تازيون خبرون

Daily Archives: February 11, 2017

شرمين عبيد چنائي ۽ روبينا شاهين وي اي ڊبليو سينٽرن جي گڊول سفير مقرر

لاهور  (شوبز نيوز) عالمي شهرت ماڻيندڙ ۽ ناليواري فلم ساز شرمين عبيد چنائي ۽ مشهور سماجي ڪارڪن روبينا شاهين کي پنجاب ۾ وي اي ڊبليو مرڪزن جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي، سي ايم اسٽريٽجڪ ريفارمرز يونٽ جي ڊي جي سلمان صوفي شرمين عبيد چنائي ۽ روبينا شاهين سان الحمراهه ڪلچرل ڪمپليڪس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته تشدد جو شڪار عورتن لاءِ خاص مرڪز حڪومت پنجاب جو منفرد قدم آهي، شرمين عبيد چنائي ۽ روبينا شاهين کي وي اي ڊبليو سي جو سفير مقرر ڪرڻ جو مقصد گراس روٽ ليول تي عورتن تي ذهني، جسماني ۽ معاشي تشدد جي خاتمي جي روجحان کي هٿي ڏيڻ آهي، عورتن تي تشدد ۽ انهن جي حقن جي خلاف ورزي جهڙين سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ معاشري جي سمورن طبقن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، يو اين وومين پاڪستان جي ڪنٽري نمائندي جمشيد قاضي شرمين عبيد چنائي ۽ روبينا شاهين جي سفير مقرر ٿيڻ کي ساراهيندي چيو ته شرمين عبيد چنائي ۽ روبينا شاهين عورتن تي تشدد جي خاتمي جو عوامي شعور پيدا ڪرڻ نمايا ڪردار ادا ڪنديون، ٻئي سفير سن في مصاوات جي تصور کي هٿي ڏيڻ جو وڏو تجربو رکن ٿيون.

 

پي ايس ايل: اسپاٽ فڪسنگ الزام هيٺ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ اڪيلو رانديگر شرجيل خان معطل

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ جي الزام هيٺ سنڌ خاص طور حيدرآباد سان تعلق رکندڙ واحد رانديگر شرجيل خان ۽ ٻئي رانديگر خالد لطيف کي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي عبوري طور تي معطل ڪيو ويو آهي، ٻئي رانديگر پاڪستان سپر ليگ ۾ کيڏي رهيا آهن، ٻين رانديگرن اعتراف ڪيو آهي ته ٻئي ڄاڻايل رانيگر ماضي ۾ به مشڪوڪ ماڻهن سان ملندا رهيا آهن، ٻنهي رانديگرن شرجيل خان ۽ خالد لطيف جي خلاف جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻنهي ڄڻن کي دبئي کان واپس پاڪستان موڪليو ويو، ٻئي رانديگر پي ايس ايل ٽو ۾ وڌيڪ نه کيڏي سگهندا، نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته پي سي بي جي پي ايس ايل جي هر معاملي کي پنهنجي نظر ۾ رکيو آهي، اينٽي ڪرپشن يونٽ اطلاع ڏنو هو، جنهن بعد جاچ ڪري شرجيل خان ۽ خالد لطيف کي مشڪوڪ ماڻهن سان ملڻ جي الزام هيٺ معطل ڪري ملڪ واپس موڪليو ويو آهي، نجم سيٺي موجب پي سي بي جي زيرو ٽالرنس پاليسي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن الزام ثابت ٿيو ته ٻنهي رانديگرن جو انٽرنيشنل ڪيريئر به داءَ تي لڳي سگهي ٿو، رانديگرن کي گهرجي ته اهڙي ڪا به ڳالهه هجي ته ان باري ۾ بورڊ کي آگاهه ڪيو وڃي، پي ايس ايل ۾ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ پي سي ببي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.ٻئي طرف  پي سي بي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته ملڪ جو نالو وڪڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ کين عبرت جو نشان بڻايو ويندو، شرجيل خان ۽ خالد لطيف خلاف پڪا ثبوت موجود آهن، ٻئي مون سان گڏ فلائيٽ ۾ هئا پر ڪاوڙ جي ڪري انهن سان ڳالهائڻ به پسند ناهي ڪيو، پاڪستان سپر ليگ ۾ اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي رانديگرن شرجيل خان ۽ خالد لطيف ڏيهه پهچي ويا آهن جڏهن ته پي سي بي پيئرمين شهريار خان به انهن سان گڏ ئي ڪراچي موٽي آيو آهي، ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار خان جو چوڻ هو ته فڪسڊ اسڪينڊ تي ڪاوڙ آهي، ٻئي رانديگر ساڳي فلائيٽ ۾ مون سان گڏ هئا، پاڪستان جو نالو خراب ڪندڙن لاءِ زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي.36

