪري رهيون آهن، دلڙيون ته سڏبيون ئي پاڳل آهن، پيار ڪندڙ محبت پائڻ لاءِ درن جي ڌڪا کائيندا وتندا آهن ۽ سوين عاشق پنهنجي پرين سان ملي ناهن سگهندا، مجنون ليلا، هير راجهو،  مومل راڻو،  عمر ماروي، سسئي پنهون، نوري ڄام تماڇي، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار، اهي ماڻهو  آهن، جيڪي حقيقي عشق جا عملبدار سڏبا وڃن ٿا ۽ اهي ڪردار هميشه تاريخ بڻجي چڪا آهن، عشق ۾ پرين  پرين  جا جوڙا ايترا زخم رسائيندا آهن، جو ان جو ڪاٿو لڳائي  نه ٿو سگهجي،  انسان سورز ريتون رسمون، ڪا به اهميت نه ٿيون رکن اتي هر ڪو آزاد آهي، هر ڪو پنهنجي زندگي پوري آزادي سان گزاري سگهي ٿو، اتي شايد ٻين ڪمن ۾  ڀلي کڻي فراڊ  ٿيندا  هجن، پر جڏهن  محبت جي ڳالهه  اچي ٿي ته پوءِ ٻن  دلين جي وچ ۾ ڪو به فراڊ نٿو رهي  سگهي،  باقي ته قصوئي الٽو لڳو پيو آهي، عشق  ۾ سدائين سک گهٽ ۽ درد وڌيڪ آهن، عشق ماڻهن کي صحيح  ۽ غلط راهه جي پرک ڏئي ٿو،  عشق ۾ ماڻهو  پنهنجي راس ٿئي ٿو، عاشق جي دل ڄڻ ٽامي جي ٺهيل هوندي آهي، جو معشوق  جا زخم اکين تي رکندو  ۽ ٻيو سهندو آهي، محبوب جا ڏنل درد اکين  تي رکي انهن جي آجيان ڪندو آهي، ۽ عشق انڌو آهي،  جيڪو ڪڏهن  به نقصا نه سوچيندو آهي،  جڏهن ته اڻ ڌٺي عشق ڪرڻ وارا ڪامياب ٿيندا آهن، ۽ سڄو عاشق صرف پنهنجي پرين جي ادائن جو ديوانو هوندو آهي،  جيئن لطيف   سرڪار چوي ٿو ته…..!

اچو ته ويلنٽائين ڊي ملهايون

غلام محمد ڀٽي

ويلنٽائين ڊي ملهايون ڏينهن

وچن واعدا نڀايون اڄ نينهن

پيارن جوڙن کي گفٽون ڏيون

گڏجي وري انهن کي لفٽون ڏيون

پيار محبت سلامت رهي جيئن

ويلنٽائين ڊي ملهايون ڏينهن

بي وفائن سان وفائون ڪيون سي

پرين سان ڪيڏيون سچايون ڪيون سين

محبت سان اڏي مينار وسايون مينهن

ويلنٽائين ڊي ملهايون ڏينهن

جداين ۾ جيڪي جوڙا هوندا

اکين انهن ۾گوڙها هوندا

هي مزو محبت ۾  ناهي  رهون ڪيئن

ويلنٽائين ڊي ملهايون  ڏينهن

ڪيڏا توهان سان ڏور رهون ٿا

دلبر پوءِ درد سهون ٿا

گڏ گڏ ڇو نٿو تون رهين

ويلنٽائين ڊي ملهايون  ڏينهن

موبائل تنهنجي مسيج ايندو

درد اسان جو گهٽ ويندو دعا آهي

خوش رهي سدا ٿيئن پيار

محبت سان دنيا  وڌي آ

جيڪو  نه مڄي سو ته سفا ردي آ

گل ڦل سرها نچن پيا تڌهئين

ويلنٽائين ڊي ملهايون  ڏينهن

ڀٽي  پيار کي اڄ ورجايون

پنهنجن  پيارن  رٺلن کي پرچايون

جيئن مزو سدائين رهندو اچي ايئن

اڃا تو منجهان ڪک ڇني رت نڪري.

منهن ۾ مجبوب جا ڪئين  جيئندي  گهاءُ

سوتو ڪڄاڙيا سڪهڻ جون سڌون ڪرين،يا

محبت پائي  من ۾ انڊا روڙيا جن

تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهمايو،ا

سپت ڀريا سمرين ڪوپت ڪين ڪريون

ٿورڙي  گهڻي ڏينهن لاءَ ماڻهو وڃن مريو

تيسي قرب ڪريون جيسي جيئرا آهيو هن جوءَ ۾

جڏهن ته محبت قدرت اهڙو ته مٺاس پيدا ڪيو آهي، ۽ ان جي محبت سب اڄ به سڄي دنيا ۾عاشقن معشوقن جا ميڙا متل آهن، اڄ گلن توڙي گفٽ ڏيڻ جا سلسلا جاري آهن، جيئين لطيف سرڪار چوي ٿو ته………..!

