تازيون خبرون

Daily Archives: February 11, 2017

ڀارت ڳجهو ايٽمي شهر تعمير ڪيو آهي، جنگي جنون سان خطي جو توازن خراب پيو ٿئي: پاڪستان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارت ڳجهي نيوڪليئر سٽي تعمير ڪئي آهي ۽ هو ننڍي کنڊ جي ميزائل تجربن سان خطي ۾ طاقت جو توازن بگاڙي رهيو آهي. پاڪستان پر امن اصولن تي ڪاربند آهي پر ڀارتي جي هٽ ڌرمي دٻاءُ جو سبب آهي، اسان هميشه تعميري ۽ سٺين ڳالهين جا خواهشمند رهيا آهيون، سرجيڪل اسٽرائيڪ هڪ ڊرامو هو، اسان ملڪ ۾ دهشتگردي جا ثبوت گڏيل قومن کي ڏئي چڪا آهيون. هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ واري ڀارتي دعويٰ پاڻ کي ان کي اڪيلو ۽ اگهاڙو ڪيو آهي. بحري مشقن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي شرڪت پاڪستان جي اهميت کي اجاڳر ڪري ٿي، دنيا سان اسان جي رابطن سان ڀارت کي مايوسي ٿي رهي آهي. نئين آمريڪي انتظاميا سان رابطي ۾ آهيون، آمريڪا پاڪستان شهرين بابت ويزا پابندي جهڙا ڪي ب خاص قدم ناهن کنيا.

 