 

ثنا مير ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ وڪيٽن جي سينچري مڪمل ڪندڙ پهرين پاڪستاني بالر بڻجي ويئي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ووڪيٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ آل رائونڊر ثنامير ون ڊي انٽرنيٽ ڪرڪيٽ ۾ وڪيٽن جي سينچري مڪمل ڪري ورتي. اهو سنگ ميل پار ڪندڙ پاڪستان جي پهرين ۽ دنيا جي 14هين بالر بڻجي ويئي آهي ان کان سواءِ ثنا ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هزار کان وڌيڪ رنسون ۽ 100 وڪيٽون مڪمل ڪندڙ پاڪستان جي پهرين ۽ دنيا جي ڇهين آل رائونڊر ٿيڻ جو اعزاز به پنهنجي نالي ڪري ورتو ثنا آءِ سي سي وومين ورلڊ ڪپ ڪواليفاءِ ۾ بنگلاديش جي خلاف مئچ ۾ ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪري اهو ڪارنامو انجام ڏنو وومينٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ وڌيڪ ون ڊي وڪيٽون وٺڻ جو عالمي اعزاز آسٽريليا جي فٽزپيٽرڪ کي حاصل آهي جنهن 180 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن ثنامير 2005 ۾ ون ڊي ڪيريئر جو آغاز ڪيو اربع تي بنگلاديش جي خلاف مئچ جي لاءِ جڏهن هو ميدان ۾ لٿي ته ان کي ڪيريئر جون 100 وڪيٽون مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻن وڪيٽن جي ضرورت هئي هن ان مئچ ۾ ٻه وڪيٽون ورتيون ۽ ان سان گڏ 100 وڪيٽون به مڪمل ڪيون. هن 92 مئچن ۾ 1185 رنسون ۽ 100 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.

 

ٻن ڏينهن جي ڇهن سيشن ۾ ڇا ڏٺو , انٽرنيشنل موئن جو دڙو ڪانفرنس : عبدالفتاح عباسي

موئن جو دڙو ۽ سنڌو ماٿري جي تهذيب بابت بين الاقوامي ٽي روزه ڪانفرنس جي 9 ۽ 10 فيبروري 2017ع ٻن ڏهاڙن خميس ۽ جمعي جي ڪاروائي ۾ ڇا ڏٺو ويو. پهرين ڏينهن 9 فيبروري خميس ڏهاڙي تي ايل يو جي دوستن سان گڏجي ڪار ۾ صبح 10 وڳي ڌارا لاڙڪاڻي شهر مان نڪرو ٿا ۽ مني ڪلاڪ اندر تاريخي ماڳ موئن جو دڙو وٽ پهچون ٿا سڀ کان اڳ ۾ ڪار پارڪنگ ڪرڻ بعد ڪجهه دوستن سان سلام دعا ٿئي ٿي ۽ پوءِ اتي ئي گيٽ وٽ وزيٽرس جي بوڪ ۾ پنهنجي انٽري ڪرايون ٿا ته پوليس سڳوري هاءِ الرٽ ٿيندي ڀڄ ڊڪ ۾ لڳي وڃن ٿا ته جلد ڪريو سائين رستي جي ڪلييئرنس ڪندي اتي ئي سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان دهل شرنايون وڄايون وڃن ٿيون ۽ هوجمالو جون جهمريون لڳايون وڃن ٿيون. وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه، سينئير صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير ثقافت سردار علي شاهه، صوبائي وزير سهيل انور سيال، ايم پي اي محمد علي ڀٽو،اڳوڻي ثقافتي وزير ۽ هاڻوڪي پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر سسئي پليجو، سڀئي پنهنجي انٽري بوڪ تي نالو لکندا اڳتي وڌن ٿا ۽  وڏي ۽ تيز رفتار سان سنڌ جو وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه موئن جو دڙو پهچڻ شرط پارڪ ۾ هڪ وڻ جو ٻوٽو لڳائي ٿو پوءِ انهيءَ کي ڪجهه دڙي جي پارڪن باغن ۽ ٻين معاملن جي متعلق بريفنگ ڏني وڃي ٿي.جنهن کان پوءِ دڙي جي ريسٽورنٽ هوٽل ۾ چانهه پيارڻ لاءِ ترسايو وڃي ٿو.جتي لاڙڪاڻي جا سينئير صحافي شيراز پٺاڻ، اعجاز علي چانڊيو، نثار علي لهر، طارق چنو، مشتاق حسين تنيو،ناليوارو سماجي اڳواڻ جميل گاد،سينيئر ليکڪ ڪالم نگار رئوف عباسي، ارسلان عباسي،ڏوڪري جو رپورٽر اصغر ميمڻ ۽ ٻيا ٽي پارٽيءَ ۾ سامل آهن ۽ اتي صرف تاريخي موئن جو دڙو جي انٽرنيشنل سطح جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي ٿي ۽ اهڙي طرح وڏو وزير پنهنجي پيپلز پارٽي جي وزيرن ۽ لاڙڪاڻي جي چونڊيل نمائندن سان انهيءَ متعلق وڌيڪ احوال وٺي رهيو آهي.ائين ئي پهرين ڏينهن جي ڪاروائي ۾ پهرين نشست ۾ سڀ کان پهريان ڊائس تان اعلان ٿئي ٿو ته هن انٽرنيشنل موئن جو دڙو ڪانفرنس جي شروعات تلاوت ڪلام الله سان ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جو محنتي ٽي وي چئنل رپورٽر شيراز پٺاڻ کي گهرايو وڃي ٿو جيڪو رب العالمين جي پاڪيزه ڪلام الله پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪري ٿو جنهن کانپوءِ سهڻي ڀٽائي گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مشهور وائي پاڪستان آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو جو فنڪار ممتاز لوهار ٻولي منهنجي ٻانبڙاڻي الله، ناهيان مان خان کٽياڻي الله پڙهي ٿو جنهن وقت پوري پنڊال ۾ سنڌ ۽ پرڏيهه کان آيل ماڻهو ماهر آرڪالاجسٽ خاموشي سان ڀٽائي جي وائي ۾ ڄڻ ته گهم ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙي طرح ڀٽائيءَ جي وائي کي خوب ساراهيو وڃي ٿو.