ڪنو پاڙو پاتال ۾ ڀوئنر ڀري  آڪاش،

ٻني سنڌي ڳالهڙي رازق آنڌي راس،

تنهن عشق کي آ شاباس جنهن محبت ميڙيا……!

 

 

وومين پروٽيڪشن سينٽر جو قيام

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ وومين پروٽيڪشن سينٽر جي افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  پوليس جو مورال ڪرڻ سبب ڪراچي ۾ رينجرز کي گهرايو ويو، جيستائين پوليس جو نئون قانون نه ٺاهيو ويندو، تيستائين پوليس پنهنجن پيرن تي نٿي بيهي سگهي، 2017ع ۾ به 1861ع وارو پوليس قانون هلي رهيو آهي، ڪراچي ۾ ڪيل ڳالهه جو مقصد سياسي نه هو، اسان چاهيون ٿا ته هر ضلعي ۾ وومين پروٽيڪشن سينٽر قائم ٿئي، ان لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. پوليس ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، جن تي ڳالهائي سگهجي ٿو، اهڙين خامين جي ڪري پوليس جو مورال به ڪريو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ رينجرس کي گهرايو ويو. قانون پراڻو هجڻ ڪري مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، ان لاءِ سنڌ حڪومت کي نئين قانون جو ڊرافٽ ٺاهي پيش ڪيو آهي. پنجاب ۾ 2002ع  وارو پوليس قانون هلي رهيو آهي، ڪي پي ڪي ۾ به نئون قانون آهي. معاشري ۾ عورت جي جيڪا عزت هجڻ گهرجي، ان جي خبر آهي، پر ان لاءِ اسان کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. عورت کي سماج ۾ برابري جي حيثيت ناهي، پورو سماج يرغمال بڻيل آهي، عورت گهرن تائين محدود آهي، نياڻيون گهرن کان ٻاهر نڪرن ٿيون ته انهن کي غلط نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو، اهڙي عمل کي روڪڻو پوندو. ٿاڻي واري ڪلچر کي تبديل ڪرڻ لاءِ رپورٽنگ روم ٺاهڻ پهريون قدم آهي، معاشري جي هر طبقي جي وومين پروٽيڪشن سينٽر ۾ نمائندگي ضروري آهي، ته جيئن نياڻين ۽ ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاءِ اڳتي وڌي سگهجي. تعليم جي شرح گهٽ آهي، ان کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، ميڊيا کي به گهرجي ته وومين پروٽيڪشن سينٽر جي ڳالهه کي اڳتي وڌائي. وومين پروٽيڪشن سينٽر سنڌ حڪومت جي سمورن ادارن سان رابطي ۾ هوندو. سوشل ميڊيا تي به نياڻين کي بليڪ ميل ڪري حراسان ڪيو وڃي ٿو، گهر وارن کي گهرجي ته نياڻين سان خوف وارو رشتو نه رکن ۽ شفقت سان پيش اچن ته جيئن هو هر ڳالهه هنن کي ٻڌائي سگهن،

 

فاٽا کي قومي وهڪري ۾ آڻڻ لاءِ حڪومت سان سهڪار جاري رکنداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اتر وزيرستان جو دورو ڪيو آهي، آءِ ايس پي آر ترجمان موجب آرمي چيف اتر وزيرستان ۾ جوانن سان گڏ ڏينهن گذاريو، آرمي چيف کي وزيرستان ايجنسي ۾ سڪيورٽي، استحڪام جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف آپريشن جي نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور موجب آرمي چيف علائقي ۾ ترقياتي ڪمن، بارڊر سڪيورٽي مئنيجمينٽ جي قدمن تي به اطمينان جو اظهار ڪيو. آرمي چيف نوجوانن کي خطاب ڪندي چيو ته قبائلي ڀائرن ۽ مقامي انتظاميه جو سهڪار قدر لائق آهي، فاٽا کي قومي وهڪري ۾ آڻڻ لاءِ حڪومت سان سهڪار جاري رکنداسين، آرمي چيف وڌيڪ چيو ته علائقي ۾ ديرپا امن لاءِ اقتصادي ترقي اهم آهي، هن چيو ته آپريشن ۾ استحڪام، سماجي اقتصادي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي، رياست جي عملداري جي لاءِ نوجوانن جي بهادري ۽ عزم تحسين لائق آهي.