جنگيون کٽڻ لاءِ هٿيارن جي نه جذبي ۽ ايمان جي ضرورت هوندي آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته اسلام جو نالو استعمال ڪندڙ دهشتگرد اسلام کي بدنام ڪري رهيا آهن، اسان جي فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس هڪ ناممڪن ڪم کي ممڪن ڪري ڏيکاريو، دشمنن جا ارادا ڪجهه ٻيا هئا، اسان جي جوانن انهن جي ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، دشمن ڏسندا ئي رهجي ويندا ۽ پاڪستان زنده ۽ تابند رهندو، ترقي ڪندو جڏهن دلين ۾ دشمنن کي نست نابوت ڪرڻ جو جذبو موجود هجي ته توهان کي ڪير به شڪست ڏنو ڏئي سگهي، امن جو تهه وڌائيندڙ ٻارڙن، عورتن ۽ بزرگن معصوم ماڻهن جي قتل عام ۾ به عار محسوس نٿا ڪن، انهن کي اسلامي چوڻ وڏو گناهه آهي، هو جمعي تي نيشنل ڪائونٽر ٽيريئرزم ٽريننگ سينٽر ۾ نيشنل اينٽي گريٽڊ ڪائونٽر ٽيريئرزم ڪورس 9 جي گريجيوئيشن تقريب کي مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي آءِ جي ٽريننگ اينڊ ويليو ايشن ليفٽننٽ جنرل هدايت رحمان ڪمانڊر ون ڪور ليفٽننٽ جنرل عمر فاروق، اعليٰ فوجي اهلڪارن سميت ٻين به شرڪت ڪئي، گهرو وزير چيو ته سينٽرل جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي هو ڪمانڊر ون جو ٿورائتو آهي، هي سينٽر انتهائي اهميت وارو آهي ۽ 2 سال اڳ خاص مقصد تحت ان کي قائم ڪيو ويو هو، آپريشن ضرب عضب جي فيصلي کانپوءِ طئه ڪيو ويو ته پاڪ فوج سان گڏ پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن کي به دهشتگردي جي خاتمي جون خاص تربيتون ڏنيون وڃن ۽ ڪورسز ڪرايا وڃن، سينٽر ۾ بهترين تربيت ڏني پئي وڃي، چئن هفتن جي خاص تربيت مڪمل ڪندڙ جوانن کي مبارڪ ڏيان ٿو ۽ يقين آهي ته اهي جوان عزم ۽ حوصلي سان پاڪستان جي حفاظت ڪندا، هن تربيت مڪمل ڪندڙ جوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جنهن طاقت سان هو ليس آهن دشمن ان کان محروم آهن، جنگيون صرف هٿيارن توبن سان نه وڙهي وينديون اهن پر جنگ وڙهڻ لاءِ ايمان ۽ جذبي جي به ضرورت هوندي آهي ۽ اهي هٿيارن آهن جن سان اسان جا جوان ليس ۽ دشمن محروم آهن، دنيا ۾ پاڪستان اڪيلو ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي قائم ٿيو آهي، هن جوانن کي چيو ته ملڪ جي حفاظت الله تعاليٰ کانپوءِ توهان جي هٿن ۾ آهي، هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان خطرا صرف سرحدن کان نه پر ملڪ جي اندر به موجود آهن، اسان جي فوج ۽ ادارا پهريان اندروني خطرن سان منهن ڏيڻ لاءِ تربيت يافته نه هئا، هو دشمن جو سامهون مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ڪيا ويا، جڏهن ته دشمن هاڻ اسان جي پنهنجي ماڻهن ۾ لڪي وار ڪن ٿا، انهن جو ڪو به اصول نه آهي، هن جوانن کي چيو ته هو هڪ عظيم ويڙهه وڙهي رهيا آهن، پاڪ فوج، انٽيلجنس ۽ سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس جي قرباني هڪ ناممڪن ڪم کي ممڪن ڪري ڏيکاريو، قيامت تائين اسان انهن کي قربانين کي فراموش نٿا ڪري سگهون اسان کي پنهنجي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو پوندو، ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جو ارادو ۽ خواهش هڪ عظيم ڪم آهي، دشمن افراتفري ڦهلائڻ چاهين ٿا ۽ اسان امن قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، ان کان اڳ گهرو وزير جي اچڻ تي ڪمانڊر ون ڪور ليفٽيننٽ جنرل عمر فاروق دراني، آءِ جي ٽريننگ اينڊ ايويليوايشن ليفٽيننٽ جنرل هدايت رحمان ۽ ٻين اعليٰ اختيارن ان جي آجيان ڪئي، گهرو وزير جوانن جي تربيت جو عملي مظاهرو ۽ مشقن جو معائنو ڪيو، پيشور تربيت جي اعليٰ معيار کي ساراهيو، ڪمانڊر ون ڪور ليفٽيننٽ جنرل عمر فاروق دراني گهرو وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سينٽر ۾ پرڏيهي فوجين کي به تربيت ڏني ويندي آهي، سينيٽر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ضروري مهارتن جي تربيت جون جديد سهولتون موجود آهن، هن وقت 2 لک 412 اهلڪارن کي تربيت ڏني وئي آهي، بلوچستان پوليس سميت ٻين ادارن جي 6 هزار 955 اهلڪارن کي به تربيت ڏني وئي آهي، چين، ترڪي، سعودي عرب، بحرين، مالديپ سميت مختلف ملڪن جا سيڪيورٽي اهلڪار به تربيت حاصل ڪري چڪا آهن، سينٽر ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي تربيت لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن، ان ۾ 17 سئو ميٽر جون سنائيپر رائيفل شوٽر جي تربيت ڏني وڃي ٿي.

 