پوءِ 1973ع ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي تقرير ۽ پوري ڪاروائي جي ڊاڪومينٽري ۽ تنهن وقت جي دنيا جي ماهرن ۽ آرڪالاجسٽ سصاحت ۽ ثقافت جي حوالي سان نمايان ڪارڪردگي طور ڄاتل سڃاتل شخصتين جي اسپيچ تقريرون به شامل هجن ٿيون.44 سال اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هن سنڌو ماٿري موئن جو دڙي تي ڪم ڪار جي حوالي سان هڪ پيش رفت ڪئي هئي ۽ هاڻي به وري پ پ پ حڪومت سنڌ تقريبن اڌ صدي جي اهڙي خاموشي بعد جاڳي پئي جنهن تي جس لهي پر وفاقي حڪومت نواز سرڪار جي ته نه رڳو خاموشي ۽ بيٺل پاڻيءَ مثل روايت آهي پر ڪنهن به قسم جو تعاون نه ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. ڪاڏي سال 1973ع ۽ ڪاڏي وري سال هاڻي 2017ع آهي اهڙي طرح هن سنڌو ماٿري سان وفاقي حڪومتن جو ٻه اکيائي وارو رويو ۽ نسورو ناحق ۽ سنڌ سان بي واجبي ۽ کليل ساڙ جو نتيجو ناهي ته ٻيو ڇا چئي سگهجي ٿو ؟. سال 1973ع جي دور جي موئن جو دڙو متعلق تاريخي ڊاڪومينٽري ۾ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي تقرير ۽ انهيءَ وقت جي دڙو جي حالت ۽ اسپاٽ جايون جو مختصر جائزو پيش ڪيو وڃي ٿو.انهيءَ بعد وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سينئير صوبائي وزير نثار احمد کهڙو،ثقافت جو صوبائي وزيرسيد سردار علي شاهه،ڪليم الله لاشاري،سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري يونيسڪوڊائريڪٽر جيڪ جينسن،ڊاڪٽر ڪيمرون، جوناٿن، ڊاڪٽر ڊيني فرين،ڊاڪٽر مارڪو منڊيلا ۽ ٻين کي اسٽيج تي گهرايو ويو.انهيءَ موقعي تي  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته  بين الاقوامي ورثي کي بچائڻ لاءِ پئسي جي ڪا به کوٽ ناهي ، نئين تحقيق لاءِ قدم ورتا پيا وڃن.اسانجي پ پ پ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 44 سال اڳ  هن متعلق ڀرپور آواز اٿاريو ۽ هاڻي وري اهو مان آواز اٿارڻ تي فخر محسوس ڪري رهيو آهيان.موئن جو درو جي کوٽائي لاءِ جديد طريقا اختيار ڪيا ويندا.18 هين ترميم بعد سنڌ حڪومت موئن جو دڙو جي بچاءَ لاءِ ڪيتريون ئي رٿائون شروع ڪيون آهن قديمي ماڳن جي لاءِ فنڊ رکيا ويا آهن.يونيسڪو جي مقصد کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ گڏ آهيون،