 

رينجرز کي گهرائڻ جي ڪري پوليس جو مورال ڪِريو: آءِ جي سنڌ

حيدر آباد (اين اين آءِ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته پوليس جي ڪمزورين بابت ڳالهه ڪئي هئي ان جو ڪو به سياست سان مقصد نه هو، جڏهن پوليس جو مورال گهٽ ٿيو تڏهن ئي رينجرز کي گهرايو ويو، جڏهن ته جيڪڏهن پوليس کي سپورٽ ڏني وڃي ها ته ڪنهن جي تعاون جي ضرورت نه پوي ها، پوليس جو ڪم صرف ماڻهن کي سزا ڏيارڻ نه پر ڏوهارين جي ذهن سازي به ڪرڻ آهي جنهن لاءِ ٿاڻن جي ڪلچر ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، پوليس قانون جو نئون ڊرافٽ سنڌ حڪومت ڏانهن موڪليو آهي جيستائين پوليس کي نئون قانون نٿو ملي پوليس پنهنجي پيرن تي بيهي نٿي سگهي، 1861 واري قانون تي هلي ايڪيهين صدي جي للڪارن سان منهن نٿو ڏئي سگهجي، اسان کي پنهنجي ٻارڙن کي اعتماد ڏيارڻو آهي ته اهي سوشل ميڊيا تي اها تصوير رکن جيڪا اهي پنهنجي والد ۽ ڀاءُ سان به شيئر ڪري سگهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد ۾ وومين پروٽيڪ سيل کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته اسان کي ٻارڙين کي اعتماد ڏيڻ ۽ انهن جي تعليمي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، هر ضلعي ۾ وومين پروٽيڪشن يونٽ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، عورتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ جيترو فرض پوليس جو آهي ايترو سڀني جو آهي، پوليس جي ڪم ۾ ماڻهن جي شموليت ان کي ڪامياب بڻائيندي آهي، روايتي پوليس ڪلچر کان نجات جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، رپورٽنگ رول جو ماحول ٿاڻي جي ڪلچر جي تبديلي طرف پهريون قدم آهي جتي ماڻهن کي پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي سان منهن نه ڏيڻو پوندو، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي هئي ان تي قائم آهيان، هن چيو ته نئون قانون ملڻ تائين پوليس پنهنجي پيرن تي نٿي بيهي سگهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ پوليس جو نئون قانون آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ پوليس آرڊر 2002 وارو نافظ ٿي چڪو آهي.

 

حڪومت ملڪ ۾ پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ڪئي آهي: مريم اورنگزيب

راولپنڊي (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت دهشتگردي کان امن جي بحالي تائين ڏکيو سفر طئه ڪري ملڪ کي پائيدار ترقي خوشحالي جي نئين رستي تي وٺي آئي آهي، 3 سالن ۾ گذريل 30 سالن جي مقابلي ۾ صرف توانائي جي شعبي ۾ تاريخ واريون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جون منزولون تيزي سان طئه ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت تي تنقيد ڪري سياست چمڪائڻ وارا اڄ پنهنجو لڪائيندا وتن ٿا، هن اها ڳالهه روالپنڊي ٻي شهباز شريف ٽي ٽوئنٽي جي فائنل واري تقريب تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته عمران خان راندين جي ترقي راولپنڊي ۾ يونين ڪائونسل جي سطح تي اچي ڏسي اسان صرف ڳالهيون نٿا ڪريون عمل ڪري ڏيکاريون ٿا جهڙي طرح پنجاب جو وڏي وزير شهباز شريف جي قيادت ۾ پنجاب ۾ تعمير ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري آهي ان جو مثال نه صرف پاڪستان پر دنيا جي ڪيترن ئي صوبن ۾ نٿو ملي، هن وقت پنجاب نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي جو بهترين ۽ مثالي صوبو قرار ڏنو وڃي ٿو، هن چيو ته تنقيد ڪندڙ ميان نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ پنجاب جي ترقي جي عمل کي ڏسن، هن چيو ته حڪومت پاڪستان هيلٿ ڪيريئر پروگرام ايشيا جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي جنهن سان لکين ماڻهو فائدو وٺي سگهندا، حڪومت ڪراچي کان خيبر تائين ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو آهي ۽ راولپنڊي جي جاري منصوبا به هن سال جي آخري تائين مڪمل ڪيا ويندا، چيئرمين ميٽرو بس سروس ۽ پنجاب اسپورٽس بورڊ محمد حنيف عباسي انعامن جي ورڇ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي سرپرستي سبب هن وقت تعمير ۽ ترقي جي ڊوڙ ۾ راولپنڊي ٽاپ تي آهي ۽ اربين رپين جي لاڳت سان راولپنڊي ۾ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن ان جو مثال ڪٿي به نٿو ملي، انعامن واري تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ملڪ ابرار احمد، بيگم طاهره اورنگزيب، حاجي پرويز خان ۽ ٻين به خطاب ڪيو. فائنل کٽن تي فاتح ٽيم جي ڪپتان محمد ابراهيم کي 3 لک ۽ ڪپتان عثمان مطلوب کي 2 لک رپين جو انعام ڏنو ويو.