وقت جي اهم ضرورت سامونڊي رستن کي محفوظ بڻائڻ آهي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته سي پيڪ شروع ٿيڻ سان پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت وڌي ويئي آهي مشرق ۽ اولهه مان بحري فوج هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي آهي سي پيڪ سموري خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو پاڪ بحريه جي ملٽي نيشنل ايڪسرسائيز امن 17 جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته چائنا پاڪستان اقتصادي راهداري سان پاڪستان جي جيو اسٽيٽجڪ اهميت خطي جي لاءِ هڪ گيم چينجر ثابت ٿيندي اهو وڏو منصوبو علائقائي ۽ بين الاقوامي معاشي ترقي جا ڀرپور امڪان خاص طور تي بحري شعبي ۾ ترقي وارا هوندا معاشي فائدن سان سامونڊي لنگهه تي وڌندي دارومدار سبب سنڌ ۾ مخصوص ماحول کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بحر هنڌ ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجز  وڏيون آهن سامونڊي دهشتگردي منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين خطرن سان منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت اهي انهن خطرن جي خاتمي لاءِ بين الاقوامي بحري فوج جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو مشن امن 17 نه هن وقت هڪ وڏي جدوجهد هوندي وزيراعظم وڏي انگ ۾ امن 17 مشق ۾ شرڪت ڪرڻ تي مختلف ملڪن جي بحري فوج جا ٿورا مڃيا ۽ 2007 کان پوءِ مشقن جي امن سيريز ڪامياب انعقاد لاءِ پاڪ بحريه جي جذبي سان ڪوششن جي تعريف ڪئي. هن مشق جي ڪاميابي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سمورن ملڪن جا ٿورا مڃيا.

 

سنڌ حڪومت جو 10 ماڊل ٽيڪنيڪل ادارا قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي تعليمي ايمرجنسي جي روشني ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر هڪ ڊويزن ۾ ٻه ۽ گڏيل طور تي ڏهن ٽيڪنيڪل ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اهو فيصلو اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ اسٽيوٽا بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسپيشل اسسٽنٽ اسٽيوٽا شاهد ٿهيم، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ نويد شيخ، سيڪريٽري ڪاليجز رياض ميمڻ، سيڪريٽري سماجي بهبود ۽ سوشل ويلفيئر نياز عباسي، سيڪريٽري انفارميشن ٽيڪنالاجي پرويز سيهڙ، ايم ڊي اسٽيوٽا رفيق ٻرڙو ۽ ٻيا شريڪ هئا. وڏي وزير کي ايم ڊي اسٽيوٽا رفيق ٻرڙي ٻڌايو ته صوبي ۾ 2800 ٽيڪنيڪل ادارا آهن، جتي مختلف شعبن ۾ تربيت ۽ فني تعليم ڏني ويندي آهي. وڏي وزير چيو ته هُو پهرين مرحلي ۾ چاهي پيو ته ڏهه اسٽيٽ آف آرٽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ قائم ڪيا وڃن، جتي معياري تعليم ذريعي سٺا شاگرد تيار ڪيا وڃن، جيڪي نه رڳو پنهنجو پر پنهنجي ادارن جو به نالو روشن ڪن. هن چيو ته اهي ادارا هڪ برانڊ وانگر هئڻ گهرجن ۽ انهن جي نالي سان نه رڳو ملازمت حاصل ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي بلڪ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ به آساني ٿئي. هن چيو ته صوبي ۾ پنج انتظامي ڊويزنز آهن جهڙوڪ حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻو آهن، جتي هو ڏهه اسٽيٽ آف آرٽ انسٽيٽوٽ قائم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هر هڪ ڊويزن ۾ ٻه انسٽيٽيوٽ هوندا. هن سيڪريٽري يونيورسٽيز کي هدايت ڪئي ته هُو موجوده ادارن کي اپ گريڊ ڪندي انهن کي بهتر فيڪلٽي، جاب اوريئينٽيڊ ٽيڪنيڪل ڪورسز ۽ بهترين سهولتون مهيا ڪري. وڏي وزير لاڳاپيل سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان هڪ منصوبو تيار ڪري. هن چيو ته مان سمورا ضروري فنڊ ۽ سهولتون فراهم ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته مان بهترين ٽيڪنيڪل تعليم چاهيان ٿو. وڏي وزير اسٽيوٽا انتظاميا کي هدايت ڪئي ته چائنيز لينگوئيج ڪورس به متعارف ڪرائن. هن چيو ته سي-پيڪ ۽ نان سي-پيڪ رٿائن تحت هزارين چيني صوبي ۾ سيڙپڪاري ڪندا، انڪري چيني ٻولي جي سکيا سان ملازمتن جي حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. وڏي وزير چيو ته هُو سموري صوبي ۾ ڪم ڪندڙ ٽيڪنيڪل سينٽرز جا دورا پڻ ڪندو.