صوبائي وزر ثقافت سيد سردار علي شاهه، سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري ۽ ڪانفرنس جي ڪنوينر ڪليم الله لاشاري چيو ته  يونيسڪو جو ڪردار ماڳن کي بچائڻ ۾ اهم رهيو آهي .اسان يونيسڪو سان گڏجي پنهنجو مقصد پورو ڪري سگهنداسين،موئن جو دڙو جي بچاءِ لاءِ شروع ڪيل مهم بند ڪئي وئي آهي جنهن کي ٻيهر سرگرمي سان عالمي برادري ۾ شروع ڪيو وڃي.جيتوڻيڪ موئن جو دڙو کي سنڌو درياءَ کان بچايو نه ويو پر ان سان ڪنهن به ماڳ کي خطرا لاحق آهن.موئن جو دڙو جي نيڪال سسٽم ۾ انجنيئرنگ ڪئي وئي آهي.دڙي جي اندر ڪو به قبرستان نه مليو آهي ۽ نه ڪا به قبر ملي سگهي آهي.انهن شين کي به ڏسڻو پوندو ته هو فوتين جون رسمون ڪيئن ادا ڪندا هئا.هنن چيو ته تحقيق سان گڏ فنڊن جي به کوٽ آهي .انهيءَ موقعي تي آمريڪا، اٽلي، لنڊن، اسپين، ۽ دنيا جي ٻين ملڪن کان آيل آرڪيالاجي شعبي جي ماهرن سنڌو ماٿري بابت پنهنجا مقالا پيش ڪيا مقالن ۾ هنن سنڌو ماٿري جي اوج ۽ زوال سميت مصر، گنگا جمنا ۽ ٻين تهذيبن جي اوسر توڙي ٻين لاڳاپيل مامرن تي روشني وڌي ۽ تحقيقي پيپرز ۾ هنن هن تاريخي ماڳ موئن جو دڙو جي بچاءَ متعلق فوري طور تي سيم، ڪلر کان بچائڻ سميت ٻين اهم معاملن متعلق وڌيڪ اهڙا پروگرام ترتين ڏيڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته هيءُ سنڌ حڪومت جو هڪ تاريخي ۽ يادگار قدم آهي جنهن ۾ صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه، سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ ڪليم الله لاشاري سميت سڄي سٿ کيرون لهڻون جن  هڪ ئي وقت نه صرف پنهنجي علائقائي  پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دوستن کي گڏ ڪري سنڌو ماٿري جي پيغام کي پوري ورلڊ ۾ عام ڪرڻ جي لازوال ڪوشش ورتي آهي پر هڪ  نه وسرندڙ تاريخي قدم کڻي پ پ پ حڪومت بهتر ۽ ساراهه جوڳي وک کڻي سنڌو ماٿري جي بي مثال تهذيب کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪاوش ڪئي آهي. جنهن ۾ حيدرآباد، ڪراچي، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين شهرن سميت پرڏيهي ميڊيا جي صحافين کي گهرائي هڪ بهتر مسيج ڪنوي ڪرڻ جي سٺي ۽ تعارف جوڳي  ڳالهه ڪري پوري دنيا آڏو اها روايت ۽ ڳالهه کي وڌايو ويو آهي ته سنڌ اڄ به امن، سلامتي ۽ صوفي ازم جو گهر آهي اهي سنڌ واسي صديون پهريان واري رواج ۽ رسم مطابق قائم ۽ دائم آهي ۽ هتي سنڌو جي ماٿري موئن جو دڙو تي سياح سير و تفريح جا شوقين بنا ڪنهن خوف ۽ دپ جي اچي وڃي سگهن ٿا جيئن هاڻي هتي پوري دنيا جي 4و ملڪن جي آرڪيالاجي جي ماهرن هن بين الاقوامي موئن جو دڙو بچاءُ ڪانفرنس ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي ماهرن ، اديبن، سفر ناما لکندڙن،شاعرن . اديبن ۽ ٻين ملڪان ملڪ کان ايندڙن دنيا آڏو اهو به پيغام ڏنو  آهي ته سنڌ مڪمل طور تي انتها پسندي، دهشتگردي  ۽ ٻين مافيائن جي خاتمي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.

 

 

 

 

 

سنڌ بلوچستان حڪومتن جو پاڻي مسئلي جي حل تي اتفاق

سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن وچ ۾ پنهنجي پاڻيءَ بابت ۽ گڏيل ڪئنال واري نظام مان حددخلين جي خاتمي لاءِ ته جيئن آبپاشيءَ جي پاڻيءَ جي فراهمي روانيءَ سان ٿي سگهي ۽ ڏوهارين جي چرپر کي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏيل سيڪريٽريز جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. اهو فيصلو اڄ ٻنهي صوبن جي وڏن وزيرن سيد مراد علي شاهه ۽ ثناءُ الله زهري جي ملاقات ۾ ڪيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جماليءَ خاص طور تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.  سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ بين الصوبائي مسئلن بابت اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جماليءَ بلوچستان حڪومت پاران اٿاريا جيڪي پٽ فيڊر، کيرٿر ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ کوٽ، پٽ فيڊر ڪئنال جي بندن تان حددخلين جي خاتمي ۽ کيرٿر ڪئنال ۾ نڪاسيءَ واري پاڻيءَ جي پمپنگ، آر بي او ڊي III منصوبن جي بروقت تڪميل ۾ دير ۽ حب ڊيم جي ذخيري (پاڻي) جي سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ غيرمنصفاڻي ورهاست جهڙا مسئلا شامل هئا. اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جماليءَ بلوچستان حڪومت طرفان انهن مسئلن کي اٿاريو ۽ سنڌ جي وڏي وزير کين ان حوالي سان پنهنجو موقف پيش ڪيو.   سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته بلوچستان صوبو وڌيڪ پاڻي پٽ فيڊر ڪئنال، گڊو بئراج ۽ کيرٿر ڪئنال آف نارٿ ويسٽرن مان حاصل ڪندو آهي، ان سان گڏوگڏ بلوچستان اوچ کان به پاڻي حاصل ڪندو آهي جتان 700 ڪيوسڪ پاڻي ڊسچارج ٿيندو آهي ۽ مينوٿي ڪئنال جتان 600 ڪيوسڪ پاڻي ڊسچارج ٿيندو آهي ۽ گڊو بئراج وٽ بيگاري ڪئنال ۽ ڊزرِوِ ڪئنال کان 707.55 ڪيوسڪ پاڻي ڊسچارج ٿيندو آهي.گڊو بئراج مان پاڻيءَ جي فراهميءَ متعلق ڪابه شڪايت نه آهي يا ايئن چئجي معمولي شڪايت آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌ صوبو بلوچستان جي حصي واري پاڻيءَ جي معاهدي کان وڌيڪ پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن بلوچستان جي حصي ۾ سڌوسنئون آئوٽ ليٽ مان پاڻيءَ جي فراهمي کي ڳڻيو وڃي. ان حقيقت کي مڃيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سکر بئراج جي کيرٿر ڪئنال مان پاڻيءَ جي کوٽ بابت ڪجهه شڪايتون آهن. هن پاڻيءَ جي کوٽ جا ڪارڻ ٻڌائيندي چيو ته سکر بئراج ۾ تلاءَ جي سطح کي بهتر ڪيو ويو آهي، انڪري نارٿ ويسٽرن ڪئنال ۽ دادو ڪئنال پنهنجو مڪمل ڊسچارج نه پيا ڪن، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سموري نظام ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جنهن وٽ ايريگيشن جي وزارت جو قلمدان به آهي ان تجويز پيش ڪئي ته ٻنهي صوبن جي آبپاشي واري سيڪريٽرين تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ان مسئلي تدارڪ جي لاءِ حل ڳولهي سگهي.

بلوچستان جي وڏي وزير ان فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته اسان ٻئي ڀائر آهيون ۽ گڏيل صلاح سان انهن مسئلن کي حل ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بلوچستان جو وڏو وزير وڌيڪ سنڌ ۾ رهندو آهي، انڪري سنڌ جو به ان تي برابر جو حق آهي، ان اها ڳالهه خوشگوار انداز ۾ ڪئي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته پٽ فيڊر ڪئنال جي بندن سان گڏ RD.0 کان RD.125تائين حددخليون آهن جيڪو سنڌ جو حصو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀل صفائي ۽ ان سان پاڻيءَ جو وهڪرو به بري طرح متاثر ٿي رهيو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مکيه پٽ فيڊر ڪئنال زيرو کان 172 ڪلوميٽرن کي ريموڊيليٽ ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي وهڪري ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، جنهن مان 1860 اضافي پاڻي ڊسچارج ٿيندو. جنهن سان بلوچستان جي حڪومت ضلعي نصيرآباد ۽ جهل مگسيءَ جي پڇريءَ تائين جي 205000 ايڪڙ زمين کي هارپي جي قابل بڻائي سگهي ٿي.