 

سپريم ڪورٽ حڪومت، سرڪاري ۽ خود مختيار ادارن تي نجي وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي

لاهور (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ حڪومت سرڪاري ۽ خودمختيار ادارن تي نجي وڪيلن جو خدمتون حاصل ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، نجي وڪيلن جون خدمتون وٺڻ لاءِ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس کي سرڪاري وڪيلن جي نااهلي جو لکت ۾ اعتراف ڪرڻو پوندو، نجي ٽي وي موجب سپريم ڪورٽ جي جسٽس دوست محمد خان جي اڳواڻي ۾ 3 رڪني بينچ رشيد احمد ڪيس ۾ 19 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، فيصلي ۾ چيو ويو ته ايندڙ سرڪاري ڪيسن ۾ حڪومت ۽ سرڪاري ادارن جا صرف پنهنجا ليگل ايڊوائيزر ۽ لا آفيسر پيش ٿيندا، حڪومت وٽ سرڪاري وڪيل جو هڪ وڏو انگ موجود هوندو آهي پر انهن جي موجودگي باوجود نجي وڪيلن جو خدمتون حاصل ڪرڻ قومي ناڻي تي ٻيڻو ٻوجهه آهي، سرڪاري وڪيلن کي عوام جي ٽيڪس وارن پيسن مان پگهارون ڏنيون وڃن ٿيون، نجي وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو مطلب آهي ته سرڪاري وڪيل نااهل آهن، عوامي ناڻو ان لاءِ نه آهي ته ٻنهي هٿن سان لٽيو وڃي، حڪومت کي بهتر قانوني مشهورو ڏيڻ اٽارني ايڊووڪيٽ آفيس جي آئيني ذميواري آهي، نجي وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس کي سرڪاري وڪيلن جي نااهلي جو لکت ۾ اعتراف ڪرڻو پوندو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي چيف سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب ڏانهن به موڪلي وئي آهي.

 

صوبن ۾ بجلي چوري واري معاملي تي ڪو به تڪرار ناهي: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته صوبن ۾ بجلي چوري واري معاملي تي ڪو به تڪرار نه آهي، اختلافي معاملا به جلد حل ٿي ويندا. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير خواجه آصف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪي پي ڪي، بلوچستان جي وڏن وزير، سنڌ ۽ پنجاب جي نمائندن صوبن جي نمائندگي ڪئي.  اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ نيپرا ترميمي ايڪٽ، واٽر پاليسي ۽ فلڊ ڪميشن جي فنڊن وارن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ ٽنهي پوائنٽن معاملن تي اڳڀرائي ٿي آهي، صوبن جا خدشا ختم ڪيا ويندا. خواجا آصف چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ سڀني صوبن جا وڏا وزير شرڪت ڪندا، جنهن ۾ ٽنهي پوائنٽن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

 

اقتصادي حدف حاصل ڪرڻ لاءِ ادارن جي ڪم ۾ هم آهنگي وڏي اهيمت رکي ٿي، سڄو ملڪ ان مان فائدو وٺندو: اسحاق ڊار

اسلام آباد (اين اين آءِ) ناڻي واري وفاقي وزير سينٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته اقتصادي حدف حاصل ڪرڻ لاءِ ادارن جي ڪم ۾ هم اهنگي وڏي اهميت رکي ٿي جنهن مان سڄو ملڪ فائدو وٺندو، هن جمعي تي ناڻي واري وزارت اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستا ۽ ايف بي آر جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن بابت انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر اشرف محمود وٿرا ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ ايف بي آر جي چيئرمين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ناڻي واري وزير کي لاڳاپيل ادارن پاران ڪوآرڊينيشن بابت قدمن بابت آگاهه ڪيو، ناڻي واري وزير انهن قدمن کي ساراهيندي چيو ته ادارن ۾ موثر هم آهنگي حڪومتي ڪمن کي بهتر انداز ۾ هلائڻ ضروري آهي، هن اجلاس جي شرڪاءُ تي زور ڀريو ته هو آمدني ۽ خرچن بابت موثر حل ڳولڻ لاءِ قدم کڻن.

 

پاناما مان پاڳل ٿيندڙ حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن: مولا بخش چانڊيو

حيدر آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي اطلاع واري سيڪريٽري مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته پاناما ليڪس حڪومت کي چريو ڪري ڇڏيو آهي، هيءَ حڪومت مسافر آهي ۽ تمام جلد وڃڻ واري آهي، حيدرآباد ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته پاناما وفاقي حڪومت کي چريو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اها ئي ان کي گهر ڀيڙو ڪندي، هاڻ ان جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، مسلم ليگ ن پنهنجي طور تي وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي، حڪومت اخلاقي جواز وڃائي چڪي آهي، سڄي ملڪ جو بجيٽ صرف لاهور تي خرچ ڪيو پيو وڃي، پنجاب ۾ سرعام ماڻهن کي لٽيو ۽ ماريو پيو وڃي، عوام تي حيسڪو جو طلم جاري آهي ۽ انهن کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، ن ليگ جي هر اسڪيم ناڪام ٿي وئي آهي، نواز شريف سپر هاءِ وي جو صرف 70 ڪلوميٽر جو افتتاح ڪيو ۽ دهل وڃائي هليو ويو ان جي ڪنهن وزير کي گاريون ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه نٿو اچي، مولا بخش چانڊيو چيو ته اسان افراتفري واري ڪيفيت کان بچڻ چاهيون ٿا، پ پ نفرت تي يقين نٿي رکي، اسان پاران صرف بلاول ڀٽو جي 4 مطالبن جي جدوجهد هلي رهي آهي.

 

حقيقي احتساب ٿيو ته وڏا مگر مڇ جيلن ۾ هوندا: سراج الحق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته حقيقي احتساب ٿيو ته وڏا مگر مڇ جيلن ۾ هوندا، هن چيو ته حڪمران توهين رسالت جي قانون ۾ ترميم جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏين، جماعت اسلامي امير چيو ته حڪمرانن آرٽيڪل 62، 63 تي عملدرآمد بدران مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته جنهن ڏينهن ملڪ ۾ حقيقي احتساب ٿيو، ان ڏينهن ڪرپشن جا مگر مڇ جيلن ۾ هوندا.

 

فلم ”زينت“ ڪريان پئي، پنهنجو گانو پاڻ تي پڪچرائيز ڪرائينديس: ڪنزيٰ هاشمي

لاهور (شوبز نيوز) ماڊل ۽ اداڪارا ڪنزيٰ هاشمي چيو آهي ته کيس ڳائڻ جو شوق هو، جيڪو هن کي شوبز ۾ کڻي آيو. هن ٻڌيو ته هوءَ هدايتڪار محمد ذوالفقار ڊرامي سيريل ۾ نه رڳو ڳائيندي پر هڪ اهم ڪردار لاءِ اداڪاري جا جوهر پڻ ڏيکاريندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اداڪاري بابت هوءَ الف ب تائين به نه پئي ڄاڻي، ڊڄي رهي هئي ته شايد اهو فيصلو هن لاءِ سٺو ثابت نه ٿي سگهي! اداڪارا چيو ته محمد ذوالفقار جي هوءَ ٿورائتي آهي، جنهن سندس حوصلو وڌائڻ سان گڏ اداڪاري جا ڳڻ به سيکاريا. ڪنزيٰ هاشمي چيو ته پهرين ڊرامي مان ملندڙ مشهوري بابت کيس بلڪل به پڪ نه هئي، جنهن کانپوءِ مصروفيت ۾ اضافو ٿي ويو ۽ هن وقت ڪراچي ۾ اداڪار عمران عباس، آئزه خان، مغمه بيگم، ليليٰ واسطي ۽ سليم شيخ جهڙن ستارن سان گڏ ڊرامي ۾ ڪم ڪري رهي آهي.